سرڪار دوعالم حضرت محمد ﷺ جن جي وڏي ۾ وڏي قرباني
اها ڳالهه جنهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ اهو احساس به پيدا ٿين ته اڄ کان پوءِ پنهنجو رابطو پنهنجي خاندان، قبيلي ۽ ابن ڏاڏن سان هميشه لاءِ ڪٽجي ويندو. جڏهن ته ابا ڏاڏا مجموعي طور تي خانداني شجره جو بنياد هوندا آهن، ان دور جي خانداني شجره جي اهميت اسان جي اڄ جي شناختي ڪارڊ کان زياده هوندي هئي.
جيڪڏهن اڄ اسان جو شناختي ڪارڊ گم ٿي ويندو آهي ته ٻيو حاصل ڪري سگهندا آهيون، پر ان زماني ۾ جڏهن ڪنهن جو رابطو پنهنجي خانداني شجره کان ٽٽي ويندو هو ته ڄڻ اهو شخص پنهنجي سڃاڻپ کان علاوه پنهنجي سمورن سماجي ۽ معاشي حقن کان به محروم ٿي ويندو هو. خانداني شجرو ۽ قبيلو درحقيقت هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن. جڏهن ڪو شخص پنهنجي قبيلي کان تعلق ٽوڙيندو هو ته ان جو مطلب ائين هو ڄڻ هن دنيا ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو.
حضرت محمد ﷺ جن جي سڀ کان وڏي قرباني اها هئي جو دين اسلام جي خاطر پنهنجي قبيلي کان تعلق ٽوڙيو ۽ مڪي جهڙي شهر ۾ جتي پاڻ جوان ٿيا. تنهن کي ڇڏي مديني ڏانهن روانا ٿي ويا. پيغمبر اسلام ﷺ جن الله جي راهه ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو، پر ان ڳالهه جو کين ڪوبه فڪر يا غم نه هو.
جڏهن سج لٿو ۽ رات جي اونداهي ڦهلجي وئي تڏهن حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پنهنجو سفر شروع ڪيو جيئن ته پٿريلو علائقو ختم ٿي چڪو هو، تنهن ڪري پاڻ آسانيءَ سان قدم وڌائيندا رهيا. سڄي رات سفر ڪرڻ کان پوءِ جڏهن صبح جي روشني ٿي ته پاڻ ﷺ جن ان غار وٽ پهتا جيڪو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله سندن عارضي رهڻ لاءِ چونڊيو هو.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عمر جي لحاظ کان پاڻ ڪريم ﷺ جن کان ٽي سال وڏا هئا.جيئن ته اهو بيان ٿي چڪو آهي ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جو مڪي جي مالدار شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو، جنهن ساري ملڪيت اسلام جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏي، سو هن وقت غريبي حال بڻجي چڪو هو. غار ۾ پهچڻ بعد حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پنهنجي هٿن سان ان جڳهه کي صاف ڪيو ۽ پنهنجو جُبو ڦاڙي ڪپڙي جي ٽڪڙن سان غار ۾ موجود مختلف سوراخن کي بند ڪيو ڇو ته متان ڪو موذي جانور، نانگ يا وڇون وغيره انهن سوراخن مان نڪري حضرت محمد ﷺ جن کي ايذاءُ نه پهچائي. پوءِ جڏهن کيس پورو اطمينان ٿي چڪو ته هاڻي غار ۾ ڪوئي خطرو نه آهي پوءِ پاڻ سڳورنﷺ کي غار ۾ داخل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيائين.
غار اندر حضرت ابوبڪر صديق رضي الله حضرت محمد ﷺ جن جي پيرن جي زخمن کي ڪپڙي جي ٽڪڙن سان ٻڌو ۽ ٻي اهڙي ڪابه شيءِ نه هئي جو حضرت محمد ﷺ جن مٿي هيٺان رکي آرامي ٿين، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پاڻ سڳورنﷺ جن کي چيو ته منهنجي گود ۾ مٿو رکي آرامي ٿيو. جڏهن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ڏٺو ته اڃان هڪ سوراخ باقي رهجي ويو آهي، ان سوراخ ۾ پنهنجي پير جي کڙي رکي ويهي رهيو. انهيءَ ئي سوراخ ۾ ڪو نانگ موجود هو جنهن ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي پير جي کڙي تي پنهنجا زهريلا وار ڪيا. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي اکين مان شديد درد سبب ڳوڙها نڪري پاڻ سڳورنﷺ جي چهري مبارڪ تي ڪرڻ شروع ٿي ويا، ان سبب حضرت محمد ﷺ جن جي اک کلي ڏٺائون ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جو چهرو زرد ٿي چڪو آهي پاڻ ﷺ جن فوراً سمجهي ويا ته حضرت ابوبڪر صديق کي ڪنهن نانگ ڏنگيو آهي. پاڻ سڳورنﷺ سندس زخم واري جاءِ کي ٻڌو ۽ پنهنجو لعاب مبارڪ زخم تي لڳايو اهڙي طرح حضرت ابوبڪر کي آرام اچي ويو.
جنهن رات حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ان غار ۾ موجود هئا، انهيءَ ئي رات مڪي ۾ قريش جي ماڻهن پنهنجي قبيلي جي منصوبي تحت حضرت محمد ﷺ جن جي گهر ۾ گهڙي آيا ۽ سندن ارادو کين قتل ڪرڻ جو هيو، پر گهر ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي بجاءِ حضرت علي رضي الله جن کي ڏٺائون ۽ انهن تعجب منجهان حضرت علي رضي الله کان پڇا ڪئي ته ڇا حضرت محمد ﷺ مڪي کان ٻاهر نڪري ويا آهن، حضرت علي رضي الله جواب ڏنو ها! مڪي کان ٻاهر نڪري ويا آهن.
اها خبر پوندي ئي قريش جا ماڻهو انهيءَ رات مڪي جي آس پاس ڦهلجي ويا ۽ چوڌاري بيابانن ۾ ڳولا شروع ڪري ڏني. قريش وارن اهو اعلان به ڪيو ته جيڪو شخص پاڻ ﷺ جن کي ڳولهي لهندو يا خفيه رهڻ جو هنڌ ٻڌائيندو ته کيس هڪ سؤ اٺ انعام ڏنا ويندا. ٻئي ڏينهن قريش جا ماڻهو تيز رفتار اٺن ذريعي ان جڳهه تائين پهچي ويا، جتي حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ترسيل هئا. جيتوڻيڪ قريش جا ماڻهو ان غار جي سامهون گذريا پر ان غار ۾ اندر داخل نه ٿيا. ان جو سبب هي هو ته هڪ ڪوريئڙي غار جي منهن تي ڄاري لڳائي ڇڏي هئي، انهن ان غار جي منهن تي ڪوريئڙي جي ڄاري ڏسي اندازو لڳايو ته جيڪڏهن هن غار ۾ حضرت محمد ﷺ جن داخل ٿين ها ته اها ڪوريئڙي جي ڄاري ٽٽي پوي ها. اهي يقين رکي اڳتي وڌي ويا، پٺيان هڪ ٻيو قريش جو گروپ به اچي غار وٽ پهتو جڏهن اهي غار ۾ جاچڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته انهن ڏٺو ته غار جي منهن تي ڪوريئڙي جي تاني لڳل آهي ۽ غار جي منهن وٽ هڪ پکيءَ جو آکيرو آهي جيڪو پنهنجي آنن تي آکيري ۾ موجود آهي انهن هڪ ٻئي کي چيو ته جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن هن غار ۾ موجود هجن ها ته هي پکي به ويٺل نه هجي ها ۽ نه وري ڪوريئڙي جي ڄاري سالم هجي ها، ان ڪري اهي غار ۾ داخل نه ٿيا ۽ اڳتي ڳولا لاءِ روانا ٿي ويا.
غار جي اندر حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ٿڪاوٽ ۽ نانگ جي زهر سبب ويٺا رهيا. قريش وارن جي اچ وڃ ڏسي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله حراس محسوس ڪيو پر پيغمبر اسلام ﷺ جن کيس تسلي ڏيندي الله جي مدد جو يقين ڏياريو. قرآن مجيد جي نائين سورة ”توبھ“ جي چاليهن آيت ۾ هن واقعي جو ارشاد ٿيل آهي.
يعني جيڪڏهن توهان ان جي مدد نه ڪئي پر الله ڪئي، جڏهن ته ڪفار انهن کي مڪي مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ اهو انهن ٻنهي مان هڪ هو، جيڪي غار ۾ ترسيل هئا، ۽ پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي ساٿيءَ کي چيو ته غم نه ڪر ڇو جو الله اسان سان ساڻ آهي (۽ ائين ئي ٿيو) ان تي جيڪو تمام ڊنل هو دلجاءِ نازل ڪئي، يعني حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کي دلي سڪون حاصل ٿيو.
حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ان غار ۾ ترسيا. جڏهن غار کان نڪتا ته انهن جي نظر ڪوريئڙي جي ڄاريءَ ۽ پکي جي آکيري تي پئي، انهن کي يقين حاصل ٿيو ته انهن سان الله جي مدد ۽ رحمت شامل آهي.
ٽي ڏينهن مسلسل ڪوششن بعد قريش وارا به ٿڪجي پيا ۽ هار مڃي مڪي موٽي آيا. ان گهڙي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جو غلام عامر بن نسيره منصوبي تحت ٻه سفيد ڏاچيون ڪاهي ان غار وٽ پهچي ويو، حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله انهن تي سوار ٿي مديني ڏانهن روانا ٿي ويا پوءِ به احتياطي تدبير اختيار ڪندي پاڻ سمنڊ جي ڪناري وارو رستو اختيار ڪيائون.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي جسم تي جُبو نه هيو ۽ جيئن پاڻ سڳوراﷺ جن به جلدي جلدي گهر کان روانا ٿيا هئا تنهن ڪري وٽن به مناسب لباس نه هيو، پاڻ ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ٻنهي کي پراڻن ڪپڙن جو لباس پهريل هو. جيڪڏهن ان گهڙي ڪو کين ڏسي ها ته حيرت ۾ پئجي وڃي ها، ڇو جو ريگستاني عرب جي پهرين ۽ مهانگي سواري تي ڦاٽل ۽ پراڻا ڪپڙا پهريل سوار هئا.
قريش هر جڳهه اهو اعلان ڪري رهيا هئا ته جيڪو به حضرت محمد ﷺ جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مدد ڪندو اهو سؤ سفيد اٺن جو حقدار هوندو.