شمس گوپانگ ۽ مرتضيٰ مرڙاڻي جو جهيڙو
شمس گوپانگ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو
اڄ 1982-05-04 تي امداد چانڊيو، شير محمد مڱريو ۽ خان محمد جي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ شنوائي هئي، جيڪي صبح جو روانا ٿي ويا، بعد ۾ مون ڊاڪٽر کي پرچي لکي تہ ضرور اسان جي وارڊ ۾ اچو، اٽڪل 10 بجي ڊاڪٽر وارڊ ۾ آيو جنھن همراھہ کي داخل ڪرڻ جو آرڊر ڪيو، شمس صفا پڙ ڪڍي بيٺو تہ آئون ڪونہ داخل ٿيندس وڏين منٿن کان پوءِ همراھہ ان ڳالھہ تي راضي ٿيو، کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايوسين، پوءِ هن کي ڪپڙا وغيرہ ٿيلھي ۾ وجهي جوابدار ڪليري سان گڏي موڪليو جيڪو شمس کي اسپتال ڏانھن وٺي ويو، منجهند جي ماني کائي ڪمري ۾ ويٺو هئس تہ سپاهي وٺڻ آيو تہ توکي سپرنيٽينڊنٽ گهرايو آهي، مان سپاهي سان گڏ ويس سپاهي مونکي آفيس ۾ وٺي ويو، جتي شيرازي جيلر ۽ حيدرالزمان جيلر ويٺا هئا، جن کي معاملي جي رپورٽ اڳ ۾ ملي چڪي هئي، هنن چيو تہ شمس گوپانگ ويندي چئي ويو آهي تہ آئون واپس اچي شاگردن سان گڏ نہ رهندس منھنجو ڪٿي ٻئي هنڌ بندوبست ڪيو وڃي، هي پاڻي جي هود تان نہ ڪريو آهي هن سان ڪير وڙهيو آهي ؟ ان ڪري اسين ايڊمنسٽريشن پوائنٽ آف ويو کان ايڪشن کڻندا سين، اگر جي ڪو شاگرد مري پوي تہ پوءِ ڪير ذميوار آهي.؟ هنن اڳ ئي سبب پي ڳولھيا تہ ڪا شاگردن جي غلطي سامھون اچي، هاڻ هنن کي سبب ملي ويو هو، هنن اڳ ئي راڳ پي ڳايو تہ شاگردن جا پاڻ ۾ اختلاف آهن، مون پنھنجا دليل شروع ڪندي چيو تہ ڪو بہ شعوري يا پلاننگ سان جهيڙو نہ ٿيو آهي، پاڻ ۾ ڇوڪرن ڀوڳ پئي ڪيا شمس جو پير ترڪي ويو ان ڪري ڌڪ لڳو اٿس ان ڪري پاڻ ۾ اٽڪي پيا هئا، باقي ڪا بہ سياسي ويڙھہ نہ آهي، اسين پاڻ هنن جو ٺاھہ ڪرائيندا سين توهان کي ڪا بہ لکت ۾ شڪايت نہ ملي آهي ان ڪري اهو نج شاگردن جو اندريون معاملو آهي اگر توهان مداخلت ڪندءُ تہ ڇو...؟ ۽ ڪھڙن سببن جي ڪري، آئون پاڻ سڀاڻي اسپتال ۾ شمس سان ملندس ۽ هنن جو پاڻ ۾ ٺاھہ ڪرائينداسين، پوءِ جيلر ڪجهہ سوچيو ۽ چيو ٺيڪ آهي پوءِ تون پاڻ ذميواري کڻ تہ اهڙو ڪو بہ اڻوڻندڙ واقعو نہ ٿيندو، مون چيو اها منھنجي ذميواري آهي هنن جو ٺاھہ ڪرائي توهان کي اطلاع ڏيندس اگر ٺاھہ نہ ٿيو ۽ جهيڙي جو امڪان ٿيو تہ تڏهن بہ توهان کي اطلاع ڏينداسين ائين هن کي دليل ڏئي قائل ڪري واپس وارڊ ۾ موٽي آيس.
ساڳئي جهيڙي جي باري ۾ ميٽنگ؛
اڄ 1982-05-05 تي بہ ساڳيو مسئلو درپيش هو ڪيترن ئي ڪوششن جي باوجود ڪنھن بھتر پوزيشن تي نہ پھچي رهيو هو، ان ڪري سوچيو سين تہ وري تنظيمي ميٽنگ ڪرائجي ۽ ڪجهہ تنظيمي فيصلا ڪجن، پوءِ گڏيل طور ڪو حل ڪڍجي ان ڪري صبح اٽڪل 9 بجي سڀني دوستن کي آگاھہ ڪيم هرهڪ غلام رسول زرداري،غلام نبي خشڪ، عنايت هيسباڻي، خان محمد لغاري، غوث علي شاھ، سڪندر ابڙيجو ۽ رضا شاھہ باقي عبدﷲ شاھہ شرڪت نہ ڪئي ڇو تہ سڪندر ابڙيجو سان هن جا ذاتي اختلاف هئا، سڀني دوستن گڏجي معاملي تي مختصر روشني وجهي اهو فيصلو ڪيو تہ هاڻ تنظيمي گڏجاڻي هر هفتي ٿيندي رهندي جنھن ۾ پنھنجي ڪارگردگي جو جائزو وٺبو ان لاءِ ميٽنگ وغيرہ ارينج ڪرائڻ لاءِ غلام رسول زرداري کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، پوءِ غلام رسول کي ڪارروائي هلائڻ لاءِ چيو ويو تہ سڀني دوستن کان شمس لاءِ راءِ وٺي، تہ هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي، سڀني دوستن اها راءِ ڏني تہ شمس گوپانگ جو ۽ مرتضيٰ مرڙاڻي جو جهيڙو ذاتي حجت جو ۽ انفرادي آهي، هتي مختلف تنظيمن سان تعلق رکندڙ دوست ڪجهہ ضابطن جي بنياد تي گڏ رهون ٿا، اهي بہ پنھنجا ئي جوڙيل آهن اگر پاڻ جانبدار ٿي تنظيمي دوستن جي پاسي کان مرتضيٰ تي ڪو ايڪشن کڻنداسين تہ سڀ ڪجهہ ڪري سگهون ٿا.مگر ان جو نتيجو اهو نڪرندو تہ ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿيندي ۽ ٻيو تہ سڀ دوست چوندا اڪيلي تي ايڪشن کنيو اٿن ان ڪري چاچي شمس گوپانگ کي سمجهائڻ گهرجي تہ ٺاھہ ڪيو وڃي، ان لاءِ مونکي شمس سان ڳالھائڻ لاءِ اسپتال وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو.