مشرڪن جا ايذاءَ رسائڻ
جيئن ته اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته جيڪي واقعا جن روايتن تي مشتمل هوندا مان انهن بابت چوندس ته اهي ان ريت روايت ٿيا آهن. هڪ مغربي تاريخ لکندڙ جڏهن واقعي کي ٻڌندو ته ان جو سبب ڄاڻڻ چاهيندو، ته ڇا جي ڪري حضرت محمد ﷺ جن جي دعوت ۾ مهمان جيترو به کائن پيا، اهو کاڌو ختم نه پيو ٿئي ۽ جيترو به پاڻي پيتو وڃي پيو ان جي باوجود پاڻي ختم نه پيو ٿئي.•
حضرت محمد ﷺ جن جڏهن اهو ڏٺو ته قريبي رشتيدارن جي باري ۾ الله تعاليٰ جي حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو ته پاڻ سڳورنﷺ سوچيو ته مڪي وارن کي ”جبل صفا“ ڪوهه صفا تي جمع ٿيڻ جي دعوت ڏني وڃي. ڪوهه صفا به جبل النور ۽ مڪي جي چؤگرد ڦهليل ٻين پهاڙن وانگر هڪ وڏو جبل هو، جنهن کي عرب ماڻهو جبل يعني ڪوهه جي نالي سان سڏيندا هئا.
حضرت محمد ﷺ جن اهو سوچيو ته جيڪڏهن مڪي وارن کي ڪوه صفا تي گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏني وڃي، ته لازمي پنهنجي خاندان جا ڀاتي به اتي ايندا ۽ اهڙي ريت انهن ماڻهن کي دين اسلام جي دعوت پهچائي سگهبي.
ان طرح پاڻ سڳورنﷺ تمام ماڻهن کي پيغام ڏنو ته اهي مقرر ڏينهن جو ”ڪوه صفا“ تي جمع ٿين. ڇو ته، مان هڪ اهم ڳالهه اوهان تائين پهچائڻ گهران ٿو. سڀني ماڻهن سان گڏ پاڻ سڳورنﷺ جا قريبي رشتيدار به جبل صفا تي جمع ٿيا، حضرت محمد ﷺ جن هڪ مٿاهين جڳهه تي بيهي ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو ته، ”اي انسانو! جيڪڏهن مان ڪا اهم ڳالهه اوهان لاءِ بيان ڪريان ته اوهان اها قبول ڪندؤ يا نه؟
ماڻهن هڪ آواز ٿي جواب ڏنو ته، ”يا محمد ﷺ اسان کي اوهان جي ڳالهه تي يقين آهي، ڇو ته اسان ڄاڻون ٿا ته توهان بيشڪ سچا آهيو ۽ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهيو.“
حضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته، ”اي انسانو! الله تعاليٰ مون کي رسالت لاءِ چونڊيو آهي ۽ مان الله تعاليٰ جي طرف کان مقرر ٿيل آهيان ته توهان کي حڪم خداوندي کي مڃڻ ۽ الله تعاليٰ جي اطاعت ڪرڻ جي دعوت ڏيان ۽ جيڪڏهن اوهان الله تعاليٰ جي اطاعت کان منهن موڙيندؤ ته توهان تي الله جو غضب نازل ٿيندو.“
”طبري“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن اهي جملا خطاب فرمايا ته ابي لهب چڙ منجهان رڙيون ڪندي چيو ته ”اي محمد ﷺ ڇا تون انهن ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ اسان سڀني کي هت سڏايو آهي؟ ڇا تو اهو نه سوچيو ته انهن ڳالهين جي ايتري اهميت ناهي، جو اسان پنهنجو ڪاروبار ڇڏي هتي هليا اچون.
بعد ۾ ابي لهب اتي موجود ماڻهن تي گجگوڙ ڪري چيو ”هن ﷺ جي ڳالهين ڏي ڪن نه ڏيو، ۽ پنهنجي پنهنجي گهر موٽي وڃو. حضرت محمد ﷺ پنهنجو دماغ وڃائي ويٺو آهي“ سڀ ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس هليا ويا، پاڻ سڳورنﷺ وٽ باقي صرف ٻه ماڻهو وڃي رهيا، هڪ حضرت علي رضي الله ۽ ٻيو حضرت زيد رضي الله .
هن واقعي کان پوءِ پيغمبر اسلام جن جي قريبي رشتيدارن پاڻ سڳورنﷺ جي خلاف عملي مخالفت جي شروعات ڪري ڏني ۽ پاڻ سڳورنﷺ تي مزاق ۽ چٿرون ڪرڻ شروع ڪيون.
جڏهن جماعت قريش ۽ خاص ڪري ابي لهب ۽ سندس گهرواري جميله اهو ڏٺو ته اسان جي زبان جا تير حضرت محمد ﷺ تي ظاهر ۾ اثرانداز نٿا ٿين ته انهن پاڻ سڳورنﷺ کي طرح طرح جا ايذاءَ پهچائڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ ابي لهب ۽ سندس گهرواريءَ جو تعلق مڪي جي ”مهذب“ جاهل طبقي سان هيو، پر اهي ٻئي پاڻ سڳورنﷺ ڏانهن پٿر اڇلائيندا هئا، جنهن سبب پاڻ سڳورنﷺ جي گهر جون دريون جيڪي ڪاٺ جون ٺهيل هيون ڀڄي پونديون هيون. ايستائين جو آواره ٻارن کي پئسا ڏئي حضرت محمد ﷺ جن جي گهر تي انهن کا ن پٿراءُ ڪرائيندا هئا ۽ مئل جانورن جا لاش ۽ مئل جانورن جو گند ڪچرو پاڻ سڳورنﷺ جي گهر ۾ اُڇلرائيندا هئا.
پان سڳورا ﷺ جڏهن به گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته جميله ۽ ابي لهب جي هُشيءَ تي گهٽي محلي جا ٻار ۽ ٻيا آواره ماڻهو پاڻ ﷺ جن کي پٿرن سان نشانو بڻائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي پٿر ڪجهه اهڙي نموني هڻندا هئا، جو پاڻ سڳورنﷺ جي مٿي مبارڪ يا چهري مبارڪ تي لڳندا هئا ۽ رت جاري ٿي ويندو هو. پاڻ سڳوراﷺ اها رت پنهنجي دامن سان اگهندا هئا ۽ جڏهن گهر واپس ايندا هئا ته حضرت خديجه پاڻ سڳورنﷺ کي ان حال ۾ ڏسي ڏک منجهان پڇندي هئي ”اي محمد ﷺ ڇا اڄ وڌيڪ تڪليف درپيش آئي آهي.“ پاڻ سڳوراﷺ فرمائيندا هئا ته ”اي خديجه جڏهن انسان کي اهو پتو هجي ته هو ڪهڙي مقصد لاءِ ۽ ڪنهن جي خاطر تڪليف سِر تي کڻي رهيو آهي ته ان کي ڏک ۽ درد جو احساس ناهي ٿيندو.“
ابي لهب جي گهرواري ته پاڻ سڳورنﷺ جي رستي ۾ چهنبدار ڪنڊا اڇلائيندي هئي ته جيئن حضرت محمد ﷺ جن جي پيرن ۾ چُڀن، پاڻ سڳوراﷺ جڏهن گهر پهچندا هئا ۽ پنهنجي پيرن مبارڪن مان ڪنڊا ڪڍندا هئا ته خون جاري ٿي ويندو هو.
پاڻ سڳورنﷺ جي خاندان وارن کين ايتريون ته تڪليفون پهچايون جو هڪ ڏينهن بارگاره الاهيءَ ۾ درد ڀرئي انداز ۾ رب کي عرض ڪيائون ته، ”ياالله تون بهتر ڄاڻين ٿو ته انهن مان ڪو به تنهنجي دين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.“
ان دردمندانه دانهن کان پوءِ حضرت جبرائيل حاضر ٿيو ۽ پاڻ سڳورنﷺ تي چند آيتون نازل فرمايون، جيڪي قرآن مجيد جي پندرهين سورة الحجر ۾ شامل آهن ۽ ان سورة جي چوريانوي آيت آهي. ”فَاصْدَعْ بِمَا تُوءْمَرُوْ اَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِکِیْنَ“ يعني ”جيڪو الله جي طرفان حڪم ٿيل آهي، ان کي ظاهر ڪر ۽ مشرڪن جي تڪليفن تي توجهه نه ڏي.“
سورة الحجر جي پنجانوي آيت ۾ آهي ته، ”اِنَّا کَفَیْنٰکَ الْمُسْتَھْزِءِیْنَ“ يعني ”جيڪي توسان مذاق ڪن ٿا انهن کي اسان تي ڇڏي ڏي. اسان انهن لاءِ ڪافي آهيون.“ هن آيت جو مطلب آهي ته، حضرت محمد ﷺ جن مشرڪن کي الله تي ڇڏي ڏين ۽ الله خود انهن کان حساب وٺندو.
انهيءَ ئي سورة جي ستيانوي آيت ۾ الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي مخاطب ٿي ارشاد فرمائي ٿو ته، ”وَلَقَدْ نَعْلَمُ اَنَّکَ یَضِیْقُ صَدْرَکَ بِمَا یَقُوْلُوْنَ“ يعني اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان جو سينو انهن ماڻهن جي گفتار ۽ آزار سان تنگ ٿي وڃي ٿو. اسان تنهنجي اندروني درد کان واقف آهيون، جيڪو قريش جي طرفان اوهان جي مٿان گذري ٿو. الله تعاليٰ هن سورة جي آخري آيت ۾ جيڪا پهرئين آيت جو خلاصو آهي ارشاد فرمايو ته ”وَاعْبُدْ رَبَّکَ حَتّٰی یَاْتِیَکَ الْیَقِیْنُ“ يعني ”اي محمد ﷺ پنهنجي رب جي عبادت ڪر، ايتري تائين جو اوهان جي زندگي پڄاڻيءَ تي پهچي.“ عبادت مان مراد هيءَ آهي ته انسان الله جي طرفان مقرر ڪيل فرض پوري خيرخوبيءَ سان پورا ڪري.
هن آيت ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي اطمينان ڏياريو ته الله انهن مشرڪن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. ان تسلي کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ کي دلي سڪون حاصل ٿيو، ان کان پوءِ پاڻ ڪفار جي طرفان پهچايل هر تڪليف کي وڏي بردباريءَ ۽ حوصله مندي سان برداشت ڪيو.
هڪ ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت خديجه پنهنجي گهر ۾ ويٺا هئا ته انهن جون ٻئي نياڻيون جيڪي ابولهب جون نُهر هيون، پنهنجو سامان کنيون گهر ۾ داخل ٿيون، انهن پنهنجي والدين کي ٻڌايو ته انهن جي مڙسن انهن کي طلاق ڏني آهي ۽ انهن کين پنهنجي والدين ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي.
حضرت خديجه پنهنجي نياڻين کان پڇيو ته توهان کي طلاق ڇو ڏني وئي؟ نياڻين جواب ڏنو ته اسان جي مڙسن اسان کي ابولهب ۽ ان جي گهرواري جميله جي چوڻ تي طلاق ڏني آهي. انهن جو چوڻ آهي ته ابولهب جي پٽن کي اهو زيب نٿو ڏئي ته انهن جون گهرواريون ”محمد صه“ جهڙي شخص جون ڌيئر هجن ڇو ته اڄ محمد سڀني ماڻهن جي نظر ۾ نفرت ۽ مذمت جو شڪار آهي ۽ اهڙي شخص سان تعلق رکڻ مڪي ۾ شرم جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.
حضرت خديجه هن واقعي کان پوءِ ڏاڍو پريشان ٿي وئي، پر پاڻ سڳورنﷺ کين تسلي ڏيندي صبر جي تلقين فرمائي، پاڻ سڳوراﷺ به هڪ والد جي حيثيت ۾ هئا ۽ ٻين والدين وانگر پاڻ سڳورنﷺ کي به پنهنجي نياڻين جي گهر جي اُجڙڻ جو صدمو پهتو هو پر خانداني دشمني ۽ طرح طرح جي نفسياتي دٻاءَ جي باوجود به پاڻ ثابت قدم رهيا ۽ الله جي دين جي تبليغ ۾ هڪ ذرو به پوئتي نه هٽيا.
ٻئي طرف سندن دشمن جيڪي (اڪثر ڪري) بدوي عرب هئا سي پنهنجي گندي زبان تي قائم رهندي، پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين جي سلسلي ۾ تمام گهڻو تعصب جو مظاهرو ڪندا رهيا.
هڪ بدوي عرب ڪنهن يورپي شخص وانگر ”ائيڊيالوجي“ نظريي جو عادي نه هوندو هو. يورپي باشندن کي يوناني تهذيب جي زماني کان وٺي ئي ”ائيڊيالوجي“ جي عادت ٿي وئي آهي. هڪ يورپي جي دماغ ۾ ٿي سگهي ٿو ته گهڻا فڪر سمائجي وڃن پر هڪ بدوي عرب جي دماغ ۾ ايترا فڪر سمائجي نه سگهندا. ڇو ته هو ڪنهن يورپي شخص وانگر گوناگون فڪر ۾ ڦاٿل نه هوندو آهي. پر جڏهن هو ڪنهن عقيدي تي قائم ٿي وڃي ته ڪهڙي به طرح ان کي ان جي عقيدي کان هٽائي يا ڦيرائي نٿو سگهجي، سواءِ ڪنهن مضبوط ۽ مؤثر عقيدي جي اها ڳالهه جزيره عرب ۾ ڪجهه اهڙي طرح سچي آهي ته اڄ جڏهن تيل جو پائيپ جزيره عرب جي سرزمين جي وچ مان گذري رهيو آهي ۽ ڪو ڏينهن يا رات اهڙو نه آهي جو اتان هوائي جهاز جو آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي، اهڙي ترقي جي دور ۾ اڄ به هڪ بدوي عرب رنگا رنگ آئيڊيالوجيءَ جو تابع نه آهي ۽ اڄ به ڪنهن بدو عرب جي ذهن ۾ ٻن يا ٽن کان وڌيڪ ڳالهيون نٿيون سمائجن، پر جيڪڏهن فڪر ڪنهن عقيدي جو روپ بڻجي وڃي ته پوءِ مشڪل آهي ته هو پنهنجي عقيدي تان هٿ کڻي.
بدوي عرب جي تعصب جي مثال تي قديم عرب شاعر ”شنفره“ جي زندگي وڏي دلچسپ آهي. ”شنفره“ نه صرف پنهنجي زندگي ۾ وڏو مشهور هيو، پر سعودي عرب جي بدو ماڻهن کي اڄ به ان جا ڪجهه شعر زباني ياد آهن ۽ اهي ماڻهو ”شنفره“ کي چڱيءَ طرح سڃاڻن ٿا.
چيو وڃي ٿو ته شنفره هڪ ڏينهن جزيره عرب جي بيابانن مان گذري رهيو هو ته قبيله ”بنو سليمان“ جي ڪجهه ماڻهن ان سان مذاق ڪئي ۽ سندس بيعزتي ڪئي. شنفره ان وقت جي بدوي قانون مطابق اهو فيصلو ڪيو ته هو بنو سليمان جي قبيلي کان انتقام وٺي رهندو.
جيئن ته پهرئين اهو ذڪر ٿيل آهي ته جزيره عرب ۾ رڳو قصور وار شخص کي سزا نه ڏني ويندي هئي پر ان جو پورو قبيلو سزا جو مستحق هوندو هو. اهڙي طرح شنفره به عهد ڪيو ته هو پنهنجي بيعزتي جي بدلي وٺڻ لاءِ قبيلي بنو سليمان جي هڪ سؤ ماڻهن کي قتل ڪندو. ان ڏينهن کان پوءِ شنفره پنهنجي علائقي ۽ قبيلي کي خدا حافظ چئي تيرڪمان کڻي قبيلي بنو سليمان جي تاڙ ۾ نڪري پيو ۽ پندرهن سالن جي طويل مدت ۾ پنهنجي دشمن قبيلي جا نوانوي ماڻهو قتل ڪري پنهنجي پر ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن شنفره هڪ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ ۾ مشغول هو ته ڪجهه ريگستاني لُٽيرن ان تي حملو ڪيو ۽ کيس ماري وڌو.
شنفره جو لاش ريگستاني جانورن کائي ڇڏيو ۽ سندس جسم جي هڏين کان سواءِ ٻي ڪائي چيز نه بچي ۽ هڏيون به آهستي آهستي هيڏي هوڏي ٿي ويون، پر هن جي مٿي جي کوپڙي کوهه جي ڀرسان پئي رهي. ايتري تائين جو هڪ ڏينهن بنوسليمان قبيلي جا ڪجهه ماڻهو اتان لنگهيا ۽ پاڻي لاءِ کوهه وٽ پهتا، ان وقت تيز طوفان شروع ٿي ويو ۽ طوفان جي رفتار ايتري ته تيز هئي جو شنفره جي مٿي جي کوپڙي اڏامي بنوسليمان قبيلي جي هڪ ماڻهوءَ جي پير تي لڳي جنهن ڪري ان کي گهرو زخم ٿي پيو ۽ پوءِ اهو زخم وڌندي وڌندي ان شخص جي موت جو سبب بڻجي ويو. اهڙي طرح شنفره مرڻ کان پوءِ به پنهنجي قسم کي نه ڀلايو ۽ ان پنهنجي مٿي جي کوپڙيءَ سان بنوسليمان قبيلي جو هڪ ٻيو ماڻهو به ماري وڌو، مرڻ وارن جو تعداد هڪ سؤ تائين پهچائي ڇڏيائين.•
جڏهن الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي پيغمبريءَ جي لاءِ چونڊيو ، جنهن تي پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي الله ۽ ان جي دين تي پختو يقين هيو. رشتيدارن ۽ قبيلي وارن جي ستائڻ ۽ ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪين جي باوجود به پاڻ سڳورنﷺ جن جي يقين ۾ ڪائي گهٽتائي نه آئي ۽ نه ئي پاڻ پوئتي پير ڪيائون. الله جي دين کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ سندن عزم پهريون کان به وڌيڪ پڪو ۽ پختو ۽ مضبوط ٿي ويو.
جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي هي يقين ٿي چڪو ته پاڻ الله تعاليٰ جا چونڊيل پيغمبر آهن ۽ الله جي دين جي ڦهلائڻ جي ذميواري عائد ٿي چڪي آهي، تنهن صورت ۾ جيڪڏهن کين قتل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وڃي ها ته به پاڻ رسالت جي پيغام پهچائڻ کان ڪنهن به صورت ۾ نه هٽن ها.
بهرحال اعلان نبوت جي چوٿين سال تائين سندن قريبي رشتيدار ۽ قريش قبيلي جي ٻين ماڻهن پاڻ سڳورنﷺ کي مختلف قسمن جي ايذاءَ رسائڻ تائين پاڻ کي محدود رکيو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي رستي تان هٽائڻ جو منصوبو بنائڻ شروع ڪيو. ان ڳالهه جو بنيادي سبب اهو هو ته پاڻ سڳورنﷺ عملي طرح دين اسلام جو اعلان شروع ڪري ڏنو ۽ پاڻ پنهنجي رشتيدارن ۽ قريش قبيلي جي ٻين ماڻهن کي ائين فرمائڻ لڳا ته اهي انهن رنگ برنگي خدائن کي، جيڪي خود پنهنجي هٿن سان ٺاهيا اٿوَ پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ صرف هڪ الله جي عبادت ڪريو، جنهن سان ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ جيڪو ساري ڪائنات جو مالڪ آهي.
حضرت محمد ﷺ جن کان پنهنجا رشتيدار ۽ قريش قبيلي جا ٻيا ماڻهو پڇندا هئا ته ڇا اوهان اهو چاهيو ٿا ته اسان پنهنجي خدائن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏيون جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن؟.
حضرت محمد ﷺ جن انهن کي فرمائيندا هئا ته بلڪل انهن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ چئو ”لاالــٰھ الالله“ جيئن هدايت حاصل ڪري سگهو. اهو جواب ٻڌي قريش جو غصو ۽ غضب وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو ۽ انهن پاڻ سڳورنﷺ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
حضور ﷺ جن جي عادت هئي ته ڏينهن جي وقت گهر کان نڪري ڪعبة الله ڏانهن ويندا هئا ۽ اتي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رهندا هئا. قريش وارن کي جڏهن اهو معلوم ٿي چڪو ته حضرت محمد ﷺ جن هر روز خانه ڪعبه وڃڻ جو شوق رکن ٿا ته قريش وارن پاڻ سڳورنﷺ تي اها پابندي لڳائي ته ”بيت الله“ يعني خانه ڪعبه ۾ توکي قدم رکڻ جي اجازت نه آهي.
پاڻ سڳورنﷺ قريش وارن کي جواب ۾ فرمايو ته ”ڪعبة الله“ الله جو گهر آهي ۽ مون کي الله جي گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ توهان کان اجازت وٺڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ سڳوراﷺ خانه ڪعبه ۾ سجدي جي حالت ۾ الله جي عبادت ڪري رهيا هئا ته ابوجهل پنهنجي قبيلي وارن جي ڪجهه ماڻهن سان اُتي پهتو. ابوجهل جي هٿن ۾ اُٺ جي اوجهري هئي، جنهن ۾ گندو خون ۽ ٻي گندگي ڀريل هئي.
جزيره عرب ۾ ڪنهن کي سزاءِ موت ڏيڻ جو هڪ طريقو هي به هوندو هيو ته پاڻي يا خون يا ٻين گندگين سان ڀريل اُٺ جي اوجهري ان جي مٿي تي اهڙي نموني چاڙهي ويندي هئي، جو ان شخص جو منهن ۽ مٿو اوجهريءَ جي اندر ڦاسي وڃي ۽ اوجهريءَ جي هيٺئين حصي کي ڪنهن ٿيلهي جي منهن وانگر ان شخص جي ڳچيءَ ۾ مضبوطيءَ سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. اهڙي طرح ان شخص جو نڪ ۽ مُنهن مڪمل طور اوجهريءَ ۾ بند ٿي ويندو هو ۽ ان حالت ۾ هو ساهه کڻي نه سگهندو هو ۽ ساهه منجهڻ جي ڪري جلدئي ان جو موت ٿي ويندو هو.
ان ڏينهن ابوجهل ۽ ان جي ٻين ساٿين اهو فيصلو ڪيو هو ته حضرت محمدﷺ جن کي اوجهري جي ذريعي هلاڪ ڪنداسين. ابوجهل ۽ ان جا ساٿي جڏهن خانه ڪعبه ۾ پهتا ته پاڻ سڳورنﷺ کي انهن جي اچڻ جي خبر نه پئجي سگهي، ڇو ته پاڻ الله جي عبادت ۾ مشغول هئا ۽ ٻيو ابوجهل وارا پنهنجا قدم آهستي آهستي کڻندا اچن پيا، ته جيئن حضرت محمد ﷺ جن کي خبر نه پوي.
ابوجهل جيئن ئي اتي پهتو ته ڦڙتيءَ سان اُٺ جي اوجهري پاڻ سڳورنﷺ جي مٿي تي رکي ۽ جلد ئي پيغمبر جو مٿو ۽ چهرو اوجهريءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. ابوجهل ڦڙتيءَ سان اوجهريءَ جو ٻيو حصو هڪ ٿيلهيءَ وانگر پاڻ سڳورنﷺ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو. جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي اهو احساس ٿيو ته ڪا شيءِ مٿي تي رکي وئي آهي ته پاڻ سڳوراﷺ اُٿي ڪري جانِ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن ڪامياب نه ٿي سگهيا.
جيڪي ماڻهو اتي موجود هئا، انهن ڏٺو ته حضرت محمد ﷺ جن جان ڇڏائڻ لاءِ زور لڳائي رهيا آهن ۽ انهن کي اهو احساس ٿي چڪو هو ته ساهه گهٽجڻ سبب حضرت محمد ﷺ جن جلدئي پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ويهندا. پاڻ سڳورنﷺ جي بيقراري ۽ بيتابي کي ڏسي انهن ماڻهن سوچيو ته سندن چهري ۽ مٿي تان اوجهري لاهجي پر انهن کي ابوجهل جو خوف هو ۽ اهي ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن اسين سندن مدد ڪنداسين ته ابوجهل جهڙي خوفناڪ شخص جي دشمني سر تي کڻڻي پوندي. ان ڪري انهن ماڻهن پاڻ سڳورنﷺ جي مٿان اوجهري هٽائڻ لاءِ ڪوئي قدم نه کنيو. اتي قريش جي هڪ عورت موجود هئي. اها هن دردناڪ واقعي کي ڏسي نه سگهي ۽ ڊوڙي وڃي پاڻ سڳورنﷺ جي گهر پهتي ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي صاحبزاديءَ حضرت رقيه کي چيائين ته جيترو جلدي ٿي سگهي اوهان پنهنجي والد جي مدد لاءِ خانه ڪعبه پهچو ۽ جيڪڏهن دير ٿي وئي ته پاڻ ﷺ جن کي زنده نه ڏسي سگهندؤ. حضرت رقيه گهرو حالت ۾ ئي روئندي خانه ڪعبي پهتي، ابوجهل ۽ ٻين ماڻهن جڏهن حضرت رقيه کي ڊوڙندي ايندو ڏٺو ته پوئتي هٽي ويا. حضرت رقيه بنادير پاڻ سڳورنﷺ جي منهن مبارڪ کي اوجهريءَ کان آزاد ڪيو ۽ پنهنجي دامن جي ڪپڙي سان چهري کي صاف ڪيو، ته جيئن پاڻ سڳوراﷺ آسانيءَ سان ساهه کڻي سگهن، پر پاڻ سڳوراﷺ ساهه منجهڻ جي ڪري ڪجهه وقت تائين چري پري نه سگهيا. بعد ۾ پنهنجي نياڻيءَ جي سهاري اُٿي بيٺا ۽ آهستي آهستي قدم کڻندي پنهنجي گهر ڏانهن روانا ٿي ويا. گهر پهچي پاڻ سڳورنﷺ حضرت رقيه جي مدد سان چهري ۽ مٿي تان خون ۽ گندڪچرو صاف ڪيو، ڪپڙا تبديل ڪيا ۽ حضرت رقيه پنهنجي والد جا ڪپڙا ڌوئي اُس تي سُڪڻا وڌا.
ٻئي ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن گذريل ڏينهن جي پيش آيل واقعي باوجود بنا خوف جي، ڄڻ ڪا ڳالهه پيش ئي نه آئي هجي، ٻيهر خانه ڪعبه ڏانهن روانا ٿيا ۽ اتي پهچي پنهنجي رب جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا.
حضرت محمد ﷺ جن هڪ بااستقامت (ثابت قدم) ۽ مضبوط ارادي وارا انسان هئا ۽ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي اهو يقين حاصل ٿي ويو ته پاڻ ﷺ حقيقت کي حاصل ڪري ورتو اٿن تڏهن ڪنهن جي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ايتري قدر جو قاتلانه حملن جي باوجود سندن ايمان ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي. مخالف به تمام بي مروت ۽ نهايت تعصبي هئا ۽ انهن جڏهن اهو ڏٺو ته حضرت محمد ﷺ جن ٻيهر خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيا آهن ته انهن مخالفن هڪ دفعو ٻيهر پاڻ سڳورنﷺ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو.
هن دفعي ”عقبه“ نالي شخص جو هڪ چادر کنيو بيٺو هو، اوچتو خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيو، جيتوڻيڪ پير اگهاڙا هيس ته به پٻن تي هلي رهيو هو ته متان پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي.
ٻئي طرف پاڻ سڳورنﷺ جو ڌيان اهڙي طرح الله جي عبادت ۾ هو جو ڪنهن جي اچڻ وڃڻ جي کين خبر به نه پئي، ان ڪري عقبه جي اچڻ جي به خبر نه پين، پاڻ سڳوراﷺ جڏهن سجدي ۾ ويا ته عقبه وڏي ڦڙتيءَ سان پنهنجي چادر پاڻ سڳورنﷺ تي وجهي، ايترو شديد حملو ڪيو جو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي نڪ ۽ وات مبارڪ مان خون جاري ٿي ويو. عقبه اها ڪوشش ڪري رهيو هو ته سجدي مان منهن مٿي کڻڻ کان پهريائين ئي اتي جو اُتي سندن خاتمو ڪري وجهان. پر هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ هن دفعي پاڻ سڳوراﷺ حملي ڪندڙ جي هٿن مان پاڻ ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ رت سان ڀريل چهري مبارڪ سان گهر موٽي آيا. گهر پهچي پاڻ سڳورنﷺ پنهنجو چهرو مبارڪ صاف ڪيو پر پنهنجي چپن مبارڪن تي ڪابه شڪايت نه آندي ڇو ته جيئن پاڻ ﷺ فرمائيندا هئا ته انسان کي صرف ان وقت درد يا غم جو احساس محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ان کي اها خبر نه هجي ته ڪنهن جي ڪري هي تڪليفون سهي ٿو. پر جڏهن هن کي اها خبر هوندي ته اهي مصيبتون ان جي ايمان جي راهه ۾ اچن ٿيون يا ان جي صحيح مقصد جي ڪري اچن ٿيون ته ان کي درد ۽ غم جو ڪو احساس نه رهندو آهي ۽ نه ئي ان جي زبان تي ڪي شڪايت جا لفظ ايندا آهن.
يورپ جا ماڻهو جيڪي هنن جملن کي پڙهندا، ٿي سگهي ٿو ته هي سوال ڪن ته ٺيڪ آ، اها ڳالهه مڃڻ جي آهي ته ابوجهل حضرت محمد ﷺ جن کي سرعام قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اتي ٻيا قريش جا ماڻهو صرف تماشا بيٺا ڏسن ۽ اهي پاڻ سڳورنﷺ کي ڇڏائڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو؟•