چار ئي طرف اجالو ٿيندو، عيد براد مشعالو ٿيندو،
کل، خوشي ۽ کيٽا هوندا، گيت، سنگيت جمالو ٿيندو،
خوشحاليءَ جا ڇيڄ اڱڻ تي، دردن جو بہ ازالو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو!
بادل وسندا، ساوڪ ٿيندي، گل ڦل ٻوٽا، خوشبو ايندي،
موتيو، مگرو، سورج سھڻو، گل گلاب ۽ ميندي ڦٽندي،
مھڪ انھيءَ جي مٺڙي، مٺڙي، چارئي پاسا مھڪائيندي،
هرڪو خوش سدائين هوندو، غم جو ختم نالو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.
بينڊ، بگل ۽ باجا ايندا، مارو قرض مان آجا ٿيندا،
پاڻي سڪندا، فصل ڦٽندا، خوشحاليءَ جا واڄا ٿيندا،
بک ڀڄائي، سک آڻيندا، سٻر، سونھن ۾ ساڄا ٿيندا،
ميٺ، محبت پيار ۾ رهندا، ڪين ڪٿي ڪو ملھالو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.
ڪوئي ڪنھن ڏي پاڻي ٽوڙي، ڪنھن کي ايئن نہ ٻوڙيندو،
نہ ئي ڪو ڀوتار وڏيرو، ٻوڏ جو رخ ايئن موڙيندو،
عام عوام سجاڳ اٿي پيو، نئون ڪو سسٽم جوڙيندو،
ڪو بہ نہ انگ اگهاڙو ڏسبو، ڪوئي ڪين اٻالو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.
ماروئڙا مجبور نہ هوندا، سنڌ اندر خوشحالي هوندي،
سک جا ٽھڪ، ٽھوڪا گونجن، ڪائي اک نہ آلي هوندي،
ڪوئي “بيوس” مور نہ مرندو، ڪا نہ هتي بدحالي هوندي،
نہ ئي ڪنھن جو رئندي رئندي، ڳل ۽ دامن آلو ٿيندو،
نيٺ تہ اهڙو ڏينھن بہ ايندو، دنيا لاءِ حوالو ٿيندو.