مذهب

حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

جنگي قيدين سان حسن سلوڪ

جنگي قيدين سان حسن سلوڪ

جڏهن مسلمانن جي لاشن کي دفنايو ويو، ان کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن جنگي قيدين جي معاملي کي طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنگ بدر ۾ مشرڪن جا ستر ماڻهو مسلمانن وٽ قيدي بڻيا. جزيره عرب ۾ اهو دستور هوندو هو ته اهو قيدي ان سپاهيءَ جي ملڪيت بڻجي ويندو هو جيڪو ان کي جنگ جي ميدان مان گرفتار ڪندو هو. جيڪو سپاهي دشمن جي ڪنهن شخص کي گرفتار ڪندو هو، ان کي اهو حق به حاصل هيو چاهي ته ان قيديءَ کي اُڦٽ ماري ڇڏي يا ان کي بازار ۾ وڪڻي ڇڏي يا پنهنجو غلام بڻائي ڇڏي.
جڏهن ڪنهن قيدي کي مارڻ ضروري هوندو هو ته ان جون ٻئي ٻانهون پٺي ڀر ٻڌي زمين تي ويهاري، ان جي هٿن ۾ ٻڌل رسيءَ جو ٻيو پاسو وڻ سان ٻڌندا هئا ته جيئن قيدي ڀڄي نه سگهي، پوءِ تلوار سان پٺيان ڳچيءَ تي اهڙو وار ڪيو ويندو هو جو ان شخص جو مٿو پري وڃي ڪرندو هو.
ان ڏينهن به پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن سان صلاح مشورو ڪيو ته جنگي قيدين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي.
حضرت عمر رضي الله بن خطاب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ته، ”سڀني جو سر قلم ڪيو وڃي“. حضرت ابوعبيد رضي الله چيو ته، ”سڀني قيدين کي زنده جلايو وڃي.“ پر حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تجويز پيش ڪئي ته جنگي قيدين کي اها اجازت ڏني وڃي ته مڪي ۾ پنهنجي خاندان سان رابطو قائم ڪن ۽ انهن کي چون ته انهن لاءِ چندو جمع ڪري فديو ادا ڪن ۽ پوءِ هنن کي آزاد ڪيو وڃي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن ان تجويز کي پسند فرمايو ۽ منظوري ڏنائون. بعد ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي طرفان جنگي قيدين جي باري ۾ اهڙو قانون ”آئين“ جوڙيو ويو. مصنف لکي ٿو ته منهنجي خيال مطابق اهو دنيا ۾ سڀ کان پهريون آئين آهي جيڪو جنگي قيدين جي باري ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ جنگي قيدين سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ ۽ انهن جي ضرورتن جو خيال رکڻ کي شامل ڪيو ويو. آئين ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته جنگي قيدين جي آزادي لاءِ جيڪو فديو مقرر ڪيو ويندو اهو ان جي خاندان جي حيثيت مطابق مقرر ڪيو ويندو. ڇو ته قريش جي فوج جا اڪثر ڪري قيدي دولتمند گهراڻن سان تعلق رکن ٿا، ان ڪري هر جنگي قيديءَ جي آزاديءَ لاءِ چار هزار درهم فديو مقرر ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪوبه شخص مقرر رقم ادا نٿو ڪري سگهي ته اهو ان جي عيوض مناسب تعداد ۾ تلوارون ۽ نيزا جمع ڪرائي پنهنجي آزادي حاصل ڪري سگهي ٿو، ان کان علاوه جيڪي قيدي لکڻ پڙهڻ ڄاڻن ٿا ته اهي نقد يا اسلحي جي شڪل ۾ فديو ادا ڪرڻ کان معاف آهن. انهن ماڻهن جو فديو هن ريت آهي ته ڏهن مسلمانن کي لکڻ پڙهڻ سيکارن تنهن کان بعد انهن کي آزاد ڪيو ويندو.
ان دستور ۾ اهو به تاڪيد ٿيل هيو ته جيستائين جنگي قيدي مسلمانن جي قيد ۾ آهن انهن کي مفت خوراڪ ۽ لباس ڏنو وڃي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچائي وڃي. ڇو جو الله تعاليٰ جنگي قيدين کي ايذائڻ پسند نٿو ڪري. ان آئين مطابق جنگي قيدين سان اهڙو سهڻو ورتاءُ ڪيو ويندو هو جو مسلمان پنهنجو کاڌو ۽ پنهنجا ڪپڙا به انهن کي ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ بک تي رهڻ پسند ڪندا هئا ته متان انهن جو قيدي ڪنهن تڪليف ۾ رهي.
بهرحال جنگ بدر ۾ مسلمانن جي فتح جي خبر جڏهن مڪي ۾ پهتي ته مڪي وارن بدلي وٺڻ لاءِ هڪ ٻيءَ جنگ جو فيصلو ڪيو. مڪي وارن مان هڪ شخص حضرت محمد ﷺ جن ۽ ٻين مسلمانن کان بدلي وٺڻ لاءِ تياري ورتي. اهو هيو ابوسفيان؛ جنگ بدر ۾ ان جو هڪ پٽ، سهرو ۽ سالو ماريا ويا هئا جڏهن ته ٻيو پٽ مسلمانن وٽ قيدي ٿي چڪو هو. ابوسفيان به مجبور هيو ته في الحال پنهنجي پٽ جا چار هزار درهم فديو ڏئي کيس آزاد ڪرائي ۽ ابوسفيان اهو قسم کنيو ته جيستائين هو مسلمانن کان بدلو نه وٺندو ان وقت تائين سڪون سان نه ويهندو ۽ نه ئي تيستائين پنهنجي گهرواريءَ کي منهن ڏيکاريندو. ابوسفيان جي گهرواري به بتن جي سامهون قسم کنيو ته جيڪڏهن منهنجي پٽ، پيءُ ۽ ڀاءُ جو قاتل هٿ چڙهي ويو ته مان ان جا جيرا ڪڍي چٻاڙيندس ۽ هن اهو به اعلان ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي پٽ، پيءُ ۽ ڀاءُ جا گهڻا قاتل هوندا ته انهن سڀني جا ڪن، نڪ ۽ زبان ڪٽي انهن جو هار ٺاهيندس ۽ جنهن ڏينهن اسلام کي شڪست ٿيندي ان ڏينهن اهو هار ڳچيءَ ۾ پائي ميدان جنگ ۾ نچنديس.
هڪ طرف جڏهن ته مڪي ۾ مسلمانن جي خلاف غضب جا انتقامي شعلا ڀڙڪن پيا ته ٻئي طرف مديني کان هي خبر ملي ته مڪي وارا پنهنجا قيدي آزاد ڪرائي سگهن ٿا ۽ هر قيديءَ جو فديو چار هزار درهم مقرر ڪيو ويو آهي. ان ڪري ستر قيدين جي آزادي لاءِ ٻه لک اسي هزار درهم ادا ڪرڻا پوندا. مڪي جي سردارن چيو ته اسان کي قيدين جو فديو ادا نه ڪرڻ گهرجي ڇو جو مسلمان مالي حيثيت کان تمام ڪمزور آهن جيڪڏهن انهن کي فديي جي ايڏي وڏي رقم ملي وئي ته انهن جي حالت سڌري ويندي ان ڪري اسان کي پنهنجي هٿن سان دشمن کي مضبوط نه بنائڻ گهرجي. پر جنگي قيدين جي خاندان وارن ۽خود ابوسفيان به مڪي جي معتبر ماڻهن وٽ درخواست ڪئي ته کين فديي ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هو پنهنجي عزيزن کي مسلمانن کان آزادي حاصل ڪرائي سگهن. ان کان پوءِ قريش جي سردارن قيدين جي آزادي لاءِ فديه ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني.
جنگي قيدين ۾ هڪ اهڙو شخص به هيو جنهن جو نالو ”ابوالعاص“ هو. هي شخص حضرت محمد ﷺ جن جي گهرواري حضرت خديجه جو ڀاڻيجو هو ۽ رسول الله ﷺ جن جي نياڻيءَ جو شريڪ حيات به. (يعني رسول الله ﷺ جن جي نياڻي بيبي زينب جو مڙس به هو.)
حضور ﷺ جن جي نياڻيءَ پنهنجي مڙس جي آزاديءَ لاءِ ٽي هزار درهم ڪٺا ڪيا پر ان کان هڪ هزار درهم پورو ٿي نه سگهيو ان ڪري هڪ هزار درهم جي بدلي ۾ ان پنهنجي زيورن جا ٻه ٽڪڙا جن جي قيمت هڪ هزار درهم هئي، ٽن هزار درهم سان گڏ روانا ڪيا ۽ پيغام به موڪليو ته انهن جي عيوض منهنجي مڙس کي آزاد ڪيو وڃي.
جڏهن اها نقد رقم ۽ زيور حضرت محمد ﷺ جن وٽ آندا ويا ته پاڻ سڳورنﷺ ڏٺو ته انهن زيورن ۾ هڪ اهو هار به هو جيڪو حضرت خديجه جو هيو. جڏهن حضرت خديجه جو انتقال ٿي چڪو هو ته پاڻ سڳورنﷺ اهو هار پنهنجي نياڻيءَ زينب کي ڏنو هو. جڏهن پاڻ سڳورنﷺ اهو هار ڏٺو جيڪو پاڻ سڳورنﷺ جي نياڻيءَ پنهنجي مڙس جي آزادي خاطر موڪليو آهي ته سندن مبارڪ اکين ۾ پاڻي اچي ويو. جڏهن مسلمانن پاڻ سڳورنﷺ جو اها حال ڏٺو ته ڪنهن پڇا ڪرڻ کان سواءِ اهي به روئڻ لڳا.
حضرت عمر رضي الله پاڻ سڳورنﷺ کان پڇيو ته، ”يارسول الله اوهان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري روئي رهيا آهيو، اسان اوهان جي اکين ۾ پاڻي ڏسندا آهيون ته اسان جون دليون به غم ۾ ڀرجي وينديون آهن.“ حضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته: ”يا عمر! هي هار جيڪو تون ڏسي رهيو آهين، دراصل منهنجي گهرواريءَ خديجه جو آهي، ان جي وفات کان پوءِ مان پنهنجي نياڻيءَ زينب کي ڏئي ڇڏيو هو. اڄ زينب اهو هار ۽ هڪ ٻيو زيور ٽن هزارن درهمن سان گڏ پنهنجي مڙس جي آزاديءَ جي عيوض موڪليا آهن، ان ڪري جڏهن منهنجي نظر ان هار تي پئي ته مون کي خديجه ۽ زينب جي ياد اچي وئي ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيو.“
حضرت عمر رضي الله ٻين مسلمانن سان مخاطب ٿيندي اها تجويز پيش ڪئي ته، ”رسول الله ﷺ جن جي نياڻي ”ابوالعاص“ کي فديه وصول ڪرڻ کان سواءِ کيس آزاد ڪيو وڃي ۽ هي ٽي هزار درهم ۽ هي زيور به کيس واپس ڏنا وڃن. پر پيغمبر اسلام ﷺ جن منع فرمايو ۽ فرمايائون ”يا عمر، مون ۾ ۽ ٻين جي وچ ۾ ڪوبه فرق نه آهي جو منهنجي نياڻيءَ جي مڙس کي فديي ادا ڪرڻ کان سواءِ آزاد ڪيو وڃي. پر هڪ شرط تي هن کي ڇڏي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي آزاديءَ جي بدلي ۾ اهو واعدو ڪري ته منهنجي نياڻيءَ کي طلاق ڏئي مديني اسان ڏي موڪلي ته جيئن هوءَ مسلمانن ۾ رهي زندگي گذاري سگهي. سڀني مسلمانن ان خيال کي پسند ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته پيغمبر اسلام ﷺ جي نياڻي کي اهو زيب نٿو ڏئي ته هوءَ هڪ مشرڪ جي زال ٿي رهي.
آخرڪار ٿيو ائين جو ابوالعاص آزاديءَ کان پوءِ مڪي پهچي حضرت زينب کي مديني روانو ڪيو پر رستي ۾ حضرت زينب سان هڪ ناگواره حادثو پيش آيو جنهن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ پيش ڪيو ويندو.
حضرت محمد ﷺ جن جو هڪ ٻيو ويجهو رشتيدار جيڪو مسلمانن جي قيد ۾ هو سو سندن چاچو حضرت عباس هو. پيغمبر اسلام ﷺ جن نهايت رحم دل ۽ محبت ڪرڻ وارا انسان هئا. پاڻ ﷺ پنهنجي رشتيدارن کي ڏاڍو چاهيندا هئا، جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ اهو ڏسن پيا ته سندن چاچو قيد ۾ آهي، پر پاڻ ﷺ ان لاءِ ڪجهه نه پيا ڪري سگهن. يعني اصولن جي پابندي تحت حضرت عباس جي مدد ڪرڻ جي کين اجازت نه هئي. جڏهن قيدين جي معاملي جو وقت آيو ۽ حضرت عباس جو وارو آيو ته ان رسول الله ﷺ جن کي ڏسندي ئي چيو ته، ”ڀائيٽا! مان ته هڪ لڪل مسلمان هيس توهان مون کي خواه مخواه پڪڙي رکيو آهي.“ رسول الله ﷺ جن فرمايو، ”اسلام ڪو خفيه دين نه آهي جو مسلمان چوريءَ ان جي پيروي ڪري، ٻيو ته توهان کي ميدان جنگ ۾ اسلحي سميت مشرڪن سان گڏ ڏٺو ويو ان کان پوءِ جڏهن اوهان قيدي بڻجي چڪا آهيو ته پوءِ اوهان کي فديو ادا ڪرڻو پوندو.“
حضرت عباس (جيڪو اڃان مسلمان نه ٿيو هو) جيئن ته جو هڪ تجربيڪار واپاري هو، ان ڪري هتي به ان پنهنجي پيشي کي نه وساريو ۽ فديو جيڪو مقرر ٿيل هيو ان ۾ رعايت ڪرائڻ لاءِ زور لڳايو. پر جڏهن ان ڏٺو ته حضرت محمد ﷺ جن ڪهڙيءَ به طرح فديي ۾ رعايت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته چوڻ لڳو ”مان ته هڪ غريب انسان آهيان ۽ فديي ڏيڻ جي مون وٽ طاقت نه آهي. اڳي حالت ڪنهن وقت ٺيڪ هئي پر مختلف ڪاروباري معاملن ۾ نقصان پهچڻ سان هينئر غريبي حال آهي ۽ جيئن جو ائين به چيو ويو آهي ته گهٽ حيثيت وارا شخص تلوارون ۽ نيزا فديي جي ادا ڪرڻ ۾ ڏين ته مان به پنهنجي آزاديءَ لاءِ اهڙو ئي فديو ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته ان بابت تحقيق ڪئي ويندي پوءِ جيڪڏهن اهو ثابت ٿي ويو ته توهان جي ملڪيت ۾ ڪجهه نه آهي ته تلوارن ۽ نيزن جي صورت ۾ فديو وصول ڪري توهان کي آزاد ڪيو ويندو.
جنگ بدر مسلمانن کي ڪاميابيءَ جو دروازو کولي ڏنو ۽ هڪ اهڙو وقت آيو جڏهن مسلمان ايترا طاقتور ۽ غني ٿي چڪا جو ڏهه هزار گهوڙا ساڻ کڻي جنگي ميدان ۾ لهندا هئا. جڏهن ته جنگ بدر ۾ انهن وٽ صرف ٻه گهوڙا هئا، پر ان جي باوجود مسلمانن کي جيتري شهرت جنگ بدر ۾ ملي اهڙيءَ ٻي جنگ ۾ نه ملي.
اڳ ۾ هي بيان ٿي چڪو آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جڏهن رسالت جو اعلان ڪيو ته ابي لهب پنهنجي پٽ تي دٻاءُ وڌو ته پاڻ ﷺ جن جي نياڻيءَ حضرت رقيه کي طلاق ڏئي ڇڏي.
حـضرت رقيه کي پنهنجي والد سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ هيءَ اها رقيه آهي جنهن پنهنجي والد جي جان ان وقت بچائي هئي، جڏهن خانه ڪعبه ۾ پاڻ ﷺ جن جي ساهه ٻوساٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
ابي لهب جي پٽ بيبي رقيه کي طلاق ڏني ته اها ڪجهه عرصي کان بعد حضرت عثمان رضي الله جي نڪاح ۾ آئي. حضرت عثمان رضي الله هڪ مالدار نوجوان هو ۽ بيبي رقيه سان نڪاح کان بعد ٻين مسلمانن سان گڏجي مديني روانو ٿي ويو. بيبي رقيه ۽ سندس مڙس حضرت عثمان ٻين مسلمانن سان حبشه کان واپسي بعد مديني ۾ رهائش ڪيائون. ايتري تائين جو جنگ بدر جا آثار ظاهر ٿيا، ان دوران بيبي رقيه سخت بيمار ٿي پئي ۽ جيئن ته حضرت محمد ﷺ جن ٻين مسلمانن سان گڏ جنگ تي روانا ٿيا، ان ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن حضرت عثمان رضي الله کي مديني جي انتظام سنڀالڻ لاءِ ۽ پنهنجي گهرواري جي بيماري سببب سندس خيال رکڻ لاءِ ذميواري ڏني.
جنگ بدر کان جڏهن مسلمان مديني پهتا ته حضرت رقيه جي حالت تمام بگڙي وئي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد وفات ڪيائين، حضرت محمد ﷺ جن کي نياڻيءَ جي وفات جو انتهائي ڏک پهتو، اڃان حضرت رقيه جي وفات کي ٿورا ڏينهن ئي گذريا ته رسول الله ﷺ جن کي هڪ ٻيو صدمو برداشت ڪرڻو پيو جو پهريون ڏهٽو ۽ پاڻ ﷺ جن جي ٻي نياڻي حضرت زينب به زندگي جي جدائي ڏئي وئي. جيئن ته پاڻ سڳورنﷺ جنگ بدر کان بعد پنهنجي ڄاٽي (نياڻي) کي ان شرط تي آزاد ڪيو هو ته مڪي وڃي پنهنجي گهرواريءَ کي طلاق ڏئي، مديني ڏانهن روانو ڪري جيئن هوءَ مسلمانن ۾ زندگي بسر ڪري.
جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي کان مديني هجرت ڪئي هئي ته پاڻ ﷺ جن جون سموريون نياڻيون هجرت ڪري مديني پهچي ويون سواءِ هڪ نياڻي حضرت زينب جي، جيڪا پنهنجي مڙس سان مڪي ۾ رهندڙ هئي. ان جي مڙس ”ابوالعاص“ جنگ بدر ۾ شرڪت ڪئي جتي هو مسلمانن وٽ قيدي ٿيو ۽ پوءِ آزاد ٿي پنهنجي واعدي مطابق پنهنجي گهرواريءَ حضرت زينب کي مديني روانو ڪيو ان کان بعد ان مقصد جي پيش نظر حضرت زينب حفاظت سان مديني تائين پهتي. ابوالعاص پنهنجي ڀاءُ کي حضرت زينب سان گڏ روانو ڪيو.
پر قريش وارن کي جڏهن اها خبر پئي ته حـضرت محمد ﷺ جن جي نياڻي مڪي کان مديني وڃي رهي آهي، جيئن پنهنجي والد سان وڃي زندگي بسر ڪري. سو جيئن ئي قافلو، جنهن ۾ حضرت زينب سفر ڪري رهي هئي، مڪي جي حد کان نڪتو ته قريش جي هڪ ٽولي ”هبر“ نالي هڪ شخص جي اڳواڻيءَ ۾ قافلي تي حملو ڪري ڏنو ته جيئن حضرت زينب کي مديني وڃڻ کان روڪيو وڃي.
ابوالعاص جي ڀاءُ ”ڪُنه“ ۽ قافلي جي ٻين ماڻهن حملي ڪندڙن سان مقابلو ڪيو ۽ انهن کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪيائون ۽ اهڙي طرح قريش جا حملي ڪندڙ حضرت زينب کي واپس موٽائڻ ۾ ناڪام ٿيا، پر حضرت زينب جيڪا مڪي کان روانگي وقت حامله هئي، ان وقت ٻنهي ڌرين جي زور وَٺُ پڪڙ دوران اٺ تان هيٺ ڪري پئي ۽ هيٺ ڪرڻ سبب حمل ضايع ٿيو ۽ جيئن ته ٻار وقت کان اڳي ڄائو ان ڪري ڄمڻ سان ئي فوت ٿي ويو. اهو ٻار حضرت محمد ﷺ جن جو پهريون ڏوهٽو هيو ۽ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي اها خبر پئي ته ”هبر“ نالي شخص حضرت زينب جي قافلي تي حملو ڪيو آهي ۽ ان سبب حمل ضايع ٿيو آهي ته پاڻ سڳورنﷺ ان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ جڏهن ”هبر“ کي گرفتار ڪري مديني آندو ويو ته حضرت زينب جيڪا مديني ۾ بيمار حالت ۾ پهتي ۽ چند ڏينهن ۾ ئي ان حادثي سبب فوت ٿي وئي. ان طرح پيغمبر اسلام ﷺ جن جون ٻه نياڻيون هڪ ٻئي پٺيان الله جي حوالي ٿي ويون ۽ پنهنجي والد کان جدائي ڪري ويون.
جڏهن ”هبر“ کي مديني آندو ويو ته هڪ مسلمان غصي ۾ چيو ته، ”هن ظالم کي زنده جلايو وڃي.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو، ”هرگز نه، هيءُ اختيار الله تعاليٰ کي حاصل آهي، صرف اهائي ذات ڪنهن کي باهه ۾ ساڙي سگهي ٿي، مان ڪنهن کي به باهه ۾ ساڙڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهان.“
ڪجهه مسلمانن اها تجويز پيش ڪئي ته، ”هبر“ کي سزاءِ موت ڏني وڃي پر رحمة اللعالمين ايترا ته مهربان هئا جو پاڻ سڳورنﷺ ان شخص کي سزاءِ موت کان به پاسو ڪيو.
حضرت زينب تي حملي جي خبر جڏهن ”ابوالعاص“ کي پئي ته هو مڪي کان چوري چوري مديني ڏانهن روانو ٿيو. ان وقت اڃان حضرت زينب زنده هئي. جڏهن ابوالعاص مديني پهتو ۽ حضرت زينب کي اها خبر پئي ته ابوالعاص مديني ۾ آيو آهي ته حضرت زينب پنهنجي والد وٽ مسجد ۾ وڃي، پنهنجي والد ۽ ٻين مسلمانن کي ٻڌايو ته مان ”ابوالعاص“ کي ” پناهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مسلمانن جڏهن ڏٺو ته رسول الله ﷺ جن جي نياڻي ”ابوالعاص“ کي پناهه ڏيڻ چاهي ته سڀني جون نظرون پيغمبر اسلام ﷺ جن ڏانهن ڄمي ويون ته پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪهڙو فيصلو ڏين ٿا. پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته بيبي زينب هن شخص جو جيڪو سابقه مڙس اٿس پناهه ۾ وٺي سگهي ٿي ۽ منهنجي نياڻي ان جي معاشي مدد به ڪري سگهي ٿي، پر پنهنجي گهر ۾ مسلمان عورت هڪ مشرڪ کي نٿي رهائي سگهي. ان وقت ابوالعاص مسلمان ٿيو پاڻ سڳورنﷺ تي ايمان آندائين بعد ۾ حضرت زينب سان نڪاح ٿيو، پر ڪجهه عرصي بعد حضرت زينب گذاري وئي.