دانھون ٻوڙيل ديس جون ۽ دانھيندڙ بابت
هو گذريل ٽن ڏھاڪن کان سگا جي ساٿ ۾ سلھاڙجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سماجي رابطن کي قائم رکڻ ۽ هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻ توڙي عام ڀلائيءَ جي ڪمن خاطر گهمندو رهي ٿو، ان ڪري هن سنڌ جي سورن کي تمام ويجهي کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آھي، اهو ئي سبب آھي جو هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان مسلسل لکندو رهي ٿو، ڪڏھن نظم ۾ تہ ڪڏھن نثر ۾، سندس لوڪ ادب ۾ تحقيق تي مبني ڪتاب “ساهتي پرڳڻي ۾ لوڪ ادب جي اوسر(تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو)” پڻ سنڌي لوڪ ادب جي گهڻگهرن وٽ بيحد مقبول ٿيو آھي، ان کانسواءِ وٽس شاعريءَ جي ٻن ڪتابن جيترو مواد پڻ اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آھي.
ٽي ايس ايليٽ موجب شاعري اهڙو فن آهي، جنھن ۾ موجود خيال ۽ فڪر سڀني لاءِ ساڳيو ۽ عام ٿي سگهي ٿو، پر احساس هر قوم لاءِ عام نہ، پر خاص آهي ۽ شاعري انھن احساسن جو اظھار آهي. “بيوس” بخش علي چانڊيو جي شاعري قوم جي تڪليفن جي احساسن سان ڀري پئي آهي جيئن:
هيءُ “بيوس” خدائي قھر ڪين هو،
حڪمرانيءَ هٿان، هيءُ ظلم هو سڌو،
ڪنھن جو گهرڙو ڪريو، ڪوئي ڪاٿي مئو،
۽ ڪو لڙھندو ويو، بيوسي بيوسي
تنوير عباسي پنھنجي ڪتاب “شاھہ لطيف جي شاعري” ۾ لکي ٿو تہ پنھنجي ڌرتيءَ سان جڙيو رهڻ ۾ جياپو آهي. شاھہ لطيف سائين ڌرتي جي عوامي ڪردارن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ لازوال ڪيو آهي. سسئي ڌوٻياڻي آهي. سھڻي ڪنڀار جي ڌيءَ آهي، مٽي چڪ ۽ آوي سان واسطو آهي. مارئي ٿر جي ماروئڙن جي ڇوڪري آهي جيڪا پنھنجي وطن جي هر شئي سان محبت ڪندي آهي. نوري مھاڻن جي مڇي ماريندڙ ڇوڪري آهي.
جا جُوءِ، مُئِي نہ ٻَڌي، ڏوٿِي سا ڏورِين،
پاسا مَٿي پاهَڻين، کاهوڙي کوڙِينِ،
وِيا اُتِ ووڙِينِ، جِتِ نھايَتَ ناهِ ڪا.
(شاھہ لطيف)
“بيوس” بخش علي چانڊيو جي شاعريءَ جي هن ڪتاب “دانھون ٻوڙيل ديس جون” ۾ بہ اهڙن ئي هارين، مزورن، سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن جا درد ملن ٿا، جن کي حڪمرانن جي ٽيڪ تي مقامي وڏيرن پنھنجي ٻنين مان پاڻي ڪڍي، انھن مسڪينن جي فصلن ۽ گهرن ڏانھن موڪلي، شاخن ۽ واهن کي هٿرادو ڪٽ لڳائي يا پاڻيءَ جا قدرتي لنگهہ بند ڪري هٿ سان ٻوڙايو ويو.
پئي گهڻي برسات وئي، پاڻي بہ تارئون تار ٿيو،
پوءِ تہ مون مسڪين جي، نازل مٿئون آزار ٿيو،
منھنجي ٻوڙڻ جي پٺيان هرهڪ وڏيرو تيار ٿيو،
ان سبب جي ئي ڪري، مان ٿيو نراسي آھيان،
ادا مان حڪمرانيءَ جو ستايل، سنڌ واسي آھيان.
“بيوس” بخش علي چانڊيو هڪ کاهوڙي ڪردار آھي ۽ کاهوڙي وٽ نہ پلنگ نہ پٿراڻيون، نہ ريشمي چادرون، هو پٿرن تي پاسا ٿا کوڙين، سخت زندگي ٿا بسر ڪن. تڏهن بہ اتي ٿا وڃي پھچن جتي سونھان بہ منجهيو پون ۽ ان کان اڳتي، اڃان بہ اڳتي، گهڻو اڳتي هلندا ٿا رهن. اڻ ڏٺل، اڻ ٻڌل جوءِ ڏي، جتي ڪوبہ نہ پھتو آهي. هن جي سفر جو انت ئي ناهي.
پيئِي جَنِين پُوءِ، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جِي،
ڏوري سائِي جُوءِ، لوچي لاهُوتِي ٿِيا.
(شاھہ لطيف)
بلڪل ساڳي طرح “بيوس” بخش علي چانڊيو پنھنجن ماڻھن جي رهڻي ڪھڻيءَ مان اتساھہ وٺي لفظن جي ذريعي عڪاسي ڪري ٿو، هو انھن جي درد کي پنھنجو درد سمجهي ٿو، انھن جي تڪليفن کي پنھنجي دل اندر درد جي صورت ۾ محسوس ڪري تڙپي اٿي ٿو ۽ پوري جھان جي پالڻھار کي مخاطب ٿي هينئن بہ دانھن ڏئي ٿو:
عالم جا ﷲ مٺا، هن هيڻي جو هيءُ حال ڏسين ٿو،
سنڌ سراپا سور بڻيل آ، جيئڻ ٿيو جنجال ڏسين ٿو.
منھنجا سائين تنھنجا ٻانھا، تنھنجي در تي دانھين ٿا،
ظالم رئيس وڏيرا قاتل، سنڌ جا هيءُ دجال ڏسين ٿو.
مظلومن جون آھون ٻڌ، اي مالڪ! محشر برپا ڪر،
جن کي ٻوڙي ماريو ويو آ، تن جي صورتحال ڏسين ٿو.
“بيوس” جون آھون ۽ دانھون، عرش عظيم تي پھتيون آھن،
بيشڪ منھنجي دل جو سارو، سورن جو احوال ڏسين ٿو.
هو مشڪل حالتن ۾ بہ اميد جو دامن هٿ مان نہ ٿو ڇڏي ۽ آئندي جي خوشحال سنڌ جا خواب ڪڏھن بہ ڀور ڀور ٿيڻ نہ ٿو ڏئي بلڪہ هر وقت اميد جا ڏيئا ٻاريندي اجالي جو انتظار ڪري ٿو.
ماروئڙا مجبور نہ هوندا، سنڌ اندر خوشحالي هوندي،
سک جا ٽھڪ، ٽھوڪا گونجن، ڪائي اک نہ آلي هوندي،
ڪوئي “بيوس” مور نہ مرندو، ڪا نہ هتي بدحالي هوندي،
نہ ئي ڪنھن جو روئندي روئندي، ڳل ۽ دامن آلو ٿيندو
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.
شين جو نعم البدل هوندو آهي پر انسان جو نہ، هر انسان پنھنجي ذات ۾ گلشن يا جزيرو آهي. پَکي جھڙو پَکو ملي سگهي ٿو، موٽر سائيڪل جھڙي هوبھو ٻي موٽر سائيڪل ملي سگهي ٿي پر هڪ انسان جھڙو ٻيو انسان بلڪل ساڳيو نہ ٿو ملي سگهي. مشابھتون ۽ مماثلت ممڪن آهن. اهڙي طرح “بيوس” بخش علي چانڊيو جي ٻالڪپڻ جي زندگي، منھنجي ٻالڪپڻ سان ڪافي حد تائين مماثلت رکي ٿي. ڳوٺاڻي زندگي، اسڪول جو دؤر،ڪاليج ۽ اعليٰ تعليم ڏکن ڀري جدوجھد جو شاندار داستان آهي. جيڪو اسان کي لکڻ تي مسلسل اتساهي ٿو. اسان قول ۽ فعل وسيلي سماج ۾ ٿيندڙ اڻبرابرين کي مختلف طريقن سان للڪاريون ٿا.
دوستي رکڻ ۽ ان کي نڀائڻ تہ ڪو “بيوس” بخش علي چانڊيو کان سکي، هو دوستي رکي بہ ڄاڻي تہ نڀائي بہ ڄاڻي، پوءِ ڇو نہ ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪاڇي کان ڪارونجهر جا سفر ڪرڻا پون، هو هميشہ اڳي کان اڳرو رهي ٿو!
هن سدائين لطيف سرڪار جي هنن سٽن تي عمل ڪيو آھي تہ:
هو چونئي تون مَ چئو واتان وَرائي،
اَڳ اَڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
پاند ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪينَ ڪي.
(شاھہ لطيف)
انھن ڳالھين جو ثبوت سندس شاعريءَ مان بہ ملي ٿو.
سنڌ لئہ جو جيئي، سنڌ جي خاطر مري،
ساھہ ڌرتيءَ کان جيڪو، نہ ٿو وڌ ڪري،
قدم تنھن جا چمان، ڀل پيو ڌوڙيل ڌري،
نانءُ ان جو کڻڻ، سان ٿي لونءَ لونءَ ٺري،
منھنجون “بيوس” اکيون، پير ڏيندا اچو،
ها مگر ڪجهہ گهڙيون، پنهجي منھن سوچجو،
ڪير سنڌ سان سچو، ڪير سنڌ لئہ ڏچو.
تازو ئي ايني ايرنو کي ادب جو نوبل انعام 2022ع مليو آهي. هن پاڻ سان ٿيندڙ ۽ آسپاس جي لقائن بابت مسلسل لکيو. هن مطابق لکڻ هڪڙو سياسي عمل آهي جنھن جي ذريعي سماجي اڻ برابري کي وائکو ڪري سگهجي ٿو.
“بيوس” بخش علي چانڊيو ان سماجي اڻبرابريءَ بابت دانھيندي لکي ٿو تہ:
هزار دل ۾ سوال آھن، جواب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟
ڪمال بدران زوال ڇو آ، حساب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟
سدائين ڌوڪا ڏنا ويا هن، اسان اڃا بي انھن جي پويان،
رڍن جي اڳيان وڄائجن جي، رباب آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟
نہ ٿا لڪائي سگهون او “بيوس”، زخم اندر جا ڪڙھن پيا ٿا،
بجاءِ امرت زهر ڏنائون، دوا بہ آخر وٺون تہ ڪنھن کان؟
اسان جي دعا آهي تہ هو لکندو رهي. ڏات جي ديوي هن تي هميشہ مھربان رهي.
اَلا! جُنگَ جِيَئنِ، جنِين اَجهي گهارِيان؛
شالَ مَ سُڪي ويئَرِي، جِئان پِيَ پِيَئنِ؛
مَرَڪَڻَ! اَکَڙِيَنِ، تو ڏِٺي مُون سُکُ ٿِئي.
(شاھہ لطيف)
پروفيسر خالد حسين چنا
حيدرآباد
فون نمبر: 03337501969