شمس گوپانگ ۽ دودو مھيري کي ڪوڙا لڳايا ويا
سڀئي دوست اچي مون واري ڪمري تي گڏ ٿيا آهن، مون سليمان ۽ امداد کي چيو تہ همراهن کي روانو ڪجي پوءِ انقلابي گيت سان تہ ”هٿ ۾ ريٽو جهنڊو اڀ تائين جهوليندو، او ساٿي اهڙو ڏينھن ايندو او ساٿي“ آهستي آهستي وک وک ۾ زور سان انقلابي گيت وڏي سوز ۾ ڳائيندا همراهن کي ڇڏڻ پي وياسين ائين لڳو ڄڻ ڪنھن محاذ تي وڃي رهيا هجون ۽ دشمن سامھون حملي لاءِ تيار آهي، دروازي تي پھچي سڀ قطار ۾ بيٺاسين، انقلابي گيت ختم ٿيو تہ ٻنھي دوستن جبل جھڙي مضبوط عزم سان اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيان ۽ روانا ٿي ويا، اسان سڀني اتي دروازي تي بيھي سندن اچڻ جو انتظار ڪيو، جمعدار يڪدم دروازي کي تالو هڻي چاٻيون سوٽ جي کيسي ۾ وڌيون، ڪجهہ دوست سيون ۽ سڳا کڻي آيا سامھون بيٺل ٻوٽن مان گل پٽي هار ٺاهيا ويا ڪوبہ خوف نہ هو اصل کل ۽ ڀوڳ لڳا پيا آهن، دوستن چيو تہ شمس گوپانگ ميجر کي گاريون بہ ڏيندو ۽ ڪٿي کيس ڌڪ بہ نہ هڻي ڪڍي، ڪنھن وري دودي لاءِ چيو آخر هڪ ڪلاڪ کان پوءِ معلوم ٿيو تہ همراھہ ٻئي اچن پيا ٻنھي دوستن اچڻ شرط نعرو لڳايو دودي چيو جيئي سنڌ ۽ شمس نعرو هنيو جيئي شوشل ازم جئين ئي جمعدار در کوليو تہ سڀني دوستن کين ڀاڪر پائي خراج تحسين پيش ڪيو، ٻنھي کي ڪاميابي تي گل پھرايا ويا پوءِ وڏي چاھہ ۽ انقلابي گيت سان باريڪ ڏانھن روانا ٿياسين، ائين پي لڳو تہ ڄڻ ٻئي دوست دشمن کي دفن ڪري آيا آهن، شمس ڪمال ڪيو جو ٽڪٽڪي تان لھي نعرا هنيا جيئي سنڌ جئي پورهيت عوام مارشل لا مردہ آباد، آخر ۾ ميجر کي ڀيڻ تي گار ڏنائين ۽ دودي مھيري بہ جيئي سنڌ جا نعرا هنيان، ڪجهہ دوستن پاڻي گرم ڪري شيشي ۾ وجهي کين مالش ڪئي ڪي وري چانھہ ٺاهڻ ۾ لڳي ويا، ان کان پوءِ محفل موسيقي جو پروگرام ٿيو مون امداد، سليمان، قربان ۽ لطيف لغاري انقلابي گيت گڏجي ڳايو اهڙو تہ جذبي سان گيت ڳايوسون جو مٽ ئي ٽوڙي ڇڏيو سين سڀني دوستن تاڙيون وڄائي داد ڏنو ائين محفل پنھنجي پڄاڻي تي پھتي.