رسول بخش پليجو:
مونکي پليجي صاحب سان ملڻ جي ڏاڍي سڪ هئي ڇو تہ هن همراھہ آڪٽوبر 1978ع جي مشھور ڪيس ۾ منھنجي، علي حيدر شاھہ، قادربخش جتوئي ۽ سرفراز ميمڻ جي وڪالت ڪئي هئي، آڪٽوبر واقعي ۾ هڪ فوجي سپاهي مرڊر ٿي ويو هو، ان جو ڪيس اسان چئن ڄڻن جي مٿان داخل ڪيو ويو هو، مارشل لا طرفان هڪ اسپيشل ٽربيونل يعني اسپيشل مليٽري ڪورٽ ٺاهي ڪيس هلايو ويو، واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ فخرالدين جي ابراهيم هاءِ ڪورٽ جو جسٽس مقرر ڪيو ويوهو، آئون ۽ سرفراز ميمڻ روپوش ٿي ويا هئاسين، باقي علي حيدر شاھہ ۽ قادربخش جتوئي ڊسمبر 1978ع ۾ ڪراچي مان قلندربخش مستوئي جي جڳھہ تان لالااعظم ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ گرفتار ٿي پيا هئا. جڏهن ڪيس هليو تہ يوسف لغاري سان گڏ رسول بخش پليجو بہ شاگردن طرفان ڪيس وڙهيو، هن منھنجي غير موجودگي ۾ دليل ڏئي مون کي بيڏوهي ثابت ڪيو، ٻيو تہ اسين ننڍي هوندي کان شاگرد سياست ۾ پليجي صاحب جو نالو ٻڌندا هئاسين، جڏهن جي ايم سيد سان هوندا هئاسين تہ هن جو نالو ٻڌڻ بہ پسند نہ ڪنداهئاسين.
مگر جڏهن 20 آگسٽ 1979ع تي جي ايم سيد کي ڇڏي الڳ جيئي سنڌ آرگنائيزنگ ڪاميٽي ٺاهي هئي، تڏهن کان اسان جا خيال ڪجهہ قومپرستي جنون کان هٽي ٿڌا ٿيا هئا ۽ پوءِ عوام جون ڳالھيون ڪندڙ ليڊرن سان ملڻ ۽ ڪچھري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، مونکي وڏي اميد هئي ۽ وڏو يقين هو تہ پليجو صاحب سنڌ جي وڏي ڪا شخصيت هوندو، ٻہ ٽن ڏينھن بعد هن مونسان باريڪ ۾ اڪيلي ڪچھري ڪئي ۽ هن کي خبر هئي تہ منھنجا مائٽ پيرصاحب پاڳاري جا مريد آهن،ان ڪري هن معلوم ٿي ڪيو تہ هن ۾ پيرپرستي جو ڪيترو اثر آهي، ان لاءِ هن مونکان سوال ڪيو تہ پير پاگارو سنڌ دشمن آهي سندس 40 هزار ٽرينڊ ٿيل حرمجاهد سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهن جيڪي اڳتي هلي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي هٿن ۾ استعمال ٿيندا؟ مون جواب ڏنو تہ سنڌ جي گهڻائي اڄ بہ پيرن، وڏيرن ۽ مذهبي جنون پرستن جي هٿ ۾ آهي، پاڻ انھن کي سرگرم ٿيڻ لاءِ ڪابہ ڪوتاهي نہ ڪريون اهي ماڻھو سفيد ڪاغذ وانگر آهن جيڪي بہ انگ اکر ٺاهينداسين اهي بيھندا توهان مايوس نہ ٿيو عوام ۾ شعوري اڀار پڻ سائنسي بنيادن تي اچي رهيو آهي، اڳتي هلي هڪ وڏو انقلاب برپا ٿيندو، اڪثر ائين ڪچھريون ٿينديو رهنديون هيون ۽ مونکي اڪثر چوندو هو تہ روز هڪ يا ٻہ ڪلاڪ مون سان ڪچھري ڪرڻ لاءِ ڪمري تي ايندو ڪر ۽ آئون ويندو هئس، سوچيندو هئس ايتري ذهين ۽ هوشيار ماڻھوءَ مان ڪجهہ سکڻ گهرجي، ان ڪري پليجي صاحب جون سڀ ڳالھيون ڌيان سان ۽ سچائي سان ٻڌندو رهندو هئس، ڪڏهن ڪڏهن آئون ڪچھري تي ڪونہ ويندو هئس ان لاءِ تہ متان پليجو صاحب سمجهي تہ ڇوڪرو منھنجي اثر هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن بہ وٽس ڪچھري تي ويندو هئس تہ پھريائين ڪلاڪ ڪميونسٽن جي خلاف تقرير ڪندوهو ۽ پاڪستان جي نقلي ترقي پسندن جي خلاف تمام سختيءَ سان ڳالھائيندو هو ۽ پوءِ چوندو هو تہ ڄام ساقي جھڙو جاهل تہ ڪو آهي ئي ڪونہ، پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي تي پنجابين ۽ بھارين جو قبضو آهي، جيڪي ڪجهہ ماڻھو ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي طوطي وانگر پڙهايو ٿا ڇڏين ۽ ٻاهران ملندڙ رقم کي هضم ڪرڻ لاءِ پنھنجي سماجي حالتن کان ڪٽجي روس جي صحيح توڙي غلط حالتن تي شور مچائيندا، جي ماسڪو ۾ ڪارو ويس تہ هي بہ ڪارو ويس ڪندا، جي ماسڪو ۾ ڳاڙهو يا ٻيو ڪو ويس تہ هي بہ اهو ويس ڪندا ۽ هي سڀ لڪير جا فقير آهن، ان ڪري هتي انقلاب لاءِ خاص رڪاوٽ ۽ مصيبت اهي ئي آهن، پاڻ سڀ انھن جي خلاف جدوجھد ڪيون ۽ انھن ڪوڙن نقلي ترقي پسندن کي عوام جي اڳيان اگهاڙو ڪيون وغيرہ وغيرہ، آئون سندس ڳالھيون ٻڌي ڪمري تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچيندو رهندو آهيان تہ هن جي ڳالھين ۾ ڪيتري صداقت ۽ سچائي آهي.
پليجو صاحب چوندو هو تہ تون مونتي تنقيد ڪندو ڪر ۽ آئون توتي تنقيد ڪندس مون چيو سائين آئون ناچيز توهان جھڙي مدبر شخصيت تي ڪيئن تنقيد ڪريان، مگر پاڻ دليل ڏيندو هو تہ ڪوبه وڏو ۽ ننڍو نہ آهي،غلطيون هر ماڻھوءَ کان ٿينديون آهن، هن جي اها بہ سوچ هوندي هئي تہ هن وقت تائين متاري جي ذهن تي منھنجو ڪيترو اثر ٿيو آهي، مون هن کي ايف.آءِ يو جي ٽارچر جو سڄو احوال ٻڌايو، پوءِ اڪثر چوندو هو تہ توکي ڏسي مونکي خوشي ٿيندي آهي تہ سنڌ ۾ تو جھڙا بھادر نوجوان بہ آهن. هن جي ٻين ٽاپڪن ۾ اهو هوندو هو تہ منھنجو ڪم منھنجي شخصيت انھن ٻن ڳالھين تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالھائيندو هو، سندس ٻيون ڳالھيون تہ آئون برداشت ڪندو هئس مگر اها ڳالھہ مونکي پسند نہ ايندي هئي تہ مون جھڙو هوشيار ۽ مون جھڙو باڪردار ايشيا کنڊ ۾ صرف مائوزي تنگ ٿي گذريو، ٻيو ڪير بہ نہ هو، هڪ ڏينھن مون چيومانس سائين مونکي ڪجهہ سنڌي پھاڪا اچن ٿا چئو تہ ٻڌايان ؟ چيائين بلڪل ٻڌاءِ، مون چيو،
(1) اهو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني..! منھنجي مراد هئي تہ اهڙي رنگين سياست نہ کپي جيڪا انسانيت لاءِ خراب هجي،
(2) مڙس جي ساراه ڪو ٻيو ڪري. ان مان مراد هئي تہ پنھنجي پاڻ ساراھہ ڪرڻ غلط آهي، (3) ڪني ۾ لڀي ڪجهہ ڪونہ لاھہ پاٽ ۾..! ان مان مراد هئي تہ قوت کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ ٿيندو، هي منھنجا پھاڪا ٻڌي ڪجهہ منٽن لاءِ خاموش ٿي ويو ٻہ ٽي منٽن کان پوءِ چيائين تہ سنڌ جي پھاڪن ۾ وڏي معنيٰ سمايل آهي.
شام جو اڪثر چھل قدمي لاءِ نڪرندو هو ڪڏهن ڪڏهن مونکي سڏ ڪري گڏ هلڻ لاءِ چوندو هو، گڏ هلندا هئاسين تہ چوندو هو لطيف جا بيت پڙهندو هل، آئون بيت پڙهندوهئس مونکي ان وقت اٽڪل لطيف جا 50 بيت ياد هوندا هئا، هي بہ بيت پڙهندو هو ءِ معنا ٻڌائيندو هو، مونکي اڪثر چوندو هو تہ مائوزيتنگ جا ڪتاب پڙھہ ڇو تہ هن کي خبر هئي تہ مونکي ڪتاب پڙهڻ جو جنوني شوق هوندو هو، مسلسل جيل تنھائي ايف آءِ يو ۾ غيرانساني موچڙا ۽ ايذاءِ ، سي ڪلاس ۾ ملاقات بندکان پوءِ سٺو ماحول مليو هو۽ مون چاهيوٿي تہ انقلابي دنيا ۾ انقلابي مطالعو تمام ضروري آهي، هيل تائين مون مطالعو گهٽ ڪيو هو صرف سنڌ جي تاريخ ۽ ڪجهہ جي ايم سيد جا ڪتاب پڙهيا هئم ۽ ٻيو مختلف لٽريچر ڪڏهن ڪو ڪتاب هٿ اچي ويو تہ پڙهندو هئس. هتي مونکي سٺا ڪتاب ملي ويا آهن، پھريائين مون ويٽنام پڙهيو پوءِ ڪيوبا، انگولا، چين ۽ بعد ۾ روس جو انقلاب جنھن ۾ مارڪس ازم ۽ لينين ازم جنھن ۾ پھريون ڪتاب مون آڪٽوبر جو انقلاب پڙهيو ۽ پوءِ سويت معاشري جي تاريخ ۽ پوءِ نمبروار ڪتابن جو ڪيڙو ٿي پيس، پڙهندو رهندو هئس ۽ شام جو وارڊ ۾ رهندڙ سڀني دوستن سان بحث مباحثو ڪندو رهندو هئس، بحث ۾ پليجو، فاضل راهو، شاھہ محمد شاھہ، ابوبڪر، قمر راڄپر ۽ رحمت ﷲ هسباڻي حصو وٺندا هئا. سڄي بحث ۾ ساغر سميجو نمايا رهندو هو ۽ سڀن کي منھن ڏيو ويٺو هوندو هو.
جڏهن تہ قمر راڄپر پليجي صاحب جي مڪمل اثر هيٺ هو، جنھن جي صلاح سان هن همراھہ اسان جي تنظيم جو منشور ۽ آئين تيار ڪيو، جنھن جي مدد لاءِ پليجي صاحب تحريڪ رسالي جي ايڊيٽر عالم شاھہ کي مقرر ڪيو هو، قمر راڄپر سڄو ڏينھن پليجي جي ڪمري ۾ سندس حاضري ۾ رهندو هو، بلڪہ اسان کي بہ چوندو هو تہ توهان بہ پليجي صاحب سان ڪچھريون ڪندا ڪريو، اسان وٽ هر جمعي تي ڪاري چڪر مان بند وارڊ ٻہ ساٿي جن مان هڪ کي 25 سال ۽ ٻئي کي 14 سال قتل جي ڪيسن ۾ سزا مليل آهي، انھن ٻڌايو تہ علي حيدر شاھہ ۽ قادربخش جتوئي هر تاريخ تي جمعي جي ڏينھن ڪچھري تي ايندا آهن، ڇو تہ اهي ٻئي همراھہ خيرپور جيل ۾ پليجي صاحب سان گڏ رهيا آهن، ان ڪري انھن مان علي حيدر شاھہ کي پليجو صاحب پنھنجو ڪري ويو آهي ان جومثال آهي تہ علي حيدرشاھہ جڏهن بہ ايندو آهي تہ پليجي صاحب سان ڪچھري ۾ رڌل رهندو آهي. ميٽنگس ۾ اسان جڏهن بہ بحث مباحثو ڪندا آهيون تہ علي حيدر شاھہ مائوزيتنگ کي مڪمل انقلابي ۽ پنھنجو اڳواڻ ثابت ڪندو آهي، باقي قادربخش جتوئي مارڪس ازم ۽ شوشل ازم جو گهرائي سان مطالعو ڪيو آهي، جيڪو وري ڄام ساقي وارن سان هم خيال محسوس ٿيندو آهي.هاڻي تہ مزو وڌي ويو آهي، اسان مان عنايت هيسباڻي ڇوڪرو هوندي تمام سٺو مطالعو ڪيو آهي، آئون، عبدالسميع ۽ عنايت وري قادربخش جتوئي سان ڪچھريون ڪندا هئاسين، عنايت هيسباڻي اڪثر پليجي کي چيڙائيندو هو، سندس ڪمري جي ٻاهران ڪلام چوندو هوتہ (بس ڪر ڀونڪڻ اڙي ڪتا....... اڙي چمڙو اڙي چمڙو تہ ڏسو........)اها ڳالھہ پليجي کي ڏاڍي ڏکي لڳندي هئي ۽ قمرراڄپر کي چوندو هو تہ توهان جو ڇوڪرو خراب ٿي پيو آهي، ڊينڊڙن جي چڪر ۾ اچي ويو آهي ۽ مونکي گهٽ وڌ ٿو ڳالھائي، قمرراڄپر وري شاھہ محمد شاھہ کي چوندو هو، شاھہ محمد شاھہ کي وري جي قمر راڄپر چئي تہ رات ڏينھن آهي ۽ ڏينھن رات آهي تہ شاھہ محمد شاھہ انڪار نہ ڪندو آهي، پوءِ شاھہ محمد شاھہ وري رحمت ﷲ کي دانھن ڏيندوآهي، پوءِ رحمت ﷲ وري اچي عنايت ﷲ کي دٻ پٽيندو آهي، پوءِ آئون ۽ سميع کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون تہ هي ننڍڙو ڪارڪن آهي غلطيون سڀ ڪو ڪري ٿو، ان ڪري کيس ايترو پريشر نہ وجهو جو ذهني طور باغي ۽ منتشر ٿي وڃي هڪ ڏينھن شاھہ محمد شاھہ اچي بگڙيو، ڇا ٿيو جو علي حيدر شاھہ جو ريڊيو عنايت هسباڻي ساغر سميجو کي ڏنو، ان تي قمر راڄپر ڪاوڙجي چيو، تہ عنايت هسباڻي، ريڊيو ڄام ساقي ڏانھن موڪليو آهي، ۽ هتان ليٽر بہ لکي موڪلي ٿو، پوءِ تہ شاھہ محمد شاھہ صفا ڳاڙهو ٿي ويو، وڃي قمر راڄپر جا ڪن ڀريائين، قمر راڄپر وري رحمت ﷲ کي دانھہ ڏني ۽ ڀڙڪايو، رحمت ﷲ وري مفادپرست هجڻ سان گڏ قمر جو خاص ايجنٽ هو جنھن اچي عنايت سان ڪمري نمبر پنج ۾ ناراضگي سان بحث ڪيو، مون ۽ سميع کيس سمجهايو، پر اسان ٻنھي کي ان ڳالھہ تي اڃا وڌيڪ ڏک ٿيوجو رحمت ﷲ کي ٿڌو ڪري موڪليو سين تہ گهڙي گذري تہ شاھہ محمد شاھہ دروازي تي اچي عنايت کي گهٽ وڌ ڳالھايو ۽ غير اخلاقي ٻولي استعمال ڪئي، ۽ رڙ ڪري چيو اڄ کان پوءِ جيئي سنڌ آرگنائيزنگ ڪاميٽي مان نڪري وڃ تو جھڙا غدار اسان کي نہ کپن ..!! هليو وڃ پنھنجي ڏاڏن ڊينڊڙن ڏي..!!.؟ بھرحال کيس انتھائي غير اخلاقي ٻولي ۾ ڳالھايائين، مون کان برداشت نہ ٿيو، مون وڌي شاھہ محمد شاھہ کي چيو توهان وڏا آهيو، ڪجهہ خيال ڪريو ٻار سان ايڏي ڏاڍ مڙسي چڱي نہ آهي..!؟منھنجي مداخلت سان رهندو شاھہ محمد شاھہ جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، ڪاوڙ وچان ڏڪڻ لڳو ۽ چيائين هن جو دماغ تو ۽ سميع خراب ڪيو آهي، ائين چوندو هليو ويو، شاھہ محمد شاھہ جي اهڙي اڍنگي رويي تي عنايت ڏکارو ٿي پيو،ٻئي ڏينھن ميٽنگ گهرائي جنھن ۾ شاھہ چيو عنايت ميٽنگ ۾ نہ اچي، رات جو واڪ ڪندي سميع مونکي چيو عنايت پنھنجي تنظيم جي ڪري جيل ۾ آيو آهي، ان ڪري جي هن کي ميٽنگ ۾ نہ ٿو گهرايو وڃي تہ پاڻ بہ نہ هلنداسين، پوءِ اسان بہ صبح واري ميٽنگ ۾ نہ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، مون شاھہ محمد شاھہ کي سڏ ڪري پنھنجي ڪمري ۾ آندو ۽ سميع کي بہ وٺي آيس، ٻنھي گڏ جي شاھہ کي چيو تہ توهان اسان ٻہ ٽن ڏينھن بعد غازي خاصخيلي جيڪو جنبي قيدي آهي، اسان جي وارڊ ۾ ٻاهر جي ڪم لاءِ مقرر ٿيل آهي، جنھن ڪلمو پڙهي ٻڌايو تہ مون پليجي صاحب کي زور پي ڏنا تہ ان مھل قمر راڄپر آيو تہ پليجي صاحب ان کي چيو تہ عنايت کي دٻ پٽراءِ ان ڪري اهيو ڊرامو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ ريڊيو تہ سميع مڱريو علي حيدر شاھہ ڏي موڪليو هو، پليجي جون اهڙيون حرڪتون، جنھن سان دوستن جي وچ ۾ فوٽ وجهڻ ۽ هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ جي عادتن جي ڪري نفرت جو ٻج ذهن ۾ ڦٽي پيو.
هڪ ڏينھن ثقافتي پروگرام ۾ لطيف جا بيت پڙهيا ويا، جنھن ۾ ٽي انعام رکيل هوندا هئا جيڪي تقريبن پروگرامن ۾ آئون کٽيندو هئس، ان ڏينھن انعامن ورهائڻ لاءِ جج پليجي صاحب کي مقرر ڪيو ويو، مون بہ لطيف جا ٽي وڏا ۽ سٺا بيت ياد ڪيا، پنھنجي مخصوص انداز ۾ پڙهيا ۽ ٻين بہ پڙهيا، اسلم پرويز جيڪو پليجي صاحب جو اڳ ڄائو پٽ آهي، ان هڪ بيت غلط پڙهيو ۽ ٻيا ٻہ بہ جھڙاتھڙا پڙهيا جيڏي مھل انعام ورهايا ويا تہ پليجي صاحب پھريون انعام اسلم پرويز کي ٻيو مونکي ۽ ٽيو سميع مڱريو کي ڏنو، جيڏي مھل گڏجاڻي ختم ٿي تہ مون پليجي صاحب کي چيو تہ توهان جانبداري نہ ڪئي آهي، اسلم کي پنھنجو پٽ ۽ سياسي مالڪ سمجهي انعام ڏنو آهي، پليجو اهو ٻڌي ڪاوڙجي هليو ويو. هڪ ڏينھن ابوبڪر ۽ اسلم برداشتن جي گڏجاڻي ڪري کين ڪم ڪار سمجهائي رهيا هئا، آئون بہ ان ڪاميٽي جو ميمبر هجڻ ڪري وڃي پاسي ۾ ويٺس، ڇاهو تہ، برداشتي ميوو ڀنڊ ٻاهر جي ڪم ڪار لاءِ مقرر ڪيو ويو هو، پر جيڪو صرف قمر راڄپر جو ڪم دلچسپيءَ سان ڪندو هو ۽ مونکي عنايت کي ۽ سميع کي ڪونہ ڪو سبب ٻڌائي ڪم نہ ڪندو هو، انڪري مون هڪل ڪري چيو تہ اهو همراھہ ٻاهر جي ڪم لاءِ نہ رکو اسان جو ڪم ڪونہ ٿو ڪري، ان تي اسلم پرويز مونکي چيو تہ تون چپ ڪري اٿي وڃ تنھنجو ڪجهہ بہ نہ وڃي، ان تي مونکي ڏاڍي مٺيان لڳي ماٺ ڪري اٿي وڃي ٻاهر بينچ تي ويٺس، پھريائين سوچيم اسلم کي گلي مان وٺي ٻہ ٽي ٺونشا وهائي ڪڍان.! پر بھتر سمجهيم تہ دوستن کي شڪايت ڪجي سڀني کي چيم تہ ادا اهيو سڀ ڪجهہ پاڻ سان پنھنجي ساٿين جي ڪري ٿئي پيو، شاھہ محمد شاھہ پري ويٺو هو ۽ اسلم ٻاهر نڪري وري ڊيگهہ ڪرڻ لڳو قمر کي داستان ٻڌائي مونکي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، مون چيومانس هاڻي تون وڌي ٿو وڃي، اسانکي مجبور نہ ڪر ور نہ ٻنھي لاءِ سٺو ڪونہ ٿيندو.! ائين چئي آئون پنھنجي ڪمري ۾ هليو ويس، سميع اچي مونکي چيو تہ اهو سڀ ڪجهہ پنھنجي دوستن جو پليجي صاحب جي اثر ۾ اچي وڃڻ ڪري ٿي رهيو آهي، ان ڪري اسلم جو مٿو خراب ٿي پيو آهي، جڏهن پليجي صاحب کي اسان جي ڊسڪس جي خبر پئي تہ ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ يڪدم سندس تنظيم جي گڏجاڻي گهرائي فيصلو ڪيائين تہ پاڻ کي وارڊ جي سڀني ڪاميٽين تان استعيفا ڏيڻ گهرجي، اهو فيصلو شاھہ محمد شاھہ کي ٻڌايائين ان اچي مونکي ٻڌايو، مون شاھہ کي سموري ڳالھہ ڪري ٻڌائي شاھہ چيو تہ پوءِ هو سڀ استعيفائون ڏين ٿا اوهين ڪم سنڀاليو، مون چيو هڪ تہ بي واجبيون بہ هو ڪن، وري يڪدم استعيفائن جون ڌمڪيون پيا ڏين، ڪجهہ توهان بہ اسان جي عزت جو خيال ڪريو، شاھہ چيو تون ماٺ ڪري ويھہ مان انھن کي تنھنجي طرف کان پرچايان ٿو، مون چيو ڪھڙو لاچار آهي، شاھہ چيو اها توکي خبر نہ آهي بھرحال اندروني ڳالھہ تہ الائي ڇا هئي، پليجي صاحب ۽ شاھہ محمد شاھہ جي وچ ۾ ڪھڙي ڳالھہ ٿي مون کي خبر نہ آهي، هاڻ اٽڪل ڏيڍ مھينو گذري ويو آهي تہ پليجو صاحب مون سان نہ ڳالھائيندو آهي.
هڪ ڏينھن آئون سندس ڪمري ۾ ويس چيو مانس افسوس تہ تو جھڙو ڏاهو ۽ مدبر ماڻھو اسان کان ناراض ٿي ويو آهي، توهان منھنجي ۽ اسلم جي ضد کي هڪ طرفو نہ ڏسو ها ۽ جنھن جي غلطي هجي ها تہ ان کي سزا ڏيو ها.؟ پليجي چيو، رڳو اها ڳالھہ نہ آهي ٻين الاهي جڳھن تي تون اسان جي راءِ جي مخالفت ڪندو رهندو آهين، مون چيو غلط ڳالھيون هجن تڏهن بہ حمايت ڪجي ..؟ هن چيو اتي ميٽنگ ۾ حمايت ڪبي آهي پوءِ پنھنجي منھن سمجهائبو آهي، جيئن قمر راڄپر، شاھہ محمد شاھہ ۽ رحمت ﷲ هيسباڻي ڪن ٿا.مون کلي ٽوڪ جي انداز ۾ چيو، سائين ٺيڪ آهي جيئن ٻيا ڪن ٿا تئين مان بہ ڪندس، ٻہ ٽن ڏينھن کان پوءِ مون وري هن وٽ وڃڻ شروع ڪيو، هن وري مون ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتي، پوءِ خبر پئي تہ هاڻي وري قمر، ابوبڪر ۽ شاھہ سان ڪونہ ٿو ٺھي، همراھہ اچي مرليون وڄائي، روز منھنجي غير ضروري ساراھہ ۽ ٻيون مختلف تقريرون ، جيئن تہ انھيءَ وقت قمر ۽ شاھہ مونکي فاضل راهو سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪيو، اهو ان ڪري تہ جيئن فاضل ۽ پليجو مونتي ڪم ڪن، اهو بہ پليجي جي چوڻ تي ڪيو ويو هو، هڪ ڏينھن صبح سوير جيئين کوليون کليون تہ پليجو منھنجي ۽ فاضل جي کولي نمبر 7 ۾ آيو ۽ فاضل کي چيائين تون وڃي چانھہ ٺاھہ ۽ آئون ۽ ڏاڏو ڪچھري ٿاڪريون، پوءِ مونکي ويھي سمجهايائين ۽ پنھنجي تنظيم ۾ شموليت لاءِ قانوني طور دعوت ڏنائين، چيائين اڳي توکي ائين چوندا هئاسين مگر اڄ آئون توکي هلي دعوت ڏيڻ آيو آهيان، تو جھڙن ماڻھن جي اسان جي تنظيم ۾ سخت ضرورت آهي، اڄ کان تون اسان جو ميمبر ٿي توکي ڪير بہ ڪجهہ نہ چوندو، آئون هن جا دليل ۽ ڳالھيون خاموشي سان ٻڌندو رهيس، هن دليل ڏئي بس ڪئي تہ مون چيو سائين ڪوبه فيصلو ڪجي تہ سوچي سمجهي ڪجي مونکي ڪجهہ وقت ڏيو هن چيو، ٺيڪ تو کي ٻہ ٽي ڏينھن سوچڻ لاءِ ڏيان ٿو، پوءِ هي مسلسل ٽي ڪلاڪ ليڪچر ڪندو رهيو، ٻئي ڏينھن مون ۽ سميع مڱريو ان تي بحث ڪيو، ان نتيجي تي پھتاسين تہ هي سڀني کي بيوقوف بنائي پنھنجي تنظيم ۾ آڻڻ چاهي ٿو، ان لاءِ فيصلو ڪيو سين تہ پاڻ بہ بچبو ۽ ٻين دوستن کي بہ بچائبو.
ان وقت اسان جي وارڊ کان ڏکڻ ڪورٽ جي ڀرسان اي ڪلاس ۾ جيئي سنڌ صالحين جا دوست رسول بخش ٿيٻو، قمرڀٽي، عبدالواحد آريسر، صمد ڪانڌڙو، علي محمد شاھہ لڪياري، شيخ مجيب الرحمان ۽ غلام نبي سومرو رهندا هئا، هنن همراهن جي پليجو صاحب سخت مخالفت ڪندو هو، سپرنيٽينڊنٽ کان راند جي بھاني اجازت وٺي شام جو روز ڪلاڪ اتي وڃي سياسي ڪچھريون ڪندو هو، انھن سان وري اسان جي خلاف ڳالھائيندو هو، جيڪي خبرون وري اسان کي صمد ڪانڌڙو ٻڌائيندو هو.
بھرحال پليجي صاحب جي طبيعت جنوني چيڙاڪ ۽ ضدي هوندي هئي نظرياتي طرح مائو پرست ۽ قوپرستي جا اثر هئڻ ڪري هڪ هٽي ۽ شخصيت پرستي واري طبيت جو مالڪ هجڻ سان گڏ ٻن کي ويڙهائي برغلائي انھن جي تضاد مان ڀرپور فائدو وٺڻ وارو شخص سدائين بيمار روز ٻن برداشتين کان زور ڏياريندو آهي، وهنجي ڇھن مھينن ۾ هڪ دفعو، پر تمام اٽڪلي سياڻو مگر ڪو شل نہ سندس ساراھہ ڪري پوءِ تہ ان همراھہ کي چوندو واھہ واھہ بس آهين ڪو تون..! جيترو وقت گڏ رهياسين تہ روز ڪونہ ڪو مسئلو هوندو ئي هوندو هو ۽ پوءِ جڏهن آئون هن کان هٽڻ لڳس ۽ مون هن کي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪو بہ جواب نہ ڏنو، مون روس جي انقلاب جا ڪافي ڪتاب پڙهڻ بعد روس جي انقلاب تي ڪچھريون ڪرڻ شروع ڪيون تہ پوءِ هي همراھہ منھنجي سخت خلاف ٿي پيو، اسان جي همراهن قمر راڄپر، ابوبڪر زرداري، رحمت ﷲ هسباڻي ۽ شاھہ محمد شاھہ کي منھنجي ۽ سميع مڱريو جي خلاف تيار ڪري ڇڏيائين، مٿيان دوست جيترو بہ گڏ رهيا اسان سان اهڙيون تہ تعديون ڪندا رهيا جو ڇا لکجي وڌيڪ ذڪر آئون ٻئي هنڌ ڪندس.