دنياءِ اسلام ۾ هجرت جي اهميت
حضرت محمد ﷺ جن جي هجرت تاريخ اسلام جو انتهائي اهم واقعو آهي، ڇو جو هجرت کان بعد اسلامي معاشرو صحيح معنيٰ ۾ هڪ ”امت“ ۾ تبديل ٿي ويو. رنگ ۽ نسل، اعليٰ و ادنيٰ ۽ امير و غريب سڀ طبقاتي حدون ختم ٿي ويون. خاص ڪري حڪومتي طبقي جي فوقيت ۽ بالادستي هميشه لاءِ ختم ٿي وئي. سڀ مسلمان سماجي طورتي هڪ ٻئي جي برابريءَ ۾ اچي ويا.
هجرت، پراڻي ۽ نئي ماحول جي وچ ۾ ڄڻ هڪ آڙ بنجي وئي، جنهن دور جهالت کي عهد اسلام کان جدا ڪر ي ڇڏيو ۽ ڪجهه اهڙي طرح خانداني برتري کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن حقيقت جو ذڪر بعد ايندو، جو جڏهن حضرت محمد ﷺ جن قبا ۾ داخل ٿيا ته حضرت عمر بن خطاب رضي الله جهڙو شخص، جيڪو مڪي جي سردارن ۾ اول مقام رکندو هو؛ ۽ جنهن جو قد ٻن ميٽرن جي برابر هيو، جنهن جو آواز آسمانيءَ بجلي جي ڪڙڪاٽ وانگر فضا ۾ گونجندڙ هو، جنهن کان ابليس به ڊڄندو هو. اهڙو شخص؛ پنهنجي ڪلهن تي پٿر ۽ مٽي ڍوئي رهيو هو ته جيئن مسجد جي تعمير ۾ حصو وٺي سگهي. خود سرڪار دوعالم ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن انهيءَ مٽي مان گارو ٺاهي رهيا هئا. حقيقت هيءَ هئي ته جيڪڏهن اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ حضرت عمر رضي الله بن خطاب کي جزيره عرب جي سموري دولت پيش ڪجي ها ته به هڪ پٿر ته ڇا مٽيءَ جي مُٺ به هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي کڻي اچڻ تي راضي نه ٿئي ها؛ ڇو جو مڪي ۾ هر قسم جو ڪم نوڪرن ۽ غلامن جي ذميواري هوندي هئي ۽ حڪومتي طبقو پنهنجو پاڻ کي برتر مخلوق سمجهندو هو.
قبا جي ماٿري مديني جي ڏکڻ ۾ موجود آهي ۽ هي علائقو مديني جي حد ۾ شمار ڪيو ويندو هو.
مغربي تاريخدان چون ٿا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن سن 622ع ۾ سيپٽمبر جي مهيني جي 2 تاريخ جو قبا ۾ داخل ٿيا، پر اسلامي تاريخدان چون ٿا ته پيغمبر اسلام جن 16 جولاءِ 622ع تي قبا ۾ قدم رکيو. جيئن ته اهو محرم جي مهيني جو هڪ ڏينهن هو، ان ڪري مسلمانن محرم جي پهرئين تاريخ کي اسلامي سال جي شروعات قرار ڏنو. ۽ اڄ به دنيا جي سمورن مسلمانن ۾ ان مهيني کي اسلامي سال جي ابتدا مڃن ٿا ۽ پنهنجي زندگيءَ جي معمولات ۾ استعمال ڪن ٿا.
جيڪڏهن پيغمبر اسلام جولاءِ 16 تاريخ جو قبا ۾ داخل ٿيا ته جهڙي ريت اسلامي مؤرخين لکيو آهي ته گرميءَ جي موسم سبب شديد گرمي هئي، قبا جي شهرين کي اهو معلوم ٿي چڪو هو ته اڄ حضرت محمد ﷺ جن هتي پهچندا، ان ڪري هو گهرن کان ٻاهر اچي پيغمبر اسلام جن جي انتظار ۾ بيهي رهيا، پر ٽاڪ منجهند جو جڏهن گرميءَ جي شدت ۾ واڌارو اچي ويو ته ماڻهو سج جي تپش برداشت نه ڪري سگهيا ۽ پنهنجي گهرن ۾ واپس موٽي ويا. گرميءَ جي ايتري ته شدت ۽ ٻاهر ڪاڙهو هو جو ڪوبه پيرين اگهاڙو ٻاهر قدم رکي نه پيو ته متان پيرن ۾ ڦلوڪڻا ٿي وڃن. ڪوبه گهٽيءَ يا محلي ۾ ٻاهر نه هيو جو پيغمبر اسلام ﷺ جي آمد جو نظارو ڏسي سگهي، بس هڪ يهودي جنهن جو تاريخ نالو نه لکيو آهي، ان گهڙيءَ اتان گذري رهيو هو. ان يهوديءَ کي قبا جي ٻين ماڻهن وانگر علم هيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن اڄ قبا ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن، ان ڪري جيئن ئي ان ٻه سفيد ڏاچين کي ايندو ڏٺو ته ڏاچين جي سوارن تي نظر ڦيرايائين ته جلدي سمجهي ويو ته حضرت محمد ﷺ پيغمبر اسلام قبا ۾ داخل ٿي چڪا آهن ته ڏسندي ئي قبا جي هر محلي ۽ گهٽين ۾ ڊڪڻ لڳو ۽ زور زور سان رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته ”اي يهوديو! اوهان کي خبر هجي ته اوهان کي نجات ڏيندڙ اچي ويو آهي.“ مديني جا يهودي به مسلمانن وانگر پيغمبر اسلام جن جي اچڻ لاءِ منتظر هئا. ان ڪري ته جيئن انهن جا ذاتي اختلاف ختم ڪري، جن جي ڪري انهن جي زندگي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل هئي.
قبا جي ماڻهن جڏهن ان شخص جي رڙين جو آواز ٻڌو ته جلدي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. نه صرف مرد ۽ عورتون پر ننڍڙا ٻار به منجهند جي گرميءَ جي باوجود گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، ته جيئن جنهن شخصيت؛ حضرت محمد ﷺ، پيغمبر اسلام جي انتظار ۾ هئا تنهن هڪ نظر ڏسن ۽ اهو ڏسن ته جنهن کي الله تعاليٰ پيغمبر مقرر ڪيو آهي اهو ڪهڙو آهي!
حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن کجين جي ٻن وڻن هيٺان پنهنجي ڏاچين کي ويهاريو ۽ ڏاچين تان لهي کجين جي ڇانو ۾ بيهي رهيا. قبا جي رهندڙن جن ۾ مسلمان ۽ يهودي ٻئي شامل هئا پاڻ ﷺ جن جي چوگرد مڙي ويا، پر انهن کي اهو معلوم نه هو ته انهن ٻنهي مان ڪهڙو پيغمبر اسلام ﷺ آهي.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جيئن ته حضرت محمد ﷺ جن کان عمر ۾ ٽي سال وڏو هو، سو ان خيال کان ته ماڻهو غلطي نه ڪن ۽ متان مونکي پيغمبر سمجهي ويهن، ٻه چار قدم پوئتي هٽي بيٺو ۽ پنهنجي چادر لاهي پيغمبر اسلام جي مٿي تي ڇانو ڪري بيٺو ته جيئن پاڻ ﷺ جن سج جي تپش کان به محفوظ رهن. درحقيقت انهن کي کجين جي وڻن جي اهڙي ڇانو نه هئي جو سج جو اُس مڪمل لڪي سگهي.
ان گهڙي ماڻهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي يڪدم سڃاڻي ورتو ۽ عربن جي رسم جي مطابق ڀليڪار هڪ مخصوص انداز ۾ ڪئي. جنهن جڳهه تي حضرت محمد ﷺ اچي ڏاچين کي ويهاريو، ان محلي جو نالو محله ابي عمر وبن عوف هو. پيغمبر اسلام ﷺ جن پڇا ڪئي ته هيءَ جڳهه ڪنهن جي ملڪيت آهي؟ جواب ۾ هڪ شخص اڳتي وڌيو ۽ چيائين ته، ”هي زمين منهنجي آهي ۽ انهن کجين کي به مون ئي پوکيو آهي.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته، ”منهنجو مطلب به اهو هيو. جيئن ته هاڻي پتو پيو ته زمين جو مالڪ تون ئي آهين، پوءِ ڇا تو ان ڳالهه جي اجازت ڏين ٿو ته اسان ڪجهه وقت هتي انهن وڻن هيٺان ترسون؟“
ان شخص خوشي سان جواب ڏنو ته، ”ڇو نه، اوهان جيستائين چاهيو هتي ترسي يا رهي سگهو ٿا.“ پر انهيءَ ئي گهڙي هڪ خاتون اڳتي وڌي جنهن جو نالو ڪلثوم هو، ان خاتون پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن کي درخواست ڪئي ته اوهان منهنجي گهر هلو ۽ اتي هلي رهو، پاڻ سڳورنﷺ خاتون کي فرمايو ته اسين توکي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهيون. پر ام ڪلثوم اهو اصرار ڪيو ته يارسول الله ﷺ منهنجي گهر ۾ هڪ حجرو خالي آهي جيڪو منهنجي استعمال ۾ نه آهي، ان ڪري اوهان ﷺ ۽ اوهان جو ساٿي ان حجري ۾ آرام سان رهي سگهو ٿا. مان خود اوهان ﷺ جي ڏاچين جي نظرداري ڪنديس.تنهن کانپوءِ پيغمبر اسلام ﷺ ان خاتون جي دعوت قبول فرمائي ۽ ان جي گهر ڏانهن روانا ٿيا ۽ ان حجري ۾ آرام فرمايائون.
ٻئي طرف سموري مديني ۾ اها خبر پئجي وئي ته پيغمبر اسلام جن قبا ۾ پهچي چڪا آهن. سڀ کان اول پيغمبر اسلام جن جي شوق ديدار ۾ مديني کان قبا پهچڻ وارو شخص حضرت عمر رضي الله بن خطاب هو. بعد ۾ ٻيا مسلمان به قبا پهچڻ شروع ٿي ويا. آهستي آهستي انهن جو ايترو ته تعداد ٿي ويو جو پاڻ ﷺ جن ان حجري ۾ سڀ کي ڀليڪار ڪري نه پيا سگهن، ان جي ڪري هڪ مسلمان جنهن جو نالو اسد بن خيشمن هو، ان پنهنجي گهر پيغمبر اسلام جن جي حوالي ڪيو، جيڪو تمام ڪشادو هو ته جيئن پيغمبر اسلام جن مسلمانن سان سولي نموني ملي سگهن. مسلمانن سان ملاقات ڪرڻ بعد پاڻ ﷺ جن اُم ڪلثوم جي حجري ۾ آرامي ٿيندا هئا.
قبا ۾ ٽن ڏينهن جي رهڻ بعد پاڻ سڳورنﷺ هڪ مسجد تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مسلمانن مان هڪ شخص مسجد جي هديه ۾ زمين ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي، پر پيغمبر اسلام جن فرمايو ته مان ان زمين کي خريد ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪيان ٿو. پاڻ سڳورنﷺ اها زمين خريد ڪئي ۽ مسجد تعمير ڪيائون.
مسجد قبا اها پهرئين مسجد آهي جيڪا مسلمانن ٺاهي ۽ سڀئي مسلمان توڙي جو حضرت عمر رضي الله وانگر مڪي کان مديني هجرت ڪري آيا هئا ۽ ” مهاجر“ سڏجن پيا ۽ ٻيا جيڪي مديني جا رهاڪو مسلمان ”انصار“ جي نالي سان سڏجن پيا، قبا مسجد جي تعمير ۾ شريڪ ٿيا، خود پيغمبر ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله سان گڏجي گارو ٺاهيندا ۽ سرون کڻندا رهيا. حضرت عمر رضي الله بن خطاب به پنهنجي ڪلهن تي ڳرا پٿر ڍوئيندو رهيو ۽ پري پري کان مٽيءَ جون ٻوريون ڀري آڻيندو رهيو. ان مٽيءَ کان گارو ٺاهي سرون ٺاهيندا رهيا.
درحقيقت مسلمانن جي پهرئين جامع مسجد قبا آهي ڇو جو سڀني مسلمانن ان مسجد جي تعمير ۾ حصو ورتو ۽ حضرت عمر بن خطاب، حضر ت ابوبڪر صديق رضي الله ۽ صهيب رومي جهڙا ناليوارا ۽ حڪومتي طبقي سان تعلق رکڻ وارا شخص به ٻين غريب مفلس مسلمانن وانگر پٿر ڍوئيندا رهيا ۽ عام مزدورن وانگر ڪم ڪندا رهيا. خود پيغمبر اسلام جن به صبح کان وٺي شام تائين انهن ماڻهن وانگر انهن سان ڪم ڪندا رهيا.
حضرت محمد ﷺ جن قبا ۾ ويهه ڏينهن رهيا ۽ جڏهن مسجد تيار ٿي تنهن بعد پاڻ ﷺ جن مديني هلڻ لاءِ ارادو ڪيو. ان وقت مديني کي ”يثرب“ جي نالي سڏيو ويندو هو.
عربي زبان ۾ ”يثرب“ جي معنيٰ آهي، اهڙي جڳهه جيڪا انسان کي تڪليف پهچائي يا اهڙي جڳهه جتي انسان بيمار ٿي پوي. اهو نالو دراصل ريگستاني ماڻهن ان شهر تي رکيو هو ڇو جو بيابانن ۽ ريگستانن ۾ فقط موسم بهار ۾ برسات پوندي هئي ۽ ماڻهو جڏهن شهر ۾ ايندا هئا اتي گهڻو وقت مينهن وسندو هو. ان مسلسل برساتين سبب اهي بيمار ٿي پوندا هئا. ان ڪري يثرب انهن جي صحت لاءِ صحيح نه هو تڏهن شهر کي يثرب جو نالو ڏنائون، جڏهن ته ان شهر جي رهاڪن ان جو نالو “طيبه“ رکيو هو. طيبه معنيٰ پاڪ ۽ دل پسند شهر، ان لحاظ کان مديني جو پهريون نالو طيبه هو.
جيڪي ماڻهو مڪي کان هجرت ڪري يثرب (اڄ جو مدينو) پهتا ته شروعات ۾ انهن مان ڪيترائي بيمار ٿي پيا. ايتري قدر جو خود پيغمبر اسلام، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ۽ ان جو آزاد ٿيل غلام عامر به مديني پهچڻ بعد بيمار ٿي پيا، حضرت محمد ﷺ جن هن شهر جا ٻئي مختلف معنيٰ رکندڙ نالا يعني ”يثرب ۽ ان جو ضد طيبه“ ٻنهي نالن کي رد ڪري ”مدينو“ رکيو. پاڻ سڳورنﷺ ان کي نه يثرب نه طيبه پر مديني جي نالي سان سڏيو. مدينو معنيٰ ”شهر“ ٻنهي نالن جي ضد کي ختم ڪيو ويو ته هي ”شهر“ ڀلو يا برو نه پر هن کي فقط مدينو سڏيو وڃي.
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مديني ۾ داخل ٿيا ته ان وقت مديني جي ايراضي ٽيهه ڪلوميٽر جي برابر هئي. هن شهر ۾ عام گهرن کان سواءِ بهترين قلعا به موجود هئا. انهن مان 59 قلعا يهودين جا باقي 13 مديني جي عربن جا هئا. مديني شهر جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ پهاڙ هئا ۽ هي شهر مٿانهين پٽ تي ٻڌل آهي. ٽن طرفن کان اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ ۾ سڙيل ٻرندڙ جبلن جو لاوو ڦهليل آهي.
مديني جا رهاڪو به مڪي وانگر مختلف قبيلن ۾ ورهايل هئا ۽ هر قبيلي جو ڪنهن نه ڪنهن قبيلي سان واسطو هو. مڪي وانگر مديني ۾ به نه پوليس، نه جيل ۽ نه ڪا عدالت هئي. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو ظلم ٿيندو ته اهو شخص پنهنجي قبيلي کان مدد وٺندو هو ته جيئن ان کي پنهنجو حق ملي. مديني ۾ به مڪي وانگر انساني جان جو قتل گناه نه سمجهيو ويندو پر صرف هڪ نقصان تصور ڪيو ويندو هو ۽ قاتل طرفان قتل ٿيل شخص جي قبيلي کي خون بها ڏئي حساب برابر ڪيو ويندو هئو. خون بها جي حد گهٽ ۾ گهٽ سؤ اُٺ هئي پر ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي خون بها زياده لڳائي ويندي هئي. مديني ۾ رهندڙ ماڻهو اڌ عرب ۽ اڌ يهودي هئا.
مديني ۾ يهودين جا ٽي وڏا قبيله هئا ۽ عرب به ٽن قبيلن ۾ ورهايل هئا. عربن جو معاشي ذريعو پوک ۽ چوپايلو مال پالڻ هو. ڪجهه عرب تجارت يعني واپار به ڪندا هئا. يهودين جي ٽنهي قبيلن جو معاشي ذريعو هڪ ٻئي کان مختلف هيو. يهودين جو هڪ قبيلو پوک ڪندو هو، ٻيو قبيلو سونارڪو ۽ هيرن جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ ٽيون قبيلو باغباني جي ذريعي پنهنجي روزي ڪمائيندو هو.
مديني جي عربن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جنگ به لڳندي هئي ۽ اسلام کان اڳ مديني جي ٻن عرب قبيلن جي وچ ۾ به جنگ لڳل هئي. ان جنگ جو سبب زميني تڪرار هيو. ان لڙائيءَ دوران ٻن قبلن مان ڪوئي به فائدي ۾ نه ويو پر هڪ شخص جنهن جو نالو عبدالله بن ابي هيو جنهن ان تنازعي مان پنهنجو ذاتي فائدو اهڙو ته حاصل ڪيو جو مديني جا ڪجهه ماڻهو کيس بادشاهه بنائڻ تي سوچي رهيا هئا. ايتري قدر جو مديني جي سونارن سندس مٿي جي ماپ به حاصل ڪري ورتي هئي، ته جيئن ان جو تاج ٺاهيو وڃي. پر جڏهن انهن اهو ٻڌو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني ۾ اچي رهيا آهن ۽ اهي سڀني ماڻهن جي وچ ۾ انصاف برقرار رکندا ۽ قبيلي جون هڪ ٻئي تي رنجشون ختم ڪندا ته مديني جي رهواسين عبدالله بن ابي جي بادشاهه بڻائڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. حضرت محمد ﷺ جن جي مديني پهچڻ کان اڳ ”اشق“ نالي هڪ شخص موجود هو، جيڪو انساني قتل جي سلسلي ۾ خون بها ۽ مجرم جي سزا مقرر ڪندو هو.
هجرت کان اڳ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله به مڪي ۾ اهڙي عهدي تي مقرر هيو ۽ جڏهن به ڪو مڪي ۾ قتل ٿيندو هو يا ويڙهه جهڙي صورت ۾ ڪنهن جي اک نڪري ويندي هئي يا ڏند ڀڄي پوندو هو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله وٽ ماڻهو اها شڪايت ڪندا هئا ته جيئن مجرم تي خون بها يا سزا مقرر ڪئي وڃي. مديني ۽ مڪي ۾ ان وقت قتل جي خون بها يا ڪنهن ٻي جرم جي سزا هڪ جهڙي هوندي هئي. هڪ انساني قتل جي قيمت هڪ سؤ اُٺ، اک ڪڍڻ جي جرم ۾ پنجاهه اُٺ ۽ ڏند ڀڃڻ جي جرم ۾ مجرم جو ڏند ڀڳو ويندو هو.
مديني جا يهودي جيڪي پيغمبر اسلام جي اچڻ تي خوش هئا ۽ ان خوشيءَ کان علاوه پنهنجي دلين ۾ اها آس لڳائي ويٺا هئا ته پيغمبر ﷺ اسان جو دين قبول ڪندو.
حضرت محمد ﷺ جن به مديني پهچڻ کان پوءِ الله جي حڪمن مطابق اهڙو طريقي ڪار اختيار ڪيو جنهن ڪري يهودين جي اميد زياده وڌي وئي. هڪ اهو ته جيڪا مسجد قبا ۾ تعمير ڪئي وئي ان جو قبلو بيت المقدس جي طرف تعمير ڪيو ويو هو.
يهودين جڏهن اهو ڏٺو ته مسجد قبا جو قبلو بيت المقدس جي طرف آهي ته انهن کي اهو يقين ٿي ويو ته حضرت محمد ﷺ عنقريب حضرت موسيٰ جو دين قبول ڪندا ڇو جو قرآن مجيد ۾ آيل پيغمبرن جا نالا جن ۾ حضرت ابراهيم عه، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ شامل آهن، سي وڏي احترام سان کنيا ويا آهن ان کان علاوه يهودين جي ذهن ۾ اها ڳالهه سمايل هئي ته جيڪڏهن ڪنهن قابل قوم مان ڪوئي پيغمبر چونڊيو وڃي ته اها صرف يهود قوم ئي آهي.
جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن مسجد قبا جي تعمير ۾ مصروف هئا ته ان وقت ڪجهه يهودين جي رهنمائن پيغمبر اسلام ﷺ سان ملاقات ڪئي ۽ اهو ڄاڻڻ چاهيو ته هو ڪڏهن حضرت موسيٰ جو دين قبول ڪن ٿا. پيغمبر اسلام ﷺ يهودين جي رهنمائن کي جيڪو جواب ڏنو ان مان ظاهر ٿيو پئي ته پاڻ ﷺ ائين نه ڪندا. پر يهودين چيو، اي محمد (ﷺ) جيڪڏهن اوهان پيغمبر ٿيڻ چاهيو ٿا ته پهريون يهودي ٿيو ڇو جو اڄ تائين جيڪو به پيغمبر آيو آهي ان جو تعلق قوم يهود سان هو ۽ ان جو اهو سبب آهي ته هن دنيا ۾ صرف قوم يهود ئي ان قابل آهي ته ان جا ئي معزز ماڻهو الله سان هم ڪلام ٿي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو الله ٻين قومن سان رابطو ڪري پر اها قوم جيڪا الله سان واسطو قائم رکندي اها قوم يهودي ئي هوندي. ڇو جو دنيا جي سمورين قومن ۾ يهودين جو مقام اول آهي ۽ باقي ٻيون قومون ٻئي ٽئين يا چوٿين نمبر تي آهن.
حضرت محمد ﷺ جن يهودين جي مذهبي رهنمائن کي جواب ۾ فرمايو ته مان بذات خود پيغمبر نه ٿيو آهي پر الله تعاليٰ مون کي پيغمبريءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي. الله جي نظر ۾ ڪابه قوم ٻيءَ قوم تي برتري نٿي رکي ۽ سموريون قومون ۽ سڀ انسان الله جي نظر ۾ هڪ جهڙا آهن ۽ الله جڏهن به چاهي ۽ جنهن سان چاهي رابطو برقرار ڪري سگهي ٿو ۽ هي فضيلت صرف قوم يهود کي حاصل ناهي.
پهريون دفعو جڏهن مسلمانن مسجد قبا ۾ نماز ادا ڪئي ته اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جمعي جي ڏينهن کي مسلمانن جي گڏيل عبادت جو ڏينهن قرار ڏنو. اها ڳالهه يهودين کي ناپسند لڳي. ڇو ته يهودين کي اها اميد هئي ته پاڻ ﷺ جن ڇنڇر جي ڏينهن کي مسلمانن جي عبادت جو ڏينهن مقرر ڪندا. قبا ۾ ڪنهن به يهوديءَ اسلام قبول نه ڪيو پر هڪ شخص جيڪو يهودي ئي هيو جنهن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي اچڻ جو اعلان ڪيو هو، ان شخص جو نالو تاريخ ۾ واضع نه آهي پر ڪجهه اسلامي ليکڪن ان جو نالو ”شلوم“ لکيو آهي.
انهيءَ جمعي جي ڏينهن جڏهن مسلمان نماز ادا ڪرڻ خاطر مسجد قبا ۾ جمع ٿيا ته ڪجهه يهودي به اتي پهچي ويا. حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي خطبي ۾ يهودين کي مخاطب ٿي فرمايو ته اوهان ٻين قومن کان برتر نه آهيو، الله ڪنهن به قوم کي ٻي قوم تي فوقيت ڏئي پيدا نه ڪيو آهي. پر ان جي نظر ۾ سڀ برابر آهن. الله جو قرب فقط اهي ماڻهو حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪي متقي ۽ پرهيزگار هجن.
جڏهن يهودي مسجد قبا کان ٻاهر نڪتا ته اهي سمجهي چڪا هئا ته پاڻ ﷺ جن يهودين جو دين قبول ڪرڻ وارا نه آهن، تنهنڪري ان ڏينهن کان پوءِ انهن پيغمبر اسلام ﷺ ۽ عام مسلمانن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ پنهنجي دشمنيءَ جو اظهار افواهن ذريعي شروع ڪيو. انهن اهو افواهه ڦهلايو ته الله جي طرفان پيغام آيو آهي ته سموريون مسلمان عورتون سنڍ ٿي وينديون ۽ جيڪا به عورت اسلام قبول ڪندي اها هميشه بي اولاد رهندي.
اهو افواهه اهڙي موقعي تي ڦهلايو ويو جڏهن مڪي کان هجرت ڪري آيل مسلمان مديني جي موسمي اثر جي ڪري بيمار ٿي پيا هئا ۽ مسلمان عورتون به بيمار ٿي پيون هيون. جڏهن انهن اهو ٻڌو ته اسين بي اولاد ٿي وينديون سين ته انهن تي وڌيڪ نفسياتي اثر پيو ۽ اهي پهريون کان وڌيڪ پريشان رهڻ لڳيون.
حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن کي مسجد قبا ۾ جمع ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ مسلمانن کي فرمايائون ته مسلمان عورتن جي باري ۾ ڪجهه افواهه ڦهيل آهن اهي سڀ هٿ ٺوڪيل ڳالهيون ئي آهن، اهي الله جو پيغام هرگز نه آهن، ان ڪري توهان مسلمان مردن جو اهو فرض آهي ته انهن کي حوصلو ۽ دلداري ڏيو ۽ ياد رکو ته جيڪو به انسان پنهنجي آرام بخشيندڙ ڪلام سان ڪنهن جي دل کي سڪون پهچائيندو ته ان جو اجر الله وٽ محفوظ رهندو.
ان کان پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي حڪم ڏنو ته مسلمانن جو قبلو جيڪو هن وقت بيت المقدس آهي ان کي بدلائي خانه ڪعبة الله کي انهن جو قبلو قرار ڏنو وڃي، ان ڪري مسجد قبا جو قبلو به تبديل ڪيو ويو ۽ مسلمانن لاءِ ڪعبة الله کي قبلي طور مقرر ڪيو ويو، مسجد قبا کي اسلامي ليکڪن ”ٻن قبلن واري مسجد“ جو نالو به ڏنو آهي.