پرين جي پاڇي ۾ هڪ آخري شام
لوڪان پاڻ لڪاءُ، لڪان پڻ لڪيج تونءُ
سانوري سانوري شام جي سج ڌرتي جي گود ۾ سھسين سور سميٽي ٽٻي هڻڻ جي تياري پئي ڪئي، گهر جي سھن ۾ مان ۽ بابا همدم هم ڪلام هئاسين، ٽن مھينن جي وڇوٽي کان پوءِ ڄڻ تہ پرتوا پاڻ ۾ ملي رهيا هئا. عڪسن جي عڪس جي ۽ سفر جي سفر جي ڳالھہ هلي رهئي هئي، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ اسان فڪر ۽ ذڪر جي جهولن ۾ لڏي رهيا هئا سين، ٻھڪندي ۽ مھڪندي بابا سگريٽ جا ڪش ائين لڳائي رهيو هو، ڄڻ تہ دنيا جا سڀ ذوق ۽ سڀ روڳ ان ۾ سمايل هجن، سندس هوش، جوش ۽ نوش همگير ٿي الڳ احساس ڏياري رهيا هئا، جڏهن زندگي ۽ موت جو موضوع شروع ٿيو تہ هو چنڊ جھڙي خاموشي ۾ کوئجي ويو، ڪجهہ کن پل کان پوءِ هن ڳالھائڻ شروع ڪيو، پر ڳالھائڻ کان پھرين هن جي ڳنڀيرتا مان ائين لڳي رهيو ڄڻ هو پرک جي سرخواب تي چڙهي ست سمنڊ ۽ آسمان گهمي اچي لٿو هجي، سندس انيڪ اظھار جا چشما ڦٽڻ لڳا، ۽ مون پنھنجي احساس جي ڌرتي کي سيراب ٿيڻ لاءِ حاضر ڪري ڇڏيو.
بابا پنھنجي سوچ جي آبشارن کي وهائيندي چيو، دنيا جا سڀ مذهب ۽ سائنسون لاجواب ٿي اهوتسليم ڪن ٿيون، تہ موت هڪ اڻ ٽر حقيقت آهي، پر فلسفو اهڙو علم آهي جيڪو زندگي ۽ موت جي ڀانت ڀانت سوالن کي سلجهائي ۽ سمجهائي ٿو، زمان ۽ مڪان جي جهولي ۾ پلجندي انسان اڄ تائين قدرت تي قدرت حاصل ڪندو پي رهيو آهي، جديد کي هميشہ قديم تي فوقيت حاصل رهي آهي، هڪ ائٽم کان ويندي ڪل ڪائنات تائين تعميري ۽ تخريبي عمل يعني لازوال قانون کان ڪير بہ آزاد نہ آهي، انساني شعور توڙي لاشعور يعني ظاهري توڙي باطني طور جيڪو ڪجهہ بہ ٿي رهيو هوندو آهي، اهو پنھنجي جوهر مطابق ۽ متضاد حالتن پٽاندر ٿي رهيو هوندو آهي، بي سبب ڪڏهن نہ ڪجهہ ٿيو آهي ۽ نہ وري ٿيندو. هي وجودي دنيا آهي، جنھن جو اسان پڻ اٽوٽ حقيقي حصو آهيون. هر شيءَ ۾ هڪ ئي وقت تعمير ۽ تخريب جو عمل روان دوان هوندو آهي، هتي تعمير کي زندگي ۽ تخريب کي موت چئجي تہ جٽادار ٿيندو، يعني هر شيءِ هر وقت مري بہ رهي آهي ۽ جي بہ رهي آهي، زندگي ۽ موت هڪ مسلسل عمل آهي جنھن ۾ هار ۽ جيت اٽل آهي،
انيڪ رشتن لاڳاپن ۽ عڪسن جي هن دنيا ۾ ڪابہ شيءِ آخري نہ آهي يڪسر تبديلي جي اهڙي تاڃي پيٽي کي ڪير بہ روڪي نہ ٿو سگهي، اڄ انسان ڪروڙن سالن جي طويل ارتقا جي ڪلھي تي چڙهيو بيٺو آهي، اها اسان جي خوش بختي آهي تہ ڪائنات جيئن آهي ائين ئي ان کي سمجهون ٿا، تہ جيڪي ڪجهہ اڄ آهي سو ڪالھہ جي ڪارڻ آهي، ۽ جيڪي ڪجهہ سڀاڻي هوندو سو اڄ جي ڪارڻ هوندو، هي دنيا مسلسل هڪ جنم جي دنيا آهي، جنھن ۾ پنھنجو موروثي اثرپڻو لازمي طور رهي ٿو. هي هڪ اهڙو تسلسل آهي جيڪو ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندو، اها هڪ حقيقت آهي تہ ڪابہ شيءَ مڪمل طور نيست ۽ نابود نہ ٿي ٿئي، پر انتھا ۽ ابتدا جي انداز تي هلندي رهي ٿي، جيئن منھنجي پيءُ جو پڻ پيءُ هو ۽ اهو ئي سبب آهي تہ اڄ آئون آهيان ۽ اوهان پڻ آهيو، اهڙي طرح جيستائين ڪائنات ۾ انسان جي ڊي.اين.اي جي لاءِ داخلي ۽ خارجي حالتون موزون ۽ موافق رهنديون تيستائين انسان جو توڙي پوري جيوت ۽ تخليق جو چرچو قائم دائم رهندو، منھنجي ذاتي ادراڪ مطابق موت کان خوف کائڻ جھالت آهي جڏهن تہ ان کان هر گهڙي خبردار هجڻ ڏاهپ آهي، اڄ مون لاءِ اها خوشي ۽ فخر جي ڳالھہ آهي تہ اهڙي سوچ ۽ سمجهہ توهان ۾ پڻ پوکجي چڪي آهي ۽ مون کي اميد آهي تہ تھائين پوءِ وڌندي رهندي ....... ايتري ۾ امڙ چانھه کڻي آئي ۽ ڄڻ ڌرتيءَ تي موجود هجڻ جو احساس ٿيو، ۽ بابا غير محسوس طريقي سان منھنجي چھري جا تاثرات سمجهندي وري ڳالھائڻ شروع ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب، اسان جي هن تذليل پسند معاشري ۾ پنج سيڪڙو ماڻھو اهڙا آهن جيڪي اهڙي ذهني بالغ پڻي سان سرشار آهن، باقي سڀ جا سڀ عجيب نفسياتي الجهنن جو شڪار آهن، جھالت جي هن ڌٻڻ ۽ ڪاري ٻاٽ اونداهي ۾ هي پنج سيڪڙو علم سان آشڪار روشن جهرڻا ضرور پنھنجو اثر ڇڏيندا جن ۾ بابا پنھنجي نظرياتي ڪجهہ دوستن جا نالا ورتا ۽ علمي حوالا پڻ ڏنا.
ٿوري دير چانھہ ۽ سگريٽ جي ڀرپور چس کان پوءِ بابا ٽھنڪندي ۽ مرڪندي چئي رهيو هو تہ مون کي هاڻ موت کان خوف نہ رهيو آهي، بچپن کان يتيم ۽ صغير هجڻ ڪري ۽ زندگي جي درد جا سڀ دنگ اورانگهي جڏهن آئون ڦاسي گهاٽ ۾ هوندو هئس تڏهن بہ اگهور گهري ننڊ مان صبح جو سپاهي اچي ٿاريندا هئا، ۽ عبرت کائيندا هئا مھنجي اهڙي پر اعتماد رهڻي ڪھڻي تي، سونھن، سچ ۽ حق جي سڃاڻپ کان پوءِ نہ رڳي پاڻ کي پر ڪائناتي گردشن کي پرکڻ، سمجهڻ ڄڻ منھنجي شعوري ڪوشش رهي آهي، وجود جي ويڙھہ ۾ ڪڏهن بہ نہ ٿڪجڻ ۽ مسلسل جدوجھد ڪندو رهڻ ۾ منھنجو يقين رهيو آهي، پنھنجي وقت ۽ حالتن جي فضا ۾ هر قسم جي ظلم، ڏاڍ، ڪٽرپڻي ۽ جھالت جي خلاف جنگ مقصد پي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مان مستقل مزاجي سان نظريہ ضرورت مطابق پنھنجو وقت ڀرپور نموني گذاري رهيو آهيان، منھنجي زندگيءَ تي حضرت محمد صلي ﷲ عليہ والہ وسلم عربي جي ذاتي زندگي ۽ لينن جي انقلابي ڪردار جو اثر قدم بہ قدم رهيو آهي.
جدلياتي بنيادن تي حالتن جو اڀياس ڪرڻ، صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪرڻ پوءِ ڀلي تہ طويل انتظار برداشت ڪرڻ جو مرحلو درپيش هجي، پر ڪنھن بہ قسم جي اٻھرائپ، شوبازي ۽ خسيس پڻي کان بچڻ ڄڻ عادت ۾ شامل آهي، درحقيقت ڏٺو وڃي تہ موت اهڙو محافظ آهي جيڪو هر گهڙيءَ زندگي جي نہ صرف پر گهور لھي ٿو پر کيس جيئڻ جا نوان ڍنگ سيکاري ٿو، نت نيون منزلون ۽ انھن لاءِ راهون هموار ڪري ٿو،
اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجيڪل دور ۾ انسان اهڙا تہ جوکم جا ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهي جو پوئتي پيل ماڻھون حيران ۽ پريشان رهجي وڃي ٿو، بھرحال ڪائنات ۾ هر ڪا شيءُ اچڻي وڃڻي آهي، هتي هر وجود جي وجود جو هڪ مخصوص دائرو آهي، جنھن ۾ ان جو ظھور عروج ۽ زوال جي شڪل ۾ لازمي ٿيڻو آهي، پر پوءِ بہ ڄڻ سلسلو هلندو رهي ٿو، جڏهن اهيا ڳالھہ اٽل ۽ آخري آهي تہ موت برحق آهي تہ پوءِ وسوسو ڇالاءِ...؟ گهٻراهٽ جا ڳھر ڇو...؟ پوءِ ڇو نہ هر گهڙي کي ڀرپور نموني سان گذارجي گذريل وقت جون غلطيون سڌاري اڄ ۾ جيئڻ جي ڪوشش ڪجي، فضول من اندر جي مالي خوليا مان ڇا ورندو، چوڻ جو مقصد اهوآهي تہ هي هڪ سفر آهي ماءُ جي ڪک کان قبر جي ٻک تائين يعني هڪ جهپي کان ٻي جهپي تائين پر جيڪر وقت ۽ وٿيءَ وچ ۾ جيڪا زندگي گذري وڃي ٿي سا انمول ترين هجي ٿي، مان سمجهان ٿو تہ ڪائنات ۾ سڀ کان عظيم تخليق انسان جي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين پيو ڀانئبو آهي تہ ڄڻ هيءَ ڪائنات انسان جي لاءِ ۽ انسان ڪائنات جي لاءِ آهي، جڏهن تہ ٻنھي جي تڪميل ڄڻ خدا جي ذات هجي ٿي، جيئن اهو چيو ويندو آهي تہ پنھنجي جاءِ تي هر شخص هڪ ڪائنات آهي، جڏهن بہ اها جڙي ٿي وري ڊهي ٿي تہ ڏک ضرور ٿئي ٿو، بحرحال زندگي هر قيمت تي ڏاڍي پياري هجي ٿي. جيڪا نيٺ هڪ ڏينھن ملڪ الموت جي ڀاڪر ۾ ڀرجي وڃي ٿي، آخر ۾ بابا گهري سوچ ۽ ڪجهہ خاموشي کان پوءِ چيو تہ قل نفسن ذائقت الموت، مون کي ائين لڳو ڄڻ آڪسيجن ختم ٿي وئي آهي، سڪتو طاري ٿي ويو آهي، عجب جي اهڙي ڪيفيت هئي جنھن جي حيثيت سمجهہ کان پري هئي، زندگي ۽ موت جو اهڙو ڳنڀير مشاهدو مو ن ڪڏهن بہ نہ ڪيو هو، مون محسوس ڪيو، اڄ پرين جو پاڇو پري پيو ٿيندو وڃي، ان لھندڙ سج وانگر جيڪو انسانيت جا سڀ سور پنھنجي وجود ۾ سميٽي ڌرتي جي هنج ۾ سمھي پوندو آهي، پر پوري جيوت کي پنھنجي روشن روپ سان جوڀن بخشي ويندو آهي، ........۽ ........ پوءِ جڏهن مون کي فون ذريعي ٻڌايو ويو تہ بابا سنڌ ڌرتي تي پنھنجا رنگ ڍنگ ڇڏي هميشہ لاءِ امر ٿي ويو آهي تہ منھنجي پيرن هيٺيان زمين نڪري وئي، اڀ ڏري پيو، جيءُ جهري پيو، جڏهن اهو پتو پيو تہ اهو مون لاءِ صرف سبق نہ هو پر هڪ معجزاتي الميو هوجيڪو حقيقت بڻجي پيو.
اڄ بابا جڏهن زمان ۽ مڪان جي هنج مان پرديسي پکيئڙي جيان اڏري ويو آهي، ثوابن ۽ گناهن جا گهيرا لتاڙي هوند ۽ اڻھوند جي تضاد کان آزاد ٿي ويو آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ منھنجو شعور مون کان ناراض ٿي ويو آهي، منھنجو اتساھ مون کا رسي ويو آهي، دل نٿي مڃي يقين ئي نٿو اچي مان پاڻ کي محروم ڪيئن سمجهان ۽ مان هن کي مرحوم ڪيئن چوان....! ڇا ڪڏهن پيار ۽ پريت جي ريت ۾ ائين ٿيو آهي...؟ ڇا ڪڏهن پرتوا پاڻ کان جدا ٿي سگهن ٿا ...؟ نہ بلڪل نہ...! بابا موجود آهي منھنجي وجود جي هر عڪس ۾ هن جو عڪس موجود آهي هميشہ موجود رهندو.
نہ سين اڱڻ آڳڙيا، نہ سا سٽ سري
ڪٽورا قاتل جا، جن پيتا پاڻ ڀري،
وئي اجهامي ان جي، بٺي بس ڪري،
ساريو سور چري، موکي متارن جا.
ڊاڪٽر اماس تاج ڏاهري
شھدادپور، سنڌ