اسلام ۾ امت جي معنيٰ ڇا آهي
سردار دوعالم ﷺ جن وڌيڪ هڪ سال تائين مڪي ۾ قريش وارن جا ظلم برداشت ڪندا رهيا، توڙي جو موت نه پيا چاهن پر موت کان ڊڄن به نه پيا. قديم عرب جا رهاڪو ائين چوندا هئا ته جنهن ڏينهن اسان کي هن دنيا ۾ اچڻو هو ته اسان کان ڪنهن به پڇا نه ڪئي ته دنيا ۾ اچڻ چاهيو ٿا يا نه؟ پر جيڪڏهن پڇيو وڃي ها ته شايد اسان جو جواب انڪار ۾ هجي ها ۽ اسان ائين چئون ها ته اسان کي دنيا ۾ اچڻ جي ڪابه آرزو نه آهي، اهڙيءَ طرح اسان کي هن دنيا مان واپس ڪرڻ وقت به ڪوبه اسان کان نٿو پڇي ته ڇا اوهان مرڻ چاهيو ٿا؟
اسان جي زندگي رب جي هٿ ۾ آهي. هو جڏهن به چاهي هن دنيا ۾ آڻي ٿو ۽ جڏهن به ان جي مرضي ٿئي ٿي واپس گهرائي ٿو. اسان جي اختيار ۾ اهو نه آهي ته اسان پنهنجي مرضي سان دنيا ۾ اچون يا پنهنجي مرضي سان دنيا ڇڏيون.
زندگي دراصل اهڙو سرمايو آهي جيڪو الله تعاليٰ اسان کي عطا ڪيو آهي. اسان کي صرف ايترو حق پهچي ٿو ته اسان ان سرمايي جي وجود مان فائدو حاصل ڪريون ۽ اصل سرمايي مان نه. ڇو جو اصل سرمايو الله جي امانت آهي، ان ڪري اسان کي ڪهڙي به حالت ۾ موت جو طلبگار نه ٿيڻ گهرجي؛ ڇو جو موت پنهنجي اختيار ۾ نه آهي. جيڪڏهن موت اچي ته ان کان ڊڄڻ به نه گهرجي ڇو جو اسان جو ڊڄڻ موت کي ٽاري نٿو سگهي.
تنهن ڪري حضرت محمد ﷺ جن به موت کان نه ڊڄندا هئا پر موت جا طالب به نه هئا. پاڻ ﷺ جن سڀني مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ ثابت قدميءَ سان منهن ڏئي رهيا هئا.
سن 621ع ۾ خانه ڪعبه جي زيارت جي ڏينهن ۾ مديني وارن جو هڪ قافلو آيو. معلوم ٿيو ته هن دفعي ڪعبي جي زيارت لاءِ اچڻ وارن مسلمانن جو تعداد ٻارهن ٿي ويو آهي. انهن مان ڏهن جو تعلق هڪ قبيلي سان ۽ ٻن جو تعلق ٻئي قبيلي سان هو. اهي ٻارهن ماڻهو جڏهن مڪي پهتا، ته انهن ”عقبه“ نالي واديءَ ۾ پيغمبر اسلام سان ملاقات ڪئي ۽ پاڻ ﷺ سان اسلام جي ترقي ۽ پيش رفت جي باري ۾ صلاح مشورو ڪيو.
عقبه واري جاءِ مڪي ۽ منا جي وچ تي آهي. قديم زماني ۾ ان جڳهه کي ابليس ۽ ٻين شيطانن جي روحن جو رهائشگاهه تصور ڪيو ويندو هو. چوندا آهن ته حضرت ابراهيم جن پنهنجي پٽ کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ چاهيو ته ان جڳهه تي شيطان ان سان ملاقات ڪئي ۽ حضرت ابراهيم جي ارادي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ڇو جو هو چاهي پيو ته حضرت ابراهيم پنهنجي پٽ کي الله جي راهه ۾ قربان نه ڪري. حضرت ابراهيم شيطان کي ڀڄائڻ لاءِ ان کي پٿر هڻڻ شروع ڪيا. اڄ جيڪي ماڻهو حج جي غرض سان مڪي ويندا آهن جڏهن ان جڳهه تي پهچندا آهن ته ”رمي“ يعني ان جڳهه تي پٿر اڇلائيندا آهن، جتي شيطان بيٺو هو.
اهي ٻارهن مسلمان جيڪي مديني کان آيا هئا، جڏهن عقبه واديءَ ۾ جمع ٿيا ته انهن حضرت محمد ﷺ جن کي اطلاع ڪيو ته گذريل سال کان هن سال مديني جي مسلمانن ۾ اضافو ٿيو آهي ان اضافي جو سبب قرآني تعليم آهي، انهن ٻارهن مسلمانن ۾ مديني ۾ ٻين رهڻ وارن مسلمانن کي تاريخ اسلام ۾ ”انصار“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.
انصار ٻڌايو ته مديني جا يهودي به اها پيشنگوئي ڪن ٿا ته عنقريب هڪ پيغمبر اچڻ وارو آهي اها اسان جي خوش قسمتي آهي جو اسان کي اهڙو پيغمبر نصيب ٿيو آهي جيڪو اسان مان آهي. اسان ماڻهو پنهنجو پاڻ کي يهودين ۽ عيسائين جي سامهون اڪيلو ۽ شرمنده محسوس ڪندا هئاسين ڇو جو هو اهل ڪتاب هئا ۽ اسين محروم. اسان جي اها تمنا هئي ته اسان به انهن وانگر اهل ڪتاب ٿي وڃون.
پر اڄ اسان تمام خوش آهيون، جو اسان کي اهڙو پيغمبر نصيب ٿيو آهي، جنهن قرآن جهڙو ڪتاب ڏنو. اهو به اهڙو ڪتاب جنهن جو ڪلام دلين ۾ لرزش پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان جي دلين کي تبديل ڪري مڪمل بدلائي ڇڏي ٿو.
ان گفتگو کان بعد انصار، جن جو تعداد ٻارهن هو، پيغمبر اسلام جن سان مديني جي سياسي صورتحال بابت گفتگو ڪئي. انهن ٻڌايو ته مديني جي مختلف قبيلن جي وچ ۾ هڪ بادشاهه جو چونڊ تي اختلاف پيش آيو آهي. جيتوڻيڪ هڪ سوناري مديني جي هڪ ڃاتل سڃاتل شخصيت عبدالله بن ابي جي مٿي جي ماپ به ڪري ڇڏي آهي جيئن ان لاءِ تاج ٺاهي سگهي. پر مديني جا ڪجهه قبيلا هن جي بادشاهه ٿيڻ تي رضامند نه آهن ۽ انهن جو نظريو آهي ته بادشاهه يا رئيس جي بجاءِ اسان کي پنهنجن اختلافن دور ڪرڻ لاءِ هڪ پيغمبر جي ضرورت آهي. جيئن ته اوهان جو تعلق قبيله قريش سان آهي ۽ اوهان جو والد عبدالله به مديني جي ويجهو دفن ٿيل آهي ۽ اوهان پيغمبر به آهيو؛ ان ڪري مديني وارا پنهنجن اختلافن دور ڪرڻ لاءِ اوهان کي مديني گهرائڻ تي اتفاق راءِ رکن ٿا ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته هڪ پيغمبر ڪنهن سلطان يا رئيس تي برتري رکي ٿو. ڇو ته پيغمبر کي الله جي مدد به حاصل هوندي آهي. حضرت محمد ﷺ جن انصار کان پڇا ڪئي ته اوهان مون سان ”بيعت ثاني“ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟
”بيعت ثاني“ دراصل وفاداريءَ جي اهڙي عهد جو نالو هو، جنهن کي ڪوبه قبيلو ڪنهن اهڙي شخص سان لاڳاپيو ويندو آهي، جنهن جو ڪوبه قبيلو نه هجي ۽ اهو قبيلو ان کي پنهنجي رڪن بنائڻ تي رضامندي ظاهر ڪري. ان کان علاوه ٻه يا ٻن کان وڌيڪ قبيلن جي وچ ۾ اتحاد جي معاهدي کي بيعت ثاني سڏيو ويندو هو.
ان واديءَ عقبه ۾ مديني جي ٻن قبيلن جي نمائندن حضرت محمد ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪئي يعني پاڻ ﷺ جن سان وفاداريءَ جو عهد ڪيو. هن بيعت ۾ بيعت ڪرڻ وارو هي قسم کڻندو هو ته جنهن شخص لاءِ وفاداريءَ جو قسم کنيو آهي ان جي راهه ۾ اهڙي طرح جانثاري ڪندو ڄڻ پنهنجي ٻچن لاءِ ڪري رهيو آهي.
جڏهن ٻارهن ماڻهن بيعت ڪئي ته حضرت محمد ﷺ جن انهن کي فرمايو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي ان قسم تي قائم رهيا ته اوهان کي يقيني طور جنت نصيب ٿيندي ۽ جيڪڏهن اوهان مون سان بيوفائي ڪئي ته پوءِ الله جي مرضي آهي ته هو اوهان کي سزا ڏي يا معاف ڪري.
جڏهن اهي ماڻهو واپس مديني وڃڻ وارا ٿيا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي جي مسلمانن مان هڪ شخص مصعب بن عمير رضي الله کي انهن ماڻهن سان گڏ مديني روانو ڪيو، ته جيئن جيڪي ماڻهو اسلام قبول ڪن تن کي قرآني تعليم ڏني وڃي.
مصعب بن عمير رضي الله هڪ ذهين شخص هو، ان جي گفتگو جو انداز بيحد وڻندڙ هو ۽ قرآن جي تلاوت به انتهائي دل کي وڻندڙ انداز سان ڪندو هو. مديني پهچڻ کان بعد انهن ڪيترن ئي مشرڪن کي اسلام ۾ داخل ڪيو. اسلام مديني ۾ ڪجهه اهڙيءَ تيزيءَ سان وڌيو جو سن 621ع جي پڇاڙي تائين سواءِ يهودين جي سڀ مديني وارا مسلمان ٿي ويا.
مديني جا يهودي جيڪي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ آماده نه هئا، انهن به حضرت محمد ﷺ جن جي مديني آمد تي رضامندي ظاهر ڪئي، ته جيئن اهي پيغمبر اسلام جن جي مدد سان پنهنجا اختلاف ختم ڪري سگهن.
حضرت محمد ﷺ جن به مديني جي صورتحال ڏسي پنهنجو پاڻ مڪي کان هجرت ڪرڻ تي آماده هئا، پاڻ ﷺ جن کي اهو احساس هو ته اهو هڪ انتهائي اهم قدم کڻڻو آهي، ان وقت تائين انهن تمام مشڪلاتن جي باوجود، جيڪي پاڻ سڳورنﷺ جن مڪي ۾ برداشت ڪيون پئي، قبيلي قريش کان جدا نه ٿيا هئا. پيغمبر اسلام جن کي اهو علم هيو ته جنهن ڏينهن پاڻ مڪي کان مديني هجرت ڪندا ته پنهنجي قبيلي سان سندن رابطو ختم ٿي ويندو ۽ کين اهو احساس به هيو ته هجرت جي نتيجي ۾ هڪ اهڙو نئون معاشرو وجود ۾ ايندو جيڪو پراڻي معاشري کان بلڪل مختلف هوندو. نئين معاشري ۾ حسب و نسب، بڻ بڻياد ۽ خانداني اهميت جي ڪابه ڳالهه نه رهندي، ڀورو يا ڪارو، تونگر ۽ فقير، خاص ۽ عام، سڀ پاڻ ۾ هڪ جهڙا برابر هوندا، انسانن جي ان اجتماع کي ”امت“ جو نالو ڏنو ويندو يعني هن معاشري ۾ امت جا سڀ ماڻهو پاڻ ۾ برابر هوندا، ڇو جو سڀ مسلمان هوندا.
نئين معاشري يعني امت جو سڀ کان اعليٰ مقام الله آهي. جيئن ته معاشري ۾ الله جو نمائندو پيغمبر هوندو تنهن ڪري امت جا سمورا انسان هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ ۽ الله جي نظر ۾ برابر آهن ۽ انهن ۾ ڪوبه فرق نه هوندو آهي. عورت ۽ مرد ۾ به ڪو فرق نه هوندو ۽ ٻئي برابر جا حقدار هوندا. امت ۾ ڪنهن قبيلي وانگر ڪنهن شخص جو بڻ بڻياد يا رنگ و نسل جي بنا تي ٻين تي فوقيت نه رکندو ۽ نه وري ٻين کان ڪنهن کي وڏو معزز سمجهي سگهبو هوندو صرف اسلامي امت کي ٻين انسانن کان جدا ڪندڙ اسلام جو قانون ئي آهي.
اسلامي امت ۽ ٻين عام انسانن جي وچ ۾ ڪجهه فاصلو آهي ۽ اهو صرف قانون اسلام آهي، پر اهو قانون ڪنهن به شخص، قوم يا قبيلي جي لاءِ ڏکيو نه آهي. جيڪو به چاهي اسلامي امت ۾ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ الله جي حڪمن جي پيروي ڪري سگهي ٿو، انهن حالتن ۾ صرف پاڻ پيغمبر اسلام ﷺ جن ئي سمجهي سگهن ٿا ته اهڙي معاشري کي قائم ڪرڻ ۾ بڻ بڻياد، قبيلي ۽ خاندان، رنگ ۽ نسل ۽ پئسي ڏوڪڙ کي برتريءَ جي علامت نه سمجهو ويندو. اهو نظريو صرف جزيره عرب نه، پر بعد ۾ ساري دنيا ۾ هڪ عظيم الشان معاشرتي انقلاب جي پيدائش جو سبب بڻبو.
جيڪو انقلاب حضرت محمد ﷺ جن ان زماني ۾ آڻڻ چاهن پيا اهو جزيره عرب جي سماجي صورتحال، اتان جي پراڻين ريتن رسمن ۽ قبائلي سردارن جي اثر رسوخ جي پيش نظر فرانس جي انقلاب کان تمام گهڻو اهم ۽ عظيم هيو. فرانس جو انقلاب فرانسي ماڻهن کي اتحاد ڏئي نه سگهيو پر پيغمبر اسلام ﷺ جن سڀني مسلمانن ۾ برابري قائم رکي ڇڏي. پاڻ ﷺ هر طرح جي خانداني، طبقاتي ۽ رنگ نسل جي برتري کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.•
سن 622ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر مديني وارا خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ آيا ۽ حضرت محمد ﷺ جن سان انهيءَ ئي وادي عقبه ۾ خفيه طور ملاقات ڪئي. هن موقعي تي انهن ٻارهن انصار کان علاوه ڪجهه نوان مسلمان به مديني کان زيارت لاءِ آيا، جن ۾ ٽيهتر مرد ۽ ٻه عورتون شامل هيون. جڏهن سڀ مسلمان ان ماٿريءَ ۾ گڏ ٿيا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن کي ڪجهه قرآني آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون ۽ ان کان پوءِ انهن ماڻهن سان جيڪي نوان آيا هئا، بيعت ڪرڻ لاءِ فرمايو. انهن سڀني بيعت ڪئي ۽ اهو عهد ڪيائون ته هو پنهنجي جان و مال سان گڏ حضرت محمد ﷺ جن جي حمايت ڪندا. بعد ۾ سڀني مديني مان آيل مسلمانن کي حضرت محمد ﷺ جن مخاطب ٿي فرمايو ته توهان مون سان اها بيعت ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪو مون مٿان خطرو آيو ته توهان پنهنجي خاندان وانگر منهنجو بچاءُ ڪندا. پر ٿي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال بڻجي وڃي جو اسان اسلام جي ترقي يا حفاظت خاطر جنگ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃون ته پوءِ اهڙي وقت ۾ ڇا اوهان الله جي راهه ۾ تلوار کڻڻ لاءِ تيار آهيو؟ ۽ ڇا اوهان مون سان ”بيعت حرب“ ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟ بيعت حرب هڪ جنگي معاهدي جو نالو آهي. مديني جي مسلمانن حضرت محمد ﷺ جن سان بيعت حرب لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي.
حضرت محمد ﷺ جن مديني جي مسلمانن کان بيعت حرب وٺڻ ان ڪري چاهن پيا ته ٿي سگهي ٿو ته ضرورت جي وقت مسلمانن کي جنگ ڪرڻي پوي. مديني جا مسلمان اهڙي معاهدي لاءِ تيار ٿي ويا جيڪو دفاعي به هو ۽ جنگي به هو پر بيعت ڪرڻ کان اڳ انهن چيو ته يارسول الله! اسان کي اهوانديشو آهي ته جڏهن اوهان فتح ۽ ڪاميابي حاصل ڪريو پوءِ ائين نه ٿئي ته اسان کي مديني ۾ اڪيلو ڇڏي مڪي هليا اچو!
حضرت محمد ﷺ جن مديني وارن سان اهو عهد ڪيو ته اي مديني جا مسلمانؤ! توهان جون خون منهنجو خون ۽ منهنجو خون اوهان جو خون آهي. مان اوهان سان ئي آهيان ۽ اوهان مون سان. جيڪو به اوهان سان وڙهڻ چاهيندو اهو پاڻ کي منهنجي مقابلي ۾ ڏسندو ۽ جڏهن اوهان به الله جي راهه ۾ نڪرندو ته مان اوهان سان گڏ هوندم.
ان کان پوءِ ٽيهتر مردن جيڪي اتي موجود هئا حضرت محمد ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪئي. اسلامي روايتن جي مطابق حضرت محمد ﷺ جن انهن ٻارهن مسلمانن کي فرمايو ته اوهان منهنجا نمائنده ٿي ڪري مديني وارن کي الله جي حڪمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ انهن کي چئو ته سمورا مسلمان پاڻ ۾ برابر ۽ ڀائر آهن ۽ ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي تي فوقيت يا برتري حاصل ناهي.
الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ اِخۡوَۃٌ فَاَصۡلِحُوۡا بَیۡنَ اَخَوَیۡکُمۡ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ لَعَلَّکُمۡ تُرۡحَمُوۡنَ ﴿٪۱۰﴾
يعني مسلمان هڪ ٻئي جا ڀائر آهن ۽ جيڪڏهن ڀائرن جي وچ ۾ ڪو فساد ٿي پوي ته ٻيا ڀائر ان جي اصلاح ڪن. اها سورة ”الحجرات“ جي ڏهين آيت آهي. هي سورت مديني ۾ نازل ٿي. ان وقت حضرت محمد ﷺ جن ان آيت جو مضمون بيان ڪيو. حضرت محمد ﷺ جن جڏهن مڪي کان مديني لاءِ هجرت جو ارادو ڪيو ان وقت ئي پاڻ ﷺ جن هر قسم جي خانداني، طبقاتي، ۽ قبائلي برتري کي هڪ طرفو ختم ڪري چڪا هئا.
سورت الحجرات جي تيرهن آيت هيءَ آهي.
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقۡنٰکُمۡ مِّنۡ ذَکَرٍ وَّ اُنۡثٰی وَ جَعَلۡنٰکُمۡ شُعُوۡبًا وَّ قَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوۡا ؕ اِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ اللّٰہِ اَتۡقٰکُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ عَلِیۡمٌ خَبِیۡرٌ ﴿۱۳﴾
يعني: اي انسانو! اسان اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتين ۽ پاڙن ۾ ورهايو آهي ته جيئن هڪ ٻئي کي سڃاڻو (باقي) اوهان مان الله وٽ وڌيڪ چڱو اهو آهي جيڪو اوهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي، بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻڻ وارو پوري خبر رکندڙ آهي.
پيغمبر اسلام جن پنهنجي چونڊيل نمائندن کي اهو سمجهائي ڇڏيو هو ته اوهان هڪ عظيم ۽ ناياب مقصد جا علمبردار آهيو ۽ اوهان کي ان اهم ذميواري لاءِ عهدو ملڻ تي پنهنجون تمام صلاحيتون استعمال ڪرڻيون پونديون.
ان ڏينهن تائين حضرت محمد ﷺ جن صرف هڪ پيغمبر جي حيثيت جا مالڪ هئا. پر ان کان بعد رسالت کان علاوه پاڻ ﷺ جن کي اهڪ امت جي قيادت به سنڀالڻي پئي. قرآن مجيد ۾ حضرت محمد ﷺ جن کي تاڪيد فرمايو ويو ته ان سلسلي ۾ حضرت موسيٰ وانگر اڳتي وڌڻو آهي.
اها ماٿري ”عقبه“ جتي پيغمبر اسلام جن ٻن سالن تائين مديني جي مسلمانن کان بيعت ورتي، سا موجود نه آهي، ان جڳهه تي هڪ مسجد ٺاهي وئي آهي.