شاعري

دانھون ٻوڙيل ديس جون

”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. 

Title Cover of book دانھون ٻوڙيل ديس جون

رحم ڪر ڪجهہ مينھنڙا، مزدور جي پارت اٿئي

رحم ڪر ڪجهہ مينھنڙا، مزدور جي پارت اٿئي،
ڇن ڇڳل، ڀتيون ڀڳل، مجبُور جي پارت اٿئي.

ڀل وسي ڪڻ ڪڻ تہ موسم جو وٺي هرڪو مزو،
گهر منجهان پاڻي ڪڍي ٿيل، چُور جي پارت اٿئي.

تار ٿي ويون سڀ ترايون، اٿلندو پيو ٿو اچي،
چڀڙ، ميهل، ٻاجهريءَ جي، ٻُور جي پارت اٿئي.

وونئڻ مسڪينن سندا، اٿئي آئيندي جو آسرو،
جوئر جي اسريل سلي، انگور جي پارت اٿئي.

ٽن ڏينھن کان بکيا، معصومڙا جن جا ٻچا،
هن حڪومت ۾ اجهيل، تندور جي پارت اٿئي.

گهر ڪچا ۽ ڇپرڙا، جن مان پيو ڏسجي آسمان،
هن جڏي، انڌڙي، نڌر، بي نور جي پارت اٿئي.


خوش ڏسان “بيوس” جنين جو، آ خدا تي ڀروسو،
ڪين ڊاهج گهر سندن، معذور جي پارت اٿئي.