الله تعاليٰ جو پيغام
جڏهن حضرت خديجه جن حضرت محمد ﷺ جن کي ان حال ۾ ڏٺو ته سندن هٿ مبارڪ وٺي کين سهارو ڏنائون ۽ پاڻ کانئن کان پڇا ڪيائون ته اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو ايڏا ٿڪل نظر اچو پيا، جيئن ڪو بيمار هجي. حضرت محمد ﷺ جن پنهنجو سمورو احوال ٻڌايو جيڪو پاڻ سڳورنﷺ سان پيش آيو، پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ”مون کي ڏاڍو ڊپ لڳي رهيو آهي“ حضرت خديجه پڇيو ته اوهان کي ڪهڙي ڳالهه کان ڀؤ ٿي رهيو آهي؟
هتي ٻن روايتن جو ذڪر ٿيل آهي.
ڪجهه علماءِ اسلام جو چوڻ آهي ته حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه کي فرمايو ته مون تي خوف طاري ٿي ويو آهي ۽ جيڪو آواز منهنجي ڪنن ٻڌو آهي، ان آواز مون تي ايترو ته اثر ڪيو آهي جو مون کي قرار نٿو اچي، مون کي ڪٿي لڪايو يا مون کي ڪجهه ويڙهيو.
ڪجهه ٻين اسلامي مفڪرن جن ۾ ”ابن هشام“ ۽ ”سهيلي“ به شامل آهن، لکن ٿا ته حضرت محمد ﷺ جن اڪثر وقت غار حرا ۾ گذاريندا هئا. ۽ غور فڪر ۾ محو رهندا هئا ته ان وقت سوچ ويچار سبب پريشان ٿي ويا ته جيڪو آواز پاڻ ﷺ ٻڌائون، شايد اهو پاڻ سڳورنﷺ جي سوچ ۽ خيال جو آواز هجي. ان جي باوجود ٻئي روايت ڪندڙ ان ڳالهه تي متفق آهن ته حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه جن کي فرمايو ته مون کي ڪجهه ويڙهيو. حضرت خديجه پاڻ سڳورنﷺ کي هڪ ”دثار“ يعني هڪ اوني ڪپڙو (ڪمبل) ويڙهيو ته جيئن پاڻ سڳوراﷺ آرام فرمائن.
جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن خوف جي احساس کان بعد ان سوچ فڪر ۾ پئجي ويا هجن ته هيءَ به هڪ تعجب جي ڳالهه نه آهي، ڇو ته جن به پهريون دفعو الله جو پيغام ٻڌو اهي خوف طاري ٿيڻ کان پوءِ سوچ ويچار ۾ پئجي ويا آهن.
عيسائي مذهب جي هڪ مشهور عالم ”سينٽ ٽريز“ جو چوڻ آهي ته، ”جڏهن الله جو آواز انسان جي ڪنن تائين پهچندو آهي ته ان کي يقين حاصل ٿي ويندو آهي ته اهو الله جو ئي آواز آهي،. ڇو ته ان آواز جي انداز بيان ۽ طرزعمل جي اصليت ۾ شڪ شبهو ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هوندي آهي.
بهرحال حضرت محمد ﷺ جن چادر ويڙهي ليٽي ته پيا پر کين نه سمهندي آرام اچي پيو نه وري جاڳندي قرار حاصل ٿي پيو.
ڪجهه عرب ليکڪ لکن ٿا ته انهيءَ رات جبرائيل ٻيهر حاضر ٿيو ۽ حضرت محمد ﷺ جن ڏانهن الله جو پيغام آندو. ڪجهه علماءِ اسلام جو نظريو آهي ته واقعي غار حرا کان ٽي ڏينهن بعد جبرائيل ٻيهر حاضر ٿيو ۽ اها سورة جيڪا هينئر قرآن مجيد ۾ 74 چوهتر سورت آهي حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿي. ان سورت جي پهرئين آيت آهي ”ياايهاالمدثر قم فانذر“ يعني ”اي چادر ويڙهڻ وارا اُٿ ۽ انسانن کي هدايت جي واٽ ڏيکار.“
اهي آيتون جبرائيل چوندو ويو ۽ حضرت محمد ﷺ جن کي ياد ٿينديون ويون ۽ ان وقت پاڻ سڳورنﷺ جن کي يقين ڪامل ٿي ويو ته جيڪو آواز ٻڌان ٿو، اهو آواز الله جي طرفان آهي ۽ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه اهڙي انداز ۾ جملا پيش نٿو ڪري سگهي. بعد ۾ حضرت خديجه پاڻ سڳورنﷺ جن کي پنهنجي سوٽ درقه بن نوفل جي گهر وٺي آئي، جيڪو هڪ ”حنيف“ هو. جڏهن پاڻ سڳوراﷺ ۽ حضرت خديجه ورقه بن نوفل جي گهر ۾ پهتا ته درقه بن نوفل ۽ سندس ڀيڻ انجيل پڙهي رهيا هئا. پاڻ سڳورنﷺ جن ان کي غار حرا جو سارو حال احوال ٻڌايو ۽ ان کان بعد ”ياايهاالمدثر“ جي نازل ٿيڻ جو حڪم بيان فرمايو ته ورقه بن نوفل چيو ته الله جو هي ڪلام بنا شڪ جي اهو ”ناموس“ آهي (ناموس جبرائيل جو لقب آهي) جيڪو پهريان حضرت موسيٰ تي نازل ٿيو هو. ڪجهه اسلامي تاريخدانن جي مطابق ورقه بن نوفل اهو به چيو ته يا محمد! بيشڪ اهوئي ناموس آهي، جنهن جي اچڻ جي خبر حضرت عيسيٰ ڏني هئي.
لفظ ”ناموس“ جي لغوي معنيٰ الله جي انهن حڪمن جو نالو آهي جيڪي بني نوع انسان جي لاءِ واضح ڪيا ويندا آهن اهڙي جملي کي ”ناموس“ چيو ويندو آهي.
بعد ۾ ورقه بن نوفل پاڻ سڳورنﷺ کي مخاطب ٿي چيو ته جيڪو ڪجهه اوهان آندو آهي ۽ اوهان چئو ٿا ته ان ڳالهه تي ته ماڻهو اوهان جا دشمن ٿي ويندا. ڪاش! مان ايترو وقت زنده هجان ها جو دشمنن جي مقابلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهان ها ڇو ته مون کي ان ڳالهه جو خوف آهي ته جڏهن اوهان دين جو اعلان شروع ڪيو ته ماڻهو اوهان کي نه مڃن يا جلاوطن ڪري ڇڏن.
جلاوطن ٿيڻ يعني جزيرة العرب ۾ ڪنهن قبيلي جي طرفان ڪنهن شخص کي پنهنجي برادريءَ مان ڪڍڻ هڪ وڏ ي مصيبت سمجهي ويندي هئي، جيڪا ان شخص تي نازل ٿيندي هئي. جڏهن ڪنهن شخص کي پنهنجي قبيلي جي طرفان لاتعلق ڪيو ويندو هو ته ان جو قتل ڪرڻ معاف هوندو هو. يعني جيڪو شخص ان شخص کي قتل ڪندو هو ته قاتل کي ڪجهه به نه چيو ويندو هو، يا ان شخص کي پڪڙي غلام بڻائي رکيو ويندو هو. ان تڙيل شخص جي حيثيت هڪ رستي تي پيل پٿر وانگر هوندي هئي ته ڪو ڪٿي ڦٽي ڪري يا کڻي پري اڇلائي ڇڏي. حقيقت ائين هئي ته ان شخص جو هجڻ يا نه هجڻ برابر هيو.
پر حضرت محمد ﷺ جن کي الله جي آواز جو پورو يقين حاصل هو، ۽ جلاوطن ٿيڻ يا قبيلي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ جو مٿس ڪوبه خوف نه هو. ان رات کان بعد پاڻ سڳوراﷺ ٻيهر جبل النور ڏانهن ويا پر اهو شخص (جبرائيل) حاضر نه ٿيو، وري ٻي رات به غار حرا ۾ ويا ته به جبرائيل نظر نه آيو.
حضرت محمد ﷺ جن روزانو جڏهن رات جو اونداهي ٿيندي هئي ته حضرت خديجه کي ڇڏي غار حرا ۾ اچي ويهندا هئا، اتي ان اميد سان ويهندا هئا ته شايد جبرائيل کي ڏسي سگهن پر هو پاڻ کي نظر نه ايندو هو.
آهستي آهستي پاڻ سڳورنﷺ جن جي غمگين حالت ٿيندي وئي. حضرت خديجه پاڻ سڳورنﷺ کي تسلي ڏيڻ ۾ ڪيتري به ڪوشش ڪندي هئي پر ڪامياب نه ٿيندي هئي. ڪنهن ڪنهن وقت ائين به ٿيندو هو جو پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي گهر کان نڪري سڄي رات غار حرا ۾ گذاريندا هئا. ٻيو ڏينهن ۽ رات به اتي ئي گذاريندا هئا، جڏهن صبح جو واپس گهر پهچندا هئا ته بيحد ٿڪيل نظر ايندا هئا.
هڪ رات جڏهن حضرت محمد ﷺ جن غار حرا ۾ ويا ته پنهنجي چادر ويڙهي ڏاڍا اُداس ٿي ويٺا رهيا ته حضرت جبرائيل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو چئي رهيو هو ”يا محمد اوهان الله جا رسول آهيو ۽ مان جبرائيل آهيان. حضرت محمد ﷺ جن اُٿي ويهي رهيا ۽ ان ڳالهه جو انتظار ڪندا رهيا ته جبرائيل شايد اڃان ڪجهه چوي پر جبرائيل ٻيو ڪجهه به نه چيو. صبح جو جڏهن پاڻ سڳوراﷺ گهر پهتا ته حضرت خديجه جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي ڏٺو ته ڏاڍا خوش نظر آيا. پاڻ سڳورنﷺ حضرت خديجه کي فرمايو ته گذريل رات هڪ دفعو ٻيهر حضرت جبرائيل جي آواز ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ ان ڳالهه تي خوش آهيان ته الله جي نظرن کان دور نه آهيان.
ان کان بعد حضرت محمد ﷺ جن ٽي سال راتين جو غار حرا ۾ ويندا رهيا ۽ اهو صبح تائين اتي فقط الله جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪندا رهيا. ڪڏهن ڪڏهن جبرائيل جو آواز به ٻڌندا هئا. پر صرف ايترو ”يا محمد اوهان الله جا رسول آهيو ۽ مان الله جو فرشتو جبرائيل آهيان“ پر ان جملي کان وڌيڪ جبرائيل ڪجهه نه چوندو هو. ان عرصي ۾ اهڙي ڪابه رات نه هئي جو پاڻ سڳوراﷺ صبح تائين الله جي باري ۾ غور فڪر نه ڪن ۽ رات جو روزانو انهن آيتن کي دهرائيندا رهندا هئا، جيڪي پاڻ تي نازل ٿيون هيون.
انهن ٽنهي سالن جي مدت کي اسلام ۾ ”دورانيه فترت“ يا ”فترت الوحي“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جنهن مدت ۾ قرآني آيتن جو نازل ٿيڻ چيو ويو آهي.
مسلمانن جو نظريو هي آهي ته فترت الوحي ان لاءِ پيش آئي ته حضرت محمدﷺجن پنهنجي عظيم مشن کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ غور فڪر ڪري سگهن ۽ انهن ٽنهي سالن ۾ حقيقي ۽ روحاني نشونما مڪمل ٿي وڃي.