وادي حنين
مسلمانن جي هٿان مڪي جي فتح ۽ مڪي وارن جو مسلمان ٿيڻ سان جزيره عرب ۾ اسلام جي ڪاميابي سؤ فيصد يقيني ٿي وئي. مڪو هڪ مذهبي، سياسي ۽ تجارتي شهر هئڻ جي ناتي سان جزيره عرب ۾ مرڪزي حيثيت رکندو هو. جڏهن مسلمانن مڪي تي پوري طرح قبضو ڪيو ته ان جو مطلب هي ٿيو ته انهن جزيره عرب جي مذهبي، سياسي ۽ تجارتي مرڪز کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو.
مڪي جي ڏکڻ ۾ (جتي اسلام کان پهريان قبيلي قريش وارا رهندا هئا) هڪ قبيلو رهندو هو، جنهن کي هوازن جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. هوازن قبيلي جون ڪيتريون شاخون هيون ۽ هي مستقل قبيلن جي صورت ۾ مڪي جي ڏکڻ ۾ ملڪ يمن جي سرحدن تائين هڪ وڏي علائقي ۾ ڦهليل هيون.
ائين تمام گهٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ٻه قبيلا يا ٻه قومون هڪ ٻئي جي ڀرسان رهنديون هجن ۽ هميشه هڪ ٻئي سان سٺا تعلقات قائم رکن ۽ ڪڏهن به انهن ۾ جنگ وغيره نه ٿئي. هوازن قبيلو ۽ مڪي وارا ڪيترائي دفعا هڪ ٻئي سان مقابلو کائيندا رهيا، ايتري قدر جو قبيلي هوازن حرمت وارن مهينن ۾ به قريش جي خلاف جنگ ڪرڻ کان نه مڙيا. عرب جا ماڻهو ماهه حرام جي دوران لڙائيءَ کي ”فجار“ جي نالي سان سڏيندا هئا.
هوازن قبيلو ۽ مڪي وارا هڪ ٻئي جا پراڻي وقت کان خانداني دشمن هئا. حضرت خديجة الڪبريٰ جو والد هوازن ۽ قريش جي درميان ٿيڻ واري لڙائي ۾ هلاڪ ٿيو هو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن به خود ننڍي عمر ۾ پنهنجي چاچي ابو طالب سان گڏجي قبيلي هوازن جي خلاف هڪ لڙائيءَ ۾ شرڪت ڪئي هئي.
هوزارن قبيلي وارن جو هڪ حصو بحيره احمر ۽ صحرائي عرب جي وچيئن علائقي يعني حجاز ۾ رهندڙ هو ۽ هي ماڻهو تقريباً ريگستاني هئا. هوازن جو ٻيو حصو قبيلي ثقيف جي نالي سان طائف ۾ رهندا هئا ۽ انهن کي اتان جو شهري سڏيو ويندو هو. پيغمبر اسلام ﷺ جن جي دائي جنهن پاڻ ﷺ جن جي پالنا ڪئي هئي، دراصل قبيلي هوازن جي ئي هڪ شاخ ”بنوسعد“ سان تعلق رکندي هئي. بنوسعد، بنوبڪر، بنوسليم ۽ هوازن جا ٻيا قبيلا بدستور اسلام دشمني ۽ حضرت محمد ﷺ جن سان ذاتي عداوت ۾ گڏ رهيا.
مڪي جي فتح کان پوءِ ٽئين ڏينهن پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪجهه مسلمانن تي اها ذميواري رکي ته توهان مڪي جي پسگردائي ۾ وڃو ۽ جتي به بت نظر اچن، انهن کي ٽوڙيو. انهن ماڻهن ۾ خالد بن وليد رضي الله به شامل هو، جنهن کي هي حڪم مليو ته هو نخله وڃي اتان جي بتن کي ختم ڪري. جزيره عرب جو مشهور ۽ معروف بت ”عزيٰ“ نخله ۾ ئي لڳل هو.
جڏهن هوزان اهو ڏٺو ته مسلمان انهن جي بتن کي ڀڃن پيا ۽ حقيقت ۾ انهن جي مذهبي عقيدن جون پاڙون پٽن پيا ته انهن مسلمانن سان مقابلو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انهن ٻين قبيلن کي به خبردار ڪيو ته جيترو جلد ٿي سگهي هو به ميدان جنگ ۾ نڪري اچن. اهڙي طرح جلدي ويهه هزار جنگي جوان پنهنجي عورتن، ٻارن ۽ مال متاع سميت مسلمانن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ميدان جنگ ڏانهن روانا ٿيا.
هوازن ان مقصد جي تحت پنهنجي ٻارن ٻچن ۽ جانورن سميت آيا ته هئا ته جيئن پنهنجي سپاهين کي احساس ڏياري سگهن ته انهن لاءِ صرف هڪ ئي رستو باقي آهي ۽ اهو آهي فتح جو رستو. ٻيو رستو انهن جي اهل و عيال ۽ مال متاع جي طرف کان بند ٿيل آهي. جيڪڏهن هو ڀڄڻ اختيار ڪرڻ چاهن ته انهن سڀني تان هٿ کڻڻو لازمي ٿي ويندو.
ٻارن ٻچن ۽ مال کي ساڻ وٺي جنگ جي ميدان ۾ آڻڻ، ان ڳالهه جي نشاني هئي ته هوازن آخري دم تائين پائيداري ۽ استقامت جي عزم سان بيهي وڙهندا ۽ پنهنجي قبيلي کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن . هو يا ته مري وڃن ۽ انهن جا ٻار ٻچا قيدي بڻجڻ ۽ مال وغيره مسلمانن جي هٿ اچي يا ايتري پائيداري سان وڙهن جو مڪي تي به قبصو ڄمائي وڃن. ان کان اڳ اهو ڏسڻ ۾ نه آيو هو ته هوازن ڪنهن جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويهه هزار جنگي جوان گڏ ڪيا هجن، مگر هن دفعي مسلمانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ انهن ايڏي عظيم فوج گڏ ڪئي هئي.
جڏهن مڪي جي قريش کي اها خبر ملي ته هوازن مڪي تي حملو ڪرڻ چاهن ٿا ته انهن جي دلين مان ٿوري گهڻي رهيل ڪدورت مسلمانن جي باري ۾ هئي سا به بلڪل ختم ٿي وئي ۽ انهن مسلمانن سان گڏجي پنهنجي پراڻي دشمن سان مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. صفوان بن اميه، مڪي جي مشهور سردار مڪي جي فتح کان بعد مسلمانن کي هڪ سؤ زره ۽ پنج هزار درهم نقد پيش ڪيا هئا، مگر ان جي باوجود ان هڪ دفعو ٻيهر اسلحو ۽ نقد رقم ادا ڪئي، ته جيئن مسلمان هوازن جي مقابلي ۾ پوريءَ طرح اسلحو سان ظاهر ٿين.
پيغمبر اسلام ﷺ جن هوازن سان مقابلي لاءِ ٻارهن هزار فوج تيار ڪئي جن ۾ ٻه هزار سپاهي قبيلي قريش جا نوان مسلمان هئا. اسلام جو لشڪر 30 جنوري 631ع شام جي وقت وادي حنين ۾ پهتو ۽ اتي ديرو رکيائين. حنين جي سرزمين مڪي ۽ طائف جي وچ تي هئي. ان علائقي جو ڪجهه حصو ڏکيو پهاڙي وارو هو. اسلامي لشڪر انهيءَ مشڪل ڏکئي رستي تان گذري صبح ٿيندي ئي ان واديءَ ۾ داخل ٿي ويو. اسلامي لشڪر ڪنهن خود خدشي کان سواءِ ان گهاٽيءَ مان لنگهي اڳتي ويا.
اتان جو خاموش ماحول ڏسي مسلمانن اڳتي پوئتي جو ڪوبه خيال نه ڪيو ۽ نه وري جاچ وغيره ڪئي. جنگ حنين ۾ هوازن جي لشڪر جي ڪمان مالڪ بن عوف نصري ڪري رهيو هو. مالڪ بن عوف پنهنجي سپاهين کي ڪجهه اهڙيءَ طرح واديءَ جي ٻنهي طرفن کان لڪائي ويهاريو هو جو اسلامي لشڪر جي پهرئين دستي کي اها خبر نه پئجي سگهي ته هن خاموش ماحول ۾ ڪو دشمن جو لشڪر لڪيو ۽ خاموش بيٺو آهي. جڏهن مسلمانن جو دستو اتان گذري رهيو هو ته هوازن جي سردار مسلمانن کي ڏسي ورتو مگر حملي جو حڪم نه ڪيائين ڇو جو هن اهو ڏٺو ته هي دستو فوج جي شروعات آهي باقي سمورو لشڪر پوئتي آهي، ان ڪري هن پنهنجي سپاهين کي چيو ته اصل لشڪر جي پهچڻ جو انتظار ڪن.
حضرت محمد ﷺ جن ان ڏينهن اسلامي سپاهين جي پويان پويان اچي رهيا هئا. پاڻ ﷺ جن هڪ سفيد خچر تي سوار هئا، جنهن جو نالو ”شهبا“ هو. هي خچر حبشه جي بادشاهه سندن خدمت ۾ تحفي طور پيش ڪيو هو. حارث بن حرث رضي الله هڪ صحابي پيغمبر اسلام ﷺ جن اڳيان اڳيان هلي رهيو هو.
هوازن جي لشڪر جو سالار مالڪ بن عوف هڪ ٿڌي طبيعت وارو ۽ عقلمند انسان هيو جو جڏهن اسلام جي لشڪر جو اصلي حصو واديءَ ۾ لٿو تڏهن به هن حملي جو حڪم نه ڏنو پر ان ڳالهه جو انتظار ڪري رهيو هو ته سڀ مسلمان واديءَ ۾ جمع ٿي وڃن، جڏهن اسلامي فوج جو آخري دستو (جنهن ۾ پاڻ ﷺ جن به شامل هئا) وادي ۾ پهتا ته مالڪ بن عوف پنهنجي سپاهين کي حملي جو اشاروڪيو. جهٽ گهڙيءَ ۾ هزارين ماڻهو پهاڙين ۾ لڪيل ٻاهر نڪري آيا ۽ انهن مسلمانن تي تير ۽ پٿر وسائڻ شروع ڪري ڏنا.
اسلامي لشڪر ان وقت اڃان اچي رهيو هو ۽ اڃا تائين ڪابه صف بندي نه ڪئي هئي، ۽ بي خبري ۾ اوچتو حملي ٿيڻ تي سمورو لشڪر گهٻرائجي ويو ۽ افراتفري ۾ اچي، گهوڙي سوارن پوئتي آيل دستي ڏانهن واپس موٽڻ شروع ڪيو. اها حالت ڏسي باقي سپاهي به همت هاري ويٺا ۽ اهي به پوئتي ڀڄڻ لڳا.
الله تعاليٰ هن واقعي کي قرآن مجيد جي نائين سورة توبه ۾ ارشاد فرمايو:
لَقَدْ نَصَرَكُمُ اللّٰهُ فِيْ مَوَاطِنَ كَثِيْرَةٍ١ۙ وَّ يَوْمَ حُنَيْنٍ١ۙ اِذْ اَعْجَبَتْكُمْ كَثْرَتُكُمْ فَلَمْ تُغْنِ عَنْكُمْ شَيْـًٔا وَّ ضَاقَتْ عَلَيْكُمُ الْاَرْضُ بِمَا رَحُبَتْ ثُمَّ وَلَّيْتُمْ مُّدْبِرِيْنَ (سوره توبه ، آيت ٢٥)
يعني: الله تعاليٰ توهان کي گهڻن موقعن تي (يعني جنگين) ۾ فتح ڏني ۽ جنگ حنين جي ڏينهن توهانکي پنهنجي گهڻائي تي ناز هو ۽ اهو سمجهي ويٺا هئا ته جيئن توهان جو تعداد زياده آهي، ان ڪري فتح حاصل ڪنداسين پر ان تصور جي باوجود توهان الله جي مدد کان بي نياز نه هئا ۽ زمين توهان لاءِ ائين سوڙهي ٿي وئي جو اوهان اهو نه سمجهي سگهيا ته ڪهڙي طرف ڀڄون.
علماءِ اسلام چون ٿا ته حضرت محمد ﷺ جن تقريباً اَسي (80) وڏين ننڍين جنگين ۾ سڌي يا اڻ سڌي شرڪت ڪئي ۽ انهن سڀني مقابلن ڪرڻ وقت جيڪا شيءِ مسلمانن کي فتح ڏيارڻ جو سبب بڻي ٿي، اها الله جي مدد هئي، سپاهين جو تعداد نه. پر جنگ حنين جي موقعي تي گهڻا سپاهي ڏسي مسلمان ان ڳالهه ۾ اچي ويا ته هاڻي ڪابه شيءِ انهن جي فتح جو رستو روڪي نٿي سگهي. ان ڳالهه کان هو غافل ٿي ويا ته انهن جي فتح جو سبب الله جي مدد آهي، سپاهين جو تعداد نه. اهوئي سبب آهي ته جنگ حنين ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن جو تعداد اڳ ٿيل سڀني جنگين کان وڌيڪ هو پر اهي لڙائي جي شروعات ۾ ئي تمام وڏي دٻاءَ ۾ اچي ويا.
قرآن مجيد جي نائين سورة توبھ ۾ الله تعاليٰ مسلمانن سان مدد جو ذڪر ارشاد فرمايو:
ثُمَّ اَنْزَلَ اللّٰهُ سَكِيْنَتَهٗ عَلٰى رَسُوْلِهٖ وَ عَلَى الْمُؤْمِنِيْنَ وَ اَنْزَلَ جُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا وَ عَذَّبَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا١ؕ وَ ذٰلِكَ جَزَآءُ الْكٰفِرِيْنَ (سوره توبه ، آيت ٢٦)
يعني: پوءِ الله پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي پنهنجو آرام لاٿو، ۽ (اهڙن) لشڪرن کي لاٿائين جن کي اوهان نه ڏٺو ۽ ڪافرن کي سزا ڏنائين ۽ اها ڪافرن جي سزا آهي.
بهرحال جڏهن رسول الله ﷺ جن اهو ڏٺو ته اسلامي لشڪر ڀڄي رهيو آهي ته پاڻ ﷺ جن خچر تان لهي لغام حارث بن حرث رضي الله جي حوالي ڪري، هڪ مٿاهين جڳهه تي بيهي مسلمانن کي فرمايائون ”ڇا توهان مون کي نه ڏسي رهيا آهيو، مان الله جو رسول ﷺ آهيان، مان عبدالمطلب جو فرزند آهيان، اي مهاجرو، اي انصارو، اي اهي شخصؤ جيڪي حديبيه ۾ مون سان گڏ هئا پوئتي نه ڀڄو ۽ هتي سڀ مون وٽ اچي جمع ٿيو.
ڪجهه تذڪره ۾ آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جو چاچو حضرت عباس رضي الله وڏي آواز سان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي لفظن سان ورجائي رهيو هو. بهرحال حضرت محمد ﷺ جن جي ذاتي شجاعت ۽ ثابت قدمي ان ڳالهه جو سبب بڻي ته پوئتي ڀڄڻ وارا سڀئي مسلمان پاڻ ﷺ جن وٽ اچي گڏ ٿيا ۽ هڪ مضبوط فوج جي شڪل اختيار ڪئي. تڏهن پاڻ سڳورنﷺ اهو حڪم فرمايو ته هڪ دستو واريءَ مان چڪر لڳائي ٻئي طرف ”اوطاس“ نالي ميدان تي پڄي وڃي. مسلمانن ائين ئي ڪيو ۽ جيئن ته هوازن جو سمورو سامان، مال ۽ اهل و عيال ان ميدان ۾ جمع هيو، تنهن ڪري مسلمانن انهن سڀني تي قبضو ڪري ورتو.
هوازن جي جنگي سپاهين مسلمانن جي رستي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن دفعي جيئن ته مسلمان سپاهي جنگي صف بندي ۽ ترتيب سان اڳتي وڌي رهيا هئا اهڙي طرح هوازن جا ڪجهه ماڻهو قتل ٿي ويا باقي جان بچائي ڀڄي ويا. انهن جو اهل و عيال، سامان ۽ وڏي انداز ۾ چوپايو مال مسلمانن جي هٿ چڙهي ويو. پيغمبر اسلام ﷺ جن حڪم ڏنو ته سمورو مال غنيمت جعڪرانه جي جڳهه تي ڪٺو ڪيو وڃي ۽ قيدين جي لاءِ مناسب خوراڪ ۽ لباس جو بندوبست ڪيو وڃي جعڪرانه مڪي جي اتر ۾ پندرهن ڪلوميٽر جي فاصلي تي هيو. ڪجهه اسلامي ڪتابن ۾ جعڪرانه کي ”جعرانه“ به لکيو آهي.
اسلامي لشڪر جي اڳتي وڌڻ سان هوازن جا حوصلا خطا ٿي ويا ۽ جان بچائڻ جي غرض سان انهن طائف شهر ۾ پناهه وڃي ورتي. پيغمبر اسلام ﷺ جن به طائف تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
ان دور ۾ طائف شهر کي ٻه چؤديواريون يا پناهه گاهه هيون، جڏهن طائف وارن کي اها خبر پئي ته مسلمانن جو لشڪر طائف جي طرف اچي ٿو ته انهن شهر جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ تيار ٿي ويا. مسلمانن شهر جا دروازا ٽوڙڻ ۽ ديوارون ڪيرائڻ لاءِ منجيقن جو استعمال ڪيو ۽ حضرت سلمان فارسي رضي الله جي تجويز سان جنگي ريڙها به تيار ڪيا ويا ۽ شهر جي ديوارن تائين پهچڻ لاءِ انهن مان فائدو ورتو ويو. سلمان فارسي رضي الله اهو ايراني مسلمان هيو، جنهن مديني جي چؤگرد خندق کوٽڻ جو نظريو پيش ڪيو هو جنهن تي عمل به ڪيو ويو هو. اها خندق مديني تي حملي ڪرڻ وقت مڪي جي لشڪر لاءِ عذاب ثابت ٿي هئي. جنگي ريڙها جيڪي مسلمانن تيار ڪيا دراصل هڪ چرندڙ پناهه گاهه هئي جن ۾ ويهي مسلمان سپاهي شهر جي ديوار تائين پهچي ويا ۽ انهن کي دشمن جي تيرن ۽ پٿرن جو به خوف نه هو.
بهرحال جنگ حنين ۾ واضع ڪاميابي کان پوءِ مسلمانن جا حوصلا بلند ٿيا ۽ اهي مڪمل خوداعتمادي سان دشمن جي سر تي ڪڙڪي پون پيا. انهن هوازن جي سردار مالڪ بن عوف جي گهر کي به ويران ڪري ڇڏيو جيڪو طائف جي ڏکڻ ۾ موجود هو. مگر طائف کي پنهنجي هٿ هيٺ نه ڪري سگهيا.
پيغمبر اسلام ﷺ جن طائف وارن ڏانهن پيغام روانو ڪيو ته جيڪڏهن توهان هٿيار ڦٽي ڪندؤ ۽ تسليم ڪندؤ ته امان ۾ رهندؤ. ان دعوت جي جواب ۾ اسي (80) ماڻهو طائف مان نڪري پيغمبر اسلام جن جي خدمت ۾ پهتا ۽ اسلام قبول ڪيائون، شهر طائف چاليهن ڏينهن تائين محاصري ۾ رهيو. پر انهن جي شڪست نظر نه آئي ته پاڻ سڳورنﷺ لشڪر جي قيادت ٻئي جي حوالي ڪري پاڻ ﷺ جن جعڪرانه جي طرف روانا ٿي ويا ته جيئن مسلمانن ۾ مال غنيمت ورهايو وڃي ۽ ان سموري مال غنيمت ۾ ڇهه هزار قيدي به هئا سي مسلمانن ۾ ورهاست ڪري ڇڏيا.
قيدين ۾ هڪ اهڙي خاتون به هئي، جنهن جو نالو ”شمه“ هيو سا اچي پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ پهتي ۽ چيائين ته مان اوهان جي رضاعي ڀيڻ آهيان، جڏهن اوهان جي حليمه کير تي پرورش ڪندي هئي ته مان به ان جي ڇاتيءَ مان کير پيئندي هيس پوءِ ان پنهنجي هٿ تي هڪ زخم جو نشان ڏيکاريو ۽ پاڻ ﷺ جن سان مخاطب ٿي چيو ته: ”جڏهن اسان ٻئي ننڍڙا هئاسين ۽ پاڻ ۾ کيڏيندا هئاسين ته هڪ راند ۾ مان زخمي ٿي پئي هيس، جنهن جو نشان اڄ به باقي آهي.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو، ”اي شمه ڇا توکي هي پسند آهي ته مسلمان ٿي آزاد زندگي گذاريان.“ شمه چيو، ”منهنجي لاءِ آزاديءَ جو مطلب هي آهي ته ريگستان موٽي وڃان ۽ اتان واري زندگي وڃي گذاريان.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو، ”مان توکي آزاد ڪري نٿو سگهان، پر هن صورت ۾ ته تون جنگي غنيمت سان منهنجي حصي ۾ اچي وڃ، ان وقت مان توکي آزاد ڪري سگهان ٿو.“ ائين ئي ٿيو، شمه کي پاڻ سڳورنﷺ جي حصي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت اها آزاد ٿي وئي. ڪجهه اسلامي ڪتابن هن خاتون جو نالو ”شيما“ لکيو آهي ۽ اهو به لکيو آهي ته هن اسلام قبول ڪيو هو.
بهرحال جڏهن شمه آزاد ٿي ته ٻيهر پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي چيائين ته منهنجو مڙس به قيد ۾ آهي ۽ جنگي قانون مطابق هو مسلمانن جو غلام آهي. مان اوهان کي التجا ٿي ڪريان ته ان کي به آزاد ڪريو. ان کان بعد پاڻ سڳورنﷺ ٻيهر خواهش ظاهر ڪئي ته هن عورت جي مڙس کي پاڻ ﷺ جن جي حصي ۾ آيل قيدين ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ جڏهن ائين ٿيو ته رسول الله ﷺ جن شمه جي مڙس کي به آزاد ڪري ڇڏيو. ٻين قيدين جڏهن اهو ڏٺو ته شمه ۽ ان جو مڙس آزاد ٿي چڪا آهن ته انهن ڪجهه ماڻهن جو وفد بڻائي پيغمبر اسلام ﷺ جن ڏانهن موڪليو ۽ چورايو ته اوهان جي دائي قبيلي هوازن سان تعلق رکندي هئي، ان ڪري اسان سڀ اوهان جا رضاعي ڀاءُ ڀيڻ آهيون. اوهان اسان کي به آزاد ڪريو ته جيئن اسان به پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي سگهون ۽ آزاديءَ واري زندگي گذاريون. پيغمبر اسلام ﷺ جن جواب ۾ فرمايو ته مان ائين نٿو ڪري سگهان ڇو ته توهان مسلمانن ۾ ورهائجي چڪا آهيو. قيدين جي نمائندي چيو ته، ”ڇا اوهان پسند ڪندا ته حليمه جي قبيلي وارا غلام بڻجي در در جا ڌڪا جهليندا وتن؟“ پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته مان صرف اهوئي ڪري سگهان ٿو ته انهن غلامن ۽ نوڪرياڻين کي جيڪي منهنجي حصي ۾ آيا آهن، آزاد ڪري ڇڏيان پر مان ٻين جو ذمو نٿو کڻي سگهان ۽ نه وري انهن تي دٻاءُ رکي سگهان ٿو، اهو انهن جي مرضي تي آهي ته پنهنجي غلامن کي آزاد ڪرڻ چاهن ٿا يا نه.
پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي واعدي تي عمل ڪيو ۽ پاڻ ﷺ جن جي حصي ۾ آيل جيترا به غلام ۽ ٻانهيون هيون، سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ۽ حضرت عمر رضي الله به اتي موجود هئا. انهن به پنهنجي حصي جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حضرت علي رضي الله به پنهنجي قيدين کي آزادي ڏئي ڇڏي. ٻين مسلمانن جڏهن ڏٺو ته اسلام جي بزرگن پنهنجي غلامن ۽ نوڪرياڻين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ته انهن به پنهنجي پنهنجي حصي ۾ آيل قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو، پر انهن جومال پنهنجي قبضي ۾ رکيو. ٻئي طرف جڏهن هوازن جي ماڻهن پاڻ سڳورنﷺ جي ان رويي کي ڏٺو ته عام مسلمانن جي طرف کان اطاعت رسول الله ﷺ ۽ انهن جو ايمان افروز منظر ڏٺو ته ان کان متاثر ٿي سمورا شخص مسلمان ٿي ويا ۽ اهڙي حالت ۾ جڏهن ته انهن جي چپن تي ڪلمو شهادت جاري هيو، پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس روانا ٿيا.
آزادي ماڻڻ وارن ۾ هوازن جو سپھ سالار مالڪ بن عوف به شامل هيو، جنهن کي ان جو سارو مال به واپس ڏنو ويو، ڇو ته هن جو مال پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حصي ۾آيو هو. مالڪ بن عوف انهيءَ وقت مسلمان ٿي ويو ۽ بعد ۾ ان اسلام جي لاءِ اعليٰ خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙي ريت هوازن جي قيدين ۽ مال جي ورهاست جو مسئلو ختم ٿيو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن هڪ دفعو وري ٻيهر طائف وڃڻ جو ارادو فرمايو ته، جيئن اتان جي صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي.
طائف جي محاصري ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي هئي ۽ اسلامي لشڪر جو اهو حصو جيڪو طائف جي محاصري جي سبب جعڪرانا وڃي نه سگهيو هو، اڄ تائين شهر کي قبضي هيٺ آڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو هو. پر جيئن ته هوازن قبيلي اسلام قبول ڪيو ان ڪري هاڻي طائف شهر مسلمانن لاءِ خطرو بڻجي نه پيو سگهي پر ان جي حيثيت اهڙي جزيره جهڙي هئي جيڪو اسلام جي لشڪر جي چئني طرفن کان ڦاٿل هجي. پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ڄاڻن پيا ته طائف جو محاصرو جيڪڏهن مختصر فوج جي ذريعي به جاري رهي ته آخرڪار هي شهر هٿيار ڦٽي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو، انڪري پاڻ ﷺ جن ابوسفيان رضي الله کي هڪ مختصر فوج جي ڪمان حوالي ڪئي ۽ محاصرو جاري رکڻ جو حڪم فرمايائون ۽ خود پاڻ سڳوراﷺ ٻين مسلمانن سان گڏ مڪي ڏانهن روانا ٿيا.