جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ آرگنائيزنگ جي مرڪزي باڊي ڏانھن کليل خط
جيئي پورهيت عوام
تمام گهڻي عرصي کان پوءِ هڪ اڻ ٽر مسئلي متعلق هي ٻہ ٽي اکر جيل مان تحرير ڪري رهيو آهيان، مون کي پوري اميد آهي تہ توهان ساٿي پيش ڪيل مسئلي خاطر ڪنھن مناسب صلاح ۽ فيصلي سان رهنمائي ڪندا ڇو تہ هڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت سان اهو فرض ٿو سمجهان تہ ڪھڙين حالتن ۾ ڪو بہ مسئلو اڀري اڳيان اچي تہ انھي تي گڏيل ۽ متفقہ راءِ عامه قائم ڪرڻ، ٻين ڳالھين کان سواءِ انھيءَ لاءِ بہ ضروري آهي تہ اڪيلي سر فيصلا ڪرڻ اجتماعي مفادن جي ابتڙ آهي، هر مسئلي تي گڏيل بحث سٺي نتيجي وارو هوندو آهي، انھي مقصد ۾ پاڻ سڀني شعوري طور نظرياتي هم آهنگيءَ سان انقلابي ضابطن ۾ خوشيءَ ۽ شوق سان ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون.
ساٿيو؛ تاريخي طور تي ڏٺو وڃي تہ جيل ۾ فردن جي اچڻ جا خاص طرح ٻہ ڪارڻ هوندا آهن هڪ اهو قسم آهي تہ فرد انفرادي مفادن تحت ڌاڙا، ڦرون، چوريون وغيرہ جھڙا بدڪردار عمل ڪري ايندو آهي جنھن کي ڪابہ تاريخ نہ هوندي آهي.
ٻيو قسم اهو هوندو آهي ڪن خاص حالتن ۾ فرد پاڻ کي ڪنھن نظريي سان گڏ ضابطن تحت جائز ۽ صحيح اجتمائي مفادن لاءِ جيل ۾ ايندا آهن جن کي هڪ سونھري تاريخ هوندي آهي.
خوشقسمتي سان مون بہ پنھنجي جماعت ۾ انھن سڀني ضابطن کي قبوليندي ۽ فيصلن کي عملي جامو پھرائيندي انھن ساٿين سان ڏکين ۽ سکين حالتن ۾ قدم قدم سان ملائي هلڻ ۾ سدائين نڀايو آهي ۽ ساٿ ۾ رهيو آهيان، هن فوجي جنتا جي دهشتناڪ ۽ آمراڻي دور ۾ جن بہ ساٿين بھادريءَ سان تنظيمي وقارکي بلند ڪيو آهي انھن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، پوءِ ڇو نہ اهي جيلن ۾ هجن يا ٻاهر.
ساٿيو؛ هن طبقا تي سماج ۾ نوڪر شاهيءَ جي هڪ خاص مشينري جي ظلم ۽ زيادتين سان گڏ حڪومت نواز پاليسن خلاف سنڌ جي مرڪزي تعليمي اداري لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ نوجوان شاگردن جي مختلف ترقي پسند جماعتن سان گڏ پنھنجي جماعت بہ اتحادي جي حيثيت سان جدوجھد هلائڻ لاءِ ڀرپور حصو ورتو هو، اهو هو پاڳل پرنسپال عالماڻي جنھن عظيم تعليمي درسگاھہ ۾ پنھنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ پنھنجن ذاتي عياشين لاءِ حڪومت سان وفاداري جو مثال قائم ڪندي ترقي پسند نوجوان شاگرد جماعتن کي ڪچلڻ ۽ ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، جڏهن سندس حرامپايون ڏينھن بہ ڏينھن زور وٺنديون ويون تہ هزارن جي تعداد ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد نوجوانن هن کي هٽائڻ لاءِ مظاهرا ڪيا، شاگردن جي مظاهرن کي عالماڻي صاحب ۽ مارشل لا گورنمينٽ دٻائي ڇڏڻ خاطر تعليمي اداري جي هاسٽلن تي پوليس ۽ آرمي کي حملي ڪرڻ جو حڪم ڪيو، نتيجي ۾ ڪيترن بي هٿيار باشعور، غريب ۽ مسڪين هارين جي پٽن کي ناجائز الزامن هيٺ گرفتار ڪري مگهڙت ۽ هٿرادو ڪيسن ۾ ڦاسائي انھن کي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي وڏيون سزائون ۽ ڏنڊ ۽ ان سان گڏ ڪوڙا هڻايا ويا، انھن شاگردن سان گڏ آئون بہ باقائدہ ظلم جو شڪار بنيو آهيان، اگر جي انھن مظلوم شاگردن جي پٺن تان ڪپڙا لاهي ڏسندا تہ سندن جسمن تي تشدد جا ڪارا نشان نمايا نظر ايندا.
1980-02-08 تي پوليس مون کي گرفتار ڪري بدنام ٽارچر سيل ايف آءِ يو ۾ تحقيقات لاءِ آرمي جي حوالي ڪيو هو جتي هنن وحشي جانورن مون کي انسان سوز عذاب ۽ ڏنڀ ڏئي پڇا ڳاڇا ڪئي تہ توهان جي ڪھڙي شاگرد تنظيم وٽ ۽ هٿيار آهن...؟ پئسا ڪٿان ٿا ملن...؟ پمفليٽ ڪٿا ٿا ڪڍو ۽ ميمبر شپ جو رڪارڊ ڪٿي ۽ ڪنھن وٽ هوندو آهي...؟ عالماڻي شريف ماڻھو آهي ان جي خلاف توهان کي ڪنھن ڀڙڪايو آهي، شاھہ محمد شاھ، قمر راڄپر ۽ ابوبڪر سان توهان جا ڪھڙا واسطا آهن ۽ ڇا توهان سڀني جو را سان واسطو آهي يا نہ...؟ وغيرہ جھڙا گهٽيا سوال ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جڏهن هنن جون سڀئي سازشون ۽ اميدون پوريون نہ ٿي سگهيون تڏهن خطرناڪ ڄاڻائي هٿرادو رڪارڊ ۽ ڪيس ٺاهي جيل حوالي ڪيو ويو.
مون جيل جي ٻن سالن جي طويل زندگي ڏھہ فوٽ چورس کوليءَ ۾ گذاري آهي ۽ اڄ بہ آئون مطمئن رهندي پنھنجو وقت پڙهائي سان فائدي مند گذاري رهيو آهيان.
ساٿيو مون کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال سزا ۽ ڏھہ ڪوڙا لڳايا ويا آهن. هن وقت آئون غيرقانوني ڪنھن نامعلوم ڪيس ۾ سالن کان بنا ڪنھن فيصلي جي هلي رهيو آهيان، توهان کي معلوم هوندو تہ اسان جيل ۾ مختلف شاگردن جي تنظيمن سان گڏ بک هڙتال جي ڌمڪي ڏني هئي تہ اسان جا فيصلا ڪيا وڃن ۽ ڪچائي وارو پيرڊ بہ ڏنو وڃي جنھن کان پوءِ مختلف تنظيمن جا تقريبن 7 شاگرد ضمانتن تي آزاد ڪيا ويا آهن، اهڙي طرح مونکي بہ مارشل لا حڪام 1983-02-01 تي ايس.ايم.ايل اي هيڊ ڪوراٽر گهرائي چيو تہ ضمانت لاءِ 30 هزارن جي پراپرٽي سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي تہ اسين توکي آزاد ڪريون ٿا، انھي سلسلي ۾ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي...؟ اهو فيصلو تنظيم جي ساٿين کان وٺڻ مناسب سمجهان ٿو ان لاءِ مون کي تجويز ڪريو تہ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي ڇو تہ آئون هڪ مسڪين هاريءَ جو پٽ آهيان مون وٽ ايتري پراپرٽي آهي ئي ڪونہ، ان لاءِ توهان ساٿي پنھنجي راءِ کان مون کي ضرور آگاھہ ڪندا مون کي انتظار رهندو.