شاعري

دانھون ٻوڙيل ديس جون

”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. 

Title Cover of book دانھون ٻوڙيل ديس جون

سنڌ ستابي سنڌ سکي هئي، سي ئي ڳالھيون ساريون پيا،

سنڌ ستابي سنڌ سکي هئي، سي ئي ڳالھيون ساريون پيا،
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا.

اوطاقون پڻ، هونديون هيون، جت آيو ويو پيو ايندو هو،
پير بہ ساڳي، فقير بہ ساڳي ئي عزت وٺي پيو ويندو هو،
حال احوال ۽ خير صلح تي، خوش ٿي هرڪو کلندو هو،
هاڻ تہ سڀ ٿي ماضي ويو آ، سوچي پاڻ کي ڳاريون پيا،
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا.

مينھن وڏا تن ڏينھن ۾ بہ تہ، هن کان ٻيڻ تي وسندا هئا،
ليڪن ڪنھن جا ٻنيون، ٻارا، ڳوٺ ڪڏھن بہ نہ ٻڏندا هئا،
ڍورن ۾ نيڪال ڪندا هئا، گڏجي ڍنڍن ۾ پيا ڪڍندا هئا،
ليڪن هاڻ لنگهن تي قبضا، ٻڏندي ٿا سڀ ٻاڪاريون پيا،
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا.

ڍنڍون ڍورا سڀ لٽيائون، لنگهہ پاڻيءَ تي قبضو ڪيائون
ڍورن جا جي پيٽ ھئا، سي بند ڏئي ۽ مڇيون ڇڏيائون
پنھنجو فصل بچائڻ خاطر، ڳوٺن پاسي ڪٽ ھنيائون
اک پٽڻ جي ڪانہ ڪئيسين، دانھون ڪري اڀ ڏاريون پيا
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا

مدد ڪنھن جي ڪانہ ڪيائون، نہ ئي ڏک ۾ سار لڌائون
مدد ڪرڻ جي نالي تي پڻ، گڏجي سمورا فنڊ کاڌائون
بک تي ڪئمپن اندر ڪيئي، واڙي ڍورن جيئن ڇڏيائون
“بيوس” ملڪ کي پالڻ وارا، مشڪل ٽائيم ٿا ٽاريون پيا
ظالم ڪنھن جي نظر لڳي وئي، نير اکين مان هاريون پيا