عيدالاضيٰ/ٰقرباني واري عيد
اڄ صبح جو سويل اٿي معمول مطابق ورزش ڪري عيد جي نماز پڙهڻ لاءِ تياري ڪيم، شيو ڪرڻ بعد بوٽ پالش ڪري باٿ ڪيم ۽ ڌوتل ڪپڙا پائي تيار ٿيس، جعمدار آيو چيائين جلدي ڪيو نماز جو وقت 8 وڳي آهي، دوستن کي وڏي آواز سان سڏيم، هونئن تہ سڀ عيدون مون پراڻي ڪورٽ ۾ پڙهيون آهن، مگر هن عيد تي جيل وارن نماز جو بندوبست اسان جي وارڊ ۾ ڪيو آهي، پوءِ آئون ۽ امداد چانڊيو عيد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ کولين جي سامھون وياسين سامھون ڪجهہ قيدي ۽ شاگرد نماز ادا ڪرڻ لاءِ ويٺل هئا ۽ مولوي جمالي تقرير ڪري رهيو هو، هونئن تہ جيل وارا بند وارڊ قيدين کي نماز پڙهڻ جي اجازت ڪونہ ڏيندا آهن، مگر نماز جو هتي بندو بست هجڻ ڪري اسان جي ڀر واري وارڊ ۾ رهندڙ ڪراڙو چانڊيو ۽ سندس چار ساٿين کي بہ نماز جي اجازت ڏني وئي هئي ياد رهي تہ ڪراڙو چانڊيو ۽ سندس ساٿين تازو جيل ۾ ڪاري چڪر ۾ بہ هڪ قتل ڪيو آهي، هنن کي ڏنڊا ٻيڙيون لڳائي پوءِ نماز لاءِ آندو ويو آهي، وڏي عرصي کان پوءِ نماز جي بھاني نڪتل هي بند قيدي ويچارا اهڙا تہ خوش ٿي رهيا آهن ڄڻ ڪنھن شادي ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن، ان کان علاوہ محبت مري بہ بند قيدي آهي جيڪو اٽڪل ٻہ ٽي سالن کان قيد تنھا ۾ آهي، جنھن تي ڪيترن ئي خونن ۽ ڌاڙن جا ڪيس آهن ان کي بہ نماز پڙهڻ لاءِ آندو ويو هو، جماعت ڀرسان پھچڻ شرط ڏٺم تہ شيرازي جيلر ۽ اٽڪل پندرهن سپاهي ۽ ٻہ ٽي جمعدار سڄي جماعت کي گول گهيرو ڪيو بيٺا آهن، اهو منظر مونکي اهڙو تہ ڏکيو لڳو جو پھريائين سوچيم تہ جيلر جي بي عزتي ڪريان تہ پوليس جي تحويل ۾ لٺين ۽ بندوقن سان نماز پڙهائڻ ڪٿان جو اسلام آهي، ان ڪري ڪاوڙ ۾ اچي جيلر سان ڳالھايم تہ هي ڪھڙي شرافت آهي توهان جيل وارا بہ ڊڪٽيٽر ضياءُلحق واري فوجي پاليسي سان يڪجھتي جو مظاهرو ڪري رهيا آهيو، جو مظلوم قيدين کي لٺين ۽ پوليس جي پاور کي استعمال ڪندي دٻائي هيسائي نماز پڙهائي رهيا آهيو، ان ڪري مھرباني ڪري پوليس کي فورن هتان هٽايو ٻي صورت ۾ اسين نماز نٿا پڙهون پھريائين جيلر ڊيگهہ ڪئي تہ هي جيل ڪسٽيڊي آهي، هتي اهو ئي قانون هوندو آهي ڀلي توهان نماز نہ پڙهو، هن جي اهڙي رويي ۽ ابتي ڳالھہ تي مونکي وڌيڪ چڙ لڳي پھريائين سچي پچي آئون تيار ٿي ويس تہ سڀني شاگردن کي اٿاريان ٿو تہ اچو تہ عيد نماز جو بہ بائيڪاٽ ٿا ڪريون پر ايتري ۾ جيلر سپاهين کي ٻاهر نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ پاڻ ڪاوڙ ۾ اهو چئي هليو ويو تہ آئون وڃي سپرنٽينڊنٽ کي رپوٽ ٿو ڪريان تہ خطرناڪ قيدين لاءِ پوليس بيھاريم پر شاگرد اعتراض ٿا ڪن، مٿان امداد چانڊيو چيس تہ ها ڀلي تون وڃي رپوٽ ڪر اسان پاڻھي فيس ڪنداسين.
بھرحال نماز شروع ٿي احترام سان نماز ادا ڪئي وئي، مگر ڪجهہ شاگردن رڳو رسمي طور تي نماز ادا ڪئي، مڙئي سوسائٽي جي عقيد مطابق نماز ۾ بيٺا هئا، ڪنھن مان بہ اهو تاثر نہ ملي رهيو هو تہ هي عقيدي ۽ روحاني جذبي سان نماز پڙهي رهيو آهي، بعد ۾ مولوي صاحب خطاب ڪيو ۽ دعا گهري وئي جماعت ۾ شاگردن چيو تہ مظلوم فلسطين جي حق ۾ ۽ ضياءُالحق جي خلاف دعا گهري وڃي پر مولوي دعا نہ گهري، ايتري ۾ اتي بيٺل جمعدار چيو تہ سپرنٽينڊنٽ ٻاهر بيٺو آهي بند ڪرڻ وارن قيدين کي ڇڏيو تہ کين بند ڪيون اسان ڪوشش ڪئي تہ کين چانھہ پياريون مگر انھن کي رڳو ملڻ مس ڏنو ويو، پوءِ کين زوري وٺي وڃي بند ڪيو ويو، ان کان پوءِ اسين واپس اچي کولي ۾ ويٺاسين، ٿوري دير کان پوءِ آئون امداد، شير محمد، سليم ۽ هڪ ٻہ ٻيا دوست ٻاهر وارڊ مان نڪتا سين، سڌا بي ڪلاس ۾ وياسين اتي صحافي نثار چنا ۽ صديق پنجابي راولپنڊي واري سان ملياسين انھن وٽ چانھہ پي واپس ٿياسين جيل جي ماڙي تي ڊيوٽي تي جيلر آغا نور ﷲ کي دعوت ڏئي قيدين کي گهرائڻ لاءِ لسٽ ڏني سون، جنھن ۾ اٽڪل 80 قيدين جا نالا هئا انھن جي منجهند جي ماني عيد جي دعوت جي خيال کان اسان پنھنجي وارڊ ۾ ڪئي جيلر سپرنٽينڊنٽ ڏانھن ويو ٿوري دير ۾ سپرنٽينڊنٽ نورالاهي شيخ آيو ۽ هٿ ڏئي چيائين هلو تہ اڄ آئون بہ توهان سان ڪچھري ڪريان ٿو، پوءِ هي اڳيان ٿيو سڀ گڏجي پنھنجي وارڊ ۾ داخل ٿياسين جتي باريڪ اڳ ۾ سينگاريل هئي اتي ريڊيو فل آواز ۾ وڄي رهيو هو، جمعدار ڊوڙ ڪري وڃي ريڊيو بند ڪيو، سپرنٽينڊنٽ هلي باريڪ ۾ ويٺو، ويھڻ شرط هن اسان سان نظرياتي بحث ڪرڻ شروع ڪيو ۽ تسلسل سان دليل بازي ڪرڻ لڳو تہ اسلام هڪ ضابطہ حيات وارو نظريو آهي بنيادي طرح قرآن ۽ حضرت محمد صلي ﷲ واليه وسلم جو ڪردار انسان ذات لاءِ وڏي رهنمائي آهي مگر ان کان پوءِ قابض گروپن اسلام جي هي شڪل تشڪيل ڏني آهي، هن جو مطلب هو تہ اسلام سٺي عمل جو نالو آهي پر هتي جا قابض گروپ پنھنجي طبقاتي مفادن لاءِ اسلام جھڙي بھترين نظام کي استعمال ڪري رهيا آهن وڌيڪ هن انقلاب تي تنقيد ڪندي ڳالھايو تہ شوشل ازم بہ اسلام جو حصو ۽ اقتصادي پروگرام آهي، هن سان ا مداد چانڊيو ڏاڍي ڏي وٺ ڪئي امداد چيو تہ شوشل ازم جي فتح ۽ دنيا جي ضروري ۽ بنيادي مسئلن جو صحيح حل سائنسي شوشل ازم مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، اسلام جنھن وقت اڀريو ان وقت انھن حالتن مطابق اسلام ترقي پسند قدم هو، هاڻي انسان هن جديد دور ۾ وڃي آسمان تي پھتو آهي، بحث ۾ دودو مھيري بہ مختصر حصو ورتو، اسين سڀ خاموشيءَ سان ٻڌي رهيا هئا سين تہ قمر ڀٽي اختلاف ڪندي چيو...! تہ اسلام کي آئون ضابطہ حيات نٿو سمجهان ۽ خاموشي سان وائڙو ٿي ويھي رهيو، مطلب هن سپرنٽينڊنٽ سان اختلاف ڪيو، بھرحال مني ڪلاڪ تائين بحث هليو، ان کان پوءِ سپرنٽينڊنٽ موڪلائي هليو ويو ۽ ويندي چيائين توهان ڀلي قيدين کي گهرايو پوءِ آئون نياز سومرو کي پاڻ سان گڏ وٺي ويس ماڙي جي سامھون قيدين جي لسٽ پيش ڪري آيس جيڪي قيدي دوست هئا انھن کي گهرائڻ لاءِ منشي کي موڪليو سين ٿوري دير ۾ ٽولا قيدين جا اچڻ شروع ٿي ويا، سڀني سان اخلاق ۽ نوڙت سان ڀاڪر پائي ملياسين، کين پنھنجي وارڊ ڏانھن موڪليندو ويس اتي غلام رسول زرداري، خان محمد لغاري ۽ قربان ارباب جيڪي وارڊ جي گيٽ تي دوستن جو آڌر ڀاءٌ ڪري رهيا هئا، اهي وري کين باريڪ ۾ موڪليندا ويا اتي وري سليمان ڏاهري، غلام نبي خشڪ، محمد خان سولنگي ۽ سليم حاجاڻو سندن آڌر ڀاءُ ڪري رهيا هئا ۽ جيڪو بہ مھمان ايندو ويو تنھن کي چانھہ پيش ڪندا ويا، پريو مري جنھن کي 60 سال سزا آهي جيڪو 18 سال ڪاٽي چڪو آهي جنھن تازو اڍائي مھينا بک هڙتال بہ ڪئي هئي سندس مطالبو هو تہ کيس بند وارڊ مان ٻاهر ڪڍيو وڃي سندس مطالبو مڃيو ويو، اهو بہ اسان جي دعوت تي آيو مڙس صفا هلڪڙو آهي پر سندس انفرادي بھادري سڄي سنڌ جي جيلن ۾ مشھور آهي، ان کان علاوہ دائود ماڇي جنھن کي 139 سال سزا آهي ۽ 22 سال ڪاٽي چڪو آهي، پاڪستان جي اسٽيٽ جي ڪيڏي نہ ظالماڻي روش آهي، انسان جي عمر وڌ ۾ وڌ 60، 70 يا کڻي 80 سال تائين ٿئي ٿي، پر سزا وري 139 سال حيف هجي پاڪستان جي حڪومت ۽ قانوني ٺيڪيدارن کي جن انسان جي توهين ڪرڻ جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، بھرحال ٻيا بہ ڪئين بھادر نوجوان آيل هئا، جڏهن سڀ دوست اچي ويا تہ پوءِ دوستن مونکي ۽ امداد چانڊيو کي چيو تہ هاڻي ڪم شروع ڪجي، پوءِ پنھنجي وارڊ ۾ آياسين اچڻ شرط مون ڪارروائي شروع ڪئي، سڀني دوستن کي خاموش رهڻ جو چئي شاھہ جي بيت سان پروگرام جي شرعات ڪيم، تقريبن 100 مھمانن کي اعلان ڪري ٻڌايم تہ پھريائين اسين سڀ محفل موسقي جو پروگرام ڪندا سين بعد ۾ ماني کائيندا سين ۽ آخر ۾ والي بال راند رهندا سين، ان کان پوءِ فنڪار دوست جيڪي جيل ۾ مشھور آهن، انھن ۾ محفل جا مور نور محمد سومرو، رسول بخش پنھور، محبوب ٻرڙو ۽ نصرﷲ چنڊ هئا جن کي نمبر وار اسٽيج تي گهرايم ۽ وڄت تي حضوربخش گائنچو، ۽ قربان ارباب کي چيم، اهي بہ اچن ايتري ۾ سڄي حال مان دوستن چيو تہ مٽ تي ڏاڏو متارو بہ سنگت ڪري پوءِ آئون بہ بنا ڪنھن حجاب جي مٽ کڻي فنڪارن سان شامل ٿي ويس ۽ انائونس منٽ لاءِ محمد خان سولنگي کي چيم پھريائين نور محمد سومرو ٻہ ڪلام چيا جن دوستن کي جهومائي وڌو پوءِ وري رسول بخش پنھور ٻہ ڪلام ڳايا ان کان پوءِ محبت ٻرڙي ۽ نصرﷲ چني ٻہ ٻہ ڪلام ڳايا محفل سڀني کي ڏاڍو لطف اندوز ڪيو گهڙي کن لاءِ دوستن کان جيل وسري ويو، ڄڻ ڪنھن شادي جي محفل ۾ ويٺا هجن، آيل مھمان قيدين فرمائش ڪئي تہ شاگرد بہ ڪلام ٻڌائين انھن جي فرمائش تي مون، امداد چانڊيو، محمد خان سولنگي ۽ قربان ارباب گڏجي ٻہ ڪلام چيا قيدين ڏاڍو داد ڏنو ايتري ۾ غلام نبي خشڪ چيو تہ ماني تيار آهي اچو ماني کائو، آئون جلديءَ ۾ اٿي غلام نبي سان گڏ ماني واري جڳھہ تي آيس سراسري جائزو ورتم تہ ڪا ڪمي پيشي نہ هجي، مطمئن ٿيڻ کان پوءِ دوستن کي چيم ماني کارائڻ لاءِ صرف پنج ماڻھو بيھن باقي رش نہ ٿئي پھريائين اڌ دوستن کي ٿا کارايون ۽ باقي دوستن کي ٻي شفٽ ۾ ٿا کارايون مون اچي سنگت کي گذارش ڪئي تہ صرف اڌ دوست اچن ۽ ماني کائين محفل ڀلي پئي هلي باقي اڌ دوستن کي ٻي شفٽ ۾ ٿا کارايون، پوءِ آئون اڳيا ٿيس دوستن کي ماني جي جڳھہ تي وٺي آيس اهڙي طرح سڀني دوستن کي شان ۽ شوڪت سان ماني کارائي سون، انھن جي سڄي سروس ۾ سليمان ڏاهري، غلام نبي خشڪ، اسد گاڏهي، محمد خان سولنگي ۽ سليم حاجاڻو خاص قسم جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪي دوست ماني کائي اٿي رهيا هئا انھن جي هٿ ڌورائڻ لاءِ ٻہ شاگرد مقرر ڪيا هئم جڏهن سڀني دوستن ماني کائي بس ڪئي تہ اعلان ڪيم تہ ماني کائي مھمان ڀلي هلي کولين ۾ ويھن، وري ٿانوَ ڌورائي ٻي شفٽ لڳائي سون اهڙي طرح سڀني قيدين کي سٺي نموني ماني کارائي سون پر سڪندر ابڙو ۽ شاھہ جھان شاھہ جيڪي وڏيرا آهن زوريءَ زنا جي ڪيس ۾ ٽي سال سزا اٿن، جيڪي شاگردن جي روپ ۾ ڇپ هنيو ويٺا آهن، انھن ٿوري وڏيرڪي نفسيات جو مظاهرو ڪيو يعني پئسن جو استعمال ڪري ڪجهہ قيدين کي الڳ نموني سان ماني کارائي مونکي تمام گهڻو برو لڳو، پر عيد جو موقعو هو ان ڪري ماحول خراب نٿي ڪرڻ چاهيم، سو چپ رهيس، سڀني دوستن کي ماني کارائي پوءِ اسان شاگردن ماني کاڌي هوڏانھن والي بال راند جي بہ شروعات ٿي وئي ميدان تي ڇٽڪار ڪرائي سون رانديگر بہ ميدان ۾ اچي ويا، مقابلو شاگرد قيدين ۽ ٻين قيدين جي وچ ۾ هو، ڇو تہ اڳين رمضان جي عيد تي اسان اڇي چڪر ۾ قيدين کي راند ماري آيا هئاسين، امداد چانڊيو سينٽر تي ۽ آئون بيڪ سائيڊ سينٽر تي بيٺاسين، ڏاڍو راند مزو ڪيو مگر سامھون سج هجڻ ڪري پھرين راند اسان هارائي وياسين ۽ ٻي راند اسان کٽي پر ٽين راند اسان هارائي ان ڪري هڪڙي پوائنٽ تي هو اسان کان کٽي ويا، باقي قيدي دوست ٻاهران هجوم جي صورت ۾ راند ڏسي ۽ داد ڏئي رهيا هئا نيٺ راند شام جو ساڍي پنجين بجي ختم ڪئي سون پوءِ سڀني قيدين کان دروازي تي موڪلائي کين وڃڻ جي اجازت ڏني سون، اسان سڀ واپس پنھنجي کولين ۾ اچي وياسين پوءِ دوستن کان معلوم ڪيم اڄ عيد جو ڏينھن ڪيئن گذريو سڀني چيو واھہ سائين واھہ اهڙي عيد ٻاهر بہ نہ ٿئي ها، منھنجي هميشہ اها ڪوشش رهي آهي تہ جيل ۾ ڪچن قيدين ۽ اجايو سوچن ۾ پريشان ٿيندڙ دوستن جي همٿ افزائي ڪجي تہ جئين هو مصيبت ۾ اڪيلائپ جو شڪار ٿي ڊپريشن جو شڪار نہ ٿي وڃن، ان ڪري هر عيد تي ڪوشش ڪندو آهيان تہ عيد خوشي جوش سان ملھائي وڃي، جيئن سڀ دوست احساس ڪمتري ءَ جھڙي موذي بيماري مان نجات پائي سگهن، مون هن جيل ۾ تقريبن ست ٻڪرا عيدون گذاريون آهن، مون پوري ڪوشش پئي ڪئي آهي تہ شاگرد قيدين ۽ عام قيدين کي پاڻ ۾ ويجهو آڻي انھن ۾ رلي ملي قيد جي زندگي گذارڻ جو ڍنگ پيدا ڪجي تہ جيئن ڪير بہ قيدي پاڻ کي اڪيلو نہ سمجهي ۽ بااعتماد نموني سان جيل جي زندگي کي منھن ڏئي، ٻيو تہ تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد عام قيدي کان نفرت ڪندا آهن، کين ڪرمنل، دهشتگرد وغيرہ سمجهي ساڻن ويھڻ بہ پسند نہ ڪندا آهن مگر ڪير بہ اهڙو ڏکيو ۽ بيڪار ڪم پنھنجي مرضي سان نہ ڪندو آهي، ان پويان ڪئين ڪھاڻيون ۽ سماجي رويا هوندا آهن جن جي ڪري ماڻھو مجبور ٿي اهڙي قسم جا عمل ڪري ٿو، ان ڪري منھنجي اها ڪوشش رهي آهي تہ شاگرد دوست انھن قيدين کان نفرت نہ ڪن کين بہ انساني حيثيت سان ڏسن مون کي فخر آهي تہ جيل ۾ آئون ڪجهہ شاگرد ساٿين جي مدد سان اهڙو بھترين ماحول ڪنھن حد تائين پيدا ڪري چڪو آهيان، تقريبن هڪ هزار جيل جا قيدي هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا ۽ پاڻ ۾ رلي ملي رهڻ کي پسند ڪن ٿا، ڇو تہ اسان شاگردن ڪوشش ڪري ڪتابن وسيلي، تقرير ۽ تحرير وسيلي قيدين ۾ اهڙا باهمي تعلقات پيدا ڪري چڪا آهيون، جيڪي هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا.