پنھنجي پاران
1978ع ۾ جڏهن بابا روپوش ٿي ويو هو، ان وقت پوليس ۽ فوج بابا کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اسان جي ڳوٺ تي ڇاپو هنيو، بابا نہ ملڻ ڪري چاچا محمد يوسف کي گرفتار ڪري وٺي ويا، پوري گهر ۾ ڄڻ راڪاس ڦري ويو هجي، سڀن جي چپن تان مرڪ گم هئي، ڇو تہ بابا کان پوءِ چاچا يوسف ئي گهر جو اڪيلو سنڀاليندڙ هو، ان کي بہ هي وحشي کنڀي کڻي ويا، امڙ ۽ ڏاڏي پنھنجي پنھنجي منھن روئينديون هيون، گهر ۾ صلات ۽ تسبيح جو ورد ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ور چڙهيل اسان جي گهر ۾ چلھہ بہ نہ ٻرندي هئي، امڙ ۽ ڏاڏي پنھنجي نمازن ۾ روئي دعائون گهرنديو هيون، امڙ روز شام جو مونکي چوندي هئي پٽ وڃ گهٽي تي بيھي ڏس پيءُ وڏو ۽ چاچا اچن پيا يا نہ....؟ مطلب تہ اسان جو گهر پوري ڪرب ۽ تڪليف مان گذري رهيو هو.
ڪجهہ مھينن کان پوءِ چاچا يوسف واپس آيو تہ اسان جي گهر ۾ ڄڻ ڪجهہ رونق آئي، بحرحال وقت جو چرخو ڦرندو رهيو منھنجو ڪچڙو ذهن بہ ميچيوئرٽي ڏانھن وڌندو ويو، نيٺ ڳالھہ سمجهہ ۾ آئي تہ منھنجو والد صاحب ڪو ڪرمنل نہ پر هڪ بھادر انسان، انقلابي ليڊر آهي ڌرتي جو جوڌو جوان آهي جيڪو جيل ۾ ان ڪري آهي جو هو چاهي ٿو تہ سنڌي ماڻھن کي آزادي ۽ خودمختياري کپي، پنھنجيءَ ئي ڌرتي تي غلامي جي زندگي گذاريندڙ سنڌي ماڻھو دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر آزاد زندگي گذارين، اهڙي سچي ۽ بھادرانہ موقف جي ڪري منھنجو والد صاحب جيل تنھا ۽ ٽارچر سيلن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.
1983ع جي آخر ۾ جڏهن بابا آزاد ٿي آيو ان وقت آئون 8 سالن جو هئس، سچ پچ منھنجي اندر مان احساس ئي گم ٿي ويو هو تہ پيءُ جو پيار ڇا هوندو آهي جڏهن آئون ڀاڪر پائي بابا سان مليو هئس، تہ مون بي انتھا خوشي محسوس ڪئي ڇو تہ منھنجو هيرو منھنجي سامھون هو، سڄي دنيا جو توڙي مٽن مائٽن جو تمام گهڻو پيار مليو هو، پر پيءُ جي پيار جي لذت ئي الڳ آهي، پھريون دفعو پنھنجي وجود هجڻ جو احساس ٿيو.
بابا جي آزاد ٿي اچڻ کان پوءِ ڪجهہ ئي وقت ۾ سندس انقلابي بھادرانہ سوچ ۽ طبيعت جا اثر علائقي ۾ ڦھلجڻ لڳا، ارد گرد جي 10. 15 ڳوٺن جا ماڻھو گڏ ٿيڻ لڳا، ڳوٺن ۾ نوجوان سرگرم ٿيڻ لڳا، هر ڳوٺ ۾ ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، عقل ۽ شعور، حق ۽ سچ جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون، جن ڳوٺن ۾ اسڪول نہ هئا اتي خانگي اسڪول کلي ويا، راندين جا ميدان ٺھي ويا، جتي والي بال، ملاکڙو، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهہ وٽي توڙي فٽبال جھڙيون رانديون ٿيڻ لڳيون، سماجي توڙي ثقافتي پروگرام ٿيڻ لڳا، جن ۾ مچ ڪچھريون، ڏور بيت، تقريرن جا مقابلا، ڪيل سماجي ڪمن جو تقابلي جائزو وغيرہ جھڙا مشغلا ڳوٺاڻن جي زندگي جو حصو بنجي ويا، ان کان علاوہ هر رمضان جي عيد کان پوءِ ٽئي ڏينھن تي بابا ڍڳن جو ثقافتي ميل ڪرائيندو هو، جنھن ۾ پوري سنڌ جا ڀلوڙ ڍڳا شرڪت ڪندا هئا، پھرين ٻئي ۽ ٽئي جوڙ جي کٽيندڙ جوڙن کي انعام ڏنا ويندا هئا، هزارين ماڻھو گڏ ٿيندا هئا ميل جي آخر ۾ تقريري پروگرام ٿيندو هو جنھن ۾ بابا جا سماجوادي دوست ماڻھن کي پنھنجي اصلاحي ۽ بھترين سماجي زندگي گذارڻ جا ليڪچر ڪندا هئا، مطلب تہ ترقي پسند سوچ جون راهون هموار ٿيڻ لڳيون.
بابا سان شاگرد سياست ۾ ٿيل غدارين کيس اهڙو مضبوط ارڏو انسان بنائي ڇڏيو هو، جو هو بنا ڪنھن سياسي تنظيم جي اڪيلي سر هڪ اداري وانگر ڪم ڪرڻ لڳو، انھن سرگرمين دوران علائقي جي سماج دشمن وڏيرن، ٺڙڪو اڻپڙهيل ملن، توڙي انسان دشمن قوتن کي مرچ لڳي ويا، انھن کان اهڙي سماجي ترقي، توڙي عمل برداشت ڪونہ ٿيو، نتيجن بابا کي تمام گهڻو تنگ ڪرڻ لڳا، سندس مٿان ڪئين بھتان لڳايا ويا تہ هي ڪارو آهي، ڪميونسٽ آهي، بي پيرو آهي، ماڻھن جو عقيدو ٿو مٽائي، هن خطرناڪ انسان تي پابندي لڳائي وڃي، وغيرہ وغيرہ، بلڪہ کيس کي هڪ ٻہ دفعا علائقي جي جيلن ۾ بہ بند ڪيو ويو، پر هي بھادر انسان ڪنھن کان بہ نہ ڊنو، سڀ بھتان سر تي کڻي وڏي سچائي سان دليري سان پنھنجو قومي انقلابي فرض نڀائيندو رهيو، ڪو بہ وڏيرو، پير، ملو، توڙي انسان دشمن کيس خريد نہ ڪري سگهيو ۽ نہ ئي کيس پنھنجي ترقي پسند انسان دوست عملن ۽ موقفن تان هٽائي سگهيو، آخر تائين ثابت قدم رهيو.
مون کي ياد آهي، جڏهن آئون ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر تاج محمد نائين ڪلاس جا امتحان ڏئي واپس ڳوٺ آيا هئاسين تہ بابا پنھنجا ڪتاب، ڦوٽا ۽ جيل ڊائري منھنجي حوالي ڪيون، چيائين، پٽ هي منھنجي قومي انقلابي زندگي جون يادون آهن، هن کي پنھنجي لائبريري ۾ سانڍي رک، اڳتي هلي توهان کي خبر پوندي تہ ڪيئن مون پنھنجو جوڀن ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن جي آزادي لاءِ وقف ڪيو آهي، اهي ڦوٽا ۽ جيل ڊائري مون پنھنجي ننڍڙي لائبريري ۾ محفوظ ڪري رکيا هئا، جيڪا اسان ملي ڪري گهر ۾ ٺاهي آهي، جنھن ۾ سنڌي ادب کان وٺي، علم سياسيات جا ڪتاب رکيل آهن، جيڪي بابا اڪثر اسان کي پڙهائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن بابا اهي جيل ڊائريو ڪڍي پيو پڙهندو هو ۽ پنھنجي منھن پيو کلندو ۽ سوچيندو هو. فارغ وقت ۾ ڪڏهن ڪڏهن آئون بہ سندس جيل ڊائريون کڻي پڙهندو هئس تہ سچ پچ مونکي پنھنجي بابا تي فخرمحسوس ٿيندو آهي تہ بابا ڪيئن نہ بھادري سان جيل ڪاٽيو هو، نہ صرف جيل ڪاٽيو هو، پر ٻين شاگرد دوستن کي بہ جيل ڪاٽڻ سيکاريو هو.
2011-09-12 جي اڀاڳي صبح جو منھنجو بابا سائين (پيءُ وڏو) ڪامريڊ ڏاڏو متارو ڏاهري اسان سڀني کي ڇڏي ڌرتي جي پولارن مان اڏامي آڪاش جي ڏوراهين ۾ گم ٿي ويو، سندس يادون ڌرتي ۽ ڌرتي وارن لاءِ ڪيل سندس خدمتو اڄ بہ صبح جي سج وانگر اسان جي ذهنن ۾ توڙي ڌرتي جي گولي تي چمڪي ۽ ٻري رهيون آهن.
بابا جي نہ هجڻ جي احساس منھنجي اندر کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو، وري پيءُ وڏو هڪ تصوراتي هيرو بنجي هليو ويو آهي، پر سندس ڏنل تربيت ۽ تعليم اسان جو سھارو بنجي وئي آهي، سندس چوڻي تہ، پٽ هتي ڪابہ شيءِ جامد ۽ هميشہ لاءِ نہ آهي هر شي فنا آهي، هڪڙي وجود جو ختم ٿيڻ ٻئي وجود جي بقا آهي، اهو فطرت جو قانون آهي، ان ڪري هميشہ تحرڪ ۾ رهو ڇو تہ اوهين جيڪو ڪجهہ اڄ آهيو سڀاڻ ان کان بھتر هوندا، توهان جي وقت جو صحيح استعمال ايندڙ مستقبل جي ضمانت آهي، مطلب سندس ڪيل لڪچر اڄ بہ اسان جو حوصلو هالار رکيو ويٺا آهن.
بابا جي نہ هجڻ جي احساس مونکي سندس جيل ڊائري کڻي پڙهڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن پڙهندو آهيان تہ بابا جي هجڻ جو احساس محسوس ٿيندو آهي. سندس جيل ڊائري منھنجي لاءِ مقدس بنجي وئي آهي، مون کي محسوس ٿيو تہ هي جيل ڊائري بابا جي قومي انقلابي سياسي زندگي هڪ وڏو قيمتي سرمايو آهي، جيڪڏهن هاڻ بہ هن کي ويڙهي لائبريري ۾ رکي ڇڏيان تہ سندس سان ناانصافي ٿيندي، ان ڪري مون سندس جيل ڊائري ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو، ان لاءِ ڀائرن ۽ بابا جي ويجهن دوستن سان صلاح مشورا ڪيا ان کان پوءِ ان فيصلي تي پھتا سين تہ هي مرحوم جو اثاثو آهي هن کي ضرور ڇپرائڻ گهرجي.
هن جيل ڊائري ۾ ڪئين تلخ حقيقتون آهن، جيڪي ان وقت جون سچايون آهن، خاص ڪري 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان جيڪو ظلم ٿي رهيو هو، خاص ڪري شاگرد سياست سان جيڪا ويڌن ٿي رهي هئي، هي ڊائري ان دور جو آئينو آهي. ملڪ جا وحشي فوجي ڊڪٽيٽر، انسان دشمن قوتن، وڏيرن توڙي ملن سان ملي ڪوڙا ڪارا قانون جوڙي ترقي پسند شاگردن سان وحشياڻو ظلم ڪري رهيا هئا، تہ ٻئي پاسي وري موقعي پرست شاگردن توڙي سياسي ليڊرن کي خريد ڪري هڪ قوم جي جوڌن کي گروپن ۽ ٽولن ۾ ورهائي قومي انقلابي سوچ ۽ جذبي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيا هئا، هڪڙا فوجين جا دلال ٿي ويا تہ ٻيا وري وڏيرن جا يار ٿي ويا، مطلب تہ شاگرد سياست ۾ غداريون، چالاڪيون موقعي پرستن جا فني مشغلا ٿي پيا هئا، اهڙي گهٽ ۽ ٻوسٽ جھڙي ماحول ۾ پنھنجي پاڻ کي سنڀالڻ مستقل مزاجي سان قومي انقلابي جذبي کي برقرار رکي سياست ڪرڻ حق ۽ سچ تي قائم رهڻ پنھنجيون ذاتي خواهشون دفن ڪري پنھنجا ٻار ٻچا واهڻ وستيون، ٻنيون ٻارا سڀ وساري ٽارچر سيلن ۾ رهي جيل تنھا گذارڻ هڪ وڏي بھادري هئي، مون کي فخر آهي تہ منھنجو والد صاحب بہ انھن ارڏن ۽ دلير قومي انقلابي شاگردن مان هڪ مٿانھون ڪردار هو، هي ڊائري ان دور جو هڪ مقدمو آهي، جنھن کي منظر عام تي نہ آڻڻ سندس سان وڏي ناانصافي ٿيندي.
انڪري آئون عرض ٿو ڪريان انھن دوستن ۽ ڪردارن کي جيڪي هن ڊائري ۾ آهن، تہ مھرباني ڪري حقيقت پسند ٿي هن سچائي کي تسليم ڪن ۽ ڪابہ ڳالھہ دل تي نہ وٺن، ڇو تہ منھنجو ڪو بہ شعوري ارادو يا مقصد نہ آهي ڪنھن جي دل آزاري ڪرڻ يا ڪنھن جي ڪردارڪشي ڪرڻ، پر مون پنھنجي والد جو پاڻ مٿان قرض ۽ فرَض سمجهي هي جيل ڊائري ڇپرائي آهي، جيڪا توهان جي هٿن ۾ آهي.
جيئي سنڌ
ولي ڏاهري
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي
ڄامشورو سنڌ