ٻہ اکر
ڏاڏو متارو گرفتاريءَ واري رات دير سان هاسٽل تي منھنجي ڪمري جي دريءَ کان اچي بيٺو. آءٌ کيس ڏسي حيران ٿي ويس. هي تہ روپوش آھي پوءِ ڪيئن آيو. چيائين وائيس چانسلر ۽ انتظاميہ سان ڳالھيون ٿي ويون آھن. معاملا settle ٿي ويا آھن. مون کيس پاڻ وٽ رهڻ لاءِ صلاحيو. ٻئي هنڌ نڪري وڃڻ جو چئي هليو ويو. صبح جو خبر پئي تہ وڏي اٽالي سان پوليس ڇاپي ۾ کيس سندس ڪمري تان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن اسان مختلف تنظيمن جا تقريباّّ 11 شاگرد جن ۾ قاضي اياز، عارف ڀٽو، سردار شاھہ، محمد حسين باغي، نظير کھاوڙ، مرتضيٰ مھيسر، عبدﷲ شاھہ ۽ منگي گرفتار ٿي ڪجهہ ڏينھن ڪوٽڙي لاڪپ ۽ پوءِ سينٽرل جيل بند وارڊ ڪارو چڪر ۽ اڇي چڪر کان پوءِ ڪارا ٽئين وارڊ پھتاسون تہ ان وقت اعليٰ سياسي اڳواڻ ساڳئي وارڊ ۾ ھئا. محترم رسول بخش پليجو، شھيد محمد فاضل راهو، شاھہ محمد شاھہ، ابوبڪر زرداري، قمر راڄپر، ڊاڪٽر اسلم پرويز، فقير رحمت ﷲ هيسباڻي، فقير عنايت هيسباڻي، پيارو اقبال نظاماڻي، ڪامريڊ ڪريم چنا، ساغر سميجو، سميع مڱريو، سليم جھانگير، عزيز ميمڻ. جڏهن تہ ڄام ساقي الڳ اڪيلو ڪنھن ٻئي وارڊ ۾، عبدالواحد آريسر الڳ وارڊ ۾، علي حيدر شاھ ۽ قادربخش جتوئي الڳ وارڊن ۾ هئا. جلد ئي ڪجهہ آزاد ٿي ويا ۽ ٻيا وري هاءِ جيڪنگ جي ڪري مختلف جيلن تي بدلي ڪيا ويا. سندن جهلڪ ڪچھريون بحث ۽ انقلابي رومانس جي ماحول سکڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ڏاڏو متارو شھيد فاضل راهوءَ جي تمام گهڻي واکاڻ ڪندو ۽ کانئس متاثر هو. ۽ پوءِ اسان باقي بچيل وقت ڏاڏي متاري سان گڏ رهياسون، جنھن وارڊ ۾ ڇڏيو ويندو هو تہ اهو متارو ڏاهري وارڊ سڏائيندو هو. جلد ئي لمس مان ڊاڪٽرن جي وڏي کيپ گرفتار ٿي پھچندي وئي. خان محمد لغاري، غلام نبي خشڪ، دودو مھيري، شمس گوپانگ، اقبال ناريجو، نواز پنھور، شفقت ڏاهري، زرعي مان اسد گاڏھي. مٿان وري کاٻي ڌر جا شاگرد اڳواڻ امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي، اسرار لانگاھہ ۽ ڪامريڊ وزير لاکو تہ ٻيا وري حسن راڄڙ، مرتضيٰ مرڻاڻي، قربان ارباب. هوڏانھن ٻئي وارڊ ۾ تاج جويو، الطاف تنيو، حفيظ قريشي، ناز سنائي، ذڪريا ميمڻ، قمر ڀٽي، ستار موريو ۽ ٻيا. ڏاڏو متارو راڳ جي محفل ۾ گهڙو ڀلو وڄائيندو هو. پتن جي طاس راند ۾ اسان ٻئي جوڙيوال هئاسون، کيس ڪير بہ راند نہ ماريندو هو. شطرنج راند جو سٺو کلاڙي هو. عام ناليوارن قيدين سان سندس ڏيٺ ويٺ ھئي. عيد براد جي موقعن تي گڏيل دعوتون يادگار رهيون. ان وقت ڦاسيون ڏيڻ واري رات جيل ۾ سناٽو ۽ اسان جي وارڊ مان گيتن جي گونجار. ڦٽڪن ڪوڙن وقت بہ ساڳئي جوش جذبي سان گيت ڳائڻ ۽ حوصلو ڏيڻ. منھنجا ڪتاب ٻاهران ايندا هئا، پوءِ ڏاڏو متارو هر ڪتاب جي پھرئين پني تي ڏُو اسڪوائر لکي ڇڏيندو هو. جيل جي اوچين ديوارن سان ٽڪرائيندڙ سندس هڪلون ۽ آواز اڄ بہ تازگيءَ سان ڪنن ۾ ٻُرن پيا. ”مُرڪون ۽ ٽھڪ هن جا نہ مرندا.“ جيتوڻيڪ آءٌ ھڪ الڳ تنظيم سنڌي شاگرد تحريڪ سان لاڳاپيل هوس ۽ مون کي بہ ٻين وانگر ساڻس جيل ۾ لڳاتار ٻہ سال گڏ رهڻ جو موقعو مليو. جيل جي بند حالتن ۾ پاڻ تي نظم ۽ ضبط لاڳو ڪرڻ، مشتعل نہ ٿيڻ، خواهشن کي پاڻ مٿان حاوي نہ ڪرڻ. جيل ۾ راند روند، والي بال، مطالعو، پسار، راڳ رنگ، محفلون دعوتون، سڀ رنگ رهيا. ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا جيل جي چوديواريءَ ۾ آپي کان ٻاهر نڪريو وڃن. سندس جيل جي ڊائري ان زماني ۽ حالتن ۾ جيل جي صورتحال ۽ سياسي توڙي عام قيدين جي رهڻ ۽ جيل گهارڻ جي عڪاسي آھي، پاڻ جيئن بہ محسوس ڪيو اٿس اهو ڪنھن جي بہ رک رکاءَ ۽ پرواھہ ڪرڻ کان سواءِ نج پج پنھنجي قلم جي زينت بڻايو اٿس. هونئن بہ جيل جي حالتن ۾ ماڻھو وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. سندس جيل ڊائريءَ ۾ بي وسيون ۽ ڀوڳنائون ڀريل آھن. سندس تحرير هڪ ذميوار شاگرد سياسي اڳواڻ جو جيل قربانيء جو رڪارڊ آھي. هن ڊائريءَ ۾ جتي ذاتي ڪردارن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آھي، اتي سندن مجموعي قربانين جي عمل جي مڃتا ڏياري وئي آھي. ڏاڏي متاري جيل ۾ فلسفي , سياست ۽ عالمي انقلابي ادب جا ڪتاب پڙھيا، انتھائي سنجيدہ مطالعو ڪيو ۽ اتان کان ترقي پسند قومي جمھوري سياست جو آغاز ڪيو. اهڙيءَ طرح پنھنجي هم خيال ساٿين سان گڏجي جساف آرگنائيزنگ ڪميٽي ٺاهي. جنھن جو الحاق پي اين پي غوث بخش بزنجو جي پارٽيءَ سان ٿيو. جيل دوران ڏاڏي متاري ڏاهري انتھائي بھادري ۽ دليريءَ سان وقت گذاريو. سڀني سياسي ڪارڪنن ۽ عام قيدين لاءِ ڀرجهلو ۽ سھارو رهيو. ڪھڙين بہ مشڪل حالتن ۾ مايوسي هن جي پاڇولي کان بہ نہ گذري. انتھائي مطمئن ۽ حوصلي سان هڪ بي مثال ڪردار رهيو. جنھن کي ڏسي همٿون، جرئتون ۽ حوصلا وڌي ويندا هئا. جيتوڻيڪ پاڻ ھڪ مالوند ۽ مڇي مانيءَ واري گهراڻي سان تعلق رکندڙ ھو، پر پاڻيءَ جي بحران، تعليمي ڊگرين جو وقت تي نہ ملڻ ۽ حالتن سان سمجهوتو نہ ڪرڻ ۽ گڏوگڏ کاٻي ڌُر جي سياسي بحران سبب کيس مالي مشڪلاتن سان منھن ڏيڻو پيو. هن پنھنجي پاڻ تي ئي ڀاڙيو، پنھنجي اولاد جي انتھائي ذميواريءَ سان تعليم ۽ تربيت ڪئي. سندس پويان چار پٽ، چار نياڻيون ۽ گهرواري آھن. جيتوڻيڪ شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي اڳوڻي دوُر ۾ کيس سئي گئس ۾ نوڪري ملي، پر بعد ۾ ٻين وانگر ڪافي سالن تائين لٿل هو. وري بحال ٿيڻ کان پوءِ اسسٽنٽ مئنيجر سئي گئس آفيس شاهپورچاڪر ۾ مقرر هو. ڏاڏي متاري ڏاهريءَ وٽ ھرهڪ ماڻھوءَ َکي پرکڻ جو جادو هو. سندس پراثر ڳالھائڻ ۾ مواد ۽ ميٺاج ھو. هن جي گفتگوءَ تي ٻڌندڙ لطف اندوز ٿيندا هئا. وڏيرڪي ۽ عقيدي پرستيءَ جي سماجي ماحول باوجود، هن هڙان وڙان ڏئي سنڌي سماج ۾ ھلچل ۽ تبديليءَ لاءِ وسان نہ گهٽايو. لائبريريون، تعليمي تربيت ۽ سماجي خدمتن جي ميدان تي پاڻ ملھايو. ڪيترن ئي نوجوانن کي تيار ڪيو، انسانيت جي آزادي ۽ وقار لاءِ ھرطرح جي جدوجھد ڪئي. هر چڱي ڳالھہ جي حمايت ۽ مدد ڪئي. برادرين ۽ ماڻھن جي ذاتي اختلافن ۽ تضادن کي حل ڪرڻ لاءِ انتھائي اهم ڪردار ادا ڪيو. ڏاڏاو متارو ڏاهري، شاھ سائينءَ جي هن شعر جي ڀرپور عڪاسي ڪندڙ ڪردار رهيو.
سورهيہ مرين سوڀ کي تہ دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙھ ڀاڪرين آڏي ڍال َم ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار تہ متارو ٿئين.
ڏاڏو متارو ڏاهري انھن خوشنصيب ماڻھن مان هڪ رهيو جيڪي هن ڪائنات ۽ فطرت جي متعلق باخبر ۽ واقف رهيا آھن.
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نہ مئا،
حباب ئي هئا، انھي واديءَ وچ ۾.
ٻھراڙيءَ جي ڳوٺ ۽ پسماندہ علائقي جو، هي يگانو، البيلو ۽ ارڏو جوڌو جبري حالتن جي آڏو توبھہ تائب نہ ٿيو. کيس نابرابري ۽ ظلم خلاف انتھائي نفرت رهي. سماجي ناانصافيءَ خلاف ويڙھہ ھن جي زندگيءَ جو اولين مقصد رهيو. هن جي منزل جمھوريت، انصاف ۽ سماجي قومي برابري رهي. ڏاڏي متاري ڏاهري پنھنجي علائقي ۾ ھڪ نواڻ پيدا ڪئي. هرهڪ کي وقار سان ۽ ذميداريءَ سان جيئڻ جو سبق ڏنو. هو شاھ سائينء جي ڪلام جو پارکو هو. سر سھڻي تہ ڪير کانئس ويھي ٻڌي. سٺو مقرر ۽ ڊبيٽر رهيو. ڪنھن کي بہ قائل ڪرڻ سندس ڏائي هٿ جو کيل هو. ڏاڏي متاري ڏاهريءَ جو وقت کان اڳي هليو وڃڻ سان، نہ رڳو سندس خاندان، عزيزن دوستن پر ترقي پسند قومي جمھوري تحريڪ کي ناقابل تلافي ڌڪ رسيو آھي. سنڌ جي هن حلالي ۽ ارڏي قربانين سان ٽٻٽار ڪردار تي سنڌ جي تاريخ جا ورق سرها آھن.
جان جان هئي جيئري ورچي نہ ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.
ڏاڏا سليمان ڏاهري
ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ