مذهب

حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

گهريلو زندگيءَ جو دور

گهريلو زندگيءَ جو دور

حضرت خديجه  مان نبي ڪريم ﷺ جن کي ٽي فرزند ٿيا، جيڪي ننڍڙيءَ ئي عمر ۾ وفات ڪري ويا هئا، باقي سندن نياڻيون حضرت رقيه ، حضرت زينب، حضرت اُم ڪلثوم ۽ حضرت فاطمه  (وڏيون ٿيون سندن شاديون به ٿيون ۽ اولاد به ٿي) ليڪن سندن چئني نياڻين مان صرف حضرت فاطمه جي اولاد دنيا ۾ باقي رهي.
پاڻ سڳوراﷺ جن بيبي خديجه  سان شادي ڪرڻ کانپوءِ گهر جا ڀاتي بڻجي ويا. حضرت خديجه  جي قيبلي جا ماڻهو اخلاق، ڪردار ۽ خلوص عمل جي لحاظ سان سڃاتا ويندا هئا ۽ سندن شمار ”حنيف“ ۾ هوندو هو. حنيف اهڙن ماڻهن کي چيو ويندو هو، جيڪي بت پرستيءَ جي مخالفت ته نه ڪندا هئا پر بتن تي يقين به نه رکندا هئا. اهڙا ماڻهو سڀ حقيقت جي تلاش ۾ هوندا هئا ۽ ڪوشش ڪندا هئا ته اهڙن خدائن جي عبادت ڪئي وڃي، جن جي حقيقت ۾ ڪوئي شڪ شبهو نه هجي.
اهڙن ماڻهن ۾ هڪ شخص ”ورقه بن نوفل“ به هيو، جيڪو حضرت خديجه  جو سوٽ سڏرائيندو هو. پاڻ سڳورنﷺ جي شاديءَ کان پوءِ ورقه بن نوفل پاڻ سڳورنﷺ جو دوست ٿي ويو هو. پاڻ سڳورنﷺ جن سان واقفيت وڌائڻ ۾ عبدالله بن جحش، عثمان بن حواريه ۽ زيد بن عمرو به هئا. اهي ماڻهو يا ٻيا حضرت خديجه  جي قبيلي جا ماڻهو جڏهن پاڻ ۾ ملندا هئا ته مذهبي ڳالهيون ڪندا هئا. ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي چوندا هئا ته اوهان به حنيفن جي جماعت ۾ شامل ٿي وڃو. ان وقت پاڻ سڳوراﷺ جواب ۾ فرمائيندا هئا. ”لاَاِلھَ اِلاَالله“ يعني الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. هڪ دفعي پاڻ سڳورنﷺ انهن ماڻهن کي فرمايو ته حقيقت وقت تي ظاهر ٿي ويندي ۽ جنهن کي به چاهيندي پنهنجو چهرو ڏيکاري ڇڏيندي.
جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ حضرت خديجه  کان مالي حالت ۾ تمام ڪمزور هئا، پر ان وفادار گهرواريءَ ڪجهه اهڙي نموني پنهنجي مڙس جو خيال رکيو جو هڪ ليکڪ، ”ابن سعد“ حضرت آدم جي زباني هن ريت لکي ٿو ته،
حضرت آدم بهشت ۾ حوا کي چيو ته، ”سڀ کان وڏي نعمت الله تعاليٰ جيڪا رسول الله ﷺ جن کي عطا ڪئي، اها هيءَ ته کين حضرت خديجه  جهڙي گهرواري نصيب ڪئي، جنهن الله جي حڪمن کي مڪمل ڪرڻ خاطر حضرت محمد ﷺ جن جي هرممڪن مدد ڪئي ۽ حوا ان ڳالهه جو سبب ٿي جو مان بهشت ۾ خدا جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃان.“
سن 605ع ۾ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن جي عمر پنجٽيهه سال ٿي، تڏهن مڪي ۾ ٻه اڻ وڻندڙ واقعا پيش آيا، هڪ ڪعبي ۾ باهه لڳي ۽ ٻيو ٻوڏ اچي وئي جنهن ڪعبي جي ڪجهه حصي کي لوڙهي ڇڏيو، مڪي ۾ مينهن تمام گهٽ پوندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو اهڙو ته وڏڦرو مينهن پوندو هو جو ٻوڏ اچي ويندي هئي. ان سال به ايئن ئي ٿيو جنهن ڪري ڪعبة الله کي وڏو نقصان رسيو. قريش جي ڏهن قبيلن اهو فيصلو ڪيو ته ماڻهن کان چندو جمع ڪيو وڃي ۽ عوامي چندي سان ڪعبة الله جي مرمت ڪئي وڃي.
هڪ طرف مڪي ۾ چندو جمع ڪرڻ شروع ٿيو ته ٻئي طرف هڪ ٻيڙي جيڪا روم صغريٰ (اڄ جي ترڪيءَ) کان يمن وڃي رهي هئي. شعيبش جي بندرگاهه (اڄ جي جده) وٽ سمنڊ ۾ ٻڏي وئي.اها ٻيڙي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ بجاءِ واريءَ ۾ ڦاسي پئي ۽ آهستي آهستي ٻڏڻ لڳي. ان ٻيڙيءَ ۾ هڪ گرجا گهر جي تعمير لاءِ ضروري سامان ڀريل هو، جيڪو گرجا گهر يمن ۾ تعمير ٿي رهيو هو. ان ٻيڙيءَ ۾ سنگ مرمر، سرون، ٽائلس، ڪاٺ ۽ لوهه جو سامان سٿيل هو ۽ گهڻي مقدار ۾ عمارتي سامان ڀريل هو. ان کان علاوه هڪ تجريبڪار مستري به ان ٻيڙيءَ جي ذريعي يمن وڃي رهيو هو جنهن جو نالو ”بڪوم“ هو.
بڪوم جيڪو هڪ مسيحي هو، عربن کيس چيو ته واريءَ ۾ ڦاٿل ٻيڙي جيڪا هينئر ٻڏندي وڃي ٿي، ان مان سامان ڪڍڻ ممڪن نه آهي، ڇو ته اها ٻيڙي جنهن ۾ وڏي انداز سان سامان ڀريل آهي. عنقريب سمنڊ جي تري تائين پهچندي، جيڪڏهن تون اجازت ڏئين ته اهو عمارتي سامان اسان لاهي خانه ڪعبه جي مرمت ۽ تعمير لاءِ استعمال ڪريون، ان کان علاوه تون هڪ تجربيڪار مستري به آهين، اسين توکي خانه ڪعبه جي مرمت ۽ تعمير جو ڪم به حوالي ڪريون. ان اها تجويز قبول ڪئي اهڙي طرح اهو سامان ٻڏندڙ ٻيڙيءَ مان لاهي مڪي ڏانهن روانو ڪيو ويو.
مڪي پهچڻ کان بعد بڪوم خانه ڪعبي جي باقي حصي کي به ڊاهڻ شروع ڪيو ته جيئن مڪمل تعمير ٻيهر شروع ڪئي وڃي. قريش جي ماڻهن جڏهن اهو ڏٺو ته اعتراض ڪيائون ۽ چيائون ته هي گهر ويران ٿيڻ نه گهرجي جيڪڏهن تون هن کي ويران ڪندين ته اسان سڀني تي غضب نازل ٿيندو ۽ اسان مڪمل طور تباهه ٿي وينداسين.
بڪوم جواب ڏنو ته هن عمارت ۾ هڪ دفعو باهه لڳي آهي ۽ ٻيو هن جو حصو سيلاب نقصان ڪري ويو آهي، انڪري جيڪا به هينئر هن عمارت جي مرمت ٿيندي سا ناڪام ثابت ٿيندي. بهتر ائين آهي ته هن عمارت کي مڪمل ڊاهي انهيءَ ئي جڳهه تي نئين سر نئين عمارت تيار ڪئي وڃي. اسان جو مقصد خانه ڪعبه جي تعمير ڪرڻ آهي. منهنجي خيال ۾ عذاب اچڻ جو ڪوبه سبب نظر نٿو اچي، پر قريش جي بزرگن بڪوم جي اها ڳالهه نه مڃي ۽ ڪعبي کي مڪمل ڊاهڻ جي منع ڪري ڇڏيائون. ان وقت خانه ڪعبي جي ڀرسان هڪ کوهه هوندو هو، جنهن ۾ هڪ ازدها نانگ رهندو هو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن کوهه کان ٻاهر پاڻ سيڪڻ لاءِ اُس ۾ ليٽندو هو. مڪي جا ماڻهو جيتوڻيڪ ان بلا کان ڏاڍو ڊڄندا هئا پر کيس مارڻ جي ڪوشش به نه ڪندا هئا.
جڏهن مڪي وارن جي منع مطابق بڪوم مستريءَ ڪعبي جي تعمير جو ڪم بند ڪيو ته هڪ ڏينهن اها بلا کوهه کان ٻاهر نڪري اُس ۾ ليٽندي رهي. اتفاق سان ان وقت آسمان کان هڪ باز (عقاب) ظاهر ٿيو، جنهن ان بلا تي حملو ڪري پنهنجن چنبن ۾ کڻي گم ٿي ويو. ان واقعي کان پوءِ مڪي جي بزرگن اها سوچ ڪئي ته آسمان کان ايندڙ عقاب ۽ ازدها بلا کي کڻي گم ٿي وڃڻ، مڪي وارن ماڻهن کي ان بلا کان نجات حاصل ٿيڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته خدا پنهنجي گهر جي ڊاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان ڪري انهيءَ جڳهه تي نئين عمارت تعمير ڪئي وڃي.
مڪي جي بزرگن بڪوم کي ڪعبي جي رهيل حصي کي ڊاهڻ جي اجازت ڏني ۽ ان ڪنهن ڍر کانسواءِ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. جڏهن خانه ڪعبه جي تعمير مڪمل ٿي وئي تڏهن بهشتي پٿر حجرالاسود کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ جو وقت آيو، جڏهن خانه ڪعبه کي ڊاهيو ويو هو تڏهن حجرالاسود کي هڪ الڳ جڳهه تي رکيو ويو هو. ان ڪري ته ڪعبي جي تعمير مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر انهيءَ جاءِ رکيو ويندو. پر ان وقت حجرالاسود کي ان ساڳيءَ جاءِ تي رکڻ لاءِ قريش جي ڏهن قبيلن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو. ته هر قبيلي جي خواهش هئي ته هو حجرالاسود کڻي ڪعبي ۾ لڳائي.
آخرڪار جهڳڙي کان بچاءَ خاطر قريش جي بزرگن اها تجويز پيش ڪئي ته اڄ رات ڪعبي ۾ ترسو صبح سوير جيڪو به شخص خانه ڪعبي ۾ سڀ کان اول داخل ٿئي، اسين سڀ فيصلو ان جي حوالي ڪنداسين. اها تجويز سڀني قبول ڪئي. ساري رات ڏهن ئي قبيلن جا بزرگ ڪعبي ۾ ترسيا. صبح سوير پهريون شخص حضرت محمد ﷺ جن خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيا. سڀني کين فيصلي جو ”امين“ قبول ڪيو. حضرت محمد جن هڪ چادر آڻڻ لاءِ فرمايو. ان وقت هڪ تنبوءَ جي چادر آندي وئي. پاڻ سڳورنﷺ حجرالاسود کڻائي چادر جي وچ تي رکرايو ۽ قريش جي ڏهن قبيلن جي اڳواڻن کي فرمايو ته چادر جي چئني ڪنڊن کان جهلي حجرالاسود کي ڪعبي تائين آندو وڃي، پاڻ سڳورنﷺ به چادر جي هڪ ڪنڊ ۾ هٿ مبارڪ وڌو ۽ قريش جي ٻين ماڻهن جي مدد سان حجرالاسود ڪعبه تائين آندو ويو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ حجرالاسود کي چادر مان کڻي ديوار تي رکيو.
حضرت محمد ﷺ جن جي ان حڪمت عمليءَ نه صرف قريش قبيلن جي دلين کي موهي وڌو پر پاڻ سڳورنﷺ جي عزت ۽ احترام ۾ به گهڻو واڌارو اچي ويو ۽ قريش جا سڀ قبيله کيس تمام وڏي محبت جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. بهرحال ڪعبة الله نئين سر تعمير کان پوءِ پنهنجي اصل صورت ۾ مڪمل تيار ٿي ويو. جزيرة العرب جي سڀني مذهبن جي بتن ۽ تصويرن کي پهريون وانگر ٻيهر خانه ڪعبه ۾ رکيو ويو. عڪاظ جي بازار به هر سال وانگر ٻيهر شروع ٿي وئي. ان بازار ۾ شاعرن جي شاعري به پهريون وانگر ڪعبي جي ديوارن تي لٽڪائڻ شروع ٿي وئي.
610ع ۾ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جي عمر چاليهه سال ٿي تڏهن پاڻ سڳورنﷺ ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي. ان کان پهريان پاڻ سڳوراﷺ پنج سال مسلسل غار حرا جي طرف وڃي وقت گذاريندا هئا ۽ اڪيلائي ۾ ويهي غور فڪر ڪندا هئا.