حضرت عبدالله جن جي زندگيءَ جو مختصر احوال
پيغمبر اسلام جو تعلق مڪي جي قريش قبيلي سان هو، مڪي جا قريش ڏهن پاڙن تي مشتمل هئا. هر هڪ قبيلو پنهنجي پر ۾ خودمختيار هو ۽ ڪو قبيلو ڪنهن به ٻئي قبيلي جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪندو هو. انهن ڏهن قبيلن مان هڪ قبيلو ”بنوهاشم“ نالي هيو. حضرت محمد ﷺ جن جو ڏاڏو حضرت عبدالمطلب هن قبيلي جو سردار هو ۽ مڪي ۾ زندگي بسر ڪندو هو.
ان وقت مڪي جي سرزمين ٻه سؤ چورس ڪلوميٽر ايراضي تي پکڙيل هئي. هيڏي وڏي علائقي ۾ هڪ به وڻ نظر نه ايندو هو. مڪي جا رهاڪو ٻن طريقن سان پنهنجون معاشي ضرورتون پوريون ڪندا هئا. ڪي تجارت ڪندا هئا ته ڪي چوپايو مال پاليندا هئا جن ۾ خاص ڪري اُٺ (وڌيڪ شوق سان) پاليندا هئا. نه صرف مڪي جا ڏهه قبيله پر عرب جي ٻين علائقن ۾ به اُٺ پالڻ معاشي لحاظ کان وڏي اهميت وارو سمجهيو ويندو هو ۽ جنهن وٽ اُٺ هوندا هئا ته ان گهراڻي کي خانداني اعزاز ۽ ڪامياب زندگيءَ جي علامت سمجهيو ويندو هو.
هڪ بدوي عرب يعني (بيابانن ۽ ريگستانن جو رهاڪو) جيستائين اُٺن جي پرورش ۽ سارسنڀال لهڻ کي پنهنجو پيشو سمجهندو هو تيستائين ان دور جي معاشري ۾ ان کي اعليٰ ۽ معزز طبقي جي فرد جي حيثيت حاصل هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو رڍون يا ٻڪريون پالڻ ۾ مشغول هوندو هو ته پنهنجو وقار وڃائي ويهندو هو ۽ هو درمياني طبقي جو ماڻهو سمجهيو ويندو هو. ڪو عرب ريگستان ۾ زندگي بسر ڪندو هو ۽ اُٺن جي پالنا ڪندو رهندو هو ته اهو هڪ خاص قبيلي سان تعلق رکندڙ هوندو هو. عرب قوم ۾ شروع کان ئي انفرادي زندگي گذارڻ جو تصور به موجود نه هو، هر هڪ عرب پنهنجي پنهنجي قبيلي سان واسطو رکندو هو.
جيڪڏهن ڪنهن جو ڪڏهن قتل ٿي پوندو هو ته مقتول جي قبيلي وارا صرف قاتل کان خون بها (قصاص) وٺڻ جي بجاءِ قاتل جي سڄي قبيلي کان بدلو وٺندا هئا.
جيتوڻيڪ هر هڪ قبيلي جي سردار جي حيثيت هڪ بادشاهه وانگر هوندي هئي يعني اهو پوري قبيلي جو خودمختيار هوندو هو. پر تنهن هوندي به ان وٽ اُٺن کان سواءِ ڪا شان شوڪت واري ٻي ڪابه شيءِ نه هوندي هئي.
حضرت عبدالمطلب جيڪو قبيلي بني هاشم جو سردار هو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن جو تعلق به ان قبيلي سان هو. شروعاتي زندگي ۾ حضرت عبدالمطلب کي ڪابه نرينه (پُٽاڻين) جي اولاد ڪونه هئي. پاڻ پٽ جي اولاد خاطر الله تعاليٰ کان دعائون گهرندا هئا ۽ باس به باسيائون ته جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي ڏهه پٽ عطا ڪيا ته مان پنهنجو هڪ پٽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ قربان ڪندس.
الله تعاليٰ سندس دعا قبول فرمائي ۽ کيس ڏهه پٽ عطا ڪيا. انهن ڏهن پُٽن ۾ آخري پٽ جنهن جو نالو عبدالله هو، ٻين پٽن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سهڻو ۽ ڏيکاءَ وارو هو. حضرت عبدالمطلب پنهنجي ڏهن پٽن جي پيدائش کان پوءِ آخري پٽ حضرت عبدالله جي بالغ ٿيڻ جو انتظار ڪندو رهيو. ڇو ته قرباني ڪرڻ جو هڪ شرط اهو به هيو ته پٽ بالغ هجي ۽ ان وقت حضرت عبدالمطلب پنهنجي پُٽ جي گلي تي پاڻ ڇُري هلائي قربانيءَ جو فرض ادا ڪري. جيئن جيئن حضرت عبدالله وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن سندس خوبصورتي ۽ چهري جي رونق ۾ به اضافو ٿيندو پئي ويو. بهرحال حضرت عبدالله جي بلوغت تي پهچڻ بعد سندس والد پنهنجي واعدي پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
جزيرة العرب جا ماڻهو قريش قبيلي جا هجن يا ٻئي قبيلي جا، جو واعدو ڪندا هئا ته اهو پوري طرح نڀائيندا هئا. ايتري قدر جو جڏهن هڪ ٻئي کان قرض طور ڪجهه وٺندا هئا ته اهو به مقرر وقت ۾ واپس ڪندا هئا. ڪهڙو به واعدو ڪندا هئا ته انهن ۾ ان کي پوري ڪرڻ جي فطرت سمايل هئي ۽ جڏهن ڪو بدوي عرب جيڪو ڪجهه سوچيندو هو اهو زبان تي آڻيندو هو، ان جي سوچ ۽ زبان ۾ ڪوبه فرق نه ايندو هو.
اهڙي طرح حضرت عبدالمطلب به پنهنجو واعدو پوري ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪري ڇڏيو. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته حضرت عبدالمطلب هڪ ”حنيف“ انسان هو، جيڪو سچي خدا ۽ آسمانن زمين جي حقيقي خالق جي تلاش ۾ رهندو هو. ان وقت چند ماڻهو مڪي ۾ ”ثبت“ جي نالي سڏيا ويندا هئا، جن ۾ حضرت عبدالمطلب جو نالو به روشن هو. هنن جو شمار حنيفن ۾ ڪيو ويندو هو. حضرت عبدالمطلب جيتوڻيڪ حنيف سڏيو ويندو هو تڏهن به پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدائن کان انڪار به نه ڪندو هو ۽ انهن کي احترام جي نظر سان ڏسندو هو.
حضرت عبدالمطلب کي پنهنجي پٽ جي قربان ڪرڻ کان سواءِ ڪوئي رستو نه هو، ته به دل ئي دل ۾ اهو سوچيندو رهندو هو ته جنهن مالڪ حقيقي جي تلاش منهنجي دل ۾ سدائين رهي ٿي، اهو بيشڪ وڏو عظيم ۽ بي نياز آهي ۽ مان به ان جو بندو آهيان ۽ مان پنهنجي واعدي پوري ڪرڻ جي قابل نه آهيان ۽ پنهنجي واعدي کان مايوس آهيان ته ڇا اهو الله جو هن زمين آسمان جو مالڪ هڪ بندي جي ڪيل واعدي کي معاف نٿو ڪري سگهي، ليڪن اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ڄاڻي ته الله ان جي قربانيءَ کي معاف ڪندو يا نه. ان ڳالهه جي وضاحت خاطر حضرت عبدالمطلب اهو فيصلو ڪيو ته ڇو نه ڪنهن ”عارف“ شخص کان مدد ورتي وڃي، جيڪو آسمانن جي راز کي ڄاڻندو هجي.
انهن ڏينهن ۾ يثرب (موجوده مديني شريف) جي شهر ۾ هڪ عارف رهندو هو جيڪو آسماني حڪمن ۽ اشارن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندو هو. حضرت عبدالمطلب هڪ اُٺ تي سوار ٿي يثرب ڏانهن روانو ٿيو. پاڻ ڏاچيءَ تي سوار نه ٿيا ڇو جو اُن وقت ڏاچيءَ جي ڪابه حيثيت نه هئي، صرف اُٺن جي ڊوڙ ۾ استعمال ڪندا هئا. پر ان وقت سفيد ڏاچيءَ جي قيمت تمام گهڻي هئي. بهرحال حضرت عبدالمطلب اُٺ تي سوار ٿي يارنهن ڏينهن جي سفر کان پوءِ يثرب پهتا ۽ بنادير وڃي ان عارف شخص وٽ حاضر ٿي پنهنجي حقيقت پيش ڪيائون. ان عارف شخص آسمان جي ستارن تي نظر رکي چيو ته جنهن الله کان تو ڏهن پُٽن جي گهر ڪئي هئي اهو ان شرط تي راضي ٿيندو ته تون ڏهن پٽن جو خون بها ادا ڪر.
جزيرة العرب ۾ انساني خون جي بها هڪ اُٺ برابر سمجهي ويندي هئي. حضرت عبدالمطلب عارف کان اهو سوال ڪيو ته ڇا مان جيڪڏهن ڏهن پٽن جي بجاءِ ڏهه اُٺ خون بها لاءِ قربان ڪيان ته الله راضي ٿي ويندو؟ عارف شخص وري آسمان ڏانهن نهاريو ۽ جواب نهَ ۾ ڪنڌ لوڏيائين. حضرت عبدالمطلب آهستي آهستي اُٺن جو تعداد وڌائيندو وڃي هڪ سؤ اُٺن تائين پهچايو ته عارف شخص چيو ، ”الله تنهنجي التجا پوري ڪري ڇڏي.“
حضرت عبدالمطلب يثرب کان مڪي روانو ٿيو ۽ مڪي ۾ پهچي پنهنجي پٽ حضرت عبدالله جي بدلي سؤ اُٺ الله جي راهه ۾ قربان ڪيا. سالن گذرڻ بعد جڏهن حضرت عبدالله جي فرزند حضرت محمد ﷺ کي پيغمبري عطا ٿي ۽ قرآن مجيد نازل ٿيو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ هڪ قتل جو خون بها سؤ اُٺ مقرر ڪري ڇڏيا. پر اهو قتل ڪنهن قبائلي منصوبي جي تحت ٿيل نه هجي.
جڏهن حضرت عبدالله جي جان الله تعاليٰ جي طرفان بخش ٿي وئي ۽ ان جي بدلي ۾ سؤ اُٺ قربان ڪيا ويا، ته ان کان ڪجهه عرصي بعد حضرت عبدالله جي شادي حضرت آمنه سان ٿي ۽ الله تعاليٰ کين حضرت محمد ﷺ خاتم المرسلين عطا فرمايو. پر جڏهن پاڻ سڳورنﷺ هن دنيا ۾ اکيون کوليون ته ان کان اڳ حضرت عبدالله وفات ڪري چڪا هئا.