مڪي تي حملي جو سال ۽ عربن جي قبائلي زندگي
عربن جي چوڻ مطابق ڪعبة الله ۾ ٽي سؤ سٺ بت هئا، جڏهن ته بُتن جو تعداد اڃا گهڻو هيو. انهن کان علاوه ٻين قومن ۽ قبيلن جي مذهب جا نشان به ڪعبي ۾ موجود هئا. جيئن ڪعبي ۾ پهچي ڪري هر شخص پنهنجي مخصوص خدا جي عبادت ڪري سگهي. ايتري قدر جو حضرت عيسيٰ ؑ ۽ حضرت مريم جون خيالي تصويرون يا بت به ڪعبي ۾ موجود هئا.
ڪعبة الله جي صحن کي حرم پاڪ چيو ويندو آهي يعني محفوظ جڳهه اسلام کان اڳ عرب به حرم جي ايتري عزت ۽ احترام ڪندا هئا جو ڪنهن کي اجازت نه هئي ته ڪوئي حرم جي اندر ڪنهن سان جهڳڙو يا بدڪلامي ڪري سگهي، ايتري قدر جو هڪ ٻئي جا ذاتي دشمن به جيڪڏهن حرم ۾ گڏ داخل ٿي ويندا هئا ته انهن کي به عارضي طور اها دشمني دور ڪرڻي پوندي هئي. ڪوئي مسافر يا ڪو قافلو ڪٿان به اچي حرم ۾ داخل ٿئي ته کيس پنهنجي خدائن جي عبادت ڪرڻ جي مڪمل آزادي هوندي هئي. خاص ڪري هر قوم يا هر قبيلي لاءِ الڳ الڳ حجرو يا جڳهون مقرر ٿيل هونديون هيون، جتي هر ڪو پنهنجي پنهنجي خدا جي سارسنڀال لهندو هو.
جزيرة العرب جي ڏکڻ ۾ ملڪ حبش (اڄ جو يمن جيڪو ان وقت حبش جي ماتحت هو) جي گورنر ابرهه خانه ڪعبه کي ڊاهڻ جو منصوبو بڻايو. هو تمام ڊگهو سفر ڪري مڪي جي ويجهو اچي پهتو. اتي هڪ ننڍي شهر طائف ۾ داخل ٿيو جيڪو اڄ به طائف جي نالي سان موجود آهي. طائف جي رهواسين ان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اتان جي ماڻهن کيس چيو ته اي ابرهه! توکي اسان اهو اختيار ڏيون ٿا ته ڀلي خانه ڪعبه کي ڊاهي ڇڏ مگر اسان جي خدائن جا حجرا ويران نه ڪجانءِ، ابرهه ظاهر ۾ اها ڳالهه قبول ڪئي.
طائف جو شهر سمنڊ جي سطح کان ٻه هزار پنج سؤ ميٽر بلنديءَ تي آهي. ان دور ۾ به اتي پاڻي، وڻ ٽڻ ۽ سرسبز فصل ٿيندا هئا. هينئر به طائف ۾ سرسبز فصل، ميوا ۽ وڻ ٽڻ گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. طائف جا ماڻهو ان وقت مڪي جي رهواسين جي اڳيان فخر محسوس ڪندا هئا، ته اسين ڪڻڪ جي ماني کائيندا آهيون.
اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته مڪي جا ماڻهو مانيءَ جو استعمال تمام گهٽ ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ کين ٻين علائقن کان آڻڻي پوندي هئي. مڪي وارن جي عام غذا کارڪون، اُٺ جو کير، ريگستاني جانورن جو گوشت ۽ سڪل مڇي هوندي هئي. ان ڪري جو مڪي جو شهر بحريه احمر جي ويجهو هيو.
بهرحال ابرهه، جيڪو مڪي تي حملي جي لاءِ سنڀري اچي نڪتو هو سو هڪ وڏو موقعي پرست ۽ شان شوڪت جو بُکيو انسان هو. هن پهريائين پنهنجي ملڪ ۾ غداري ڪري پاڻ کان اڳ واري گورنر کي قتل ڪرائي، پاڻ گورنري حاصل ڪئي هئي. ان خودغرض شخص بين الاقوامي تجارت جو مرڪز عرب جي ريگستاني ڏاکڻي حصي ”صفا“ نالي شهر ۾ قائم ڪيو ۽ اتي هڪ نئون ڪعبو جوڙايائين. جيڪو ابرهه جو ڪعبو تيار ٿيو سو گرجا گهر جي شڪل ۾ هو. جڏهن ابرهه جو نئون ڪعبو مڪمل ٿي چڪو تڏهن کيس تمام گهڻي حيرت ۽ مايوسي ٿي ته هن جي سمورين ڪوششن جي باوجود مڪي ۾ قائم خانه ڪعبه جي اهميت ۽ تقدس ۾ ذري جيترو به فرق نه آيو آهي جنهن ڪري هن جو قائم ٿيل تجارت جو مرڪز، جيڪو هن ”صفا“ شهر ۾ ٺهرايو هو، سو به ناڪام ٿي ويو. ان ناڪاميءَ کان پوءِ هو هڪ وڏي فوج وٺي مڪي جي طرف روانو ٿيو ته پنهنجي خواري ٿيڻ کان خانه ڪعبي کي ڊاهيو وڃي.
ابرهه جو لشڪر هاٿين تي سوار هو. مڪي جي رهواسين هاٿين جي حملي ٿيڻ واري رستي جو نالو ”صراط فيل“ رکيو ۽ جيڪي رستي ۾ چشما هئا انهن کي ”عين فيل“ جو نالو ڏنو. جنهن رستي سان لشڪر مڪي ۾ داخل ٿيو. سو ”باب الفيل“ سڏيو ويو. آخرڪار 570ع ۾ جڏهن ابرهه مڪي ۾ داخل ٿيو ته اهو سال عرب ۾ ”عام الفيل“ جي نالي سان مشهور ٿيو. اهوئي سال هو جو حضرت محمد ﷺ جن جي مڪي ۾ ولادت ٿي.
حضرت محمد ﷺ جن جي خاتم النبين جون ڪيئي بشارتون ”انجيل“ ۾ آيل آهن جيڪو الله تعاليٰ جو نازل ڪيل ڪتاب آهي هي ڪتاب حضرت عيسيٰ تي نازل ٿيو هو . انجيل ۾ جيئن ”يوحنا“ حضرت عيسيٰ جو مددگار هو، تنهن لکيو آهي ته حضرت عيسيٰ فرمايو ”جيڪڏهن اوهان مون سان محبت ڪريو ٿا ته منهنجي پيغام کي غور سان ٻڌو ۽ ذهن ۾ رکو ۽ مان به الله جي بارگاهه ۾ اوهان لاءِ دعاءِ خير گهرندس ۽ الله مون کان بعد توهان لاءِ ”فار قليط“ موڪليندو ۽ مان توهان کي يتيم ٿيڻ نه ڏيندس. يعني توهان کي سرپرست بنا نه ڇڏيندس. ”فار قليط“ يوناني زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”تسلي ڏيڻ وارو، همت ڏيڻ وارو ۽ حمايت ڪرڻ وارو.“
هن وقت چار انجيل موجود آهن. يوحنا جي چوڻ مطابق، جيڪو هڪ انجيل جو لکندڙ آهي، سو چوي ٿو ته: ”حضرت عيسيٰ پنهنجي پوئلڳن کي چيو هو ته مون کان بعد هڪ اهڙو شخص ايندو جيڪو توهان جي مدد ۽ حمايت ڪندو.“
عيسائين جو چوڻ آهي ته حضرت عيسيٰ جي وفات کان پنجاهه ڏينهن بعد ”فار قليط“ ظاهر ٿيو جيڪو ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين الله ۽ عيسائين جي وچ ۾ واسطو بڻيل آهي.
بهرحال مسلمانن جو چوڻ آهي ته حضرت عيسيٰ جي ڪلام ۾ ردوبدل ڪئي وئي آهي. ڇو ته حضرت عيسيٰ جو فرمان آهي ته مون کان پوءِ ”پريڪليطاس“ ايندو. يوناني ٻوليءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ آهي ”احمد“؛ يعني جنهن جي تعريف ڪئي وئي هجي ۽ ”محمد “ جنهن جي تمام گهڻي تعريف ۽ ساراهه ڪيل هجي.
ان روايت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته يهودين به ”پريڪليطاس“ ئي پڙهيو هو ۽ اهي ڄاڻن پيا ته حضرت عيسيٰ جيڪا بشارت ڏني آهي ته ”احمد“ ايندو.
هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته جنهن رات پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ولادت ٿي، تمام يهودي سخت پريشان، بي چين ۽ بيحال هئا. يعني حضرت آمنه جي فرزند جي پيدائش سان يهودي خوفزده ٿي ويا هئا.
روايت ۾ آهي ته حضرت آمنه پيغمبر اسلام ﷺ جي والده جو چوڻ هو ته حمل جي دوران ٻار جو وزن محسوس نه ٿيندو هو ۽ اها به روايت ظاهر ٿي ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن جي ولادت ٿي ته سندن طهر ٿيل هو.
جيتوڻيڪ يهودي اهو سمجهي ويا هئا ته جنهن شخص جو ذڪر يوحنا جي لکيل انجيل ۾ آيو آهي، سو هن دنيا ۾ قدم رکي چڪو آهي، پر پيغمبر اسلام جن جو هن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ به مڪي ۽ ٻين ريگستاني علائقن ۾ رهندڙ عربن جي رهڻي ڪهڻي ۾ ڪائي تبديلي نه آئي. ڇو جو جزيرة العرب ۾ هڪ پيعمبر جو پيدا ٿيڻ ڪا غيرمعمولي ڳالهه نه هئي.
روايت موجب جزيرة العرب ۾ هڪ لک چويهه هزار پيغمبر ظاهر ٿيا، ۽ هن دنيا جا ٽي توحيدي مذهب ”يهوديت“، ”مسيحت“ ۽ اسلام به جزيرة العرب مان ئي ظاهر ٿيا، پر ان شرط سان ته اسان روم جي درياءَ جي اوڀرندي علائقن کي به جزيرة العرب جو حصو سمجهون. اها حقيقت آهي ته اسين سڀني پيغمبرن جي باري ۾ ڪجهه نٿا ڄاڻي سگهون پر انهن مان سؤن جي تعداد ۾ انهن جي نالن کان واقف ڪاري ملي ٿي ۽ انهن جي زندگيءَ جي باري ۾ روايتون ملن ٿيون.
جنهن جزيرة العرب ۾ ايترا پيغمبر پيدا ٿيا هجن، ان علائقي ۾ رهندڙ عرب هڪ پيغمبر جي پيدا ٿيڻ تي حيرت يا تعجب نه ڪندا هئا؛ ڇو جو اهڙي قسم جي واقعن کي پنهنجي تاريخ ۾ مختلف روايتن ذريعي ڏسي چڪا هئا. جيتوڻيڪ حضرت آمنه کي اهو پتو پيو ته جيڪو سندس پيٽ ۾ ٻار موجود آهي، اهو پيغمبر آهي تڏهن به ان تي زياده حيرانيءَ جو اظهار نه ڪيو ويو، ڇو ته هيءَ هڪ سرزمين هئي جتي نه صرف پيغمبر جي پيدائش جو واقعو ڪو انوکو نه سمجهندا هئا، پر الله ۽ انسان جي پاڻ ۾ رابطي هئڻ کي به حيرت جي ڳالهه نه سمجهندا هئا. سڀئي پيغمبر جيڪي جزيرة العرب ۾ نمايان ٿيا سي سڀ بالواسطه يا بلاواسطه الله جي هم ڪلام ٿيندا رهيا.
ڪائنات جو ڌڻي الله تعاليٰ هر جڳهه موجود آهي، پر اڄ به جيڪي ماڻهو الله جو راضپو چاهن ٿا اهي جزيرة العرب جي طرف روانا ٿيندا نظر ايندا. يهودي ڪنعان جي طرف، عيسائي بيت المقدس جي طرف ۽ مسلمان خانه ڪعبي ڏانهن روانا ٿين ٿا.
پر سڀ کان وڌيڪ حيرت انگيز حقيقت هيءَ آهي ته جزيرة العرب جي ريگستان ۽ بيابانن تي نظر وجهبي ته دنيا جو هڪ انوکو علائقو نظر ايندو جتي چؤطرف آسمان ئي آسمان نظر ايندو. اتي انسانن جي رهڻي ڪهڻي ۽ سوچ فڪر باقي دنيا جي انسانن کان بلڪل مختلف هو اهڙي صورت ۾ يقيناً هڪ پيغمبر جي پيدائش به ڪا حيرانيءَ جي ڳالهه نٿي ٿي سگهي.
بهرحال حضرت محمد ﷺ جن کي سڀ رشتيدار ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن جي والده سمجهي چڪي هئي ته پاڻ خدا جا پيغمبر ٿي آيا آهن.پر ان جي باوجود به ڪنهن تعجب سان پاڻ سڳورنﷺ کي نه ڏٺو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي پالنا يا سارسنڀال به عام ٻارن جي سارسنڀال کان مختلف نه هئي.
جزيرة العرب ۾ هڪ لک چوويهه هزار نبي پيدا ٿيا، ليڪن انهن مان جن مڪمل منزل ماڻي ۽ پنهنجي پروگرام ۾ ڪامياب ٿيا انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي. اهي سڀ عرب جي ريگستان ۾ ئي پليا ۽ پيغام ڏنائون.
شروعات ۾ عرب جزيرة العرب جي ڏکڻ طرف زندگي بسر ڪندا هئا، جيڪو علائقو تمام سرسبز هوندو هو. ان علائقي کي عربستان ۾ ”خفيب“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، يوناني ان علائقي کي ”بارونق بلاء عرب“ جو نالي سان سڏيندا هئا.
مختلف جنگين، ڏڪار ۽ پاڻيءَ جي ڪميءَ سبب جزيرة العرب جي ڏاکڻي حصي مان عرب لڏڻ تي مجبور ٿي ويا. ڏکڻ طرف سمنڊ هئڻ سبب اترطرف ان ريگستان جو رخ ڪيائون. پوري ريگستان ۾ عرب قوم ڇائنجي وئي جتي کين خشڪ ۽ تمام وڏي ريگستان ۾ زندگي گذارڻ، مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻ ۽ ٻيون زندگيءَ جو ضرورتون پوريون ڪرڻ خاطر پنهنجو اهڙو ته ذهن ٺاهي ڇڏيائون جو هر مشڪل گهڙي پار ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي جانيون وڃائي ڇڏيون. جيڪي زندهه هئا سي سڀ مضبوط ارادي ۽ باصلاحيت زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
حقيقت آهي به ائين ته مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ بردباري ۽ ماحول کي منهن ڏيڻ لاءِ انسان ۾ صلاحيت هئڻ گهرجي. اهڙي طرح عرب ريگستان ۾ به اهڙا ئي ماڻهو زندهه رهن پيا جن جي اندر جسماني استقامت ۽ روحاني پائداري موجود هئي. جيڪي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن پيا. ريگستان ۾ رهي بکيو ۽ اڃيو رهڻ سندن فطرت بڻجي ويئي. ايتري قدر جو عام طور هر عرب مرد يا عورت پيٽ سان ڪپڙو ٻڌندا هئا ته بک جو احساس گهٽجي. ڪڏهن ڪڏهن ان ڪپڙي سان پٿر به ٻڌندا هئا ته جيئن پٿر جي وزن سبب پيٽ وزن سان محسوس ٿئي ۽ بک جو احساس گهٽجي وڃي. بهرحال بک ۽ اُڃ جي برداشت ايتري هُين جو ٻين علائقن جا ماڻهو اهڙو تصور به نٿا ڪري سگهن. جانورن ۾ ايتري ته بک محسوس ٿيندي هئي جو هڪ اُٺ پنهنجي بدن جا وار به کائي ڇڏيندو هو.
جزيرة العرب ۾ بهار جي موسم ۾ ربيع جو فصل صرف ٽن هفتن تائين قائم رهندو هو، انهن ٽن هفتن دوران برسات پوندي هئي، جنهن علائقي ۾ واري گهٽ هوندي هئي اتي سرسبزي ۽ تازگي اچي ويندي هئي ۽ گرمي اچڻ سان سرسبزي سڪل ڪنڊن جي صورت اختيار ڪري ويندي هئي. ربيع جي پوکيءَ وارن ڏينهن ۾ ريگستاني هرڻ خوراڪ جي تلاش ۾ ايندا هئا، تن جو شڪار ڪري ماڻهو گذر سفر ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪوئي ريگستاني عرب شهر ۾ اچي گهر آباد ڪندو هو ته به هو پنهنجي ساڳيءَ فطرت سان زندگي بسر ڪندو هو. صرف گهر جي رهائش تبديل ڪندو هو، مڪي، يثرب ۽ طائف جا ماڻهو به جيڪي جزيرة العرب جي شهرن ۾ ليکيا ويندا هئا سي به ريگستان ۾ رهڻ وارن وانگر پنهنجي حد اندر زندگي بسر ڪندا هئا ۽ نه ڪنهن ٻئي قبيلي سان گڏجي رهندا هئا. جيڪو عرب اُٺن پالڻ وارو هوندو هو سو هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو هو کيس گهرو سامان به مختصر هوندو هو، ڪوئي وزن وارو سامان به پاڻ وٽ نه رکندو هو.
مڪي جا بزرگ به اهڙي ئي زندگي بسر ڪندا هئا ڇو ته انهن وٽ به اُٺن کان سواءِ ٻيو روزگار جو ذريعو نه هو ۽ نه وري کين ڪو شان شوڪت وارو ٻيو سامان هوندو هُين. قريش جا قبيله جيڪي مڪي ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا هئا، انهن به پنهنجي زندگيءَ جي حالتن ۾ ڪابه تبديلي نه آندي هئي، مڪي جي قريش خاندان ۾ جيڪڏهن ڪو ٻار پيدا ٿيندو هو ته اهو ٻار پالڻ جي لاءِ ڪنهن دائيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا. عرب ٻارن کي دائين جي حوالي ان ڪري به ڪندا هئا ته جيئن ريگستان جي آبهوا ۾ سندن پالنا ٿئي ۽ اتان جي ماحول ۾ ئي جُوان ٿين. ٻارن کي دائين جي حوالي ڪرڻ جا ٻه سبب ٻڌاياو وڃن ٿا.
هڪ ته مڪي جي آبهوا کان بهتر ريگستاني آبهوا ٻارن لاءِ فائديمند هئي ڇو ته مڪي ۾ پالنا وٺندڙ ٻار يا ڪمزور رهندا هئا يا اڪثر ڪري ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويندا هئا.
ٻيو سبب هي به هيو ته ٻارن کي پالڻ خاطر دائين جي حوالي ڪرڻ سان مختلف قبيلن ۾ تعلقات وڌن پيا. ڇو ته کير پيارڻ واري دائي ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ جو کير جيترن به ٻارن کي پياريندي هئي، اهي سڀ پاڻ ۾ رضائي ڀائر سڏائيندا هئا. عربن ۾ اهڙي ڀاءُ کي حقيقي ڀاءُ جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو.
پاڻ سڳورنﷺ جن جي ولادت کان پوءِ قريش جي رسم مطابق سندن مٿي مبارڪ جا وار لاٿا ويا ۽ انهن وارن جي وزن برابر فقيرن ۾ سون ورهايو ويو. هڪڙي ننڍڙي ڄاول ٻار جا وار وزني ته نه هوندا آهن، پر قريش وارا ان رسم جي سختيءَ سان پابندي ڪندا هئا. جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن به علائقي اندر جيڪڏهن ڄاول ٻار جا وار ڪُوڙي وارن جي وزن مطابق سون ورهايو وڃي ته سمجهيو وڃي اها رسم عربن قائم ڪئي هئي.
عربستان جي معمول مطابق ڪجهه عرب عورتون ريگستان مان سال جي مختلف مهينن ۾ مڪي جو رُخ ڪنديون هيون ۽ مڪي مان کير پياڪ ٻار کڻي وڃي پنهنجي ريگستاني گهرن ۾ رهائي پنهنجي ڇاتيءَ جو کير پياري سندن پالنا ڪنديون هيون. ان ذريعي سان مستقبل ۾ مڪي جي قريش خاندان سان مضبوظ تعلق ٿي ويندو هو.
پاڻ سڳورنﷺ جن جي ولادت جي سال به ريگستان جي ”سعد بن بڪر“ قبيلي جي عورتن جو ٽولو به مڪي مان ٻارن کي وٺي کير پيارڻ لاءِ پهتو ۽ جن ٻارن کي کير پيئڻ جي ضرورت هئي، سي وٺي ريگستان ڏانهن ورانيون ٿي ويون. انهن مان ڪنهن به عورت (دائيءَ) حضرت محمد ﷺ جن کي قبول نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هي يتيم ۽ غريب ٻار آهي، صرف هڪ دائيءَ جنهن جو نالو ”حليمه“ هو، ان پاڻ سڳورنﷺ ﷺ کي گود ورتو.
دائي حليمه جو چوڻ آهي ته ان سال ربيع جي پوک جي موسم ۾ برساتون نه پيون. اسان وٽ ڪوبه معاشي ذريعو ڪونه هو. مون پنهنجي مڙس جي سامهون اها تجويز پيش ڪئي ته ڇو نه اسان به مڪي هلون ۽ ڪنهن بزرگ جو کير پيئندڙ ٻار وٺي اچي پاليئون. پالي وڏو ڪنداسين ته ان جي بدلي ۾ ان جا والدين مزدوري ڏيندا جنهن مان اسين پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري وٺنداسين. منهنجي مڙس منهنجي ڳالهه مڃي ورتي. جيتوڻيڪ مون کي پنهنجو ٻار کير پيئندڙ به هو، پنهنجيءَ ڪمزور ڏاچيءَ تي سوار ٿي مڪي ڏانهن روانا ٿياسين. منهنجو ٻار بک سبب روئندو رهندو هو، ڇو ته منهنجي ڇاتي کير کان خالي هئي. ڏڪار ۽ گاهه جي قلت جي ڪري ڏاچي به کير ڪونه ڏيندي هئي. معاشي حالت ڪمزور هئڻ سبب ٻئي زال مڙس به اڪثر ڪري بکون ڪاٽيندا هئاسين.
جڏهن اسين مڪي پهتاسين ته اسا ن جي قبيلي بنو سعد جون عورتون خوشحال ماڻهن جا ٻار کڻي واپس وڃي رهيون هيون. انهن سڀني کي ٻارڙن جي والدين طرفان مناسب انعام به حاصل ٿيا، پر اسان کي هڪ يتيم ۽ غريب ٻار مليو جنهن جو نالو (حضرت محمد ﷺ) هو. اهو اسان جي نصيب ۾ آيو جو وارثن اسان کي ڪوبه انعام يا تحفو به نه ڏنو. مون پنهنجي مڙس کي چيو ته خالي هٿين موٽڻ کان بهتر آهي ته اهو ٻار ئي مالڪن کان وٺون، ڇو ته پوءِ به ان ٻار جو تعلق قريش قبيلي سان آهي ۽ جڏهن هو وڏو ٿيندو ته ان ٻار جو شمار قريش جي بزرگن ۾ ٿيندو. اهڙي طرح اسان کي ان ذريعي سان مستقبل ۾ ڪونه ڪو فائدو حاصل ٿي ويندو. منهنجي مڙس منهنجي اها صلاح قبول ڪئي ۽ اسان هو يتيم ٻار هنج وٺي واپس ٿياسون. اڃا اسين مڪي کان اڌ منزل به پري نه ٿياسين ته مون کي هڪ بيپناهه تعجب واري ڳالهه محسوس ٿي ته منهنجي ڇاتي اهڙي طرح کير سان ڀرجي وئي جو مان پنهنجي ٻار کي به پيٽ ڀري کير پياريم ۽ (حضرت) محمد (ﷺ) جن کي به.
جڏهن اسين پنهنجي گهر پهتاسين ته منهنجي مڙس حيرت منجهان ڏاچيءَ جي ٿڻن ڏانهن اشارو ڪري چيو ته حليمه اسان جي ڏاچيءَ جي ٿڻن ۾ به کير ڀرجي آيو آهي. اسان ٻنهي پنهنجي سخت بک مٽائڻ لاءِ ڏاچيءَ جو کير مزي سان پيتوسين ۽ اهڙي طرح اسان جي اها رات ڏاڍي سڪون ۽ آرام سان گذري. صبح ٿيو ته مون کي پنهنجي مڙس چيو ته حليمه هي ٻار جيڪو قريش قبيلي جو اسان هنج ۾ ورتو آهي، بيشڪ وڏي برڪت وارو آهي ۽ اهو ٻار يقيناً اسان جي قسمت بدلائي ڇڏيندو.