شاعري

دانھون ٻوڙيل ديس جون

”بيوس“ بخش علي چانڊيو ھڪ حساس شاعر، استاد ۽ سماجي ڪارڪن آھي. سنڌ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 2022ع جي غير معمولي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهيءَ جتي لکين ماڻھن کي معاشي بدحالي، ڪيمپن ۾ لاوارثي ۽ دربدريءَ جي وَر ڪيو، اتي بدانتظامي، اقربا پروري، ڪرپشن ۽ واڳ ڌڻين جي بي حسيءَ وڏي انساني الميي کي جنم ڏنو. ان صورتحال ۾ ”بيوس“ بخش علي چانڊيي جي قلم مان هي سٽون سرجي نڪتيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ اوهان جي آڏو آهن. هُن ساڃاهوند ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان ان سموري لڏپلاڻ، ڪيمپن جي وهنوار ۽ امدادي ورڇ سميت مڙني مامرن کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ انھن سڀني پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. 

Title Cover of book دانھون ٻوڙيل ديس جون

سنڌ سڄي آ سور ئي سور، مولا تنھنجي مدد گهرجي،

سنڌ سڄي آ سور ئي سور، مولا تنھنجي مدد گهرجي،
ستم سھي پيو روز شعور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

جڏھن ڏسان ڪو ٻار اڃايل، من ٿئي ٿو گهايل گهايل،
پلٽي پون ٿا پور ئي پور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

سنڌ ستابي هئي ننگپال، ليڪن هينئر هيڻا حال،
خوشيون آهن اڄ ڪافور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

اوطاقون ۽ گهر ڀلا هئا، ٻوڙي سارا ناس ڪيائون،
خواب سمورا چڪناچور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

جيڪي ٻين جا ساٿ سھارا، سي اڄ ڪئمپن ۾ پيا تڙپن،
سار نہ تن جي لڌئون مور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

هو تہ چون ٿا ارب ڏنا ٿئون، عام چون ٿا سارو ڊرامو،
ڪوڙ نہ لڪندو آھي ڪلور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.

“بيوس” هيءَ دل گهايل آهي، هي تہ سارا قاتل نڪتا،
سنڌ تي ٿاڦيل سڀ ناسور، مولا تنھنجي مدد گهرجي.