اسلام جو پهريون بنيادي آئين
الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ڪيترائي دفعا دين ابراهيم جو ذڪر ڪيو آهي ۽ حضرت ابراهيم حضرت موسيٰ کان اڳ ڪعبة الله جو بنياد رکيو هو، حضرت ابراهيم جو دين جيڪو درحقيقت اسلام جو بنياد هو ۽ اصولي طور موسوي ۽ عيسوي دينن کي پنهنجي اندر سمائڻ جي صلاحيت رکندو هو، ان ڪري اسلام کي هڪ جيتري مقبوليت ۽ بين الاقوامي مقام حاصل ٿي ويو.
نصراني مذهب بت پرستي ڏانهن لاڙو ڪري چڪو هو ۽ يهودين جي اها دعويٰ هئي ته اسرائيلي قوم دنيا ۾ افضل آهي ۽ صرف اهائي الله سان رابطو قائم رکڻ جو حق رکي ٿي. ان ڪري ئي دين يهود هڪ عالمگير دين بڻجي نه پئي سگهيو. دين مسيحت به ان ڪري دين يهود جي مڪمل ڪرڻ لاءِ نازل ٿيو جنهن اهو به بين الاقوامي مقبوليت حاصل نه پيو ڪري سگهي. پر اسلام جيڪو مڪمل طورتي ڪليمي ۽ نصراني دينن کان جدا ٿي چڪو هو ۽ ان جو پنهنجو عليحده ۽ مستقل قبلو به مقرر ٿي چڪو هو، جنهن ان ۾ هڪ جهڙي مقبوليت حاصل ڪرڻ ۽ سموري دنيا ۾ ڦهلجي وڃڻ جي صلاحيت وڌيڪ موجود هئي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هر انسان، توڙي اهو ڪٿان جو به رهندڙ هجي ۽ ڪنهن به رنگ و نسل سان تعلق رکندڙ هجي وڏي آسانيءَ سان اسلام قبول ڪري سگهي پيو.•
سڀيئي مسلمان ۽ خاص طور اهي ماڻهو جيڪي مڪي کان هجرت ڪري مديني آيا، ان ڳالهه تي ڏاڍا خوش هئا ته انهن جو قبلو تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هينئر اهي ڪعبة الله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهي سگهندا.
اها به حقيقت آهي ته ان زماني ۾ سڀني عربن جي نظر ۾ ڪعبة الله کي وڏي عزت حاصل هئي ليڪن اهي ماڻهو جيڪي مڪي کان مديني هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا هئا، پنهنجي ديس کي وساري نه پيا سگهن، ان ڪري جڏهن قبلي جي تبديليءَ جو حڪم آيو ۽ مسلمان ڪعبي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ لڳا ته انهن ماڻهن جي دل کي ڏاڍو سڪون حاصل ٿيو.
حضرت محمد ﷺ جن مديني ۾ مسجد جي تعمير سان گڏوگڏ ان مسجد جي ڀرسان گڏيل رهائشي گهرن ٺاهڻ ۾ به مصروف هئا ته جيئن بي گهر ماڻهن کي رهڻ لاءِ پناهه حاصل ٿئي. ڪجهه مسلمان جن ۾ خود پاڻ سڳوراﷺ جن به شامل هئا مڪي کان هجرت ڪرڻ وقت پنهنجي خاندان جي گهروارن کي اتي ڇڏي آيا هئا پر انهن سڀني کي مديني ۾ پنهنجي سربراهه يا سرپرست سان گڏجي رهڻو هو ڇو. جو خاندان جا ماڻهو هڪ وڻ جي شاخن مثل هوندا آهن جن کي وڻ جي ٿڙ سان گڏ رهڻو هوندو آهي، جيڪڏهن ڪا شاخ وڻ کان جدا ٿي ويندي ته سڪي نابود ٿي ويندي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن خاندان وارن کي مڪي کان مديني آڻڻ لاءِ سوچي رهيا هئا ۽ انهن گهرن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ مديني جي بازار ۾ ويا ۽ ٽي ڏاچيون خريد ڪيائون جن جي قيمت حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ادا ڪئي. ان کان اڳ پاڻ سڳورنﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن وٽ هڪ هڪ ڏاچي هئي هينئر پنج ڏاچيون ٿيون.
پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي سؤٽ حضرت علي رضي الله کي گهرائي فرمايو، ”اي علي! (رضي الله ) توکي اها خبر آهي ته منهنجون نياڻيون ۽ منهنجون گهرواريون مڪي ۾ آهن. (حضرت سوده رضي الله ۽ حضرت عائشه) ان ڪري تون هي ڏاچيون ڪاهي وڃ ۽ انهن گهر جي ڀاتين کي مڪي کان مديني وٺي اچ، ان کان علاوه زيد کي به پاڻ سان ورتيون وڃ ۽ مڪي کان ان جي گهرواري ”ام ايمن “ کي به ساڻ وٺي اچو.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن جون چار نياڻيون هيون، حضرت فاطمه، حضرت ام ڪلثوم، حضرت زينب، حضرت رقيه. حضرت رقيه پنهنجي مڙس حضرت عثمان رضي الله سان گڏجي مديني پهچي چڪي هئي، جڏهن ته باقي نياڻيون پاڻ سڳورنﷺ جون مڪي ۾ هيون.
حضرت علي رضي الله ۽ زيد رضي الله ڏاچيون ساڻ ڪري مڪي ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ مديني کان پيغمبر اسلام جن جون گهرواريون ۽ ٻه نياڻيون حضرت فاطمه ۽ حضرت ام ڪلثوم ۽ زيدرضي الله جي گهرواري ام ايمن جن کي مديني وٺي آيا ليڪن حـضور ﷺ جن جي باقي هڪ نياڻي حضرت زينب انهن سان ساڻ نه اچي سگهي. حضرت زينب کان سواءِ باقي سندن خاندان جا سڀ ماڻهو پيغمبر اسلام جن وٽ پهچي ساڻن گڏ رهڻ لڳا.
مسلمانن جي ڪجهه خاندان ۾ هڪ اهڙو مسئلو به پيدا ٿيل هيو جو ڪيترائي زال مڙس هڪ دين وارا نه هئا ۽ اهي هڪ ٻئي سان گڏجي رهي نه سگهيا. يعني جنهن جي زال مسلمان نه ٿي ته اها مڪي ۾ رهجي وئي ۽ ان جو مڙس جيڪڏهن مسلمان ٿي چڪو هو ته اهو مديني هجرت ڪري ويو هو. اهڙي طرح جن ماڻهن جون عورتون مسلمان هيون اهي انهن کي مڪي کان مديني وٺي آيا جنهن ڪري مديني ۾ مسلمانن جو تعداد وڌندو رهيو.
حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله اهي پنج ئي ڏاچيون مسلمانن جي خاندانن کي مڪي کان مديني آڻڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون. اهي ڏاچيون جڏهن به مديني اينديون هيون ته سڀ ماڻهو کين احترام ۽ اڪرام سان نوازيندا هئا يعني انهن جو ڪوبه رستو نه روڪيندو هو جتي به چرنديون رهن ۽ جتان به پاڻي پيئن.
جڏهن مديني جي مسجد مڪمل ٿي وئي ۽ مڪي وارا مسلمان پنهنجي خاندانن کي مڪي کان مديني وٺي آيا ته حضرت محمد ﷺ جن مديني جي شهر لاءِ هڪ آئين لکايو (اسلامي تاريخ ۾ هي آئين ”ميثاق مدينه“ جي نالي سان مشهور آهي.) هي بنيادي آئين جيڪو ٻاونجاهه شقن تي جڙيل آهي، خود پيغمبر اسلام جي طرفان لکيو ويو. پر هيءَ قرآني آيتن وانگر وحي نه هو. هن بنيادي آئين جي ٻاونجاهه شقن مان پنجويهه اصول مسلمانن جي لاءِ باقي ستاويهه ٻين مذهبن کي مڃڻ وارن لاءِ هئا، جن ۾ يهودي ميسحي ۽ صائبين به شامل هئا.
هي آئين اهڙي طرح جوڙيو ويو هو ته جيئن مختلف مذهبن کي مڃڻ وارا برابري جي اصولن تي هڪ ٻئي سان گڏجي زندگي گذارين ۽ هر شهري آزاديءَ سان پنهنجا مذهبي فرض ادا ڪري ۽ ڪنهن کي به ٻئي جي مخالفت ڪرڻ جي اجازت نه هئي.
هي آئين هجرت جي پهرئين سال 623ع ۾ تيار ٿيو جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي مڪي کان مديني آئي هڪ سال گذري چڪو هو. هن آئين مطابق مديني جا شهري ڀلي ڪهڙي به قبيلي سان تعلق رکندڙ هجن پر انهن کي هن ڳالهه جو اختيار ڏنو ويو هو ته اهي پنهنجي دين تي پابند رهي سگهن ٿا ۽ ڪنهن کي اهو حق نٿو پڄي ته ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڪري. باقي ايئن هيو مختلف دينن کي مڃڻ وارن تي اهو فرض لاڳو ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن مديني تي حملو ٿئي ٿو ته ان صورت ۾ اهي پنهنجي قوتن کي متحد بڻائي حملي ڪندڙ جي مقابلي ۾ نڪري ايندا.
هن آئين ۾ ٻين مذهبن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ حضرت محمد ﷺ قرآني آيتن جي مطابق ذڪر ڪيو آهي. قرآن مجيد جي ٻي سورة ”البقره“ جي ٻاهٺ آيت ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي:
اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ الَّذِیۡنَ ہَادُوۡا وَ النَّصٰرٰی وَ الصّٰبِئِیۡنَ مَنۡ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ وَ عَمِلَ صَالِحًا فَلَہُمۡ اَجۡرُہُمۡ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ ۪ۚ وَ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ ﴿۶۲﴾
يعني اهي جن ايمان آندو (يعني دين اسلام ۾ داخل ٿيا) ۽ اهي جيڪي يهودي، مسيحي ۽ صابي ٿيا جيڪڏهن حقيقت ۾ الله تي ايمان آڻن ۽ روز جزا تي يقين رکن ۽ نيڪ عمل ڪن ته الله انهن کي اجر ڏيندو ۽ انهن تي خوف يا غم طاري ٿيڻ نه گهرجي.
”صائبين“ جن جو هن آيت ۾ ذڪر ٿيل آهي، اهڙن ماڻهن کي چيو ويندو هو جيڪي ستارن ۽ فرشتن جي پوڄا ڪندا هئا پر الله تي به يقين رکندا هئا. هن آيت مان اهو به معلوم ٿيو ته الله يهودين، عيسائين ۽ صائبين کي به پنهنجي رحمت کان محروم نه ڪيو آهي پر اهو شرط آهي ته اهي ماڻهو نيڪ عمل ڪن، انهن جو ايمان سچو هجي جنهن ۾ ريا ۽ دوکو نه هجي.
قرآن مجيد جي پنجين سورة ”المائده“ جي ڇاهٺ آيت ۾ الله تعاليٰ يهودين ۽ مسيحين جي باري ۾ ارشاد فرمايو آهي:
وَ لَوۡ اَنَّہُمۡ اَقَامُوا التَّوۡرٰىۃَ وَ الۡاِنۡجِیۡلَ وَ مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡہِمۡ مِّنۡ رَّبِّہِمۡ لَاَکَلُوۡا مِنۡ فَوۡقِہِمۡ وَ مِنۡ تَحۡتِ اَرۡجُلِہِمۡ ؕ مِنۡہُمۡ اُمَّۃٌ مُّقۡتَصِدَۃٌ ؕ وَ کَثِیۡرٌ مِّنۡہُمۡ سَآءَ مَا یَعۡمَلُوۡنَ ﴿٪۶۶﴾
يعني: جيڪڏهن اهي (يهودي ۽ مسيحي) توارت ۽ انجيل تي، جيڪو انهن تي الله نازل ڪيو آهي ان تي عمل ڪن ته اهي مٿان ۽ هيٺان (زمين ۽ آسمان) کان الله جي نعمتن سان نوازيا ويندا ۽ انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا جيڪي ڀلائيءَ جي راهه تي هلي رهيا آهن پر انهن مان گهڻا برن ڪمن سان آهن.
دنيا ۾ ڪنهن به دين جي بانيءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن وانگر ٻين دينن سان همدردي نه ڪئي آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جن وڏي ڪوشس ڪئي ته جيئن مديني ۾ ٻين دينن کي مڃڻ وارا اسلامي قانون هيٺ آزاديءَ سان زندگي بسر ڪن ۽ انهن کي اطمينان ڏياريو ته ڪوبه انهن سان مزاحمت نه ڪندو. پيغمبر اسلام ﷺ جن بخوبي اهو ڄاڻن پيا ته پاڻ ﷺ جن جي دين کي جيڪا آزادي مليل آهي اها اتحاد جي بنياد تي قائم آهي. ٻين مذهبن کا ڪوبه خطرو نه ٿو ٿي سگهي. اهو ته ممڪن آهي ته اسلام ٻين مذهبن تي اثر ڪري پر ائين هرگز نه ٿيندو جو ٻيا مذهب اسلام تي اثرانداز ٿين.
ميثاق مدينه جون 25 شقون مسلمانن سان تعلق رکن پيون ۽ 27 شقون ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن سان. ان آئين جي پهرين ۽ ٻئي شق ۾ مديني جي مختلف قبيلن جو نالو وٺي پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمائن ٿا ”مؤمنو! هي برداشت نه ڪريو ته انهن جي ديني ڀائرن جي چيلهه زندگي جي مسئلن خاطر ٽيڙي ٿي پوي ۽ اهي انهيءَ حال ۾ ڏسندا رهن. مؤمنن جو فرض آهي ته زندگيءَ جو مسئلن ۾ پنهنجي ديني ڀائرن جي مدد ڪن. جيڪڏهن ڪو مؤمن آزاديءَ جي لاءِ قرض ادا ڪرڻ چاهي يا خون بها ڏيڻ چاهي ته ٻين مسلمانن سان گڏجي ان جي مدد ڪئي وڃي جيئن هو پنهنجو قرض ادا ڪري سگهي.“
جيڪڏهن مسلمان ڪنهن سبب گرفتار ٿي پوي ته ان جي آزاديءَ لاءِ چندو جمع ڪري، ان شخص جو قرض يا چٽي ادا ڪري ان کي آزاد ڪرايو وڃي. جيڪڏهن ڪوئي مسلمان ڪنهن قتل جي جرم ۾ قاتل قرار ڏنو وڃي ۽ اهو بي ڏوهه قتل ۾ ڦاسايو ويو هجي ته ان لاءِ خون بها رقم ڪٺي ڪري کيس نجات ڏيارڻ لاءِ ذميواري هوندي. آئين جي تيرهين شق ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”جيڪڏهن ڪوبه مسلمان ڪنهن جرم جو حقدار بڻجي يا ڪنهن سان ظلم ڪري يا ڪنهن سان حق تلفي ڪري يا مؤمنن ۾ نفاق پيدا ڪري ته اهو ڪنهن به رعايت جي لائق نه هوندو. سڀني مسلمانن کي گهرجي ته سڀ گڏجي ان جي خلاف آواز اٿارن ۽ وقت تي ان کي سزا به ڏني وڃي پوءِ ڀلي کڻي ان شخص جي اولاد به ڇو نه هجي.
سورهين شق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قاتل کي سزا ڏيڻ گهرجي. ان باري ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو حڪم آهي ته: ”جيڪو انسان ڄاڻي واڻي ڪنهن کي قتل ڪري ته ان جي سزا موت آهي، ڪنهن کي به اهو حق نٿو پهچي ته هڪ قاتل جي حمايت ڪري.“ آئين جي 26 اصول هيو ته: ”جيڪو اختلاف هجي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ الله سان رجوع ڪيو ۽ الله جي پيغمبر ﷺ سان ملي اختلاف جو حل تلاش ڪيو وڃي.“
ڇٽيهين شق ۾ لکيل هيو ته، ”يهودين کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي دين تي قائم رهن ۽ مسلمان به پنهنجي دين تي قائم رهن ۽ جيڪي ماڻهو ”مولا“ يا پناه گير آهن انهن لاءِ به اهو حڪم لاڳو آهي.“ ”مولا ۽ پناهه گير“ لاءِ تفصيل سان ذڪر ٿي چڪو آهي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت نه آهي.“
هڪ ٻئي شق ۾ اهو بيان آهي ته، ”يهودي پنهنجي زندگي جو خرچ پکو خود برداشت ڪندا ۽ مسلمان به پنهنجي زندگي جو بار پاڻ کڻن. پر يهودي ۽ مسلمان ٻئي گڏجي اهڙي شخص سان وڙهڻ لاءِ تيار رهن جيڪو آئين جي خلاف ورزي ڪري.“ يهودي ۽ مسلمان پاڻ ۾ سهڻي طريقي ”حسن سلوڪ“ جو مظاهرو ڪن ۽ هڪ ٻئي جو حق نه ڦٻائن.“ مديني جا شهري قبيله قريش ۽ انهن جي اتحادين جي حمايت نه ڪن.
قبيله قريش مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي مڪي ۾ مسلمانن کي ايذائيندا هئا ۽ اسلام جي سخت مخالفت ڪندا هئا. ان ڪري انهن کي ان قبيلي کان جدا تصور ڪيو وڃي جيڪي اسلام قبول ڪري چڪا آهن ۽ مڪي کان هجرت ڪري مديني آيا آهن. مديني جو شهر ”حرم“ آهي، يعني اهڙي زمين پاڪ آهي جتي ڪو جهيڙو يا جنگ ٿيڻ نه گهرجي.“
ان آئين تحت مديني جي شهرين ۾ خوشي جي لهر ڦهلجي وئي ڇو جو قانون جي نه هجڻ سبب اهي مايوس هئا اهي سڀ حقن جي لحاظ کان برابريءَ ۾ اچي ويا. مديني ۾ رهندڙ سمورا عرب مسلمان هئا، سواءِ انهن جي جن کي قرآن مجيد ۾ ”منافقين“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي.
”منافقين“ جو مطلب اسلام جي مخالف جو نه آهي، اهي اسلام جي مخالفت نه ڪندا هئا ۽ نه وري ظاهري طرح اسلام جي حمايت ڪندا هئا ۽ هميشه انهن ٻنهي حالتن جي وچ تي گذاريندا هئا. منافق يعني نفاق ايجاد ڪندڙ يعني نفرتون ڦهلائيندڙ، عربي زبان ۾ منافق جي معنيٰ آهي، ”ريڙهيون پائيندڙ“ يا اهڙو جانور جيڪو لومڙي وانگر هميشه ٻرن جي تلاش ۾ هجي جنهن ۾ لڪي محفوظ رهي.
قرآن مجيد جي چوٿين سورة النساءِ جي آيت 137 ۾ الله تعاليٰ منافقن جي باري ۾ ارشاد فرمايو آهي:
اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ثُمَّ کَفَرُوۡا ثُمَّ اٰمَنُوۡا ثُمَّ کَفَرُوۡا ثُمَّ ازۡدَادُوۡا کُفۡرًا لَّمۡ یَکُنِ اللّٰہُ لِیَغۡفِرَ لَہُمۡ وَ لَا لِیَہۡدِیَہُمۡ سَبِیۡلًا ﴿۱۳۷﴾ؕ
يعني: اُهي (منافق) جن ايمان آندو، وري ڪافر ٿيا، وري ايمان آڻي، وري ڪافر بڻيا ۽ پوءِ پنهنجي ڪفر تي قائم رهيا ته الله اهڙن ماڻهن جي مغفرت نٿو ڪري ۽ انهن کي هدايت جي راهه نٿو ڏيکاري.“
سورة النساءِ جي 145 آيت ۾ منافقن جي باري ۾ ارشاد آهي ته:
اِنَّ الۡمُنٰفِقِیۡنَ فِی الدَّرۡکِ الۡاَسۡفَلِ مِنَ النَّارِ ۚ وَ لَنۡ تَجِدَ لَہُمۡ نَصِیۡرًا ﴿۱۴۵﴾ۙ
يعني: منافقن جي رهڻ جي جاءِ جهنم جي سڀني کان هيٺئين طبقي ۾ (جتي عذاب جي شدت ٻين طبقن کان زياده آهي) هوندي ۽ اوهان (اي رسول ﷺ) انهن جي نجات جو وسيلو نه ڳولهي سگهندؤ متان انهن کي نجات ملي وڃي.“
هتي ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته: ”الله تعاليٰ ايترو سخت عذاب ڪافرن لاءِ به مقرر نه ڪيو آهي جيترو منافقن لاءِ، ڇاڪاڻ جو الله جي نظر ۾ هڪ منافق جو عذاب يعني اهڙي شخص جي سزا جيڪو مسلمان هوندي به اسلام جو خيرخواه نه آهي بلڪ بدخواهه آهي اهو ڪافر کان به زياده بڇڙو آهي.“ انهن آيتن مان اهو معلوم ٿيو ته دين جي باري ۾ بي تعلق رهڻ الله وٽ ناقابل معافي جرم آهي.
مڪي ۾ قبيله قريش وارن جڏهن اهو ڏٺو ته پيغمبر اسلام ﷺ اسان جي هٿن کان نڪري چڪو آهي ته انهن جي بغض ۽ عداوت ۾ اضافو اچي ويو، ۽ انهن جي ٻن سردارن ابوسفيان ۽ ابي بن خلف مديني وارن کي خبردار ڪرڻ لاءِ هڪ پيغام موڪليو جنهن جو مطلب هن ريت هيو ته:
”اسان ۽ توهان جو پاڻ ۾ رابطو ٽٽڻ، اسان لاءِ ٻين عرب قبيلن سان تعلقات ٽوڙڻ کان وڌيڪ افسوسناڪ آهي. ليڪن جيڪو قدم توهان کنيو آهي، ان جي نتيجي ۾ اسان جو ۽ توهان جو تعلق بگڙي چڪو آهي. توهان اهڙي شخص کي پناهه ڏني آهي جنهن جو شمار مڪي جي معتبرن ۾ ٿئي ٿو ۽ ان کي پناهه ڏئي توهان اسان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري اسان کي مخالفت تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. اسان توهان کي (يعني انصار مديني ۾ اصل رهاڪو) نصيحت ڪريون ٿا ته توهان سندن (ﷺ) ۽ اسان جي وچ ۾ نه اچو. جيڪڏهن اهو نيڪ انسان آهي ته اهڙي صورت ۾ به اسان ان کي توهان کان بهتر سڃاڻون ٿا ۽ ان جي وجود کان فائدو وٺي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن اهو ”خطادار“ آهي ته به اسان کي حق پهچي ٿو ته توهان ماڻهن کان وٺي سگهون ۽ ان جي خلاف ضروري ڪارروائي ڪريون.“
انصارين جڏهن اهو خط پڙهيو ته هڪ مسلمان شاعر ڪعب رضي الله بن مالڪ کي چيائون ته هو قريش کي پيغام جو جواب انهن جي بُري نيت جي باري ۾ شعر ۾ لکي. اهڙن شعرن لکڻ جو انداز پهريون ئي بيان ٿي چڪو آهي، ايتري قدر جو مسلمانن جا اهڙا لکيل شعر زهريلن تيرن کان به وڌيڪ اثر ڪندا هئا.
ڪعب رضي الله بن مالڪ به هڪ اهڙي ئي شعر جي صورت ۾ قريش وارن ڏي جواب موڪليو. ان جوابي پيغام جي ملڻ جي باوجود به قريش وارا شرارتن کان نه مڙيا، ۽ وري هڪ ٻيو خط مديني جي انصارين ڏانهن روانو ڪيو پر اهي هن خط ۾ منافقن جي سردار عبدالله بن ابي سان مخاطب ٿيا.
هن مراسلي ۾ قريش وارن عبدالله بن ابي کي مخاطب ٿي لکيو ته تون اسان جي هڪ رشتيدار کي مديني ۾ پناهه ڏني آهي جيڪو مڪي کان فرار ٿي نڪتو آهي، ان ڪري جيڪڏهن تون هن کي اسان جي حوالي نه ڪندين ته اسان مديني تي حملو ڪنداسين، توهان جو قتل عام ڪري ڇڏينداسين ۽ توهان جي عورتن کي ٻانهيون بڻائي کڻي اينداسين.
پر عبدالله بن ابي ۽ سندس ساٿين ان خط جي باري ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪيو ۽ جيڪڏهن اهي ڪو فيصلو ڪن ها ته انهن تي منافقن جو داغ نه لڳي ها.
عربن جو چوڻ آهي ته منافق اهي ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ شروع کان وٺي آخر تائين صحيح يا غلط ڪوبه فيصلو نه ڪندا هئا پر هميشه انهيءَ ئي مونجهاري ۾ هوندا هئا ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن جو ساٿ ڏيون ۽ ڪنهن جو ساٿ نه ڏيون ۽ جڏهن به ڪا راءِ شماري ٿيندي هئي ته حمايت يا مخالفت جي راءِ ڏيڻ کان پاسيرا رهندا هئا.
مڪي جي قريشن جڏهن ڏٺو ته انهن جي ٻن خطن جو ڪوبه کڙتيل نه نڪتو ته انهن هڪ ڀيرو وري هڪ خط روانو ڪيو جيڪو مديني جي يهودين ڏانهن هيو جنهن ۾ لکي موڪليائون ته توهان ڪهڙي طرح به حضرت محمد ﷺ جن کي اسان جي حوالي ڪريو. پر يهودين به کين ڪوئي خاطر خواهه جواب نه ڏنو ته اهي ائين ڪندا يا نه، پر انهن اندروني طرح اهو واعدو ڪيو ته اسين وقت اچڻ تي قريش وارن جو ساٿ ڏينداسين.
جڏهن انصار، منافقن ۽ يهودين ڏانهن موڪليل خطن جو خاطري وارو جواب قريشن کي نه مليو ته هنن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خلاف معاشي حربو استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
قريش اڪثر ڪري سوداگر هئا ۽ مالي لحاظ سوداگرن جو اثرائتو هٿيار اقتصادي بائيڪاٽ يا معاشي ناڪه بندي هوندي آهي. ان ڪري قريشن جزيره عرب جي اتر ۾ واقع تجارتي رستن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ مديني کي ڪجهه اهڙي طرح مالي مشڪلاتن ۾ جڪڙي وڌو جو هر قسم جون ضرورت جون شيون مديني پهچڻ بند ٿي ويون.
جيڪڏهن اهو واقعو مڪي وارن جي سامهون اچي ها ته سڀ ماڻهو بک جي شدت ۾ مري وڃن ها ڇو جو مڪي ۾ نه ته زراعت ٿيندي هئي ۽ نه وري ڪي باغ هئا. پر مديني جي ايراضيءَ ۾ زراعت ٿيندي هئي ۽ باغ موجود هئا، تنهن ڪري مديني ۾ هر شيءِ ملي ويند ي هئي. ان جي باوجود به مديني جا شهري کاڌي پيتي جي ڪجهه شين جي اڻاٺ جو شڪار ٿي ويا. ڇو ته کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون هيون.
حضرت محمد ﷺ جن مسجد جي قريب هڪ گهر ۾ جيڪو درحقيقت سادي نموني جي ٺهيل هڪ ڪوٺي هئي اتي رهائش پذير هئا ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي ان معاشي ناڪه بنديءَ جو ڏاڍو افسوس هيو. ان کان علاوه کين اهو به احساس هيو ته قريشن صرف پاڻ ﷺ جن جي دشمني ۾ اچي پوري شهر جي رهندڙن کي بک تي رهڻ جي سزا ڏئي رهيا آهن.
مديني ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن نهايت سادي زندگي بسر ڪندا هئا، سندن گهر کجن جي ڪامن ۽ ڇڙهين سان ڍڪيل هو ۽ ديوار به کجين جي ڇڙهين مان ٺهيل هئي. گهرجي اندر رستي ويندڙ جي نظر نه پوي ۽ جيئن گهروارن جي بي پردگي نه ٿئي، پاڻ ﷺ جن زمين تي رڍ جي کل وڇائي آرامي ٿيندا هئا ۽ سندن خوراڪ ڪڏهن کارڪون ته ڪڏهن ڪڻڪ جي ماني هوندي هئي پر ڪڏهن به کارڪون يا ماني ڪٺي نه کاڌائون.
حضرت محمد ﷺ جن جي گهرواري حضرت عائشه جو چوڻ آهي ته جڏهن مديني ۾ اقتصادي ناڪه بندي لڳي تڏهن اسان جي گهر ۾ ٻه ٻه ڏينهن چلهه نه ٻرندي هئي، ٻه ٻه ڏينهن ماني نه کائيندا هئاسين. پيغمبر اسلام ﷺ جن جيئن ته شادي شده هئا پر پاڻ گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ ۾ عار محسوس نه ڪندا هئا. گهر جو سمورو ڪم ڪار پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪندا رهندا هئا ۽ جڏهن کاڌو گهر ۾ پچندو هو ته باهه به پاڻ ٻاريندا هئا. سندن گهر ۾ پچڻ واري غذا هڪ قسم جي ”حليم“ وانگر هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ گوشت به پچندو هو، پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندا هئا ۽ ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون به پاڻ لڳائيندا هئا، ڪپڙا به پاڻ ڌوئيندا هئا ۽ تمام گهڻا صفائي پسند هوندا هئا. ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏندڻ ڏيندا هئا. سندن فرمان آهي ته: ”صفائي ۽ پاڪيزگي اڌ ايمان آهي.“
سرور دوعالم ﷺ جن جي صبر ۽ بردباري جو سمورن ليکڪن ذڪر ڪيو آهي. پاڻ سڳورنﷺ وٽ هڪ ڪپڙي جو رومال هوندو هو، جڏهن کارڪون وغيره کائيندا هئا ته هٿن کي اُگهڻ خاطر اهو رومال ڪتب آڻيندا هئا. ان کان علاوه پاڻ سڳورنﷺ وٽ ڪا ٻي اهڙي شيءِ ڪانه هئي جنهن کي ڏيکاءُ چئي سگهجي.
جڏهن مديني ۾ معاشي ناڪه بنديءَ تمام گهڻي شدت اختيا رڪئي ۽ ضرورت جون شيون نه ملڻ ڪري ماڻهو پريشان ٿيا ته پاڻ سڳورنﷺ وٽ سياسي پيشوا جي فرض نڀائڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه هو. اهڙن حالتن ۾ ٻه ئي رستا باقي هئا؛ هڪ سياسي حربو ٻيو جنگ. بلڪل اهڙي طرح جيئن انسان کي ابتدا کان وٺي ڪپڙي سبڻ لاءِ سُئي ۽ ڌاڳي قئنچي جي ضرورت هوندي آهي ڇو جو ڪپڙي سبڻ لاءِ انهن شين کان سواءِ ڪوبه طريقي ڪار نه آهي. اهڙي طرح اهڙين حالتن ۾ يا سياسي پاليسي يا جنگ جو طريقو اختيار ڪرڻو پيو.
پيغمبر اسلام ﷺ اهي سمجهي چڪا هئا ته قريش وارن سان ڪابه سياسي ڳالهه ٿي نه سگهندي. تنهن ڪري پاڻ ﷺ جن ٻيو طريقو يعني جنگ وارو رستو اختيار ڪيو، جنهن ڪري تلوار کي مياڻ مان ڪڍڻ جي ضرورت پيش آئي.
هڪ عرب شاعر تلوار جي وصف ۾ چوي ٿو ته: ”اي تلوار توکي لوهر، هلڻ ۾ تيز، وڻن جي لامن وانگر نرم ۽ پهاڙي ڪنڊن وانگر سخت ۽ مضبوط ٺاهيو ۽ تو ۾ هڪ دلير جنگي جوان جي روح ڦوڪي ڇڏيائين.“ هڪ ٻيو شاعر تلوار جي تعريف ۾ چوي ٿو ته، ”اي شمشير من! تنهنجي ڌار ايتري نرم ۽ لطف واري آهي جو جڏهن مان توکي کڻان ٿو ته منهنجي بدن ۾ هڪ وڏي طاقت اچي وڃي ٿي، تنهنجي هٿئي سان منهنجي انڱرين ۾ هڪ پڪل ميوي کان به زياده نرمي محسوس ٿئي ٿي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن ان ڏينهن کان پوءِ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته الله جي دين جي حفاظت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ جيڪڏهن تلوار جو سهارو وٺڻ سِرَ تي اچي ويو ته دير نه ڪبي.