پاڻ سڳورنﷺ جن جو ننڍپڻ
“پيغمبر اسلام، خاتم النبين، رحمة العالمين”
حضرت محمد ﷺ بن حضرت عبدالله حقيقت ۾ نهايت پرڪشش شخصيت هئا. دنيا جي تمام نامور شخصيتن ۾ ڪوبه اهڙو شخص ٿي نه گذريو آهي، جنهن ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ اهڙا مختلف ڏک ۽ صدما سٺا هجن، جهڙيءَ طرح پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ تڪليفون، پريشانيون ۽ ڏک برداشت ڪيا ۽ صدما سٺا آهن.
جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جي ولادت ٿي ته سندن والد صاحب وفات ڪري چڪو هو، جيتوڻيڪ پاڻ سڳورنﷺ جن جو تعلق قريش نالي هڪ قبيلي سان هو جيڪو مڪي ۾ وڏي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، پر ان جي باوجود سندن والده ان ڳالهه تي مجبور هئي ته پنهنجي والدين ۽ عزيزن ڏانهن مديني وڃي رهان اتي شايد انهن جي مدد سان پنهنجي فرزند جي پرورش ڪري سگهان، ڇو ته حضرت عبدالله رضي الله جي وفات کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ جي والده وٽ ڪابه مالي طاقت ڪانه رهي هئي. پاڻ سڳورنﷺ جي والده جو نالو حضرت آمنه هو، جيڪا پنهنجي يتيم ٻچي سميت اچي مديني پهتي. پنهنجي مڙس جي وفات جي صدمي، مفلسي حال، اڪيلائيءَ ۽ غم کي مٽائڻ خاطر پنهنجي عزيزن وٽ رهائش ڪيائين.
اسلامي تاريخ لکندڙن مان ٽن شخصيتن ”سيوطي“ ابن سعد ۽ حميدالله لکن ٿا ته جڏهن پاڻ سڳوراﷺ مديني پهتا ته هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو پاڻ سڳورنﷺ جن جي ٻالڪپڻ ۾ بلڪل نئون هو.
اهو واقعو هن ريت هو ته مديني پهچڻ کان پوءِ پاڻ سڳوراﷺ پهريون دفعو پاڻيءَ جي هڪ تلاءَ ۾ گهڙيا ۽ پهريون دفعو پنهنجي بدن کي چئني طرفن کان پاڻيءَ ۾ ڏٺائون. ڇو جو مڪي ۾ پاڻيءَ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قِلت هئي ۽ نه وري ڪو پاڻيءَ جو تلاءُ موجود هو ٻار ڪپڙا لاهي تلاءَ ۾ گهڙي گرميءَ سبب پاڻيءَ جي ٿڌڪار ۽ خشڪيءَ جي احساس کان مزو ماڻيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ پاڻ سڳوراﷺ به تلاءَ ۾ گهريا پر زندگيءَ ۾ پهريون دفعو.
حضرت عبدالله جي بيوه حضرت آمنه جي عزيزن ۽ رشتيدارن سندس هر ممڪن مدد ڪئي پر افسوس جو حضرت آمنه مديني پهچڻ کان بعد بيمار رهڻ لڳي ۽ جلدي ئي سندس حالت تمام بگڙي وئي. سڀني کي اهو يقين ٿي ويو ته سندس بچڻ محال آهي.
عرب قوم ۾ هيءُ رواج هيو ته جڏهن به ڪنهن جي مرڻ جي گهڙي عنقريب ڏسندا هئا ته ان جا پنهنجا عزيز رشتيدار ان وٽ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ مرڻ واري سان مسلسل گفتگو شروع ڪندا هئا ته آخري گهڙين ۾ هو پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري ۽ نه وري خوفزده ٿئي.
جيڪي رشتيدار عزيز حضرت آمنه جي چوڌاري ويٺل هئا، سي لڳاتار ان سان ڳالهائيندا رهيا ته جيئن هوءَ پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري ۽ نه خوفزده ٿئي. حضرت آمنه به جيڪا تمام عليل حالت ۾ هئي، ڪنهن ڪنهن مهل پنهنجا چَپ چوريندي نظر اچي پئي، پاڻ سڳورنﷺ جن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن پنهنجي والده سان ڳالهائڻ ۽ سڏ ڪرڻ شروع ڪيا پر خدا تعاليٰ سندن والده کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. روح پرواز ٿيڻ بعد اهي عورتون جيڪي حضرت آمنه جون ويجهيون رشتيدار هيون تن کيس غسل ڏياري ڪفن پهرايو، پاڻ سڳورنﷺ جن پنهنجي والده کي ڪفن پهريل ڏٺو، بعد ۾ حضرت آمنه کي ”ابوا“ نالي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
جزيزة العرب ۾ اهو رواج نه هيو ته ميت کي ڪنهن ٺهيل تابوت ۾ وجهي دفنايو وڃي ڇو جو ڪاٺيءَ جي تمام قلت هئي ۽ تابوت ڏاڍو مهانگو پوندو هو، حضرت آمنه کي به بغير تابوت جي ئي عام ماڻهن جي جنازي طرح دفنايو ويو.
پاڻ سڳورنﷺ جن جي سِرَ تي هي اهڙي گهڙي آئي جنهن کين ڏکائي ڇڏيو. جڏهن ته پاڻ سڳورنﷺ جي ولادت کان اڳ ۾ ئي سندن والد وفات ڪري چڪو هو؛ ۽ هاڻي سندن والده جيڪا سندس سهارو هئي سا به ڇهن سالن جي عمر ۾ جدا ٿي وئي. پاڻ سڳوراﷺ هن ننڍڙيءَ عمر ۾ والدين کان محروم ٿي ويا. سارو ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ گذارڻ لڳا. پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي هم عمر وارا ٻار کين راند روند لاءِ چوندا هئا ته انهن کي اهو جواب ڏيندا هئا ته مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو، مان توهان سان نٿو کيڏي سگهان.
والده جي وفات جي صدمي پاڻ سڳورنﷺ جن کي ايترو ته اُداس ڪري ڇڏيو جو کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنائون. بيبي آمنه جي رشتيدارن کي شدت سان اهو احساس ٿيندو ويو ته ننڍڙو يتيم (حضرت) محمد (ﷺ) ڏينهون ڏينهن اُداس رهڻ سبب ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو. کاڌي پيتي نه کائڻ سبب سڀ رشتيدار پريشان ٿي ويا.
حضرت محمد ﷺ جن جو ڏاڏو حضرت عبدالمطلب جنهن جي عمر هڪ سؤ اٺ سال ٿي چڪي هئي. هن پوڙهي جي رهائش ان وقت مڪي ۾ هئي. حضرت آمنه مرحومه جي رشتيدارن ننڍڙي يتيم حضرت محمد ﷺ جن کي مڪي پنهنجي پوڙهي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب ڏانهن ڏياري موڪليو. جڏهن سندس ڏاڏي پاڻ سڳورنﷺ جي اُداسي ۽ ڪمزور حالت ڏٺي ته ساڻس ايتري ته محبت ٿي وين جو پاڻ سڳورنﷺ کي ”دارالندوه“ ڏانهن به ساڻ وٺي ويندا هئا.
”دارالندوه“ دراصل مڪي جي مجلس شوريٰ جو نالو هو. ان مجلس ۾ صرف قريش قبيلي جي مردن کي اچڻ جي اجازت هئي. سي به چاليهن سالن جي عمر کان وڏا مرد گڏ ٿيندا هئا. ايتري عمر لاءِ مجلس شوريٰ جو شرط هو. ان شرط جي باوجود حضرت عبدالمطلب پاڻ سڳورنﷺ کي پاڻ سان گڏ ”دارالندوه“ مجلس شوريٰ وٺي ويو. مجلس شوريٰ پهچڻ سان حضرت عبدالمطلب تي مجلس جي رڪنن اعتراض ڪيو ته هي ننڍڙو ٻار وڏن جي مجلس ۾ ڇو وٺي آيو آهين. پر ڪجهه عرصي کان پوءِ سڀني مجلس جي رڪنن ۾ پاڻ سڳورنﷺ لاءِ دل ۾ ايتري ته محبت پيدا ٿي وئي جو جڏهن به پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي ڏاڏي سان گڏ مجلس ۾ ويندا هئا ته قريش بزرگ ۽ مجلس جا رڪن سڀ محبت سان پيش ايندا هئا ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي تحفه به ڏيندا هئا.
پر افسوس جو حضرت عبدالمطلب به ٻن سالن گذرڻ بعد هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ سڳوراﷺ وري هن بزرگ جي سهاري کان به محروم ٿي چڪا، جيڪو والده جي وفات کان پوءِ سهارو بڻيو هو.
ان وقت پاڻ سڳورنﷺ جي عمر اٺ سال هئي. ڏاڏي جي وفات کان پوءِ پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب جي نگرانيءَ ۾ رهيا.
”حضرت ابو طالب“ پاڻ سڳورنﷺ جي چاچي جي ڪُنيت هئي. اسلام جي اچڻ کان پهريان عرب جا ماڻهو ڌيءَ جي پيدا ٿيڻ تي سخت نفرت ڪندا هئا. ايتري قدر جو پنهنجي ڌيئرن کي جيئري دفن ڪري ڇڏيندا هئا ته متان انهن جي پرورش ڪرڻي پوي. ڌيئرن جي پالڻ جو ٻوجهه انهن عربن لاءِ شرمناڪ ڳالهه هئي. پر جيڪڏهن پٽ جي پيدائش ٿيندي هئن ته بيحد خوشيءَ جو اظهار ڪندا هئا. ڇو ته ڪنهن عرب وٽ پٽ جو پيدا ٿيڻ سربلندي ۽ فخر جي نشاني هئي. ايتري قدر جو ان جو نالو پنهنجي نالي جي بدران استعمال ڪندا هئا. ان کي ”ڪنيت“ چيو وڃي ٿو. جهڙي طرح ابوطالب جو اصل نالو عبدالمناف هيو، سندس هڪ پٽ جنهن جو نالو طالب هو، جنهن جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندا هئا. ابوطالب يعني طالب جو پيءُ. تاريخي روايت مطابق پاڻ سڳورنﷺ جي ڏاڏي جو نالو عامر هيو ۽ کيس شيبه جي لقب سان سڏيو ويندو هو. پاڻ سڳورنﷺ جي ڪنيت به ابوالقاسم هئي جيئن ته پاڻ سڳورنﷺ جو قاسم نالي هڪ فرزند هو جيڪو ننڍڙيءَ عمر ۾ وفات ڪري چڪو هو.
پاڻ سڳورنﷺ جو چاچو حضرت ابوطالب هڪ مفلس، غريب حال ۽ شريف انسان هو. هڪ وڏي خاندان جي سنڀال مٿن ذمي هئي. پاڻ سڳورنﷺ جن جي ٻالڪپڻ جي سنڀال ۽ ضروريات زندگي پوري ڪرڻ جي لائق نه هئا، تنهن ڪري پاڻ سڳوراﷺ اٺن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي پنهنجي زندگي جي بار کڻڻ خاطر محنت ۽ مزدوري ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. جيتوڻيڪ حضرت ابوطالب پاڻ سڳورنﷺ جو چاچو هو بظاهر سندن سرپرستي ڪندو رهيو، پر پنهنجي وڏي خاندان جي معاشي ضرورتن جي پيش نظر حضرت محمد ﷺ جن جي مدد ۽ عام ضرورتون پوريون ڪري نه پئي سگهيو نه ئي ڪپڙا خريد ڪري ڏئي پئي سگهيو نه ئي ننڍڙي يتيم جي پيرن ۾ ڪا جُتي خريد ڪري ڏئي پئي سگهيو. ان ڪري ان ننڍڙيءَ عمر ۾ پاڻ سڳوراﷺ، جتي ٻيا ٻار هر وقت راند روند ۾ گذاريندا هئا، پاڻ مجبور هئا ته پيٽ گذر ۽ ٻين ضرورتن خاطر سارو ڏينهن ڪم ڪار ڪن ۽ اهو ڪم به سخت محنت وارو. ٻيو ته گرميءَ جي موسم ۾ عرب جي ريگستان ۽ گرم بيابانن ۾ چوپائي مال جي چارڻ جي سنڀال ڪرڻ.
پاڻ سڳورنﷺ جي ان ننڍڙيءَ عمر ۾ جڏهن سندن اُٿڻي ويهڻيءَ جي تصديق ڪجي ٿي ته سندن قابليت ۽ لياقت ڏسي ائين معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورنﷺ ۾ پيغمبريءَ ۽ نبوت جي صلاحيت ننڍي هوندي کان ئي موجود هئي. ان زماني ۾ جڏهن ان گرم ريگستان ۾ مال چاريندا هئا ته سندن اها عادت بڻجي وئي هئي ته هميشه سوچ ۽ فڪر ۾ گذاريندا هئا ۽ اهي بيابيان غور فڪر ڪرڻ لاءِ بهترين جڳهون هيون.
انهيءَ ڪري ئي دنيا جا قديم ۽ عظيم مذهب به انهن گرم ريگستانن ۽ بيابانن مان اُڀريا. انهن مذهبن کي آڻڻ وارن ماڻهن ۾ اها صلاحيت موجود هئي جو انهن بي انتها وسيع ۽ اڻ کٽ بيابانن ۾ گذاري، الله ۽ ان جي تخليق ۽ انسانيت جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪري سگهن.
جيستائين ڪوئي عام انسان جزيرة العرب يا يورپ جي قريب ريگستانن ۾ ڪجهه عرصو نه گذاريندو تيستائين انهن بي پناهه بيابانن ۽ ريگستانن جي ڊيگهه يا خاموشيءَ کي پروڙ نه سگهندو ته ڪهڙي انداز ۾ اتي سوچ ويچار جو فڪر پيدا ٿئي ٿو ۽ سوچن ۾ ڪيتري قدرت مضبوطي زور وٺي ٿي.
جيئن ته جزيرة العرب ۽ يورپ قريب جي ريگستانن جا گل ڦل، ٻوٽا ۽ گاهه به يورپي ملڪن کان مختلف آهن؛ انهن گرم ريگستانن ۾ اهڙو ڪوبه ٻوٽو نه آهي جيڪو خوشبودار نه هجي. پر جزيرة العرب جي ريگستان جا ڪنڊا جن کي ”خارمغيلان“ چيو ويندو آهي، اهي به دل پسند خوشبودار هوندا هئا. جيڪڏهن يورپ جو ڪوئي ننڍي ۾ ننڍو ٻوٽو بغير خوشبو وارو عرب جي ريگستان ۾ لڳائجي ته هڪ ٻن نسلن کان پوءِ ان ننڍڙي بغير خوشبودار ٻوٽي ۾ خوشبو پيدا ٿي ويندي هئي جيڪا يورپ جي هڪ ننڍڙي ٻوٽي مان هڪ وڏي وڻ جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿي.
جيڪي ماڻهو جزيرة العرب ۽ يورپ جي نزديڪ ريگستان ۾ زندگي بسر ڪندا هئا، جيڪڏهن اهي ڪوبه عقيدو اختيار ڪندا هئا ته ان ۾ ڪوبه فريب ۽ منافقت اختيار نه ڪندا هئا. ان ئي عقيدي تي مضبوطي سان قائم رهندا هئا ۽ ثابت قدم رهڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا.
فرقه بنديون ان وقت شروع ٿيون جڏهن دنيا جا عظيم مذهب ريگستان کان ٻاهر نڪتا ۽ اهڙين جڳهن تي پهچي ويا جتي ريگستان جو نالو ئي نه هو. ان وقت جن ماڻهن ان مذهب کي ريگستان ۾ سڃاتو ۽ اختيار ڪيو هو، انهن اعتراض ڪرڻ شروع ڪيو ۽ افراتفري ڦهلجي وئي، ماحول منتشر ٿي ويو اهڙي طرح يهوديت، عيسائيت (مسيحت) ۽ اسلام ۾ تمام گهڻن فرقن جنم ورتو.
بهرحال پاڻ سڳورنﷺ اٺن سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ريگستانن ۾ مال چارڻ شروع ڪيو. صبح کان شام تائين انهن ريگستانن ۾ اڪيلي سر وقت گهاريندا هئا. گهڻو وقت آسمان جي اوچائي ۽ اڻ کٽ اُفق ڏانهن نظرون ڄمائي ويهي رهندا هئا ۽ سج لهڻ کان پهريائين مال ڪاهي واپس گهرن ڏانهن آڻيندا هئا ۽ رات گذارڻ لاءِ پنهنجي چاچي ابوطالب وٽ هليا ويندا هئا.
اها به حقيقت واضح آهي ته يتيم ٻار عقل ۽ سمجهه ۾ عام ٻارن کان وڌيڪ هوندو آهي ۽ هو پيش ايندڙ ڏکين حالتن کي مُنهن ڏئي ويندو آهي. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته مون کي ڪو پيار ۽ لاڏ ڪوڏ ڏيندڙ ڪو ئي نه آهي، ۽ نه ئي منهنجي مُنهن تان ڪو مٽي يا ڌوڙ صفا ڪرڻ وارو آهي ۽ نه وري ڪوئي گود ۾ ويهاري پيشانيءَ کي چمندو يا عيد برات تي ڪو مون کي پيار سان نوان ڪپڙا به خريد ڪري ڏيندو.
جنهن ٻار جو اٺن سالن ۾ پيءُ ۽ ماءُ نه هجي ۽ سارو سارو ڏينهن پنهنجي ضرورتن لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪندو رهي اهو ان حقيقت کي سهڻي نموني سمجهي ويندو ته پنهنجي جان کان وڌيڪ ڪنهن تي ڀروسو ڪري ۽ پنهنجي مشڪلاتن جو حل خود تلاش ڪري.
پاڻ سڳوراﷺ ان ننڍڙيءَ عمر ۾ گرم ريگستان ۾ پيرين اگهاڙو گرم واريءَ ۾ مال چاريندا هئا. انهن بي پناهه مشڪلاتن، اڪيلائيءَ ۽ ذميوارين پاڻ سڳورنﷺ کي ننڍڙيءَ عمر ۾ اهڙو ته فهم وارو ، سنجيده ۽ مضبوط ارادي وارو بڻائي ڇڏيو جو جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن جي عمر ٻارهن سال ٿي ته سندن چاچي حضرت ابوطالب پاڻ سان گڏ شام ملڪ ڏانهن واپاري سفر ۾ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
پاڻ سڳورنﷺ جو چاچو حضرت ابوطالب تجارت ڪندو هو. پاڻ سڳورنﷺ جن کي پاڻ سان گڏ شام وٺي ويو. شام جي شهر بصره جي ويجهو ان قافلي منزل ڪئي. اتي هڪ گرجا گهر ”عبادت گاهه“ هو، ان گرجا گهر ۾ هڪ ”بحيراءِ“ نالي دانشور بزرگ شخص زندگي بسر ڪندو هو. ان وقت اهو بزرگ دنيا جي مسيحت جو وڏي مرتبي وارو عالم هو. هڪ عرب ”سيرت نگار“، ”ابن هشام“ ان بزرگ جي باري ۾ لکي ٿو ته عام ماڻهن جي چوڻ مطابق ”بحيراءِ“ دراصل مسيحي نه هو پر هڪ ”مانوي“ زاهد هو.
”مانوي“ يعني هڪ ”ماني“ نالي اهڙي شخص جي پيروي ڪندڙ هو جنهن ساسانين جي دور ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ ساساني سلسلي جي بادشاهه بهرام اول ان کي 276ع ۾ ايران جي هڪ صوبي خوزستان جي هڪ شهر ”جندي شاپور“ جي دروازي تي سوليءَ چاڙهي ڇڏيو هو. ”ماني“ جنهن نبوت جي دعويٰ ڪئي هئي قديم ايران جو مصور هو. 216ع ۾ مشهور شهر بابل جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾، جنهن جو نالو ”مارڊيز“ هو، اتي پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو بابڪ بن ابو بزرام ۽ ماءُ جو نالو مريم هو. هن جو سلسلو نسب مشهور ”اشڪاني“ سلسلي سان ملي ٿو. ”ماني“ روحاني طبيب به پاڻ کي تصور ڪندو هو. هڪ تاريخي روايت جي مطابق هن شاهي خاندان جي هڪ فرد کي، جيڪو خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا هو، سندس بيماريءَ جي خاتمي جي دعويٰ ڪئي پر ان ۾ هو ڪامياب نه ٿيو. انهيءَ سبب وقت جي بادشاهه بهرام اول کيس ڪجهه عرصو جيل ۾ رکيو. آخرڪار هن جو سِرُ قلم ڪرائي باقي جسم کي شهر جي دروازي تي ٽنگرائي ڇڏيو. اسلام جي ابتدائي دور ۾ ابه اهو دروازو ”باب ماني“ جي نالي مشهور هو.
”ماني“ جيڪو نبوت جو دعويدار هو، ”بحيراءِ“ به ان جي پيروي ڪندڙ هو. هي ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته خدا ڪنهن خاص اُمت جي لاءِ نه آهي. پر دنيا جي سڀني قومن لاءِ آهي. هن دنيا جي هر قوم خدا جي مخلوق آهي. خدا جنهن قوم ۾ گهري ان قوم ۾ پيغمبر انهن جي زبان وارو؛ جيڪو انهن سان ڳالهه ڪري سگهي موڪلي سگهي ٿو. جيڪو خدا جا حڪم انهن تائين پهچائي ۽ يهودين يا عيسائين کي اهو حق نه ٿو پهچي ته هو پاڻ کي خدا جي سڀني قومن کان وڌيڪ ويجهو سمجهن ۽ اهو يهودين ۽ عيسائين جو چوڻ به غلط آهي ته ٻيون قومون به اسان جو دين قبول ڪن. ”بحيراءِ“ پنهنجي عبادتگاهه کان ٻاهر قدم نه رکيو هو نه وري ڪنهن قافلي جي ماڻهوءَ سان ڪڏهن ڳالهه ٻولهه ڪئي هئائين.
”بحيراءِ“ هڪ خواب ڏٺو هو ۽ جيتري قدر هن پنهنجن ڪتابن ۽ مسيحي ڪتابن ۾ پڙهيو هو ته هت هڪ قافلو ايندو جنهن قافلي ۾ هڪ ٻار شامل هوندو. ان ٻار جي وڻ ٽڻ به سلامي ڪندا. عرب قوم ۾ جيڪو آخري پيغمبر پيدا ٿيندو سو ان قافلي ۾ شامل هوندو، هي پنهنجي گرجا گهر ۾ مٿي ويٺو ان انتظار ۾ زندگي بسر ڪندو هو ته ڪڏهن ٿو اهو قافلو اچي ۽ اهو ٻار جيڪو پيغمبر اسلام هوندو اهو ڪهڙي قافلي ۾ شامل ٿي اچي ٿو جنهن کي وڻ به سلامي ڪندا.
هڪ ڏينهن جڏهن حضرت ابوطالب جو قافلو ان گرجا گهر جي نزديڪ پهتو ته ان بحيراءِ کي ڪجهه عجيب تاثرات نظر آيا. هن ڏٺو ته واقعي هڪ قافلو پهتو آهي، هي گرجا گهر کان هيٺ لهي قافلي وارن وٽ اچي پهتو، ڏٺائين ته واقعي ئي ان قافلي ۾ هڪ ننڍڙي عمر جو ٻار آهي. حضرت ابوطالب سان ملاقات ڪري عرض ڪيائين ته اوهان منهنجي دعوت قبول فرمايو. دعوت جي ماني جڏهن قافلي وارن وٽ پهتي ته انهن هڪ وڻ جي هيٺان ڇانوَ ۾ دعوت کائڻ جو پروگرام بڻايو، سڀ قافلي وارا جڏهن وڻ جي هيٺان ڇانوَ ۾ گڏ ٿيا ته، ”بحيراءِ“ ڏٺو ته اهو ٻار ته هنن سان آهي ئي ڪونه. پُڇا ڪيائين ته توهان سان هڪ ٻار هيو اهو ڪيڏانهن ويو؟
پاڻ سڳوراﷺ اُٺن ۽ سامان جي سارسنڀال سان هئا. ان وقت پاڻ سڳورنﷺ کي سڏ ڪرايو ويو. پاڻ سڳوراﷺ اچي انهن قافلي وارن کان ٿورو پري اچي اُس ۾ ويهي رهيا. جنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ قافلي وارا ويٺا هئا سا ڇانوَ ڦِري پاڻ سڳورنﷺ جي مٿان ٿي ۽ اهي سڀ اُس ۾ ويٺا رهيا. ”بحيراءِ“ کي بلڪل يقين ٿي ويو ته بيشڪ اهوئي پيغمبر اسلام آهي. ”بحيراءِ“ قافلي جي سردار حضرت ابوطالب کان پُڇا ڪئي ته هي ٻار ڪنهن جو پٽ آهي؟ حضرت ابوطالب فرمايو ته هي منهنجو پٽ آهي. بحيراءِ چيو ته اهو ٿي ئي نٿو سگهي جو هي اوهان جو پٽ هجي. تڏهن حضرت ابوطالب فرمايو ته منهنجو ڀائٽيو آهي، بحيراءِ چيو بلڪل ٺيڪ.
بحيراءِ چيو: ”مان اوهان کي هڪ حقيقت پيش ٿو ڪريان ته مان گهڻي عرصي کان هن قافلي جي انتظار ۾ گرجا گهر کان ٻاهر نه نڪتو هيم. اڄ جنهن حقيقت لاءِ مان اوهان جي آڏو آيو آهيان، اها حقيقت هيءَ آهي ته هي ٻار يتيم آهي ۽ هي عرب ۾ پيغمبر ٿيڻ وارو آهي. اسان جي ڪتابن ۽ منهنجي خواب جي تعبير مطابق سڀ نشانيون مون کي هن ٻار ۾ ملي ويون آهن، هڪ نشاني ته عرب قوم ۾ هڪ ٻار پيدا ٿيندو جيڪو الله جي طرفان پيغمبر مقرر ٿيل هوندو ۽ اهو عربي زبان ۾ سڀني ماڻهن کي الله جي ڏنل هدايت ۽ حڪم ٻڌائيندو. اوهان سڀ يهودين ۽ عيسائين جي دين مڃڻ تي مجبور نه ٿيو، ڇو ته خاتم النبين پيغمبر اسلام عرب قوم ۾ عربي زبان ۾ الله جون هدايتون ڏيڻ لاءِ پهچي چڪو آهي، جنهن جي وڻ به سلامي ڪندا.“
بحيراءِ وڌيڪ چيو: ”مون پنهنجي ساري حقيقت اوهان جي آڏو پيش ڪئي. تنهن ڪري اوهان مهرباني فرمائي هن ٻار کي واپس پنهنجي گهر پهچايو. ڇو ته يهودين ۽ عيسائين کي اها خبر پئجي چڪي آهي ته جزيرة العرب ۾ هڪ ٻار پيدا ٿيو آهي جيڪو خاتم النبين ۽ پيغمبر اسلام آهي. ان ڪري يهودي ۽ مسيحي سندس دشمن آهن. تنهن ڪري هن ٻار جي حفاظت ڪريو ته جيئن اهي يهودي يا عيسائي کيس ڪو نقصان نه رسائن.“ آخرڪار اها ڳالهه ٻڌي حضرت ابوطالب قافلو مڪي ڏانهن واپس آندو.
هيءَ ساري حقيقت هڪ روايت طور لکيل آهي. جيئن ته اسلامي تاريخ جو ابتدائي دور روايتن تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن اسان انهن اسلامي روايتن کي نه مڃينداسين ته اسان کي اسلام جو ابتدائي دور سمجهه ۾ نه ايندو ۽ نه وري ڪجهه ابتدائي دور لاءِ لکي سگهجي ٿو.