حضرت علي ۽ جنگ خيبر
حديبيه کان واپسي تي پيغمبر اسلام جن اها ڪوشش ڪئي ته مسلمانن ۽ قريش جي تعلقات ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا نه ٿئي. اتفاق سان انهيءَ سال مينهن نه پوڻ ڪري مڪي ۾ ڏڪر اچي پيو.
جزيره عرب ۾ هڪ اهڙو قبيلو به هو جنهن جي سرزمين مڪي وارن جي کاڌ خوراڪ لاءِ انبار سمجهي ويندي هئي. ان قبيلي جو نالو ”يمامه“ هو. قبيلي يمامه جا سڀ ماڻهو مسلمان ٿي چڪا هئا. ان ڪري ان قبيلي جي سربراه مڪي وارن کي کائڻ پيئڻ جي شين کي وڪرو ڪري ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. مڪي وارا ڏڪر جي سختيءَ ٿيڻ سبب حضرت محمد ﷺ جن وٽ آيا ۽ کين التجا ڪئي ته يمامه جي سربراه کي هيءَ سفارش ڪئي وڃي ته هو مڪي وارن کي به زندگي جي ضرورت جون شيون وڪڻڻ جي اجازت ڏي جيئن هن ڏڪر سبب اتان ضروري شيون خريد ڪري مڪي وارن کي ڏنيون وڃن.
رسول الله ﷺ جن انهن جي درخواست قبول فرمائيندي يمامه جي سربراهه کي هيءَ هدايت جاري ڪئي ته هو مڪي وارن کي کاڌي پيتي جي شيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏي. ان کان علاوه پيغمبر اسلام ﷺ جن بذات خود پنج سؤ سونا سڪا موڪليا ته جيئن اتان جي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهايا وڃن.
ابوسفيان جڏهن اهو ٻڌو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن سون جا سڪا موڪليا آهن ته ان چيو ته محمد ﷺ جو مقصد هي آهي ته مڪي وارن ۽ خاص طورتي غريبن جي دل ورتي وڃي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن پنج سؤ سونن سڪن کان علاوه تمام وڏي تعداد ۾ کارڪون به ابوسفيان جي نالي روانيون ڪيون ۽ هي پيغام موڪليائون ته هو انهن کارڪن جي بدلي چمڙو يا کلون موڪلي سگهي ٿو. ان وقت ابوسفيان وٽ ڪجهه چمڙو پيو هيو جنهن کي ڪوبه خريد نه پيو ڪري ڇو جو مڪي جهڙي قحط واري شهر ۾ جتي سڀ ماڻهو بک مٽائڻ خاطر هڪ ٽڪڙو ماني يا ڪجهه کارڪن جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرن پيا اهڙي حالت ۾ چمڙو ڪير خريد ڪري. ابوسفيان اها ڪوشش ته ڪئي ته کارڪون واپس ڪري پر ائين نه ڪري سگهيو. جيئن ته کارڪن جي خبر مڪي وارن ۾ ڦهلجي وئي هئي ۽ هو بک سبب پريشان هئا. ان ڪري کارڪون واپس نه ڪيائين ۽ کارڪن جي بدلي چمڙو موڪلي ڇڏيائين. ٻئي طرف جڏهن مڪي جي عام ماڻهن کي اها خبر پئي ته اهي کارڪون حضرت محمد ﷺ جن جي طرفان موڪليون ويون آهن ته انهن جي دل ۾ پيغمبر اسلام جن جي باري ۾ نيڪ جذبات اُڀرڻ لڳا. مگر عام ماڻهن جي مقابلي ۾ قريش جيڪي حڪمران طبقي ۾ شمار ٿيندا هئا، بدستور پيغمبر اسلام جن سان وير رکيون اچن پيا ۽ انهن جي دشمني ۾ ڪابه ڪمي نه آئي.
جيتوڻيڪ پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ڄاڻن پيا ته قريش سندن دشمن آهن پر ان جي باوجود پاڻ سڳورنﷺ جي اها ڪوشش هئي ته پاڻ ۾ رابطو قائم ڪرڻ گهرجي ۽ صلح وارو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ڇو ته پاڻ سڳوراﷺ قريش وارن سان بهتر تعلقات رکڻ اسلام جي ترقي لاءِ اهو ضروري سمجهندا هئا ۽ پاڻ سڳورنﷺ وٽ ان ڳالهه جي ڪابه اهميت نه هئي ته ماڻهو ڇا ٿا چون.
دراصل هڪ پيغمبر پنهنجي الله کي ايتري قدر چاهيندو آهي جو ان جي خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائڻ لاءِ تيار رهندو آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جن به پنهنجي الله کي دل ۽ جان سان چاهيندا هئا ۽ ان جي حڪمن کي بجا آڻڻ ۾ ڪنهن به قرباني کان نه گهٻرائيندا هئا. ڀل ماڻهو ڪجهه به چون يا ان تي پٿر وسائن، پيغمبر اسلام جن نهايت مضبوط انسان هئا، پر اهڙا مضبوط ايمان وارا ۽ اعليٰ حڪمت عملي وارا هوشمند به هئا. اهڙو انسان جڏهن ڪنهن شيءِ تي ايمان آڻي ته پوءِ ڪنهن به مشڪلات کان نه گهٻرائيندو آهي ڇو جو هو ڄاڻندو آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ان تي ضرور ضابطو آڻي ڪاميابي حاصل ڪندو. جيڪو شخص الله تي ايمان رکندو هجي ته هو ان جي راهه ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائڻ ۽ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ به تيار هوندو آهي. ائين ئي جهڙي طرح پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن ئي ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو ته اسلام جي ڪاميابي جي لاءِ (جيئن مڪي تي پورو غلبو حاصل ٿي وڃي) هڪ ٻيو انتهائي اهم قدم کنيو.
پيغمبر اسلام ﷺ جن کي اها خبر ملي ته عبدالله بن حجش جي بيوه ۽ ابوسفيان جي ڌيءَ اُم حبيبه بيوه ٿي چڪي آهي. عبدالله بن جحش هڪ حنيف هو، ۽ شايد اوهان کي ياد هجي ته هو پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ هجرت ڪري حبشه ويو هو پر اتي وڃي اسلام کان ڦري ويو هو. جڏهن هن جو انتقال ٿي ويو ته ام حبيبه بيوه ٿي وئي. پيغمبر اسلام ﷺ ان ڏانهن شاديءَ جي پيغام موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن رضامنديءَ جي صورت ۾ هوءَ رسول الله جي حرم ۾ اچي. پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ڄاڻن پيا ته جنهن وقت ام حبيبه پاڻ ﷺ جن جي نڪاح ۾ اچي وئي ته پاڻ ﷺ جن ابوسفيان جي داماد جي رشتي ۾ اچي ويندا ۽ اهو رشتو مڪي ۾ اسلام جي سڀ کان وڏي دشمن جي دشمني ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ابوسفيان مڪي جو رئيس هو ۽ مڪي جي فوجي لشڪر جو سپھ سالار پڻ، جيڪڏهن هن جي دشمني دوستيءَ ۾ بدلجي وڃي ته هيءَ ڳالهه اسلام جي لاءِ وڏي فائدي واري هئي.
ام حبيبه جو تعلق بنواميه جي اهم خاندان سان هو ۽ جيڪڏهن ان جي نسبت پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ٿي وڃي ته بنواميه جا سڀ ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جن جا قريبي رشتيدار بڻجي وڃن ۽ گذريل وانگر پاڻ ﷺ جن سان دشمني جو اظهار نه ڪري سگهن. پر هن وقت ام حبيبه حبشه ۾ هئي ۽ پاڻ سڳوراﷺ سوچي رهيا هئا ته جڏهن هوءَ ايندي ته ابوسفيان ۽ بنواميه خاندان جا ٻيا ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جن سان اهو رشتو ڪرڻ ئي نه ڏيندا. ان سبب پاڻ سڳورنﷺ هڪ شخص کي پنهنجو وڪيل بڻائي حبشه روانو ڪيو ته جيئن هو ام حبيبه سان شادي جي ڳالهه ڪري ۽ رضامنديءَ جي صورت ۾ ان کي پاڻ سان ساڻ مديني وٺي اچي.
پر هي به ممڪن هيو ته جڏهن هو حبشه کان نڪري جزيره عرب جي سرزمين تي قدم رکن ته قريش قبيلو ان کي مديني وڃڻ ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري بڻجڻ کان روڪي ڇڏن. ان ڪري رسول الله ﷺ جن ايلچيءَ کي ڪجهه هدايتون جاري ڪيون ۽ هڪ خط به لکرايو جيڪو حبشه جي بادشاهه تائين پهچائڻو هو. هدايت هن ريت ڪئي وئي هئي ته سڀ کان اڳ ام حبيبه سان رابطو قائم ڪري ۽ ان کان معلومات حاصل ڪري ته هوءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري بڻجڻ لاءِ رضامند آهي يا نه؟ جيڪڏهن ام حبيبه پنهنجي رضامندي ظاهري ڪري ته پوءِ اهو خط حبشه جي بادشاهه نجاشي کي پيش ڪيو وڃي. ان خط ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن حبشه جي بادشاهه کي چيو هو ته هو ام حبيبه جو نڪاح، جيڪا ان جي ملڪ ۾ رهي ٿي، پاڻ ﷺ جن جي نالي پڙهائي.
ام حبيبه پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي ۽ نجاشيءَ به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هدايت موجب ام حبيبه جو نڪاح غائبانه طورتي حضرت محمد ﷺ جن ساڻ پڙهائي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد ابوسفيان جي ڌيءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري بڻجي حبشه کان جزيره عرب ڏانهن روانو ٿي وئي.
قريش کي ان رشتي جو علم ٿي چڪو هو پر هو بيبي ام حبيبه کي مديني وڃڻ کان روڪي نه پيا سگهن ڇو ته هاڻي هوءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري هئي ۽ سمورا عرب اهو ڄاڻن پيا ته هڪ گهرواريءَ کي ان جي مڙس ڏانهن وڃڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي.
ام حبيبه پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حرم ۾ شامل ٿيڻ سان رسول الله ﷺ جن جي مستقبل جي ارادن کي وڏي تقويت بخشي ۽ ان تعلق مڪي وارن کي مسلمان بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو ذڪر ڪجهه اڳتي ڪيو ويندو.
بهرحال جيئن ته ام حبيبه ابوسفيان جي ڌيءَ هئي ۽ قريش جي اهم گهراڻن سان ان جا تعلقات هئا. ان ڪر ي جڏهن به ابوسفيان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خلاف زبان کولڻ چاهيندو هو ته ان کي ياد اچي ويندو هو ته هو اهڙي شخص جي مخالفت ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي پنهنجي خاندان سان وابسته آهي ۽ جيئن ته خانداني شجره ۽ ان جي اهميت جي باري ۾ تفصيل سان گفتگو ٿي چڪي آهي ۽ هتي زياده ضروري نه آهي.
ٻئي طرف جنگي معاهدي (يعني صلح حديبيه) پاڻ سڳورنﷺ کي هي موقعو فراهم ڪيو ته پاڻ ﷺ جن مڪي وارن جي طرفان بنا خوف مديني جي اتر ۾ رهندڙ يهودين جي سازشين کي ختم ڪيو وڃي ۽ اتر جي طرف کان مديني جي معاشي ناڪه بندي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کنيو وڃي. صلح حديبيه جو هي به فائدو هيو ته مڪي جا ڪافر مسلمانن سان دوستي ۽ لڙائي نه ڪرڻ تي مجبور هئا.
مديني جي اتر ۾ خيبر واقع هو، مسلمانن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ صلح ٿيڻ جي باوجود خيبر جي يهودين پنهنجي عداوت جا طور طريقا تبديل نه ڪيا. اهي مسلسل مسلمانن جي تجارتي قافلن کي خيبر جي حد مان گذرڻ کان روڪي رهيا هئا. مسلمان اتان گذري اتر جي ملڪن سان اقتصادي رابطو قائم ڪرڻ چاهن پيا.
خيبر جا يهودي پاڻ کي ايترو طاقتور سمجهندا هئا جو اهي چوندا هئا ته اسين مڪي وارن جي مدد کان سواءِ به مسلمانن سان مقابلو ڪري سگهون ٿا. جڏهن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو سوچي رهيا هئا ته جهڙي طرح صلح ۽ جنگ بندي جي معاهدي سان مديني جي ڏکڻ کان محاصرو ختم ٿي چڪو آهي ته اهڙي طرح خيبر وارن جي طرفان به محاصرو ختم ڪري سگهجي ٿو.
پر خيبر جا يهودي ڪهڙي طرح به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي طرف دوستيءَ جي هٿ وڌائڻ ۽ صلح ڪرڻ تي رضامندي نه هئا. خاص طور تي اهي يهودي جيڪي مديني کان جلاوطن ٿي ويا هئا. اهي مسلمانن جي خلاف نفرت ۽ دشمني جي باهه ڀڙڪائي رهيا هئا. خيبر جو شهر مديني جي اتر ۾ ٻه سؤ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هو ۽ اتي پاڻي جا ڪيترائي تلاءُ هئا، ان ڪري خيبر جو علائقو انتهائي زرخيز علائقن ۾ شمار ٿيندو هو.
جيڪڏهن خيبر جي حدن کان ٻاهر وڃڻ چاهجي ته رستي ۾ وڏو ميداني علائقو آتش فشان لاوي سان ڀريل آهي، جتان گذرڻ تمام گهڻو دشوار ۽ تقريباً ناممڪن آهي.
عربي زبان ۾ خيبر جو مطلب آهي ”قلعو“ ۽ هن شهر ۾ جنگي نوعيت جا اَٺ قلعا موجود موجود هئا. جنگ جي صورت ۾ هتان جا ماڻهو ويهه هزار فوج ڪٺي ڪري سگهندا هئا. خيبر جو شهر دراصل جزيره عرب جي قديم ملڪن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ 530ع تائين هن شهر کي هڪ عربي شهر سمجهيو ويندو هو. ان سال خيبر جي ماڻهن ”ابو نواس“ سان هڪ معاهدو ڪيو، جنهن سب خيبر جي يهودين جو اثر رسوخ وڌڻ لڳو. يهودين پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان هن شهر جي آبادي ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ آهستي آهستي ائين ٿي ويو جو اتان جا يهودي اڪثريت ۾ اچي ويا ۽ جنهن گهڙيءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن خيبر کي فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هن شهر ۾ هڪ به عرب موجود نه هو.
خيبر جا يهودي وڏا مالدار هئا ۽ هي شهر تجارت جو اهم مرڪز سمجهو ويندو هو. خيبر جا قيمتي پٿر وڪڻندڙ ”جواهر فروش“ پوري جزيره عرب ۾ وڏا مشهور هئا. اهي مالدار ماڻهن کي قيمتي زيور وڪڻندا هئا يا ڪرائي تي ڏيندا هئا مگر ضمانت بغير ڪرائي تي ڪابه شيءِ نه ڏيندا هئا. جزيره عرب ۾ جوهر فروشي ڪرڻ صرف يهودين جو ڪم هيو جيتوڻيڪ ڏکڻ يا اتر ۾ ٻيا به جوهر فروشي جا مرڪز هئا پر خيبر جيتري انهن کي اهميت حاصل نه هئي.
خيبر جو علائقو انتهائي گهميل علائقو سمجهيو ويندو هو. ٻاهران آيل ماڻهو اڪثر ڪري اتي پهچڻ سان ”پاڻيءَ جي بيماري“ ۾ مبتلا ٿي ويندو هو. ان زماني جي ماڻهن جو خيال هيو ته بيٺل پاڻي مان اهڙي ”رياح“ يعني هوا خارج ٿئي ٿي جيڪا انسان جي بدن ۾ داخل ٿي بيمار ڪري ٿي، جنهن ڪري انهن ان بيماريءَ کي ”پاڻيءَ جي بيماري“ جو نالو ڏنو ويو هو. پر اڄ اسين اهو ڄاڻون ٿا ته اها بيماري بيٺل پاڻيءَ مان هوا خارج ٿيڻ سان نه پر مليريا جي مڇر جي سبب پيدا ٿيندي هئي. دراصل پراڻي دور ۾ ماڻهو مليريا جي مڇر کان واقف نه هئا ۽ ان موذي ڪيڙي جي سڃاڻپ هن جديد دور ۾ ئي ٿي آهي.
خيبر ۾ بيٺل پاڻيءَ جا تمام گهڻا تلاءَ هوندا هئا، جيڪي مختلف بيمارين خاص ڪري مليريا ڦهلائڻ جو سبب بڻبا هئا. ريگستاني ماڻهن کي حيرت ٿيندي هئي ته يهودي باشندا اهڙي گهم واري علائقي ۾ ڪيئن رهن ٿا ۽ پاڻيءَ جي بيماري سان ڇو نه ٿا مرن. مگر يهودي اهو ڄاڻن پيا ته اهي جابلو ريگستاني ماڻهو تمام سادي طبيعت جا ماڻهو آهن. يهودي انهن کي چوندا هئا ته جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو خيبر ۾ رهڻ چاهي ۽ پاڻيءَ جي بيماريءَ کان بچڻ چاهي ته ان کي گهرجي ته خيبر ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان پنهنجا گوڏا کوڙي ۽ ٻئي هٿ زمين تي رکي مٿي منهن ڪري گڏهه جو آواز ڪڍي. خيبر وارا ايئن به چوندا هئا جيڪو ائين ڪندو ۽ پوءِ شهر ۾ داخل ٿيندو ته ان جي ويجهو بيماري نه ايندي نه ته هو ”پاڻيءَ جي بيماري“ ۾ مبتلا ٿي پنهنجي جان جو آسرو لاهي پوءِ ئي هن شهر ۾ رهي.
ويچارا ريگستاني سادا ماڻهو يهودين جي ڳالهه مڃي شهر ۾ قدم رکڻ کان اڳ گوڏا کوڙي هٿ جون ٻئي تريون زمين تي رکي منهن مٿي ڪري گڏهه وانگر آواز ڪڍڻ شروع ڪندا هئا ۽ پوءِ ايئن پنهنجي پر ۾خوش ٿيندا هئا ته اسان بيماري کان بچي رهنداسين. ان عمل کي عربي زبان ۾ ”تعشير“ چيو ويندو هو. ان ڪري بدوي عرب خيبر کي ”تعشير“ جي نالي سان به سڏيندا آهن.
مگر پاڻ يهودي باشندا ”پاڻيءَ جي بيماري“ يعني اڄ جي ڄاڻ مطابق مليريا کان بچڻ لاءِ ڪجهه طريقا اختيار ڪندا هئا. جيڪي ڪجهه هن ريت هئا:
(1) ڪڏهن به بيٺل پاڻي نه پيئندا هئا پر جيڪڏهن وهندڙ پاڻي نه ملندو هين ته ٿورو شراب استعمال ڪندا هئا.
(2) ٿوم جو استعمال زياده ڪندا هئا ٿوم خيبر جا تقريباً سڀ گهراڻا ٿوم گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪندا هئا. سموري فضا ٿوم جي بوءِ سان ڀريل هوندي هئي. اڄ اسان ڄاڻون ٿا ته ٿوم دراصل هڪ جراثيم مار سبزي آهي ۽ ٿوم ۾ ڪجهه بيمارين جي روڪڻ جي خاصيت موجود آهي.
(3) يهودي باشندا هيٺائين علائقي ۾ نه رهندا هئا. پر انهن جي رهائش مٿاهين علائقن تي هوندي هئي ان ڪري انهن کي اهو تجربو ٿي چڪو هو ته مٿاهين جڳهن تي ”پاڻيءَ جي بيماري“ جو حملو تمام گهٽ ٿيندو آهي.
(4) بهار جي ٽئين مهيني گرمين جي اچڻ کان اڳ ۾ يهودي خيبر مان نڪري ٻين علائقن ڏانهن هليا ويندا هئا ۽ سرءُ جي شروعات ۾ واپس ايندا هئا. يعني اهڙي وقت هي موٽندا هئا جو مليريا جو مڇر انهن کي بيمار ڪري نه سگهندو هو. دراصل ان ڳالهه جو انهن کي بلڪل پتو نه هو ته، ”پاڻيءَ جي بيماري“ جو اصلي سبب مليريا جو مڇر آهي، جيڪو بيٺل پاڻي تي ڪثرت سان پيدا ٿيندو هو.
جڏهن خيبر جي يهودين کي اهو معلوم ٿيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ ڏهن سالن لاءِ جنگي بندي جو معاهدو ٿي چڪو آهي ته هاڻي هو سمجهي ويا ته مسلمانن سان آمهون سامهون مقابلو ٿيڻ وارو آهي هن وقت تائين يهودين کي دلجاءِ هئي ته جيڪڏهن مسلمان خيبر تي حملو ڪندا ته ان جا اتحادي مڪي جا مشرڪ بنا دير مديني تي حملو ڪري ڏيندا ڇو جو اهڙو معاهدو خيبر ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ طئي ٿيل هو، پر صلح حديبيه انهن ٻنهي ڌرين جو معاهدو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
بهرحال پيغمبر اسلام ﷺ جن يهودين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ڏيڍ هزار فوج وٺي، مديني کان خيبر ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن ته يهودي ويهه هزار فوج ڪٺي ڪري سگهن پيا. يهودين لڙائيءَ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون، انهن کي پنهنجي ڪئي جو احساس هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن مسلمانن سان آمهون سامهون ٿيڻو پوندو. سو هاڻي ائين ئي ٿيو ته جڏهن اسلام جو لشڪر خيبر پهتو ته هو لڙائي لاءِ بلڪل تيار بيٺا هئا. هنن پنهنجون ضرورت جون شيون اٺن ئي قلعن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون هيون ۽ انهن جا ويهه هزار سپاهي جنگ جي سامان سان بلڪل تيار بيٺا هئا.
ان جي باوجود به پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي لشڪر سميت ٻن قبيلن غطفان ۽ بنوفرزاه جي سرزمين مان گذريا جيڪي ٻئي قبيلا يهودين جا اتحادي هئا. جنهن وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن لشڪر سميت يهودين سان مقابلي خاطر اتان گذريا ته ٻئي قبيلا خاموش رهيا. اتحاد هئڻ سبب ٻنهي قبيلن جو فرض هيو ته هو يهودين جي مدد لاءِ نڪري پون ها، پر انهن ٻنهي قبيلن تي اهڙو خوف طاري ٿي ويو جو يهودين جي مدد لاءِ پنهنجو خيال تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اهو واعدو ڪيائون ته اسان ان جنگ ۾ بلڪل غيرجانبدار رهنداسين، ڪنهن جي به طرفداري نه ڪنداسين.
ٻه ڳالهيون ٻنهي قبيلن لاءِ خوف جو سبب بڻيون، هڪ ته انهن جنگ بدر، جنگ احد ۽ جنگ خندق ۾ مسلمانن جي شجاعت، دليري ۽ ايماني جذبي کي پرکي ورتو هو. ٻيو هي ته انهن کي صلح حديبيه جو به پتو پئجي چڪو هو. انهن سوچيو ته جڏهن مڪي وارن پيغمبر اسلام ﷺ جن سان صلح ڪيو آهي، ته اسان جي ان ۾ ڀلائي آهي ته مسلمانن سان خوامخواه دشمني نه ڪيون.
بهرحال اسلامي لشڪر جڏهن خيبر پهتو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن بذات خود لشڪر جي ڪمانَ سنڀالي ۽ مسلمانن سان مخاطب ٿي فرمايائون ته: ”اسان وٽ تير ۽ تلوارون آهن، انهن سان هنن مضبوط قلعن کي جيڪي پٿر جا ٺهيل آهن ڊاهي نٿو سگهجي، پر اسان هڪ طريقي سان يهودين کي هٿيار ڦٽي ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهون ٿا، اهو هن ريت ته هنن جو محاصره ڪرڻو پوندو ۽ انهن ندين تي بند ٻڌڻو پوندو جيڪي انهن قلعن وٽان وهن ٿيون. بند ٻڌڻ سان جڏهن سندن پاڻيءَ جو ذخيرو ختم ٿيندو ته هي مجبور ٿي اسان جي سامهون بيهندا.“
خيبر ۾ اٺ مضبوط قلعا هئا، مسلمانن فيصلو ڪيو ته واري واري سان هر قلعي تي حملو ڪري هڪ کي فتح ڪري پوءِ ٻئي قلعي جي خبر لڌي وڃي. جڏهن مسلمانن خيبر جو محاصرو ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن کي ان وقت ”منجيق“ جي گولن سان منهن ڏيڻو پيو. پراڻي زماني ۾ اهڙا پري کان مار ڪندڙ اوزار هوندا هئا جن ۾ بال جي شڪل ۾ پٿر وجهي ان منجيق جي وسيلي دشمن تي پٿر برسايا ويندا هئا. جيئن ئي محاصرو شروع ڪيو ويو ته يهودين مسلمانن تي پٿر اڇلائڻ شروع ڪيا هيءَ گولاباري ايتري شديد هئي جو ان سان مقابلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو ۽ مسلمانن جو هي پهريون موقعو هو جيڪي منجيق جي مقابلي ۾ سامهون ٿيا ۽ ان عجيب اوزار جو ڪوبه ٽوڙ نه هيو.
ليڪن هتي به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ذهانت ۽ جنگي حڪمت عملي ڪم آئي، پاڻ سڳورنﷺ جن هڪ هلندڙ پل جي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن ان تي ويهي قلعي جي ديوار تائين پهچجي. اها پل اڄ جي بڪتربند گاڏي جو ڪم ڏيئي سگهي پئي. پيغمبر اسلام مسلمانن کي فرمايو ته قلعي جي ديوار جي هيٺان پهچڻ سان انهن گولن کان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو ۽ قلعي جي هيٺان ديوار وٽ صرف هڪ خطرو ٿي سگهي ٿو ته قلعي جي سوراخن مان پٿر اڇلائي سگهن پر اهي پٿر اتان ئي اڇلائي سگهن ٿا جيڪي ان ڪم لاءِ تيار ٿيل هجن ان ڪري ديوار وارو حصو گولن يا پٿرن کان بچاءُ لاءِ صحيح هوندو.
اسلامي لشڪر جي ڪمان پاڻ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حوالي هئي خيبر ۾ ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي صحت خراب ٿي پئي ۽ لشڪر جي ڪمان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي حوالي ڪيائون پر ڪجهه عرصي کان پوءِ حضرت ابوبڪر رضي الله به شديد بخار ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ لشڪر جي اڳواڻي حضرت عمر رضي الله جي حوالي ڪئي وئي، مگر جلدئي حضرت عمر رضي الله به بيمار ٿي پيو. حضرت عمر رضي الله جي حالت ايتري ته خراب ٿي پئي جو فوج جي سردارن کي پاڻ وٽ گهرائي چيائين ته منهنجو خيال آهي ته هن جنگ ۾ اسلامي لشڪر جي سپھ سالاري جي لاءِ حضرت علي رضي الله زياده مناسب رهندو ڇو ته حضرت علي رضي الله هڪ بااستقامت، دلير۽ مستقل مزاج انسان آهن جيڪڏهن هنن مضبوط قلعن کي ڪو فتح ڪرڻ وارو آهي ته اهو هڪ علي رضي الله ئي آهي. ان لاءِ مان فوج جي قيادت حضرت علي رضي الله جي حوالي ڪريان ٿو.
جڏهن اسلامي لشڪر جي قيادت حضرت علي رضي الله جي حوالي ڪئي وئي ته ان وقت حضرت علي رضي الله کي به هلڪو بخار هيو پر ان جي باوجود پهرئين ئي ڏينهن هڪ قلعي کي محاصري ۾ آڻي ورتو، ان قلعي جو نالو قل نطات هو.
اسلامي تذڪره نويسن مان ٻه شخص جن جا نالا ”بغوي“ ۽ ”ابن ابي الحديد“ هئا. اهي لکن ٿا ته جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن بيمار ٿي پيا ته حضرت ابوبڪر رضي الله فوج جي ڪمان سنڀالي ۽ يهودين تي شديد حملو ڪيو پر اڳتي وڌي نه سگهيا، ان کان پوءِ فوج جي ڪمان حضرت عمر رضي الله جي حوالي ڪئي وئي حضرت عمر رضي الله به شديد حملو ڪيو پر چيائين ته منهنجي وس ۾ نه آهي جو مان انهن مضبوط قلعن کي ڊاهي سگهان. بعد ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن لشڪر جي ڪمان حضرت علي رضي الله جي حوالي ڪئي.
بغوي ۽ ابن بي الحديد لکن ٿا ته جنهن وقت لشڪر جي قيادت حضرت علي رضي الله جي حوالي ڪئي وئي ته ان وقت حضرت علي رضي الله کي اکين ۾ سور هيو پاڻ سڳورنﷺ جن حضرت علي رضي الله جي اکين تي پنهنجو لعاب لڳايو، حضرت علي رضي الله بلڪل ٺيڪ ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ذميواري نڀائڻ لاءِ اڳتي وڌيو.
بغوي ۽ ابن ابي الحديد جي قول مطابق ان ڏينهن هڪ شخص جنهن جي مٿي تي فولادي ٽوپي هئي، قلعي نطات جي ديوار تي حاضر ٿيو ۽ مسلمانن کي مخاطب ٿي چيائين ته، ”توهان جو سپھ سالار ڪير آهي؟“ ديوار جي هيٺان حضرت علي رضي الله جواب ڏنس ته، ”مسلمانن جو سپھ سالار مان آهيان ۽ منهنجو نالو علي بن ابي طالب آهي.“
ان شخص للڪار ڪندي چيو ته، ”اي علي منهنجو نالو مرحب آهي ۽ انهن اٺن قلعن مان هڪ قلعي جو نالو منهنجي نالي رکيو ويو آهي. ڇا تو ۾ ايتري جرائت آهي جو مون سان مقابلو ڪري سگهين؟“
حضرت علي رضي الله وڏي آواز سان کيس جواب ڏنو: ”مان اڄ تائين مقابلي جي دعوت رد نه ڪئي آهي ان ڪري تنهنجي مقابلي جي دعوت به رد نٿو ڪريان.“ مرحب چيو ته: ”پوءِ مان قلعي کان ٻاهر اچي تنهنجي طاقت جو امتحان وٺان ٿو.“ مرحب ديوار کان هيٺ لهي قلعي کان ٻاهر آيو ۽ هن جي پٺيان قلعي جو دروازو بند ٿي ويو.
حضرت علي رضي الله جي جسم تي زره به نه هئي، ان جي باوجود مرحب جي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو، مرحب جي مٿي تي فولادي ٽوپي ۽ جسم تي مضبوط زره هئي، جنهن ڄمي مقابلو ڪيو آخرڪار حضرت علي رضي الله جي هٿان موت جي حوالي ٿي ويو. حضرت علي رضي الله حڪم ڪيو ته قلعي جو دروازو ٽوڙيو وڃي. مسلمانن وڏن ڪاٺيءَ جي شهتيرن سان دروازي کي ٽوڙڻ شروع ڪيو هڪ شهتير کي پنجاهه ماڻهو کڻي تيزيءَ سان ڊڪندي اچي قلعي جي دروازي سان هڻڻ شروع ڪيو، ٽن شهتيرن لڳائڻ بعد اهو مضبوط دروازو ٽٽي پيو، حضرت علي رضي الله ڪجهه ماڻهن کي ڏاڪڻ ذريعي قلعي جي ديوار تي چڙهڻ جو حڪم ڪيو ته قلعي جي اندر پهچو.
حضرت علي رضي الله پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هدايتن مطابق مسلمانن کي حڪم ڏيندي ڏاڪڻ ذريعي قلعي ۾ لهندا ويا، اهڙي شديد حملي جي باوجود مرحب جا سپاهي ٻه ڏينهن ڄمي وڙهندا رهيا. آخرڪار مسلمانن جي هٿان مجبور ٿي پيا. قلعي جي دروازي کي ٽوڙڻ کان پوءِ مسلمانن اتي موجود يهودين کي قيد بڻايو. ان قلعي مان مسلمانن کي تمام گهڻي مقدار ۾ مالِ غنيمت به هٿ آيو.
نطات قلعي تي قبضي ڪرڻ کان بعد حضرت علي رضي الله ناعم نالي قلعي کي به فتح ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. جنگ خيبر جي دوران حضرت علي رضي الله ڏهن ڏينهن ۾ چئن قلعن تي قبضو ڪري ورتو. جڏهن ته باقي قلعن ۾ رهڻ وارن پاڻ ئي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا. انهن ڏهن ڏينهن جي مدت ۾ حضرت علي رضي الله سورهن ڀيرا آمهون سامهون لڙائي ڪئي ۽ هر دفعي پنهنجي مقابلي ڪندڙ کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو يا ايتري قدر کيس زخمي ڪري ڇڏيو جو وڙهڻ جي لائق نه رهيو.
هڪ روايت جي مطابق باقي چار قلعا بغير لڙائي جي قبضي هيٺ نه آيا هئا. پر حضرت علي رضي الله جي شديد حملن کين هٿيار اڇلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جيتوڻيڪ انهن ڏهن ڏينهن دوران مسلسل حضرت علي رضي الله کي بخار به هيو ۽ اکين ۾ تڪليف پڻ هئي.
جنگ خيبر ۾ حضرت علي رضي الله جي فتح ۽ انهن جي هٿان مضبوط قلعا پنهنجي قبضي هيٺ ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. اهو واقعو اسلام جي وڏين ڪاميابين مان هڪ آهي. خاص طورتي ان لاءِ ته اسلامي فوج جي سپھ سالار وٽ قلعن فتح ڪرڻ لاءِ مناسب هٿيار ۽ اوزار نه هئا. پر انهن ڳالهين جي باوجود انهن ويهه هزار فوج کي شڪت ڏني جيڪي مضبوط اٺن قلعن جي زور تي مسلمانن سان مقابلو ڪري رهيا هئا.
جڏهن مسلمانن جي هٿان اٺين آخري قلعي جي فتح جي خبر حضرت محمد ﷺ جن کي ملي ته پاڻ حضرت علي رضي الله کي گهرائي سڀني مسلمانن جي سامهون سيني مبارڪ سان لڳايائون ۽ پيشاني تي چمي ڏئي فرمايائون ته، ”اي علي! تون اسدالله آهين“ يعني الله جو شينهن، اهو لقب اڄ به حضرت علي رضي الله جي ٻين لقبن کان وڌيڪ مشهور آهي.
فتح خيبر کان پوءِ مسلمانن کي تمام گهڻي مقدار ۾ جنگي سامان خاص طورتي کاڌي پيتي جو سامان حاصل ٿيو.
حضرت عائشه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن جي حرم ۾ اچڻ کان پوءِ مون کي پهريون دفعو پنهنجي ضرورت جيتريون کارڪون کائڻ جو موقعو مليو ۽ اهو موقعو خيبر کي فتح ڪرڻ کان پوءِ نصيب ٿيو. ان کان اڳ گهر ۾ ايتريون کارڪون هونديون هيون جو ڳڻي ورهاست ڪندا هئاسين.
خيبر جي فتح کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن يهودين سان مهرباني ۽ درگذر وارو رويو اختيار ڪيو. يهودين کي اها اجازت ڏني وئي ته جيڪڏهن مرضي سان خيبر ڇڏي وڃن ته ڀل خوشي سان جيڪو چاهن کڻي وڃي سگهن ٿا. پر انهن کي کارڪن، ٻڪرين، رڍن ۽ ٻيو اناج کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي. صرف گهريلو سامان کڻي وڃن ۽ اها به کين رعايت ڏني وئي ته پنهنجو ساڳيو ڪاروبار به ڀل جاري رکن. پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته يهودي عورتن کي آزاد رکيو وڃي ۽ ڪنهن به مسلمان کي ڪنهن يهودي عورت سان شادي ”متعه“ جي اجازت نه آهي. ان کان علاوه ڪوبه مسلمان يهودين جي ڪاروبار ۾ ڪابه مداخلت نه ڪري ۽ نه انهن جي باغن ۾ داخل ٿئي جيئن ڪنهن به پيداوار کي نقصان نه پهچي.
هڪ ڏينهن هڪ مسلمان سپاهي خيبر جي قلعن وٽان گذرندي نامعلوم شخص جي حملي ۾ قتل ٿي ويو. حضرت علي رضي الله سڀني يهودين کي ڪٺو ڪري قتل جي باري ۾ جاچ ڪئي. يهودين قسم کنيو ته ان شخص جو قاتل ڪوبه يهودي نه آهي ۽ خيبر جا يهودي بي گناهه آهن. حضرت علي رضي الله ساري حقيقت پيغمبر اسلام ﷺ جن جي اڳيان پيش ڪئي ته يهودين جا چڱا مڙس چون ٿا ته اسان جو ان قتل ۾ هٿ نه آهي، ان ڪري مقتول جو خون بها ڪنهن کان وصول ڪيو وڃي؟
پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته جيئن ته يهودي قتل نه ڪرڻ لاءِ قسم کڻي رهيا آهن. تنهن ڪري مان انهن جي ڳالهه مڃي ۽ مقتول جو خون بها خود ڀرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن پنهنجي طرفان خون بها جي رقم ادا ڪري ڇڏي.
فتح خيبر کان پوءِ يهودين جي ٻن قبيلن جيڪي وادي القراء جي علائقي ۾ رهندا هئا ۽ اهڙي طرح ٻه ٻيا قبيلا جيڪي باترتيب فدڪ ۽ تيمه جي جڳهه تي رهندا هئا، مسلمانن سان صلح وارو رويو اختيار ڪيو ۽ انهن ”جزيه“ ڏيڻ يعني اسلامي حڪومت ۾ رهندڙ غيرمسلم تي سالياني ٽيڪس ادا ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي.