شاعري

دانھون ٻوڙيل ديس جون

”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. 

Title Cover of book دانھون ٻوڙيل ديس جون

پنھنجي پاران

ڪروڙين ڪرم ان ڪائنات جي مالڪ جا، جنھن هن جھان کي پيدا ڪري، هن پوري جنسار کي جوڙيو ۽ پنھنجي پاڪ حبيب، حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وآلہ وسلم جن کي رهبر ڪائنات جي صورت ۾ هن ڌرتيءَ جي عظمت ۽ سونھن جو نشان بنائي، رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ موڪلي پنھنجي ڪرم جي پلر جي پالوٽ ڪئي.
ان مالڪ الملڪ هن ڌرتيءَ تي سنڌ جھڙي جنت ارضيءَ کي خلقي عالم آشڪار ڪيو، جنھن جي هزارين سالن تي مشتمل تھذيب بہ آھي تہ تاريخ بہ آھي، جنھن جي هڪ پاسي کان پربت جيڏا جبل پنھنجو ڳاٽ اونچو ڪيو بيٺا آھن، تہ ٻئي طرف اجهاڳ سمنڊ آھي، جنھن جي تري ۾ ماڻڪ ۽ موتي پيا وهن، ٽئين طرف وري ٿر جي خوبصورت ڀٽن جا نظارا، جتي تاريخ ۽ تھذيب جو جنم ٿيو آھي، پوري وچ کان وري تھذيبن جي ابي، سپت سنڌوءَ جون امرت ڌارائون ڪوھہ قاف جي اوچن پھاڙن مان نڪري، سنڌ ڌرتيءَ جي سيني کي سيراب ڪرڻ لاءِ ھميشه بيتاب ۽ موجزن رهن ٿيون، نہ رڳو ايترو پر، ڌرتيءَ جي تهن هيٺان بہ تيل، گئس، معدنيات ۽ ڪاري سون يعني ڪوئلي جا اڻ ميا خزانا موجود ڪري ڏنا تہ جيئن هن مٺڙي ديس جا ماڻھو، جتان جي ٿڌڙي هير، مديني واري سائينءَ جي قدم بوسي ڪري کين سنڌ ملڪ جي مٽيءَ جي ڀنل خوشبوءَ آڇيندي هئي، اهي سنڌ ديس جا ماڻھو سدائين خوش گذارين ۽ پوري عالم لاءِ لطيف سھڻي جي دعا بڻجي هميشہ لاءِ دعاگو هجن.
منھنجو جنم ان ڌرتيءَ جي ننڍڙي شھر ڦل ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو جتي پنھنجي مائٽن جا ست اٺ گهر هوندا هئا!
منھنجا مائٽ سڀئي هيٺئين طبقي سان تعلق رکندڙ مزور يا هاري هئا، زمين جا ٿورا گهڻا ٽڪرا پنھنجا هوندا هئا پر روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ سم سبب اهي بہ مڪمل پاڻيءَ ھيٺ ۽ غير آباد ٿي چڪا هئا. اهڙيءَ طرح “ڪڏھن ڏک تہ ڪڏھن سک” مڙئي زندگيءَ جو گاڏو پيو گڙڪندو هو. اسڪول جي زماني کان ڪاليج تائين تعليم پرائڻ دوران، پرائمري ۾ ٽي ڪلوميٽر روزانو پنڌ ڪرڻو پوندو هو، پوءِ مڊل اسڪول ڦل ۾ داخلا بعد اهو مفاصلو ڦري 5 ڪلوميٽر روزانو ٿي ويو، جيڪو ڪڏھن ڪنھن ڊاٽسن جي فوٽ پيريءَ تي لٽڪي تہ ڪڏهن پيادل طئہ ڪرڻو پوندو هو، پرڏک سکن جي سونھن سمجهي حالتن سان جهيڙيندو رهيس ۽ رڪاوٽن جو مقابلو ڪندي، اڳتي وڌندو رهيس.
انھن ڏينھن ۾ نہ بجلي هوندي هئي، نہ سولر انرجيءَ جو سک ميسر هو، گاسليٽ واري بتيءَ تي پڙھبو هو ۽ هٿ واري کجيءَ جي ڦرهن يا ڊڀن جي تيلين مان ٺھيل پکن سان، گرميءَ جو مقابلو ڪبو هو.
ڪڏھن ڪڏهن گاسليٽ بہ ڪونہ هوندو هو تہ دلي جي ڍڪڻيءَ ۾ تيل ۽ ڪپھہ وجهي ڏيئو ٺاهي ٻاربو هو، تيل بہ نہ هجڻ جي صورت ۾ امان باھہ ٻاري ويھندي هئي ۽ گرمي هوندي بہ ان باھہ جي ويجهو ويھي، ان جي روشنيءَ تي پڙھبو هو.
مان جنھن گهر ۾ سمجهہ لائق ٿيس، اهو ٿوڻين تي ٺھيل ڪکائون گهر هوندو هو، جنھن جي مٿان ڪکن جو ڇپر ٻڌل هوندو هو، جنھن جي چوڌاري سرن جي ڪکن ۽ ڪانن جي ڪنڌي ڏنل هوندي هئي، جنھن مان خاص ڪري سياري جي سرد راتين جي ٿڌڙي هوا، سيسراٽ ڪري پئي گذرندي هئي، پر گهر ۾ ڪڏھن بہ ناشڪريءَ جو ڪو لفظ ڪنن تي ڪونہ پوندو هو.
بابا سائين رازڪو ڪم ڪري ڏينھن رات لوڙي لوڙي ايترو مس ڪمائي سگهندو هو، جنھن مان سال يا ڇھن مھينن جو ان وٺي مٽيءَ مان ٺھيل گُنديءَ ۾ گڏ ڪري رکبو هو يا اويل سويل دوا درمل ۽ لوڻ مرچ جو انتظام ٿي سگهندو هو، جڏھن تہ روزانو جي خرچ لاءِ وري مينھن جي کير جي گهاگهر ڪتابن سان گڏ، مٿي تي رکي شھر کڻي وڃڻو پوندو هو، ان زماني ۾ عيد براد تي نئون وڳو ۽ نئين چپل ملي ويندي هئي تہ پاڻ کي هوائن ۾ اڏامندو محسوس ڪبو هو.
جيئن تہ ڪچي عمر ۾ جيڪي ڪجهہ ڏسجي، ٻڌجي ۽ ان سان منھن مقابل ٿجي ٿو، اهو منظر ساري عمر پاڇي جيان گڏ پيو هلندو آھي، سو منھنجا اهي ڪچڙيءَ عمر جا ڏک منھنجا اهڙا ساٿي ۽ رهبر بڻيا، جيڪي هن وقت تائين، جڏھن ﷲ سائين پنھنجي رحمتن سان نوازي اوڻيھين گريڊ تائين پھچايو آھي ۽ الحمدﷲ زندگيءَ جي هر ضرورت پوري ٿي رهي آھي، پر اڄ بہ جڏھن ڪنھن انسان کي ڏک ۽ تڪليف ۾ ڏسندو آھيان تہ مون کي پنھنجون اهي تڪليفون ياد اچي وينديون آھن، هتي هڪ ڳالھہ واضع ڪندو هلان تہ مان اڪيلائيءَ ۾ ڪا ڏکن ۽ تڪليفن واري الميہ فلم بہ ڏسي نہ سگهندو آھيان ۽ روئندڙ ڪردارن سان گڏ منھنجي اکين مان بہ لڙڪ لارون ڪري وهندا رهندا آھن. خوبصورت ماڻھو، معصوم ٻار ۽ فطرت جا حسين منظر، منھنجي ڪمزوري آھن، ان ڪري ڪنھن معصوم ٻار کي روئندو ڏسڻ يا فطرت جي ڪنھن حسين منظر جي برباد ٿيڻ تي منھنجي دل ۾ وڍ پوڻ شروع ٿي ويندا آھن.
اهو ئي سبب آھي جو آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برسات ۽ انتظامي لاپرواهيءَ سبب جيڪا ڏکوئيندڙ صورتحال پيدا ٿي، ان راتين جون ننڊون ۽ ڏينھن جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو، سڄي سڄي رات جاڳندو رهيس، روئندو رهيس، تڙپندو رهيس ۽ بيت، وايون، نظم، غزل ۽ چؤسٽا لکندو رهيس، اڪثر شاعري ان ڪيفيت جي پيداوار آھي ۽ يقين سان چوان ٿو تہ اگر ڪو دوست اڪيلائيءَ ۾ انھن تڪليفن جو تصور ڪري ڪتاب جو مطالعو ڪندو تہ روئڻ کان رهي نہ سگهندو.
ڇاڪاڻ تہ 2022ع جي چوماسي جي برسات ايڏو تہ مسلسل ۽ تيز وسڪارو ڪيو، جيڪو منھنجي پنجاھہ سالن جي عمر ۾ پھريون ڀيرو مون اهڙو مسلسل ۽ تيز مينھن ڏٺو هو، جنھن جو بيان لفظن ۾ ممڪن ڪونھي، خاص ڪري 24 کان 26 آگسٽ تائين مسلسل 72 ڪلاڪن تائين وسندڙ مينھن، جتي پوري سنڌ کي هڪ وڏي تلاءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، ۽ ڪچا گهر تہ هڪ هڪ ٿي ڪرڻ لڳا، پر پڪن گهرن ۾ پاڻي بيھي وڃڻ سبب اهي پڻ جهري پيا، ڪو اهڙو گهر نہ هوندو، جنھن جو ٿورو گهڻو نقصان نہ ٿيو هجي، اتي سرڪاري بدانتظامي، بي حسي ۽ ناقص حڪمت عملي بہ سامھون اچي وئي، هڪ پاسي برسات جا راڱا تہ ٻئي پاسي، وڏيرن، سرمائيدارن ۽ انتظامي آفيسرن جون ڏاڍايون جاري رهيون، جنھن ڪري هر هنڌ يا تہ غريبن جي ڳوٺن ۽ زرعي زمينن ڏانھن پاڻي لوڙھي انھن کي هٿ وٺي ٻوڙيو ويو، يا وري قدرتي لنگهہ بند ڪري، پاڻيءَ جو رستو روڪيو ويو، ٻنھين صورتن ۾ عام سنڌ واسي تمام گهڻو متاثر ٿيو، ڳوٺن جا ڳوٺ صفحہ هستيءَ تان ميسارجي، اَٺَ، ڏھہ فوٽ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويا ۽ ڳوٺاڻا ويچارا فقط سر بچائي اچي مختلف سرڪاري ادارن ۾ پناهگير ٿيا، جتي ڪنھن بہ قسم جي سھولت ڪانہ هئي، نہ پاڻي، نہ بجلي، نہ واش روم ۽ نہ ئي ڪنھن پرديداريءَ جو انتظام، ٻيو تہ ٺھيو پر انھن عمارتن جا بہ چاپڙ ڪرڻ لڳا، جن ۾ اهي مسڪين سنڌ واسي رهيل هئا، جن جو سڀ ڪجهہ اجڙي چڪو هو، نتيجي طور پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃڻ، عمارتون ڪري پوڻ ۽ مختلف بيمارين جھڙوڪ گيسٽرو ۽ مليريا توڙي بک وگهي، ماڻھو مرڻ لڳا، سون مٿان سھاڳو وري اهو ٿيو جو بدانتظامي جي نتيجي ۾ مليريا ۽ گيسٽرو جون دوائون اڻ لڀ ٿي بليڪ تي وڪامڻ لڳيون، عام حالتن ۾ روپئي ڏيڍ ۾ ملندڙ بخار جي هڪ ٽڪي ڏهن رپين ۾ بہ ڪانہ پئي ملي، ساڳيو حال سبزين ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين جو هو، اهو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو هو جو ٽماٽو ڇھہ سئو روپيہ ڪلو، بصر چار سئو روپيہ ۽ سڪل واڱڻ جيڪو عام ڏينھن تي ٻڪريون بہ نہ کائين سوبہ اڍائي سئو روپيہ ۾ ڪلو پئي هليو، جڏهن تہ اٽو پڻ مارڪيٽ مان اڻلڀ ٿي ويو، جنھن ڪري ويچارا مسڪين ماروئڙا بکن ۾ پاھہ ٿيڻ لڳا. حڪومت طرفان وڏا وڏا اعلان ٿيندا رهيا، تنبو، راشن جا ڪٽا ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان ايندو رهيو، وڪرو ٿيندو رهيو يا رات جي پيٽ ۾ غائب ٿيندو رهيو، عام ماڻھن توڙي ميڊيا ڪارڪنن طرفان اهڙين وارداتن جا فوٽوز ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيندا رهيا، پر ڪنھن جي ڪن تي جونءَ بہ ڪانہ پئي چري،نتيجي ۾ چوڌاري آھون، دانھون ۽ اوسارا هئا پر ڪير ڪن ڏيڻ وارو ڪونہ هو.
هڪ طرف پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي قبضا ڪري انھن کي بند ڪيو ويو هو جنھن ڪري پاڻيءَ جو مقدار وڌي وڃڻ سبب مختلف هنڌن تي گڏ ٿي، واٽر بم جي شڪل وٺي رهيو هو تہ ٻئي طرف وڏا سياستدان، ڪامورا ۽ جاگيردار پنھنجي ٻنين جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ مختلف شاخن، واهن ۽ بندن کي ڪٽ ۽ گهارا هڻڻ لڳا، جنھن ڪري پاڻي سرڪش گهوڙي جيان حدون لتاڙڻ شروع ڪيون جنھن سبب روڊ ۽ رستا بہ بند ٿيڻ لڳا، نيشنل هاءِ وي سميت پوري سنڌ جا روڊ رستا ڪيترن ئي ڏينھن تائين مسلسل بند رهيا، جنھن سبب مسافر توڙي سامان هفتي کن تائين رستن تي ڦاٿل رهيا. هيڏانھن برساتي پاڻي زورن تي هو تہ مٿان درياءَ بادشاھہ بہ اچي زور رکيو، جنھن ڪري ڪچو بہ مڪمل ٻڏي ويو ۽ ڪچي جا ماڻھو بہ بي گهر ٿي اچي ڪئمپن ڀيڙا ٿيا، مٿان وري لکين ڪيوسڪ بلوچستان وارو پاڻي بہ مختلف جابلو رستن کان ٿيندو اچي سنڌ ۾ داخل ٿيو، پر ان کي بہ ناقص حڪمت عملي جي ور چاڙھيو ويو، جنھن ڪري اهو پاڻي وري جيڪب آباد، قمبر شھدادڪوٽ جي ڳوٺن کي نيست ۽ نابود ڪندو اچي حمل ڍنڍ ۾ داخل ٿيو ۽ ھزارين ڳوٺ ٻوڙيندو اچي منڇر ڍنڍ تائين پھتو، ان وچ ۾ گاجي کهاوڙ جھڙا ننڍا ننڍا شھر تہ پھرئين ڌڪ ۾ ئي برباد ٿي ويا، پر پاڻي اچي وڏن شھرن ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھہ، جوهي، دادو ۽ سيوهڻ تي زور رکيو، ميھڙ جي شھرين ۽ سگا جي ساٿين کي سلام آهي، جيڪي رنگ بند ٻڌي، رات ڏينھن محنت ڪري ميھڙ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر خيرپورناٿن شاھہ مڪمل ٻڏي ويو، پاڻي جوهي ۽ دادو تي زور رکيو جن کي پڻ رنگ بند ذريعي بچايو ويو، آخر وڏي نقصان کان پوءِ منڇر کي ڪٽ ڏئي، پاڻيءَ کي درياءَ ۾ نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ايستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جو ايڏو جاني، مالي، معاشي ۽ ثقافتي نقصان ٿي چڪو هو جنھن جو ازالو شايد صدين تائين بہ نہ ٿي سگهي!
مٿي سڄي وارتا بيان ڪرڻ جو مقصد هيءُ آھي تہ آگسٽ ۽ سيپٽمبر مھينن دوران جيڪي ڪجهہ اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو، دل ۽ دماغ ان درد کي محسوس ڪيو، ان سڄي منظر جو عڪس هن ڪتاب ۾ موجود آھي، هيءَ ڪا عام واقعاتي شاعري ناهي، پر راتين جا اوجاڳا، ڏينھن جي تڙپ، آهون، دانھون ۽ اوسارا آھن، جيڪي مون جھڙي حساس ماڻھوءَ جي دل جو آواز ۽ اکين مان وهندڙ لڙڪن جو عڪس بہ آھن ۽ سنڌي سماج جي المياتي تاريخ بہ آھي، تہ سوين بي يار و مددگار فوتين، جن جي قبر لاءِ سڪل جاءِ ڳولڻ، قبر کوٽڻ ۽ لاش کي تئي يا مُڙهي تي تاري قبرستان تائين پھچائڻ ئي وڏو مسئلو هو، توڙي هزارن جي تعداد ۾ مري ويل ڍورن جو سوڳ آھي، جن جا هڏانوان پڃرا اڄ بہ روڊن جي ڪنارن تي موجود آھن.
حقيقت ۾ هيءُ ڪتاب موجودہ وقت جو عوامي آواز آھي ۽ مستقبل بعيد ۾ جڏھن اسين سڀ عدم جا راهي ٿي چڪا هونداسين ۽ ان دؤر جو محقق ۽ تاريخدان، ماضيءَ جا ورق اٿلائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ، هيءَ ڪتاب هڪ مستند عوامي، انتظامي ۽ سماجي تاريخ جي صورت ۾ ان جي اڳيان موجود هوندو ۽ ان ڳالھہ جو گواھہ هوندو تہ ڪيئن نہ انتظامي نا اھليءَ سبب هٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙيو ويو.
هن ڪتاب ۾ جيڪي پٽون، پاراتا، دانھون، ڪوڪون، آھون، اوسارا ۽ بدانتظاميءَ جا واڪا آھن، اهي مون پنھنجي اکين سان ڏٺا، ڪنن سان ٻڌا ۽ شدت سان محسوس ڪيا، جيڪي شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ تبديل ٿي، لفظن جي روپ ۾ نروار ٿيندا رهيا آھن، هيءُ ڪتاب اهو آئينو آھي جيڪو موجودہ ماحول جو عڪس شاعريءَ جي روپ ۾ هوبھو دنيا کي ڏيکاري رهيو آھي.
آخر ۾ ﷲ رب العزت جي سامھون سربسجود آهيان. الحمدﷲ هيءُ ڪتاب منھنجو مجموعي طور تي ٽيون ۽ واقعاتي شاعريءَ تي مشتمل ٻيون ڪتاب آھي، هن کان اڳ لکيل ڪتابن ۾ ڪورونا واري وبا جي وقت م تخليق ڪيل ڪتاب “ڪورونا لاڪ ڊائون ۽ پيڙائن جا عڪس” ۽ لوڪ ادب جي تحقيق تي مشتمل ڪتاب “ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر(تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)” سنڌي ادب جي گهڻگهرن وٽ سٺي مڃتا ماڻي چڪا آھن، جڏھن تہ موجودہ ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” اوهان مھربان پڙھندڙن جي هٿن ۾ آھي.
هن ڪتاب جي ترتيب ۽ ابتدائي ڪمپوزنگ منھنجي ننڍي ڀاءُ رياض احمد چانڊيو ڪئي آهي، هو ڄڻ تہ منھنجي وجود جو حصو آهي ۽ سٺن دوستن وانگر سدائين مون سان گڏ هوندو آهي، هر ڏک، سک جو ساٿي ۽ صلاحڪار آهي، اهڙي ساٿ تي سندس ٿورائتو آهيان.
ان سان گڏ سنسار پبليڪيشنس ۽ محترم اسلم کٽياڻ صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنھن خوبصورت انداز سان هن ڪتاب کي ڇاپي اوهان پڙهندڙن جي هٿن تائين پھچايو آهي.
اميد آھي تہ مھربان پڙھندڙ هن ڪتاب کي غور سان پڙھندا، پيغام کي سمجڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ مستقبل جي ڇاپن متعلق پنھنجي قيمتي راءِ کان پڻ آگاھہ ڪندا.


”بيوس“ بخش علي چانڊيو
ڦل شھر
فون نمبر: 03337086982