شاعري

دانھون ٻوڙيل ديس جون

”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. 

Title Cover of book دانھون ٻوڙيل ديس جون

مونکي ماروئڙن، سُڃَ ڳڻائي سيج ۾!

پروفيسر بخش علي چانڊيو عرف “بيوس” بخش علي علم دوست شخصيت جو مالڪ آهي. سندس طبيعت جا رنگ هزار آهن. ڀلا جيڪو هجي ئي ڦلن جو (شھر جو نالو) تہ ان جي گلشن ۾ يقينن سوين سُڳنڌ ڀريل رنگ برنگي گلن ڦلن جي مھڪ ضرور موجود هوندي. هي نہ رڳو درسگاھہ ۾ علم ۽ فھم جا پنا پاڙهي ٿو پر هن جي جيون جون هر هنڌ ڪيئي ڪٿائون موجود آهن.
ٻال جتيءَ کان پورهيت والد جي گهر ۾ کيس اڏڻ، جوڙڻ ۽ مٿي ڇانوَ ڪرڻ جو هنر مليو. سو پاڻ شاهل، ڏور، مارو ۽ چونارو تہ ڪونہ کنيائين، ها البتہ! سماج اڏڻ جو هنر ۽ اجڙيل ويڙها آباد ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات هن جي سَنڌَ سَنڌَ ۾ سمايل آهي. ڏيھي ماڻھن جي ڏٻري ڏيل تي بکين بازن جا لامارا، رات جي راڪاسن جا هيڻن تي حملا، رياستي دهشتگردي، ڏاڍ جبر، سماجي اڻ برابري، بک بيماري ۽ بدحاليءَ جا عڪس، هو ٻوڪي ٻڌڻ، ٻاتا ٻول ٻولڻ، معصوم ادائن واري عرصي کان پسندو پيو اچي. بقول شاه سائين جي تہ:
مونکي ماروئڙن، سُڃَ ڳڻائي سيج ۾!
اها درد ڪٿا، اڄ بہ “بيوس” جي سيني ۾ سربستي سانڍيل آهي.
بخش علي “بيوس” هڪ ئي وقت پنھنجي سنڌي سبجيڪٽ جو مثالي پروفيسر، ڀلو ٽرينر، سماج سڌارڪ، ذميوار تنظيمي اڳواڻ، ادارن جي مالڪيءَ جو احساس رکندڙ، سٺو مقرر، بھترين اسٽيج سيڪريٽري، سيبتو سگهڙ، اهلِ علم، اديب ۽ شانائتو شاعر آهي. هر پاسي کي توازن ۽ ترتيب ۾ رکڻ ٿورن ماڻھن جي ڀاڱي ۾ ايندو آهي، پر ڀاءُ بخش علي، اهو ڀاڳوند آهي، جنھن جي شخصيت ۾ هڪ ئي وقت اڻ ڳڻين رنگن جو ڪنٽراسٽ موجود آهي. ڪاليجي معاملا ۽ درسي ذميواري، هن جي اولين ترجيح آهي، جنھن تي ڪمپرومائيز ڪونہ ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنھن داداگير اداري تي هلان ڪئي تہ کيس اهڙي اجازت نہ ڏبي، پوءِ ڀلي هٿين ڇو نہ پئجي ۽ معاملو ٿاڻن تائين وڃي پھچي. مان نہ ٿو چوان پر چانڊيي جي اهڙن همٿ ڀرين مثالن جون مھراڻ ڪاليج موري جون ديوارون ايامن تائين گواھہ رهنديون.
ان کانسواءِ سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررس ائسوسيئيشن جون تنظيمي ۽ تحريڪي ذميواريون، هڪ ععھديدار جي حيثيت ۾ نڀائڻ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻيءَ جا فرائض ۽ ان جي اليڪشن مھم دؤران سرو، لاڙ، ڪاڇو، ٿر جا ٿاڪ ۽ ڪراچيءَ جا سفر هن جي معمول ۾ شامل هوندا آهن. کيس لطيف سائينءَ جو هي سبق سدائين ياد هوندو آهي تہ:

سُتي نہ سَرَندِياءِ، ڪَر پَچارَ پِريَنءَ جِي،
وِهامِي وِيندِياءِ، گهَڻا هَڻَندين هَٿَڙا.

(شاھہ لطيف)
چرچو ڀوڳ ۽ کل مذاق، بخش علي جو وڙ رهيو آهي. محفل ۾ هن جي موجودگيءَ جو احساس، ٽھڪن جا ٽڙڪاٽ ۽ بلا تڪلف گفتگو مان واضح هوندو آهي. يارن سان ياريءَ ۾ ليکا ڪونہ ڪري پر جي سندس اصول خلاف سنگت کان ڪا ڪَڻ پئجي وئي تہ پوءِ هن راڻي جو روسامو بہ هڪ هزار وولٽ کان گهٽ ڪونہ هوندو آهي. آخرڪار، هن پرينءَ کي پرچائڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا ڪڍڻا پوندا آهن.
“بيوس” بخش علي پنھنجي يگاني طبيعت هوندي بہ هڪ سالم دل ۽ دماغ وارو انسان آهي. جيڪو ننڍپڻ کان وٺي سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو جنھن بہ پليٽ فارم تي بيٺو رهيو آهي، اتي پھرين صف ۾ نظر ايندو. آدرشن کي ماڻڻ لاءِ جسماني جھد سان گڏ، سندس سوچ جي تند، تلوار سان وڙهندي رهي آهي. زندگيءَ جي زندانن کي منھن بہ ڏبو تہ اعلى مقصدن ماڻڻ لاءِ موٽر گاڏيءَ جي پاڻ ڊرائيونگ ڪري ڪوهين ڏور بہ ڪاهي وڃبو. سنڌ جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ “سگا” جي سڏ تي هر حال ۾ پھچبو. شادي، غميءَ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪبو. سنگت ساٿ اڳيان ڪڏهن ڪانيارو ڪين ٿبو. ڀلي ڪشالا ڪرڻا پون پر محبوبن جي ميار نہ سھبي؛ ڇو تہ هو محبت جي معاملي ۾ شيخ سعدي شيرازيءَ جي هنن سٽن سان سؤ سيڪڙو متفق آهي تہ:
“اسان دارا ۽ سڪندر بادشاه جا قصا ڪونہ پڙهيا آهن، اسان رڳو محبت ۽ وفا جون حڪايتون پڙهيون آهن.”
پروفيسر بخش علي جي زندگيءَ جا کوڙ سارا پھلو آهن، پر منھنجي خيال ۾ سندس طبيعت مزاج ۽ فڪر ڦرهي تي حاوي جذبو شاعري آهي. جنھن جي ذريعي هو پنھنجي نفيس جذبن جو اظھار ڪري ٿو. ان ڪري سڀني مصروفيتن جي باوجود بہ هو فل ٽائيم شاعر آهي ۽ باقي سرگرميون ڄڻ تہ سندس پارٽ ٽائيم هجن. ڪارائتا مقالا، مضمون ۽ ريسرچ پيپر بہ کوڙ سارا لکيا اٿس. ساهتي پرڳڻي جي پنجاھہ کن سگهڙن کي واهڻ وسندين ۾ ڳولھي ڦولھي انھن جي زندگيءَ جو حال احوال ۽ سگهڙائپ کي سريلائپ سان قلمبند ڪيو اٿائين. سندس اهو قلم جو پورهيو “ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر(تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)” جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي. ان کانسواءِ ڪورونا جي قھري ڪاررواين جي دوران بہ هن شاعر جا حساس جذبا سجاڳ رهيا ۽ انساني تاريخ جي هن بين الاقوامي الميي تي “بيوس” جو هر روز نئون نظم سرجندو رهيو. نيٺ هن موذي مرض ۽ وبائي بيماريءَ جي پڄاڻيءَ تي پروفيسر “بيوس” بخش علي جو لکيل نظمن جو مجموعو ڪتابي صورت ۾ “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” جي نالي سان شاعرانہ تحرير جو تاريخي حصو بڻجي ويو.
مشھور آئرش اديب ۽ شاعر آسڪر وائلڊ چواڻي تہ “خوشيون خوبصورت جسمن لاءِ هونديون آهن ۽ ڏک خوبصورت روحن لاءِ هوندا آهن.”
2022 جا جولاءِ ۽ آگسٽ جا مھينا، سنڌ لاءِ برسات جي صورت ۾ آفت بڻجي آيا. جنھن سڄي سماج کي لوڙهي وڌو. جسمن سان گڏ روح بہ زخمي ٿي پيا. هونئن بہ ماضيءَ ۾ انگريزَن، سنڌ کي ‘اداس وادي’ جي نالي سان سڏيو آهي. سو تازو ٿيل بارشن جي تباھہ ڪارين سنڌ جي جهريل وجود کي ويتر زخمي ڪري وڌو آهي. نتيجي ۾ اها اداس وادي، هاڻي نراسائيءَ ۽ نااميديءَ ۾ مَٽِجي وئي آهي. هر هنڌ بيٺل پاڻي، پَٽِ پيل گهر، ويران ويڙها، برباد واهڻ وسنديون، بي رونق شھر، ڪئمپن جي زندگي، هر هنڌ دربدري؛ اک کٽي وڃي پر پاڻي نہ کٽي، جتي انسانن جي ٻڏڻ ۽ لڙهڻ جي منظرن کي ڏسڻ لاءِ زميني رستا نہ بچيا، جنھن ڪري ملڪي توڙي غير ملڪي ادارا ۽ فرد اسان جي حال جو هوائي جائزو وٺڻ لڳا.
برسات ۽ ٻوڏ دؤران روزاني جي تباهڪارين نَوَنِ ڪيڏارن کي جنم ڏنو. حالتن جي سنگيني خوبصورت روحن کي رهڙي وڌو. اڃا بہ ڪو اتو پتو ڪونھي تہ اهو درد جو سفر ڪٿي دنگ ڪندو.
اُن آلودہ ماحول ۾ ٻڏندڙ سنڌ جي بيوسيءَ تي حساس دل شاعر “بيوس” بخش علي هر روز نئون نوحو لکندو رهيو. جنھن ۾ درد جي پيڙا، بيڪسي، لاچاري ۽ ارباب ِ اختيار جون اُرھہ زورايون، مطلب تہ سڀ سور سمايل آهن. ان ڪري “بيوس” پنھنجي هن شاعريءَ جي مجموعي جو نالو ئي رکيو آهي “دانھون ٻوڙيل ديس جون.”
فارسي شاعر فردوسيءَ جي جڳ مشھور ڪتاب “شاھہ نامي” ۾ اشرفين جي عيوض وقت جي بادشاه سلامت جي ثناخوانيءَ ۾ شعر موجود آهن، پر پروفيسر بخش علي جي “گدا نامي” ۾ ڏتڙيل ڏيھہ جي دردمندن جون هر نظم ۾ آهون ۽ دانھون شامل آهن. ابوالقاسم “فردوسي” کي هر بيت جي عيوض سڪن سان نوازڻ جو آسرو هو پر “بيوس” بخش علي کي هر بيت جي ڀرم ۾ نئون سور مليو آهي. ڇو تہ ساڃاھہ وندن لاءِ هر نئون فڪر ۽ خيال هڪ نئون اهنج بہ آهي.

سيئي سيل ٿيام، پڙهيام جي پاڻان،
اکر اڳيان اُڀري، واڳون ٿي وريام.
(قاضي قادن)


پروفيسر عبدالستار ابڙو
پرنسپال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
ڪنڊيارو
فون نمبر: 03009376896