روح رڙندو رهيو، ساھہ سڙندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
مينھن ٻوڙي ڇڏيو، گهرڙو لوڙھي ڇڏيو،
ظالمن ٻوڏ جو، رخ ئي موڙي ڇڏيو،
گهر ڊھندو رهيو، پاند پسندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
ڪئمپ ۾ ڪجه نہ هو، سور ئي سور هئا،
بک هئي ات رڳي، پور ئي پور هئا،
لڙڪ وسندا رهيا، نير وهندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
هيءُ سوچي ڪراچي سندو رخ ڪيو،
هيءُ پنھنجو شھر، ايئن سڀنيءَ چيو،
ڪو ئي ڪنھن جو نہ ٿيو، درد وڌندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
روز ڌاريا اچي دڙڪا، ڏئي پئي ويا،
هتان هليا وڃو، هيئن چئي پئي ويا،
روز ڪوئي ڪتو، بڪ بڪندو رهيو،
جيء جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
نيٺ آخر ڪراچيءَ کي ڇڏڻو پيو،
بي عزتيون سئو سھي، نيٺ لڏڻو پيو،
تير هو يا خنجر، دل ۾ چڀندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
بدنصيبي چئون، يا تہ ڪھڙو قصو،
روشنيءَ جو شھر، فقط نالو رهيو،
ات بہ اونداھہ، مسڪين رُلندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
ڇا ڪيان مان بيان واپسيءَ جو قصو؟
سور صدما ٺھيا، زندگيءَ جو حصو،
ڪو بہ پھتو نہ گهر، شھر پڇندو رهيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
باھہ ئي باھہ ھئي*، چئوطرف هئا ڪڪر،
وچ ۾ معصوم هئا، “بيوس” ۽ دربدر،
ڪوئلو ٿي ويا، ڪونہ هڪڙو بچيو،
جيءُ جلندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو.
****
* 12 آڪٽوبر 2022ع تي خيرپور ناٿن شاھہ ڀرسان ڳوٺ نظر محمد مغيري جا ٻوڏ متاثر ڪراچيءَ کان واپس پنھنجي ڳوٺ ڏانھن پئي وريا تہ نوري آباد وٽ بس کي باھہ لڳڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 18 ماڻھو موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويا.