هتي بک، مصيبت، صفا باھہ ٻاري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.
پنھنجا ڪک اباڻا بہ بلڪل پيارا،
سندءِ گهر تہ نيڻن سندا يار تارا،
مگر ٻوڏ ٻوڙي، ڪيا ناس سارا،
سمورا وسيلا بہ، هاڻي نہ رهيا،
مٿان مال ۾ وئي، اچي آ بيماري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.
ڪراچي اسان جو، پيارو شھر آ،
سدا چمڪندڙ هي، ستارو شھر آ،
سنڌين جو اهو ئي سھارو شھر آ،
اتي کوڙ موقعا، جيئڻ جا ملن ٿا،
تڏھن پلٽجي پئي دنيا آھي ساري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.
ڪراچي چون ٿا تہ لکپال آھي،
اهو ئي حقيقت جو احوال آھي،
هتي ٿي پيو جيئڻ جنجال آھي،
وڏيرن ٻنيون ڳوٺ ٻوڙائي رکيا،
اڃا بي مصيبت، اها آھي جاري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.
اٿي يار ننڍڙو ڪو ريڙھو لڳايو،
شروعات ڪريو نئون مچ مچايو،
فلحال بس، گهر جو گاڏو هلايو،
ڌاريا ۽ قاتل بہ ائين ئي اچن ٿا،
ڪي ٽافيون کپايون ۽ بسڪيٽ ڦاري،
ھلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.
اتي يار پنھنجا بہ، ڏين ٿا سھارو،
همت ۽ مدد ساڻ چمڪي ستارو،
مڙسي بہ ٿوري، ڪريو هاڻ يارو،
نڌڻڪا نہ آھيو، ڀلا ڇو ڊڄو ٿا،
متان دلربا ايئن اٿو همت هاري،
هلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.
رڳو ايئن “بيوس” سڏائي نہ ويھو،
هڻي منھن ۾ مونا گڏائي نہ ويھو،
ائين پاڻ ئي جند ڇڏائي نہ ويھو،
اوهان کي مٺا ڪير روڪي نہ ٿو،
هجي هاڻ مڙسي، اها همت جاري،
ھلو يار ڪريون، ڪراچي تياري.