ڊڪلريشن تي بحث مباحثو
نوٽ: (ڊڪليئريشن تي اين پي پي جي صدر ڊاڪٽر اعزار نظير ۽ پي اين پي جي صدر مير غوث بخش بزنجو جون صحيحون ٿيل آهن.
هن اتحاد جي خاص ضرورت هن وقت اها آهي جو فوجي ڊڪٽيٽرشپ ملڪ اندر وحشيت ۽ بربريت ۽ غير جمھوري نظام جوڙي ظلم جي انتھا ڪيو ويٺي آهي، بعد ۾ ڪجهہ ڪچھري ڪندي شاھہ محمد شاھہ سڀني دوستن مان پھريائين مونکي چيو تہ تون ان تي پنھنجو رايو يا موقف بيان ڪر.
مون چيو پنج جولاءِ 1977ع کان ڊڪٽيٽر جرنل ضياءُالحق ۽ سندس فوجي ٽولو ۽ جهموريت دشمن سندس اتحادي پوليٽيشنس غير آئيني طريقي سان ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اوندو ڪري ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن، هنن کي اٽڪل پنج سال ٿيڻ وارا آهن بلڪہ پاڪستان جا سرمائيدار ۽ جاگيردار بہ هن فوجي ٽولي سان گڏجي ملڪ جي مظلوم عوام جا حق غذب ڪري انھن مٿان ظلم ڪري رهيا آهن، هنن جي دور اقتدار ۾ مسلسل ترقي پسند ۽ کاٻي ڌر جي سياسي ليڊرن کي ظلم ۽ ڏهڪاءُ جو نشانو بنايو پيو وڃي، مثال طور عوام جي حقن جي ڳالھہ ڪندڙ ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ نوجوان طبقي ۽ شاگردن کي اسلام جي آڙ وٺي اسپيشل ڪورٽن ۾ ڪيس هلائي ڳريون سزائون، ڪوڙا ۽ ڏنڊ لڳائي هي ملڪ دشمن ٽولو پنھنجي آقا آمريڪا کي خوش ڪرڻ ۽ پنھنجي اقتدار کي اينگهائڻ لاِءِ انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙي بيٺو آهي، بلڪہ هن فوجي ٽولي جي دور اقتدار ۾ ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم جو تختو ڪلٽي ڪري کيس ڦاهي تي چاڙهيو ويو آهي، ان کان علاوہ نوجوان ترقي پسند شاگرد اڳواڻ شھيد نظير عباسي کي ايف آءِ يو جي وحشي ٽارچر ۾ شھيد ڪيو آهي، حميد بلوچ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي کيس ڦاهي تي لٽڪايو ويو آهي، شوڪت چيما ڪراچي يونيورسٽي جي ترقي پسند نوجوان کي جماعت اسلامي جي غنڊن طرفان قتل ڪيو ويو آهي، اهڙو ظلم ۽ مصيبت آهي پوءِ بہ جيڪي ترقي پسند قوتون ۽ گروپ آهن اهي موچڙا پيا کائين ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿارين پيا ان ڪري ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ سڀني ترقي پسند گروپن ۽ پارٽين کي ملي ڪري هڪ پليٽ فارم تي منظم طريقي سان هنن ظالم قوتن خلاف ڪو جامع ۽ مضبوط محاذ کڙو ڪرڻ گهرجي تہ جيئن هنن وحشي جابرن کي ثابت ڪري ڏيکارجي تہ ملڪ جو مظلوم عوام اوهان جي ظلم مان ڪيترو بيزار آهي، توهان کان نفرت ڪري ٿو ۽ ملڪ ۾ تبديلي چاهي ٿو.
هڪ پليٽ فارم تي گڏجي هڪ قوت ٿي اڀرڻ سان اسين بين الاقوامي ترقي پسند قوتن جي ڪا مدد بہ حاصل ڪري سگهون ٿا مگر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسين سڀ اختلاف وساري منظم ٿي وڏي هوشياري ۽ همٿ سان مھم هلائي سگهون ۽ بين الاقوامي حمايت حاصل ڪري سگهون پر ان ڳالھہ جو تما م گهڻو خيال ڪيو وڃي تہ اسان سان گڏجي ڪو بہ بورجوازي موقعي پرست ظالم قوتن جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري وڃي ۽ اسان جي هلچل کي نقصان پھچائي وڃي ان لاءِ پاڻ سڀني کي اهڙن معيارن سان ۽ ايمانداري سان سوچي سمجهي ترقي پسند قوتن کي گڏ کڻڻو پوندو جيڪي گروپ يا سياسي جماعتون ايمانداري واري ترقي پسند سوچ ۽ عمل جون مالڪ هجن ۽ جابرن جي هر ظلم ۽ ڏاڍ جو منھن ٽوڙ جواب ڏئي سگهن ڪيڏي بہ تڪليف اچي وڃي تہ پوءِ بہ ثابت قدم ۽ منظم رهن.
مون کان پوءِ ٻين دوستن کان بہ راءِ ورتي وئي سڀني دوستن منھنجي موقف جي حمايت ڪئي، پوءِ ڊپٽي سپرنيٽينڊنٽ اچي ويو جنھن چيو تہ ملاقات جو ٽائيم ختم ٿي ويو آهي دوستن چانھہ پيتي پوءِ موڪلائي هليا ويا، اسين پنھنجي وارڊ ۾ موٽي آياسين منھنجي ڪمري تي ڊڪليريشن تي بحث ڪرڻ لڳاسين.
جيل ۾ رهڻ لاءِ منھنجو پنھنجو رايو؛
اڄ 28 مئي 1982ع تي هن ڏھہ فٽ ڊگهي ۽ پنج فٽ ويڪري سخين واري دروازي واري کولي ۾ مونکي لاڳيتو 28 مھينا ٿي ويا آهن، ڪن ماڻھن جو چوڻ آهي تہ جيل ڪابہ ڳالھہ نہ آهي ڪي چون تہ جيل وڏو عذاب آهي، پر آئون اهڙن ٻنھي رايو رکندڙ ماڻھن سان اختلاف رکان ٿو.
منھنجو خيال آهي تہ بھادر ۽ علم دوست ماڻھن لاءِ جيل ڪاٽڻ ڏکيو نہ آهي، ڇوتہ اهڙن پريڪٽيڪل ماڻھن تي گهڻو ڪري فطري طرح اهو احساس حاوي رهي ٿو تہ مون حق ۽ انصاف جي ڳالھہ ڪئي آهي ۽ هي وحشي آدم خور ظالم مونکي ان جو بدلو اهو ٿا ڏين تہ مان جيل ۾ تنھا رهان ۽ پنھنجي موقف تان هٽي وڃان، اهڙين سوچن جي تضاد ۾ اچي ماڻھو ضدي ٿي جيل ۾ لوچيندو آهي ۽ لوچي سوچي پڪو ۽ پختو ٿيندو آهي، تخليق ۽ کوجنا ڪندو آهي بلڪہ پنھنجي مستقبل جي حڪمت عملي کي پختو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مطالعو ڪندو آهي، هن ظالم وحشي انسان دشمن سماجي ڪيڙن کان بغاوت لاءِ ذهني طرح تياري ڪندو آهي، پاڻ کي انقلابي سوچ ۽ عمل سان ليس ڪندو آهي، لوچي پوچي پاڻ ۾ مستقل مزاجي پيدا ڪندو آهي، ڪم ۽ سماجي سڌاري لاء ھر وقت سرگرم پل بہ نہ ويھجي آرام سک ڦٽل ھوندو پر شخصيت ۾ بي خوف آرام ۽ سڪون سان هوندو آهي پر تمام سنجيدہ هوندو آهي ڪڏهن بہ لاپرواهي نہ ڪندو آهي.
ڪي ماڻھو چوندا آهن تہ جيل ڪاٽڻ ڏکيو آهي اهو صرف انھن ماڻھن جوخيال آهي، جيڪي جيل ۾ بنا ڪنھن مقصد ۽ پروگرام جي جذباتي ۽ لاشعوري فيصلن جي ڪري ايندا آهن، جن کي پنھنجي ذميدارين جو ڪو بہ احساس نہ هوندو آهي، جيل ۾ سھولتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ تمام ڪريل حرڪتون ۽ بزدلانا طريقا استعمال ڪندا آهن سڄو ڏينھن ننڊ جي چڪر ۾ جيڪا مشڪل سان ايندي اٿن وري ٻين کي تاثر ڏيڻ لاِءِ تہ اسين ڏاڍا خوش آهيون، عجيب عمل پيا ڪندا مثال طور، ناشتو وڏي ٺٺ سان ڪرڻ، هروڀرو روز ڪپڙا تبديل ڪرڻ، تيل پائونڊر ۽ سرمن جي وٺ وٺان سڄو ڏينھن آرسي جي اڳيا بيٺا هوندا، ٻين جي اڳيان ڦوڪيا ڪانڊاريا پيا گهمندا، اجايو فالتو ڇڙواڳ ۽ فضول، وتندا ٻانھون لوڏيندا پنھنجن مائٽن کي پيا گهٽ وڌ ڳالھائيندا، سڪون جون کوکليون دعوائون ڪندا ۽ رات جو اڪيلائي ۾ بستري ۾ پيا روئندا، اهڙي قسم جا جيڪي غير نظرياتي ماڻھو جيل ۾ اچن ٿا انھن لاءِ جيل واقعي وڏو عذاب آهي، جيل جي آدابن ۾ صرف اهي شاگرد سڪون سان رهن ٿا جيڪي ذهني طرح ميچوئر ۽ هيٺئين طبقي سان تعلق رکن ٿا، گهڻو ڪري انھن ۾ مستقبل مزاجي اعتماد ۽ بھادري هوندي آهي، باقي شاگرد اڪثر ڪري موقعي پرستي جھڙي عادت هجڻ ڪري ڦاسي جيل ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ پيا پڇتائيندا آهن، جيل هڪ اهڙي چوديواري آهي جتي ماڻھو پنھنجي مرضي سان نہ هوندو آهي، اڪثر پنھنجي جذبن ۽ خواهشن تي جبر ڪري بيوس ٿي رهڻو پوندو آهي، اهڙي جاءِ تي جذباتي، غير نظرياتي ۽ وچئين طبقي جا نوجوان خاص طرح خواھشن جا غلام گهٽ پاڙھو، نفسياتي طرح ڍنڍ جي پکيءَ وانگر هوندا آهن ڪڏهن هن ڪپ تي تہ ڪڏهن هن ڪپ تي ڪڏهن انتھا جا بھادر تہ ڪڏهن ٽاپ جا بزدل هوندا آهن.