سليمان ڏاهري ضمانت تي آزاد
آئون خوشي مان اٿيس سامھون غلام نبي خشڪ ۽ خان محمد لغاري کي سڏ ڪيم کين ٻڌايم تہ سليمان آزاد ٿي ويو آهي، ان ڪري الواداعي پارٽي لاءِ جلدي بندوبست ڪيو وڃي،آئون هن سان گڏجي سندس کولي نمبر 13 ۾ آيس، پاڻ شيو ڪرڻ لڳو ۽ سندس پارٽنر اسد گاڏهي سامان تيار ڪرڻ لڳي ويو، هڪ ڇٻو پورو ڪتابن سان ۽ هڪ ڪپڙن سان پيڪ ڪيائين، پوءِ مون کي خوشي ۽ ڏک واري مليل جليل انداز ۾ چيائين تہ يار...! ڏاڏا اڄ هلون ٿا، پوءِ آئون بہ ڪجهہ نہ ڳالھائي سگهيس، ٻئي ٻاهر کولي مان نڪتاسين تہ چيائين ڏاڏا هي ڪمبل توهان رکو ڇو تہ سيارو آهي توهان کي ڪم ايندو، مون خوشي مان سندس تحفو قبول ڪيو، الواداعي گڏجاڻي لاءِ سڀني وارڊن جا شاگرد باريڪ جي ڀرسان پھچي ويا، اسٽيج تيار ڪئي وئي ۽ شاگرد سامھون ٿي ويٺا، آئون اسٽيج سيڪريٽري جي فزائضن ادا ڪرڻ لاءِ سڌو اسٽيج تي آيس، لطيف جي بيت سان ڪارروائي شروع ڪندي دوستن کي چيم، اڄ خوشقستيءَ سان هڪ ساٿي هن قيد خاني جي چوديواري مان آزاد ٿي وڃي رهيو آهي، هي دوست جيترو وقت بہ رهيو آهي ان لاءِ توهان دوستن جي ذهن ۾ جيڪو بہ تاثر يا اميج پيدا ڪيو اٿس، سندس سٺاين ۽ براين تي جمھوري انداز ۾ روشني وڌي وڃي..؟
1. ارشاد نظاماڻي (جساف جي ايم سيد) پھريائين هن دوست کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏنم هن دوست ڳالھائيندي چيو، سليمان ڏاهري سان پھرين ملاقات جيل ۾ ٿي، پھريائين مون سمجهيو هو تہ هي بہ عام نوجوانن وانگر جذباتي ۽ غير سائنسي طريقي سان انقلابي هوندو مگر جڏهن ساڻس ڪچھري ٿي تي لطف ئي ٻيو آيو، هي دوست اديب لڳو کيس لکڻ جو بہ سٺو ڏانءَ آهي،آئون ڪردار جي حوالي سان هن جي جيل گذارڻ واري زندگي مان متاثر رهيو آهيان، اميد آهي تہ اڳتي بہ قومي انقلابي ڪردار ادا ڪندو رهندو، آئون کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ آباد پيش ڪريان ٿو.
2. محمد خان سولنگي (ڊي ايس ايف): هن دوست جيئي پورهيت، جيئي سنڌ جونعرو لڳائي ڳالھائيندي چيو تہ سليمان ڏاهري ڪافي پنھنجي زندگيءَ جو وقت جيل ۾ گذاريو وڃي پيو، اسان سان ڏاڍيون سٺيون گهڙيون گذاريون اٿس، ڪردار جي لحاظ سان ڪافي مثال قائم ڪيا اٿس. سندس شخصيت تي ڳالھائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، سندس ارتقا ۽ واڌ انقلابي آهي ان ڪري سليمان سمورو سون آهي، هن کلندي مزاحيہ انداز ۾ چيو تہ سندس پيرن ۽ هٿن تي بہ ڳالھائي سگهجي ٿو، اڄ مس وارو ڏنو اٿس سو دل چوي ٿي تہ سڀ ڪسرون ڪڍجن وچ ۾ سانوڻ هنڱوري جي کيس مزاحيہ چرچو هنيو جنھن تي سڄي جلسي ۾ کل ۽ همرچو مچي ويو، کل بس ٿي تہ هن نڀاڳي اهڙو جواب ڏيندي چيس تہ اهو ٽاپڪ تو لاءِ ٿو ڇڏيان وري بہ هڪ دفعو کل مچي وئي، آخر ۾ چيائين تہ اسان سان قرب ۽ محبت سان وقت گذاريو اٿس.
3. الطاف تنيو (جساف جي ايم سيد): هن دوست تقرير جيئي سنڌو ديش جي نعري سان شروع ڪندي چيو تہ سليمان ڏاهري کي آزادي تي مبارڪ هجي هن جي مون سان پھرين ملاقات 1978 ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ٿي ۽ پوءِ خبر هتي اچي پئي تہ هي بہ ڪو لڪل رستم آهي، جيل ۾ پھرين آئون اي ڪلاس مان آيس تہ سليمان سان ڪچھري ٿي، مون کي جيل ۾ 50 شاگردن سان گڏ رهندي صرف سليمان متاثر ڪيو آهي، نظرياتي اٽل ماڻھو آهي اسان جي ڳالھائڻ کان مٿي ٿي ويو آهي، اڄ ملاقات تي ڪجهہ دوست آيا، هن جا بہ ملاقاتي آيا هئا ۽ مو کي معلوم ٿيو تہ هي آزاد ٿو ٿئي، کيس مبارڪ ٿو ڏيان.
4. شير محمد منڱريو (ڊي ايس ايف): هن دوست بہ جيئي پورهيت، جيئي سنڌ جي نعري سان تقرير شروع ڪئي ۽ چيو تہ اڄ جي شام اسان لاءِ خوش نصيب آهي جو اسان جو هڪ جيل جو ساٿي ٻاهرين دنيا ۾ وڃي رهيو آهي.سليمان ڏاهري تمام سٺي نموني جيل ۾ گذارايو آهي، هن وانگر هر انقلابي ڪارڪن کي جيل گذارڻ گهرجي ڪنھن کي بہ جيل ۾ رنجايو ڪو نہ اٿس، سندس هوشياري ۽ ذهانت اسان يونيوورسٽي ۾ بہ ڏٺي هئي، جڏهن شاگردن جي مسئلن لاءِ ايس.ايس.ٽي جي طرفان ايڪشن ڪميٽي ۾ آيو هو، اسين پھرين اتي واقف ٿياسين هن موومينٽ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، سليمان ڏاهري جيل ۾ سندس تنظيم لاءِ اعزاز آهي. هن دوست باوقار نموني سان جيل جي سزا ڪاٽي پنھنجي تنظيم جو وقار بلند ڪيو آهي، هن دوست جيل ۾ گهرو مطالعو ڪري پنھنجي شعور ۾ وڌارو ڪيو آهي، هن دوست جيل ۾ وقت فضول نہ گذاريو آهي.آئون سمجهان ٿو تہ جيل ۾ اهڙا گهٽ ڪارڪن آهن جيڪي پڙهائي ڏانھن ڌيان ڏين ٿا، سندس ڪيل مطالعو سندس انقلابي سياست کي پختو ڪندو، فائدو ڏيندو آئون ذاتي طور پنھنجي تنظيم پاران کيس مبارڪ ڏيان ٿو ۽ اميد ٿو رکان تہ اڳتي بہ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو.
5. امداد چانڊيو (ڊي ايس ايف): هن دوست لطيف جي بيت(پيو جن پرو گنجي ڏونگر گام جو) سان تقرير شروع ڪندي چيو تہ اڄ ادو سليمان آزاد ٿي وڃي رهيو آهي جنھن تي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، هن سان جون 1981 کان لاڳيتو هڪ وارڊ ۾ گڏ رهيا آهيون، مون کيس تمام ويجهو کان ڏٺو آهي، ڪي ماڻھو شخصي ۽ ذاتي طور تي سٺا هوندا آهن تہ ڪي نظرياتي طور تي سٺا هوندا آهن، هي ٻنھين طرفن کان عملي طرح بھتر آهي، جڏهن پھرين ڏٺو سين تہ اهو تصور ۽ اڄ 22 مھينا جيل ۾ گڏ رهڻ بعد ٻيو تصور آهي، ڪنھن ماڻھو کي جلدي سمجهي ان جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ ڏکيو آهي، مگر هن سان جيل جو ڊگهو عرصو 22 مھينا گڏ رهيا آهيون مختلف تنظيمن جا دوست گڏ رهيا آهن پر انھن سڀني ۾ سليمان هڪڙي بھترين انسان جي حيثيت سان رهيو آهي،سڄو جيل وارو پيرڊ هن جو ڪردار تحرڪ ۽ جدوجھد وارو رهيو آهي، سليمان جو سڀني تنظيمن جي دوستن سان سٺو ۽ برابري وارو وقت گذاريو آهي، اسان کي هن جي پيروي ڪرڻ گهرجي، نظرياتي طور هن محنت ڪئي آهي، جيل ۾ ايندي هن مطالعي کي وقت ڏنو، اڳتي بہ ٻاهر وڃي هن نظرياتي سياسي سلسلو برقرار رکيو تہ پوءِ هي ڪڏهن بہ موڊي انسان نہ رهندو بلڪہ مستقل مزاج قومي ڪردار نڀائڻ وارو انسان رهندو، هن جا لاڙا ۽ رجحان انقلابي نظرياتي سياست ڏانھن مضبوط آهن، ڇو تہ هن وقت نہ وڃايو آهي بلڪہ هن کي وقت ٺاهيو ۽ هن وقت کي پوري ايمانداري سان استعمال ڪيو آهي، جئين هڪ سچي قومي انقلابي شاگرد کي استعمال ڪرڻ گهرجي، گهڻا دوست جيل ۾ اچي پريشان پيشمان ٿيندا آهن پر هن دوست يقين سان سائنٽيفڪ نظرئي مطابق زندگي کي گذارڻ لاءِ 22 مھينا تربيت گاھہ ۾ گذاريا آهن، وڌيڪ لاءِ ٻاهر جي سياست لاءِ ماحول کليل آهي، مان کيس اها صلاح ڏيندس تہ ٻاهر وڃي پنھنجي ڌرتي جي ماروئڙن ۽ پورهيتن لاءِ پاڻ پتوڙيندو ۽ قومي انقلابي ڪردار کي جاري رکندو، يقنين مون کي هن مان اهڙيون ئي اميدون آهن، جيڪو پڙهيو اٿس ان تي عمل ڪري تہ ٽيسٽ ٿيندي، پاڻ کي آزمائش ۾ لاهي جيتوڻيڪ ساڻس تنظيم ۾ نہ آهيان، تڏهن بہ هڪ اهڙو نظريو جيڪو هن سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ آهي ان ۾ گڏ آهيون آئون کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ پيش ٿو ڪريان ٿو.
آخر ۾ مون مختصر ڳالھايو ۽ پوءِ ڪارروائي ختم ڪري سليمان ڏاهري کي الوداع ڪيو سين.