مذهب

حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

مديني کان گذرندڙ مڪي جي قافلن تي پابندي

مديني کان گذرندڙ مڪي جي قافلن تي پابندي

پيغمبر اسلام ﷺ جن قريش وارن کي خبردار ڪيو ته جيئن انهن مديني وارن جي معاشي ناڪابندي ڪئي آهي، ان ڪري اڄ کان بعد مڪي جي تجارتي قافلن کي اجازت نه هوندي ته اهي مسلمانن جي علائقي کان اچن وڃن ۽ جيڪڏهن انهن مديني جي حدن کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جو رستو روڪيو ويندو.
هن پيغام کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن مان چاليهه رضاڪار چونڊيا جن جي قيادت اسلام جي نامور سردار حضرت حمزه رضي الله جي حوالي ڪئي وئي. انهن چاليهه رضاڪارن کي ويهه اٺ به ڏنا ويا، انهن تي اها ذميواري رکي وئي ته حضرت حمزه رضي الله جي اڳواڻيءَ ۾ مديني ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ تان گذرندڙ رستي جي نگراني ڪن، جيڪو درحقيقت مڪي جي تجارتي قافلن جو اچ وڃ جو اصلي رستو آهي.
اهي چاليهه رضاڪار جن جو شمار مهاجرين سان ٿيندو هو، پنهنجي فرض کي پوري ڪرڻ خاطر ڪابه مزدوري وصول نه ڪندا هئا. انهن وٽ گهوڙا به نه هئا، جڏهن ته پيغمبر اسلام چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا ته اهڙن ڪمن جي لاءِ گهوڙا اٺن کان وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندا آهن، پر ان وقت مسلمان ايترا مالدار نه هئا جو گهوڙا خريد ڪري پنهنجن مجاهدن کي ڏين.
جزيره عرب ۾ هڪ زمين جو علائقو اهڙو آهي، جنهن کي ”حجاز“ چوندا آهن ۽ حجاز ان علائقي جو نالو آهي جيڪو ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري هڪ ڊگهي پٽيءَ جي شڪل ۾ اتر کان ڏکڻ ۾ ڦهليل آهي. ان جي ڊيگهه هڪ هزار ڪلوميٽر جي برابر آهي، ان علائقي ۾ پهاڙ ۽ واريءَ جا دڙا تمام گهڻا ڦهليل آهن. حجاز ۾ دنيا جي بهترين گهوڙن جي پالنا ڪئي ويندي آهي ۽ اهي اعليٰ نسل جا گهوڙا جيڪي عربي گهوڙن جي نالي سان مشهور آهن جن جي تيز رفتاري ۾ ساڻن ڪوئي مٽ نه آهي، پر هي ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته حجاز ۾ عربي گهوڙو ايترو ته قيمتي جانور سمجهيو ويندو هو جو هر شخص ان کي پالڻ جي طاقت نه پئي رکي سگهيو. ٻيو هي ته عربي گهوڙو جزيره عرب جي بيابانن ۾ رهڻ جي لائق نه آهي ڇو جو گهوڙي کان بک ۽ اُڃ برداشت ٿي نه سگهندي آهي.
عرب جڏهن به بيابانن ۾ ڪنهن جنگي مشن لاءِ گهوڙن جو استعمال ڪرڻ چاهيندا آهن ته انهن جي کاڌي پيتي لاءِ ڪيئي فالتو اٺ ساڻ کڻندا هئا، اهوئي سبب هيو ته بيابانن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو نه صرف انهن جانورن لاءِ اهميت رکندو هو پر اضافي اٺن جي مدد سان پاڻي گاهه ڍوئڻ به مشڪلاتن ۾ اضافو پيدا ڪندو هو.
اٺ هڪ ريگستاني جانور آهي اهو ريگستاني ٻوٽن سان پنهنجو پيٽ ڀري سگهي ٿو ۽ پاڻي پيئڻ کان سواءِ ڪيترا ڏينهن گذارو ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اهڙو ڪو علائقو هوندو هو جتي ڪي سرسبز ٻوٽا موجود هوندا هئا ته اٺ کي پاڻي جي به ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي.
جنهن قافلي ۾ گهوڙا موجود هوندا هئا ته ان قافلي جا مسافر پنهنجي حصي جو پاڻي گهوڙن کي پياريندا هئا. ڇو جو انهن کي خبر هئي ته گهوڙو به انسان وانگر اڃ برداشت ڪري نه سگهندو آهي. پر جڏهن اهي ماڻهو جنگي ميدان ۾ لهندا هئا ۽ جنگ شروع ٿيندي هئي ته گهوڙو هڪ بيمثال جرائت سان ميدان ۾ لهندو هو. ان دوران ٻيو ڪوبه جانور ايترو ڦڙتيءَ، چالاڪيءَ، تيز رفتاري ۽ فرمانبرداريءَ ۾ گهوڙو جو مقابلو ڪري نه سگهندو هو.
عربي زبان جي روايتن ۾ ذڪر ٿيل آهي ته جڏهن الله تعاليٰ آدم کي پيدا ڪيو ته ان کي سڀني جانورن کان واقف ڪيو ويو، ان لاءِ ته جيئن انهن مان جيڪو به چاهي پنهنجي لاءِ چونڊ ڪري. آدم سڀني جانورن مان گهوڙي کي پسند ڪيو ۽ الله به انسان جي پسند کي ساراهيو ڇو جو خود الله تعاليٰ به ٻين جانورن کان گهوڙي کي وڌيڪ خوبيون عطا ڪيون آهن.
بهرحال حضرت حمزه رضي الله ۽ ان جا چاليهه ساٿي جن کي ڪافرن جو رستو روڪڻو هو صرف ان ڳالهه تي پريشان هئا جو وٽن گهوڙا نه هئا. انهن جو خيال هيو ته جيڪڏهن انهن وٽ گهوڙا هجن ها ته هو پنهنجي فرض کي تمام بهتر طريقي سان پورو ڪري سگهن پيا.
حضرت حمزه رضي الله ۽ سندس چاليهن ساٿين جي گشت جو علائقو ڳاڙهي سمنڊ ۽ مديني جي وچ جو علائقو هو، جنهن جي ڊيگهه هڪ سو ٽيهه ڪلوميٽرن جي برابر هئي ۽ مڪي جا تجارتي قافلا به هر صورت ۾ اتان گذرڻ تي مجبور هئا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪنهن قافلي جو پري کان مٽي جو غبار نظر آيو ۽ اهو جلدي ئي معلوم ٿي ويو ته ان قافلي جو سالار اهو آهي جيڪو پيغمبر اسلام جن جو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي، يعني ابوجهل؟
ابوجهل اهو شخص هو جيڪو پيغمبر اسلام ﷺ جن کي مارڻ چاهي پيو ۽ ان پاڻ ﷺ جن جي سر جي قيمت به لڳائي ڇڏي هئي. هي اهو شخص هو جنهن ڪعبة الله ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي منهن مٿان اُٺ جي اوجهري وجهي ايترو ته قابو ڪيو هو جو سندس حالت ساهه نڪرڻ جهڙي ٿي وئي هئي.
مسلمانن کي جڏهن اهو يقين ٿي چڪو ته هن قافلي جو سربراهه ابوجهل آهي ته انهن ان قافلي تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پر ان وقت محمد بن عمرو نالي هڪ شخص ظاهر ٿيو جيڪو دراصل هڪ ان علائقي جي قبيلي جو سربراه هيو، جنهن علائقي کان مڪي وارن جا قافلا گذري رهيا هئا. ان شخص حضرت حمزه رضي الله جي رستي روڪڻ تي چيو ته ان قافلي تي حملي ڪرڻ کان مڙي وڃو. عمرو چيو ته اسان جي قبيلي قريش وارن سان اهو معاهدو ڪيو آهي ته مڪي جا قافلا هر قسم جي ڇيڙڇاڙ کان محفوظ رهي علائقي مان گذرن، ان ڪري نه اسان خود انهن تي حملو ڪري سگهون ٿا نه وري ڪنهن ٻئي کي اجازت ڏني ويندي ته هو اسان جي علائقي کان گذرڻ واري مڪي جي قافلي جو رستو روڪن.
عمرو وڌيڪ ٻڌائڻ لڳو ته اسان قريش وارن سان اهو معاهدو به ڪيو آهي ته قافلن جي حمايت جي عيوض ٻه دفعا ”خوه“ حاصل ڪنداسين، يعني ٽيڪس جيڪا تجارتي قافلن کان وصول ڪئي ويندي هئي. انهن قافلن کي ڦرلٽ کان کانسواءِ علائقي جي حفاظت جي ذميواري ڏني ويندي آهي. عمرو وڌيڪ چيو ته اهڙو معاهدو اسان جو مديني جي تاجرن سان به ٿيل آهي ۽ اهي به ڪنهن خوف خطري کان سواءِ اسان جي علائقي کان گذرندا آهن، اهي به پنهنجي ٽيڪس ادا ڪندا آهن ۽ انهن جي قافلي تي به اسان ڪنهن کي حملي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، ان ڪري اسان جو اهو عهد آهي ته اسان هر صورت ۾ پنهنجي ”هم عهد“ معاهدي ڪرڻ وارن تجارتي قافلن جي حمايت ۽ حفاظت ڪنداسين، ڇو جو اسان لاءِ عهد هڪ مقدس مقام رکي ٿو.
حضرت حمزه رضي الله جيڪو خود به هڪ عرب هو اهو چڱي ريت سمجهي پيو ته ڪنهن عهد کي ٽوڙڻ صحيح نه سمجهيو ويندو آهي ۽ کيس اهو احساس به ٿيو ته جيڪڏهن هو مڪي جي قافلي تي حملو ڪري ٿو ته صرف کيس هن مقامي قبيلي سان به نبرڻو پوندو پر اڳتي لاءِ مديني کان ويندڙ قافلن کي مشڪلاتون سامهون اينديون.
حضرت حمزه رضي الله ان ڳالهه کي به اهميت نه ڏني ته جيڪڏهن ابوجهل مڪي پهچي قريش جي ٻين سردارن سان قافلي کي حملي جا احوال ڪندو ته ان جو ڇا نتيجو نڪرندو. آخرڪار وڏي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيائين ته قافلي کي رستي تان گذرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ڇو ته آخرڪار اهوئي رستو آهي جتان مڪي جا قافلا مجبور ٿي گذرندا رهندا.
ٻيو دفعو مڪي جي ڪافرن جي مقابلي ۾ سٺ مسلمانن جي جماعت رضاڪارانه طورتي اٺن تي سوار ٿي مڪي وارن جي قافلن کي روڪڻ لاءِ نڪتا. هن دفعي حضرت عبيد بن حارث بن عبدالمطلب رضي الله جيڪو رشتي ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو چاچو به هو، اهو سٺ رضاڪار مهاجرين جي اڳواڻي ۾ نڪتو.
انهن ماڻهن مديني ۽ سمنڊ جي وچ واري علائقي جي نگرانري ڪندي ٻن هفتن کان پوءِ هڪ مڪي جي قافلي کي هٿ ڪيو جنهن قافلي جو سربراهه ابوجهل جو پٽ عڪرمه هو. هن قافلي ۾ مردن جو تعداد هڪ سو چاليهه هيو يعني مديني کان آيل رضاڪارن کان ٻيڻا هئا، پر جيئن ئي انهن مسلمانن کي ڏٺو ته يڪدم ڀڄڻ شروع ڪيو پر انهن مان ٻه شخص نه ڀڳا ۽ اچي مسلمانن سان مليا ڇو ته اهي پاڻ به مسلمان هئا.
انهن ٻنهي شخصن مان هڪ مقداد رضي الله بن عمرو ۽ ٻيو عتبه رضي الله بن غزوان هيو، هي ٻئي شخص ان وقت جڏهن مسلمان مڪي کان حبشه ڏانهن هجرت ڪري رهيا هئا، هي به انهن سان گڏ حبشه ڏانهن ويا هئا پر ڪجهه عرصي کان پوءِ مڪي موٽيا. جڏهن هي مڪي پهتا تڏهن هجرت جو آغاز ٿي چڪو هو ۽ پيغمبر اسلام جن مڪي کان مديني پهچي چڪا هئا. انهن ٻنهي شخصن ڪيترائي مرتبا ڪوشش ڪئي ته مديني وڃي پنهنجي ديني ڀائرن سان ملاقات ڪيون، پر ڪامياب نه ٿيا. جڏهن هنن کي علم ٿيو ته عڪرمه جي نگرانيءَ ۾ مڪي کان قافلو روانو ٿيڻو آهي جيڪو مديني کان گذرندو اهڙي طرح اهي ٻئي شخص ان قافلي ۾ شامل ٿي ويا ته ان بهاني مديني پهچي سگهون. آخرڪار جڏهن قافلي وارن ڀڄڻ شروع ڪيو ته هنن کي مسلمانن سان ملڻ جو موقعو ملي ويو.
انهن ٻنهي شخصن جي مديني ۾ آمد تي مسلمانن کي ڏاڍي خوشي ٿي. وري ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ رضاڪارن هڪ ٽيون دستو جيڪو ويهن اُٺن تي سوار هيو، حضرت سعد بن رضي الله ابي وقاص جي سربراهيءَ ۾ روانو ٿيو ته جيئن مڪي وارن کي مديني جي ناڪه بنديءَ جي سزا ڏني وڃي.
مسلمانن جي رضاڪارن جي تبديلي ان ڪري ڪئي پئي وئي ته جيئن ڪو به مسلمان اسلام جي راهه ۾ ڪنهن خدمت ڪرڻ کان رهجي نه وڃي. پيغمبر اسلام ﷺ جن اها هدايت ڪئي ته رضاڪارن جو دستو واري واري سان تبديل ڪيو وڃي.
حضرت سعد بن ابي وقاص، پيغمبر اسلام ﷺ جن جي والده حضرت آمنه جو ڀاڻيجو هو. حضرت سعد بن ابي وقاص اهو پهريون مسلمان هيو جنهن اسلام جي راهه ۾ سڀ کان اڳ هڪ ڪافر کي زخمي ڪيو هو.
حضرت سعد رضي الله ”خرار“ نالي هڪ علائقي ۾ مڪي جي هڪ قافلي جي مقابلي ۾ اچي پهتو ۽ ان تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين پر هن ڀيري به اهڙي ئي طرح اتان جي مقامي قبيلي جو سربراهه مسلمانن جي سامهون پهچي ويو ۽ چيائين ته منهنجي قبيلي جو علائقو ”دارالامان“ آهي، هتي نه اسان ڪنهن تي حملو ڪندا آهيون ۽ نه ئي وري ڪنهن کي قافلي تي حملي ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. ڇو جو اسان کي انهن قافلن جي طرفان پنهنجو حق ”ٽيڪس“ ملندي آهي. ان سبب رضاڪار مسلمان هن ڀيري ڪنهن ڪارروائي ڪرڻ کان سواءِ واپس مديني موٽي آيا. حضرت سعد رضي الله هڪ تجويز پيش ڪئي ته ان سلسلي ۾ ٻئي ڪنهن طريقي تي غور ڪيو وڃي.
حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته ريگستاني عرب جيئن ته مڪي وارن کان سوديبازي ۾ فائدو حاصل ڪن ٿا تنهن ڪري مڪي وارن جي قافلن کي روڪڻ جي معاملي ۾ اهي اسان سان تعاون نه ڪندا. پر مان ﷺ انهن کي ان منافعي جي بدلي ۾ اهڙي شيءِ ڏيندس جنهن تي انهن کان اهو فائدو وسري ويندو.
مسلمانن عرض ڪيو ”يارسول الله! اوهان انهن کي ڇا ڏيڻ چاهيو ٿا؟“
پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو انهن کي ٿورڙي منافعي جي بدلي جيڪو اهي ريگستاني عرب مڪي وارن کان حاصل ڪن ٿا، انهن کي اسلام جي دعوت ۽ جنت جي بشارت ڏيندس.“
حضرت محمد ﷺ جن جيئن ئي اها سوچ ظاهر ڪئي ته پوءِ ان ڳالهه کي عملي طور شروع ڪرڻ لاءِ مذاڪرات شروع ڪري ڏنا ۽ انهن ريگستاني عربن کي چيو ويو ته ان معمولي فائدي تان هٿ کڻي وڃو جيڪو اوهان کي مڪي وارن کان حاصل ٿئي ٿو. مان ان جي بدلي ۾ توهان کي بهشت جي خوشخبري ڏيان ٿو.•
بهرحال حضرت محمد ﷺ جن بدوي قبائلي مسلمانن کي پاڻ سان متحد ٿيڻ جي غرض سان سٺ رضاڪارن تي مشتمل جماعت ساڻ ڪري ان قبيلي ڏانهن روانا ٿي ويا. هن دفعي رضاڪار دستي جي اڳواڻي بذات خود پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هٿ هئي ۽ ان دفعي به مسلمانن وٽ گهوڙن جي سواري نه هئي ۽ سڀئي اُٺن تي سوار هئا. حضرت محمد ﷺ جن مديني کان نڪرڻ بعد پنهنجي رضاڪارن سميت قبيله غفار جي رهائشگاهه ڏانهن روانا ٿي ويا.
غفار قبيلو اهو پهريون قبيلو آهي، جنهن اسلام قبول ڪيو. ان تاريخ کان ڏهه سال پهريون حضرت ابوذر غفاري رضي الله جيڪو ان وقت ظالم هيو ۽ پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿي اسلام قبول ڪري پنهنجي عادتن کان هميشه لاءِ توبھ ڪري ڇڏي هئي. پيغمبر اسلام ﷺ جن کيس قبيلي ۾ واپس موڪلي ڇڏيو ته هو پنهنجي قبيلي وارن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏئي. ڏهن سالن جي عرصي ۾ سندس قبيلي جا سمورا شخص مسلمان ٿي ويا ۽ انهن ڌاڙن، ظلم ۽ لٽ ڦر کان هميشه لاءِ توبھ ڪري ڇڏي.
قبيلي غفار جي رهائش وارو علائقو مديني ۽ ينبع نالي سرزمين جي وچ تي واقع هو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن ان کان اڳ جو قبيلي غفار جي حد ۾ داخل ٿين، ”ابواءِ“ نالي علائقي ۾ ترسي پيا ڇو ته پاڻ سڳورنﷺ جي والده ماجده حضرت آمنه ان علائقي ۾ دفن ٿيل هئي.
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر وٽ پهتا ته اُٺ تان لهي قبر تائين پيادل هليا. ٻيا مسلمان، جن کي اها خبر هئي ته پاڻ سڳورنﷺ جن جي والده ماجده جي اتي قبر آهي ته اهي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيا ۽ انهن مان حضرت عمر رضي الله جيڪو رضاڪارانه طورتي سفر ۾ شريڪ هيو پاڻ سڳورنﷺ جن سان گڏ قبر تائين پهتو، حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر تي گوڏا کوڙي بي اختيار روئي دعا گهريائون.
جيتوڻيڪ حضرت آمنه کي فوت ٿئي پنجاهه سال گذري چڪا هئا، پر حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي بچپن جي ياد ۾ روئيندا رهيا ڄڻ ته پاڻ پنهنجي والده ماجده کان هينئر ئي وڇڙي رهيا آهن. پاڻ سڳورنﷺ جن کي پنهنجي والده جي تڪليفن ۽ ڏکن جو احساس اڀري رهيو هو جيڪي هن پاڻ سڳورنﷺ جي پرورش دوران سٺا هئا. حضرت آمنه بيوه هوندي ڪنهن سهاري کان سواءِ پنهنجي فرزند جي پالنا ڪندي هن دنيا کان رخصت ٿي وئي هئي. پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي والده ماجده جي قبر تي پنهنجي ٻاراڻي دور جي ياد ۾ گم ٿي ويا جو انهن کي اهو احساس ٿيو ته جيتري تائين والد ماجده زنده هئي ته هر مشڪل سان منهن ڏيڻ پاڻ ﷺ جن لاءِ ڪيترو نه آسان هو. ننڍپڻ ۾ جڏهن به گهر ۾ ايندا هئا ته والده ماجده پاڻ ﷺ جن جو هٿ منهن ڌوئيندي هئي ۽ پنهنجي هٿن سان پچايل کاڌو پاڻ ﷺ جن جي سامهون رکي پيار محبت سان کين کارائيندي هئي. پر جڏهن حضرت آمنه جي رحلت ٿي ته پاڻ سڳوراﷺ بلڪل اڪيلا ٿي پيا، جڏهن ريگستان کان پيرين اگهاڙي پيادل ايندا هئا ته ڪوبه نه هو جو هٿ منهن ڌوئاري يا مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائي. ايتري قدر جو پاڻ سڳورنﷺ جي راهه ڏسڻ وارو يا واپس اچڻ جي انتظار ڪرڻ وارو به ڪوئي نه هيو.
بهرحال حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر تي ايترو رُنا جو حضرت عمر رضي الله جنهن جي باري ۾ مشهور هيو ته شيطان به ان کان ڊڄندو هو ۽ ان جي آواز ۾ وڄ وانگر ڪڙڪو موجود هو، کين چوڻ لڳو ته ”يارسول الله ايترو نه رئو جو متان مان به نه روئي روئي بيحال ٿي وڃان.“
ڪجهه ليکڪ، جن ۾ ابن سعد، بخاري ۽ ابن هشام شامل آهن لکن ٿا ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر تان مٿي اٿيا ته حضرت عمر رضي الله چوڻ لڳو ته، ”يارسول الله اوهان ايترو ڇو ٿا روئو ڏسو منهنجون اکيون به آليون ٿي چڪيون آهن.“ بهرحال پاڻ ﷺ جن ايترو رُنا جو حضرت عمر رضي الله جهڙي مضبوط دل انسان به روئي ڏنو.
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر کي الوداع چئي اڳتي وڌيا ۽ رضاڪارن سميت اچي ”ودان“ نالي سرزمين تي پهتا جيڪو قبيلي بنوضمره جي رهائش جو علائقو هو، جتي هن وقت تائين ڪوبه مسلمان نه ٿيو هو؛ قبيله ”بنو ضمره“ جيڪو قبيلي غفار سان واسطو رکندڙ علائقو سمجهيو ويندو هو، پاڻ سڳورنﷺ اتان جي چڱن ماڻهن سان گفتگو ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي تائين ”ودان“ جي علائقي ۾ رهيا.
پاڻ سڳورنﷺ جن هڪ هفتي کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا ته ان قبيلي جي سردارن جي اڳيان قرآن مجيد جو آيتون پڙهيون وڃن. انهن ۽ مسلمانن ۾ هڪ فوجي معاهدو طئي ٿيو، هي اسلامي تاريخ ۾ پهريون فوجي معاهدو آهي جنهن ۾ مسلمانن ۽ ٻين ۾ فوجي معاهدو ٿيو ۽ جنهن کي ٻنهي طرفان مهرون هڻي مضبوط بڻايو ويو.
هن معاهدي ۾ حضرت محمد ﷺ جن الله جي رسول الله ﷺ ۽ مسلمانن جي رهبر جي حيثيت سان هي عهد ڪيو ته جيڪڏهن بنوضمره وارن تي حملو ٿيو ته مسلمان انهن جي حمايت ۾ اٿي پوندا. اهڙي طرح بنوضمره وارن تي به اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته جڏهن به مسلمانن جي سر تي ڪوبه ڏکيو وقت ايندو ته بنوضمره وارا به مسلمانن جي حمايت ۾ تلوارون هٿن ۾ کڻي نڪري پوندا ۽ بنوضمره وارن کي اهو حق به نٿو پهچي ته مڪي وارن قافلن کي پنهنجي حد مان گذرڻ جي اجازت ڏين.
سر زمين ”ودان“ يعني بنوضمره جي قبيلي جي رهائش گاهه مديني کان ٽن ڏينهن جي سفر جي فاصلي تي هئي ۽ مڪي کان بنوضمره تائين نون ڏينهن جي سفر جو فاصلو هو.
ٿي سگهي ٿو ته اهو تصور ڪيو وڃي ته بنوضمره قبيلي ان ڪري حضرت محمد ﷺ جن سان اتحاد ڪيو هجي ته انهن جي خيال ۾ مڪو پري آهي ۽ مدينو تمام ويجهو ان ڪري مسلمانن سان اتحاد جو تعلق رکيائون. پر حقيقت ۾ ايئن نه هيو؛ جيتوڻيڪ بنوضمره کان مڪو پري هو پر پوءِ به قريش وارن جي دهشت ۽ طاقت ايتري هئي جو بنوضمره انهن کي وساري نه پيو سگهي ۽ ظاهر ۾ انهن کان ڊڄندا هئا. دراصل جنهن ڳالهه انهن کي مسلمانن سان اتحاد ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو، اها پيغمبر اسلام ﷺ جن جي دعوت جو اثر هيو، جنهن ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن ان قبيلي کي بشارت ڏني هئي ته جيڪڏهن اهي مسلمان بڻجي مسلمانن جو ساٿ ڏيندا ته انهن کي الله جي رضا حاصل ٿيندي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اهي بهشت جا حقدار بڻجي ويندا.
بهشت اهڙي جڳهه آهي جتي انسان هڪ دفعو قدم رکندو ته هميشه هميشه لاءِ خوشيون حاصل ٿي ويندس، ان ڪري هر طرح جي ديني خدمت گاري بهشت کي حاصل ڪرڻ لازم ڪري ٿي.
هن دنيا ۾ انسان جي زندگي مختصر آهي ۽ هيءَ مختصر زندگي به گهڻو وقت غمن ۽ مشڪلاتن ۾ گذري ويندي آهي، پر جنت ۾ انسان کي لافاني زندگي ۽ نه ختم ٿيڻ واريون نعمتون حاصل ٿينديون آهن. ان ڪري جنت کي حاصل ڪرڻ خاطر هن دنيا کي آخرت جي زندگيءَ خاطر وڪڻڻ اهڙو معاملو آهي جنهن ۾ انسان جو نقصان نه پر فائدو ئي فائدو آهي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن بنوضمره سان جنگي معاهدي ڪرڻ بعد قبيلي غفار جي طرف روانا ٿيا. قبيلو غفار اڄ به جزيره عرب ۾ موجود آهي.
پهرئين جنگ عظيم جي وقت ”ڪرنل لارنس“ جيڪو مشهو رشخصيت هيو جنهن پهرئين عالمگير جنگ ۾ اها ڪوشش ڪئي هئي ته تمام عرب قومن کي متحد ڪري هڪ عظيم عربي مملڪت جو بنياد رکيو وڃي؛ ان دوران ڪجهه عرصو هي قبيله غفار سان گڏ رهيو. ڪرنل لارنس پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته قبيلي غفار جا ماڻهو اخلاقي ۽ نفسياتي خصوصيتن جي اعتبار کان اڄ به اهڙيءَ ئي طرح آهن، جهڙيءَ طرح چوڏهن سو سال پهريون اسلام جي شروعاتي دور ۾ هئا. انهن جي نظر ۾ هر شيءِ روشن آهي يا اونده، ڪاري آهي يا سفيد، چڱي آهي يا بُري، سچي آهي يا ڪوڙي ۽ انهن جي ظاهري يا باطني سوچن ۾ هيٺئين وچ جي درجي جي ڪابه شيءِ موجود نه آهي. يعني اهي ڪڏهن به چڱي يا بري جي وچ جو رستو اختيار نه ڪندا آهن. ڪرنل لارنس قبيلي غفار کي عربن جي قبيلن ۾ پاڪ ترين علائقو سمجهندو آهي ڇو جو انهن جي قبيلي جي ماڻهن جي زندگي ۾ ”حد وسط“ يعني هيڏي هوڏي جو ڪو به خيال موجود نه آهي. ان ڪري هو اسلام کان پهريائين راهه ڦريندڙ ظالم ۽ قاتل هئا، پر جڏهن اسلام قبول ڪيائون ته قبيلي جا سمورا مرد ۽ عورتون مڪمل طرح متقي ۽ پرهيزگار بڻجي ويا ۽ انهن وري مسافرن کي ڦرڻ يا ڪنهن تي ظلم يا ڏاڍ لاءِ ڪڏهن سوچيو به نه آهي.
قبيلي غفار وارا دين جي حڪمن تي ايترا تي پابند ۽ سخت ٿي بيٺا جو جيڪڏهن انهن مان ڪوبه ڪنهن گناهه ۾ ڦاسي پوندو هو ته بذات خود پيغمبر اسلام ﷺ جن جي سامهون اچي گناهه مڃيندو هو ڀل ان کي گناهه ڪندي ڪنهن به نه ڏٺو هجي.
قبيلي غفار جو هڪ شخص مسلمان ٿيڻ بعد ”زنا“ جي جرم ۾ ڦاسي پيو يعني هن هڪ اهڙي عورت سان غلط تعلقات رکيا جنهن جي اڳ ۾ شادي ٿيل هئي. ڪنهن به شخص ان کي گناهه ڪندي نه ڏٺو هو جو ان کي ”زنا“ جو مجرم بڻائي سگهجي، جيتوڻيڪ چئن گواهن جي ضرورت هئي جن مرد ۽ عورت کي ”زنا“ جي جرم ۾ ڏٺو هجي. پر ان ڄاڻ هوندي به ته مون کي ان جرم ۾ سنگسار ڪيو ويندو، اهو پنهنجو پاڻ ئي جرم جو اقراري بڻجي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو چيائين ته مون کي سزا ڏني وڃي. جڏهن اهو ثابت ٿي ويو ته هن جي عقل ۾ ڪو خلل نه آهي ۽ حقيقت ۾ هو پنهنجو جرم تسليم ڪري ٿو ته پوءِ ان کي اسلامي شريعت تحت سزا ڏني وئي.
هڪ ٻيو واقعو آهي ته ڪنهن جنگ ۾ اٺن جو تعداد گهٽ هيو ۽ سڀئي سپاهي اٺن تي سوار نه پيا ٿي سگهن، ان ڪري حضرت محمد ﷺ جن قبيلي غفار جي ماڻهن کي اجازت ڏني ته توهان پنهنجي قبيلي ڏانهن واپس وڃو ڇو جو سواري نه هجڻ ڪري اوهان کي گڏ نٿا وٺي هلي سگهون. جڏهن قبيلي غفار وارن کي ائين چيو ويو ته انهن اهو محسوس ڪيو ته اسان کي جنگ جي ميدان کان محروم ڪيو ويو ته اهي زارو قطار روئڻ لڳا ۽ انهن ان انداز ۾ روئڻ شروع ڪري ڏنو جيئن ماءُ پنهنجي ٻچي جي موت تي بيحال ٿي روئندي آهي. ان ڏينهن کان پوءِ مسلمانن مزاح جي طور انهن جو نالو ”بنو البکاء“ رکيو، يعني ”روئڻو قبيلو.“
بهرحال حضرت محمد ﷺ جن قبيلي غفار سان هڪ جنگي معاهدو ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته قبيلي غفار تي ڪنهن به حملو ڪيو ته مسلمان انهن جي حمايت ۾ نڪري پوندا ۽ ان طرح قبيلي غفار وارا به مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي دشمنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر رهندا.
بعد ۾ قبيلي غفار کي پيغمبر اسلام ﷺ جن جو ايترو اعتماد حاصل ٿيو جو هڪ دفعي جڏهن حضرت محمد ﷺ جن ڪنهن سفر لاءِ روانا ٿيڻا هئا ته پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي جڳهه تي مديني جو نظم و ضبط (انتظام) سنڀالڻ لاءِ حضرت ابوذر غفاري رضي الله تي ذميواري رکي.
قبيلي غفار سان فوجي معاهدي ٿيڻ بعد پاڻ سڳوراﷺ کانئن موڪلائي قبيلي ”بهينيه“ ڏانهن روانا ٿيا. قبيلو بهينيه ينبع جي پهاڙي علائقي ۾ واقع روده نالي جڳهه تي رهندڙ هو. اهو قبيلو به مسلمانن جو اتحادي بڻجي ويو ۽ ان قبيلي جا رهاڪو به ايترا سچا ۽ پڪا مسلمان بڻجي ويا جو انهن پنهنجي خرچ سان ۽ پنهنجي هٿن سان مديني ۾ مسجد تعمير ڪئي، جنهن کي مسجد قبا کان بعد مسلمانن جي ٻي مسجد جو رتبو حاصل ٿيو.
پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجو سفر جاري رکندي، ”بنو مدليج“ جي سرزمين ۾ داخل ٿي ويا. هتي اهوئي قبيلو رهندو هو، جڏهن پاڻ سڳورنﷺ مڪي کان مديني هجرت ڪري آيا پئي ته ان قبيلي جي سردار پاڻ ﷺ جن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته مڪي وارن کان انعام حاصل ڪري سگهان پر جڏهن اهو پاڻ سڳورنﷺ جن کي پهچڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته سندس گهوڙي جون ٽنگون زمين اندر گپجي وڃن پيون، اهو سراقه نالي سردار چار ڀيرا ڪوشش جي باوجود ڪامياب نه ٿيو هو.
جيتوڻيڪ قبيله بنو مدليج جا ماڻهو بت پرست هئا پوءِ به انهن وڏيءَ عزت ۽ احترام سان حضرت محمد ﷺ جن جي آجيان ڪئي ۽ جنگي معاهدي جي رضامندي ظاهر ڪيائون. بعد ۾ سراقه بن مالڪ جيڪو مسلمان ٿي چڪو هو اسلام جي نامور سردارن ۾ شمار ٿي ويو.
پيغمبر اسلام ﷺ انهن چئن قبيلن جي جي جنگي معاهدي کان پوءِ مطمئن ٿيا ڇو جو اهي چارئي قبيلا اهڙين جڳهن تي واقع هئا جتان قريش وارن جا قافلا هر صورت ۾ گذرڻ تي مجبور هئا. جيئن ته چارئي قبيلا اسلام جا اتحادي بڻجي چڪا هئا ان ڪري مڪي جي قافلن کي روڪڻ ۾ بهتر طور تي مدد ڪري سگهيا پئي.
ريگستاني قبيلن سان مذاڪرات ۽ معاهدن ڪرڻ کانپوءِ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مديني پهتا ته اڻ وڻندڙ ڳالهه ٻڌائون...
پاڻ سڳورنﷺ جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪجهه اُٺن سوار جيڪي تيز رفتار اٺن تي سوار هئا، ابن جبير نالي شخص جي اڳواڻيءَ ۾ مديني ۾ آيا جن مديني تي حملو ڪيو ۽ مسلمانن جي ڪجهه گهرن کي باهه به ڏني ۽ مسلمانن کان مال به ڦري کڻي ويا، بعد ۾ خبر پئي ته انهن حملي ڪندڙن کي بنوقريش موڪليو هو.
ان حملي کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن کي اهو اندازو ٿي ويو ته مسلمانن ۽ بت پرستن جي وچ ۾ عنقريب لڙائي ٿيڻ واري آهي.