مذهب

حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

عام سفيرن جي وفدن سان ملاقات جو سال

عام سفيرن جي وفدن سان ملاقات جو سال

جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مڪي واپس پهتا ته انصار يعني مديني جا مسلمان اهو چوڻ لڳا ته هوازن قبيلي جي مال غنيمت مان قريش وارن کي اسان کان زياده حصو مليو آهي.
ان ڳالهه ۾ ڪوئي شڪ به نه هو، پيغمبر اسلام ﷺ جن مال غنيمت جي ورهاست وقت انصار جي مقابلي ۾ نون مسلمان قريش کي زياده بخشش سان نوازيو. پر ان جو مطلب اهو نه هيو ته پاڻ ﷺ جن انصار جي حصي مان قريش کي ڏنو، دراصل رائج ڪيل دستور جي مطابق جنگي غنيمت جو پنجون حصو پيغمبر اسلام جن ۽ پاڻ ﷺ جن جي اهليت بيت  جي لاءِ وقف هوندو ۽ حضرت محمد ﷺ جن جيئن اڪثر وقت پنهنجي حصي جو مال غنيمت ٻين کي عطا ڪري ڇڏيندا هئا. هن دفعي به پنهنجو حصو قريش ۾ ورهائي ڇڏيائون جيئن انهن جي دل خوش رهي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ضروري سمجهيو ته قريش وارن سان نسبتاًزياده محبت جو رويو هجڻ گهرجي ته جيئن انهن نون مسلمان ٿيڻ وارن جي دل اسلام سان گهريءَ طرح لڳي وڃي. جيئن ته انصار وارن کي شڪايت ڪرڻ جو حق نه پيو پڄي پوءِ به پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن کي دلداري ڏيندي فرمايو، ته قريش کي زياده حصي ملڻ تي توهان کي خفا يادلگير ٿيڻ نه گهرجي ڇو ته قريش مڪي ۾ ئي رهندا ۽ مان توهان سان مديني هلندس ۽ اسين هڪ ٻئي سان گڏجي زندگي گذارينداسين.
”ڇا توهان وٽ هڪ اٺ يا چند ٻڪرين جو وڌيڪ ملڻ اهميت رکي ٿو يا رسول الله ﷺ جي محبت ۽ قرب توهان کي وڌيڪ عزيز آهي؟ ڇا توهان نٿا ڄاڻو ته الله جي رسول ﷺ سان گڏ زندگي گذارڻ، توهان لاءِ ڪيتري خوش نصيبيءَ جي ڳالهه آهي ڇو ته الله جي رحمت نه صرف توهان سان هوندي پر توهان جا ايندڙ نسل به برڪت الاهيءَ سان فيضياب ٿيندا رهندا.
جڏهن انصارن اهي ڳالهيون ٻڌيون ته انهن کي شديد احساس ٿيو ۽ افسوس سان چوڻ لڳا ته: ”رسول الله ﷺ اسان کي بيحد افسوس آهي ۽ اسين وڏا بي سمجهه آهيون.“ ان چوڻ کان پوءِ سڀئي انصار بي اختيار ٿي روئڻ لڳا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مديني هلڻ جو ارادو ڪيو ته انصار سان گڏ مڪي کان نڪري مديني طرف روانا ٿيا ته ان گهڙي انصار ايترا خوش هئا جو خوشي جي تحت اکين مان پاڻي وهندي شعر پڙهندا رهيا.
مديني روانگي کان اڳ پيغمبر اسلام ﷺ جن بنوا ميه سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان کي جنهن جي عمر مشڪل سان ٽيهه سال هئي، مديني جو حڪمران مقرر ڪيو. ان شهر جو نظم و نسق ان جي ذمي ڪري مديني روانا ٿيا هئا. مديني پهچڻ کان ڪجهه عرصو بعد اهل طائف جو هڪ وفد پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ اتي پهتو. وفد جي ماڻهن ٻڌايو ته طائف وارا مسلمان ٿيڻ لاءِ رضامند آهن مگر انهن کي اها اجازت ڏني وڃي ته هميشه وانگر فحش ۽ منڪر حالت ۾ مشغول هجن. وياج خوري جاري رکن ۽ شراب وغيره جو استعمال ڪندا رهن. پر پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن جو مطالبو نامنظور ڪيو ۽ انهن کي فرمايائون ته اسلام ۾ فحش ڳالهيون، وياج خوري ۽ شراب جو استعمال بلڪل منع آهي اهي سڀ شيون اسلام ۾ حرام آهن.
وفد واپس ويو ۽ طائف وارن سان گفتگو ڪري ٻيهر واپس آيو ۽ چوڻ لڳا ته طائف جا ماڻهو اوهان جون اهي سڀ ڳالهيون منظور ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر اسان جي هڪ درخواست آهي ته اسان کي جهاد ۾ شريڪ ٿيڻ، روزا رکڻ ۽ زڪوات ڏيڻ معاف ڪيا وڃن!
”اسلام ۾ سڀئي مسلمان مرد بناڪنهن فرق جي ميدان جنگ ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ لڙائي ۾ شرڪت ڪندا هئا. اڄ به هر مسلمان مرد تي جهاد واجب آهي جيڪڏهن بيمار يا پوڙهائپ جي سبب ايترو ڪمزور ٿي وڃي جو جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ جي قابل نه رهي، ته پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ ان شخص تي زور نه آهي.
پوءِ به هن دفعي پيغمبر اسلام ﷺ جن طائف وارن جي درخواست منظور ڪئي، جنهن تي ٻيا مسلمان حيران ٿي پڇا ڪيائون.“ يارسول الله ﷺ توهان ڇا جي ڪري طائف وارن کي جهاد ۾ شرڪت ڪرڻ، روزا رکڻ ۽ زڪوات ڏيڻ معاف فرمائي آهي. ڇا جهاد، روزا ۽ زڪوات اسلام ۾ واجب نه آهن؟“ پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ”ڇو نه، پر توهان انهن ماڻهن کي پهريون مسلمان ته ٿيڻ ڏيو پوءِ هو پاڻ ئي اسلام جي واجب ۽ انهن جي فائدي مان سمجهي ويندا ۽ عمل به شروع ڪري ڏيندا.“ اڳتي هلي ائين ئي ٿيو، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ طائف وارا اسلامي تعليم کان متاثر ٿي ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ چوڻ لڳا ته، ”يارسول الله ﷺ اسين جهاد ڪرڻ، روزا رکڻ ۽ زڪوات ڏيڻ لاءِ دل و جان سان تيار آهيون.“
بهرحال الله جي مرضي اها ئي هئي ته طائف وارا تلوار جي بجاءِ اسلامي تعليم جي زير اثر مسلمان ٿي وڃن ۽ بيشڪ ائين ئي ٿي چڪو.
هاڻي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي زندگي جي ان پهلوءَ جي طرف هلون ٿا جنهن کي اسلامي تاريخ ۾ ”عام الوفود“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هجرت جي نائين سال کي مسلمانن ”عام الوفود“ جو نالو ڏنو آهي. يعني سفيرن ۽ وفدن جو پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ملاقات جو سال....
هن تاريخ کان نو سال پهريون هي اهي محمد (ﷺ) هئا جو پنهنجي قبيلي ۽ شهر وارن جي دشمني واري رويي کان تنگ ٿي پنهنجو اباڻو وطن يعني مڪو ڇڏڻ تي مجبور ٿيا هئا. پاڻ ﷺ جن پنهنجي وفادار دوست حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کي ساڻ ڪري مدين جو رخ ڪيو ۽ رستي ۾ اهڙيءَ غار ۾ پناهه ورتي، جتي نانگن جي ڏنگڻ جو خطرو موجود هو.
ان سفر ۾ ”پيغمبر اسلام ﷺ جن جي سر جي ٻولي لڳائي وئي ۽ هي اعلان به ٿيو ته جيڪو شخص کين زنده يا مرده پڪڙي وٺي ايندو ته ان کي انعام جي طور تي هڪ سؤ اٺ ڏنا ويندا.
پر هاڻي جڏهن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هجرت کي نوَ سال گذري چڪا آهن، ته پاڻ سڳورنﷺ نه صرف مڪي کي فتح ڪيو پر اهڙا ماڻهو جيڪي پاڻ ﷺ جا جاني دشمن هئا اهي به اسلام تان سر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ اهي ماڻهو به جيڪي ڏينهن رات پيغمبر اسلام ﷺ جن جي جان جا دشمن هوندا هئا، هاڻي اهي پاڻ ﷺ جن جي راهه ۾ پنهنجي جان قربان ڪرڻ ۾ پنهنجي سڀ کان وڏي خوش نصيبي ۽سعادت تصور ڪرڻ لڳا.
ايتريقدر جو ابوجهل جو پٽ عڪرمه جيڪو اسلام دشمنيءَ ۾ سڀ کان اڳي هيو مسلمان ٿي ويو ۽ ميدان جنگ ۾ شهادت جو رتبو ماڻي ورتائين. مڪي جو وڏو مقام رکندڙ سردار ۽ مڪي جي لشڪر جو سپھ سالار جيڪو جنگ احد ۽ جنگ خندق ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن سان جنگيون ڪري چڪو هو، اسلام قبول ڪري ورتو ۽ پاڻ ﷺ جن ان کي نجران جو حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو. مڪي جو هڪ ٻيو نامور سردار خالد بن وليد رضي الله مسلماٿيڻ بعد اسلام جو مشهو سپھ سالار هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ۽ ”سيف الله“ جو لقب به حاصل ڪيائين.
پيغمبر اسلام ﷺ جن هجرت جي نون سالن اندر نه صرف مڪي کي فتح ڪيو، پر پوري جزيره عرب کي پنهنجي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيائون يا مسلمان نه ٿيڻ وارا مسلمانن جي ڪاميابيءَ کي تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. جيڪڏهن اسين جزيره عرب جي ايراضيءَ جو اندازو لڳائي ڏسون ته پيغمبر اسلام ﷺ جن هجرت جي پهرئين سال کان ڏهين سال تائين تقريباً روزانو 822 ڪلوميٽر مربع علائقي تي اسلام جي برتري قائم ڪئي يعني هجرت جي شروعات کان وٺي ڏهن سالن جي اندر اسلام سرزمين جزيره عرب تي روزانو 822 ڪلوميٽر جي حساب سان اڳتي وڌيا آهن.
اسلام جي شروعات ۾ مسلمان ايترا ته غريب ۽ تنگ حال هئا جو پهرين ٽن جنگين ۾ ٻن سپاهين کي هڪڙو اٺ هوندو هو. جنگ بدر جي وقت مسلمانن وٽ صرف ٻه گهوڙا هئا ۽ ڪل 313 جو تعداد هيو. پر بعد ۾ مسلمان ايترا مالدار ۽ طاقتور ٿي ويا جو جنگ حنين ۾ انهن وٽ هڪ هزار گهوڙا موجود هئا. اهڙي طرح جنگ تبوڪ ۾ اسلامي لشڪر وٽ ڏهه هزار گهوڙا هئا، ”جنگ تبوڪ جو بيان ايندڙ صفحن تي پيش ڪيو ويندو.“
مسلمانن پنهنجي پهرئين لڙائي صرف چار ماڻهن جي حالت ۾ وڙهي ۽ اها لڙائي نخله جي مقام تي پيش آئي هئي. ٻيءَ لڙائيءَ ۾ مسلمانن جو تعداد (313) هيو جنگ احد ۾ ست سؤ مسلمان ميدان جنگ ۾ لٿا، پر جنگ تبوڪ ۾ مسلمانن ٽيهه هزار فوج سان ميدان جنگ ۾ قدم رکيو هو. ڪجهه جنگين ۾ مسلمانن جو نقصان تمام ٿورو ٿيو ۽ ڪن جنگين ۾ وڏو نقصان کڻڻو پيو. پر جزيره عرب جي عظيم حدن جي پيش نظر جن تي مسلمانن فتح حاصل ڪئي ۽ اسلام ڦهلجي ويو، ان حساب سان نقصان نالي ماتر هيو.
هجرت جي نائين سال جزيره عرب ۾ اهي ماڻهو جيڪي مسلمان ٿيا هن عقيدي تي پابند ٿي ويا ته اسلام پنج بنيادي رڪنن تي مشتمل آهي.
• ڪلمه شهادت ”تشهد“ يعني هن ڳالهه کي تسليم ڪري مڃڻ ۽ اقرار ڪرڻ ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه ”معبود“ عبادت جي لائق نه آهي. ۽ محمد ﷺ جن الله جا رسول آهن.
• نماز: يعني هر روز مقرر وقتن تي الله جي عبادت ڪرڻ.
• صوم: روزو يعني سال جي رمضان مهيني ۾ روزا رکڻ.
• زڪوات: يعني هر سال پنهنجي مال مان رياست اسلامي کي ٽيڪس ادا ڪرڻ.
• حج: يعني مسلمان مرد يا عورت جو پنهنجي طاقت حيثيت سان خانه ڪعبه جي زيارت ڪرڻ.
هجرت جي نائين سال حضرت محمد ﷺ جن مديني ۾ ٻاهران آيل سفيرن ۽ قبيلن جي نمائندن سان ملاقاتون ڪيون. هي هجرت جو نائون سال هو. جيئن ته سفيرن ۽ نمائندن سان ملاقات جو سال هو، ان ڪري هن سال کي ”عام الوفود“ جي نالي سان سڏيو ويو. ان موقعي تي حضرت محمد ﷺ جن سموري جزيره عرب جا مذهبي، سياسي، فوجي اڳواڻ هئا. پر ان جي باوجود جڏهن ڪوبه سفير يا وفد پاڻ ﷺ جن سان ملاقات لاءِ ايندو هو ته اهو هميشه ڏسندو هو ته پاڻ ﷺ جن تڏي تي آرامي يا ويٺل هوندا هئا ۽ پاڻ ﷺ جن جو زندگي گذارڻ جو طريقڪار اهوئي آهي جيڪو سالن کان وٺي هلندڙ هو.
جڏهن ڪوئي سفير پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ايندو هو ته ڪارڙي رنگ وارو بلال رضي الله ان جو استقبال ڪندو هو ۽ پوءِ ان ڪمري ۾ وٺي ويندو هو جتي رسول الله ﷺ جن تشريف فرما هوندا هئا. مختلف وفد جڏهن مديني پهچندا هئا ته رمله بنت حارث جي گهر ۾جيڪو نجاريه محلي ۾ رهندا هئا. هي گهر ٻاهران آيل مهمانن لاءِ وقف هو، ڪڏهن ڪڏهن نمائندن جو تعداد ايترو ٿي ويندو هو جو انهن سڀني کي هڪ گهر ۾ رهائڻ مشڪل ٿي پوندو هو. اهڙي صورت ۾ پاڻ ﷺ جن جي حڪم سان مديني جي مسجد ۾ تنبو لڳائي ٻاهران آيل مهمانن جو انتظام ڪيو ويندو هو. جيتوڻيڪ هجرت جي نائين سال جزيره عرب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسلام ڦهلجي چڪو هو، پر پوءِ به پيغمبر اسلام ﷺ جن يهودين ۽ عيسائين کي دين اسلام قبول ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو ڇو ته هي ٻئي فرقه اهل ڪتاب هئا. پيغمبر اسلام ﷺ جن نجران جي پاپاءِ مسيحت ابو الحارث جي نالي جيڪو خط لکيو، ان ۾ جزيره عرب جي مسيحين جي مذهبي آزادي جا خط واضح ٿين ٿا. (نجران جزيره عرب جي ڏکڻ ۾ اهڙي علائقي جو نالو هو جيڪو يمن جي سرحدن سان مليل هو. اتي جي ماڻهن جي اڪثريت مسيحي هئي. اسلام کان اڳ يمن جي يهودي بادشاهه ذونواس اتي جي عيسائين کي زنده ساڙائي ڇڏيو هو، قرآن مجيد جي سورة البروج ۾ ان واقعي ڏانهن اشارو ارشاد ٿيل آهي.)
پاپاءِ نجران جي نالي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خط جي عبارت هن ريت هئي.
” بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ -محمد رسول الله جي طرف کان نجران جي پادري اعظم ۽ ٻين رهنمائن جي نالي واما بعد.
پادري اعظم ۽ ٻيا مسيحي رهنماؤ! سمجهي ڇڏيو ته گرجاگرن جو نظم و نسق هلائڻ توهان جي ذميواري آهي ۽ الله ۽ ان جو رسول انهن ماڻهن کي پنهنجي حمايت سان نوازيندا آهن. هن خط جي ذريعي الله جو رسول هي اعلان ڪري ٿو ته ڪوبه پادري يا مذهبي رهنما پنهنجي مقام تان نه ٿڙندو ۽ انهن جي اختيارن ۾ گهٽتائي به نه ايندي. ان کان علاوه انهن جي مذهبي رسمن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪئي ويندي ۽ جيستائين علماء مسيحت دل سان ۽ ايمانداري سان پنهنجا فرض پورا ڪندا رهندا ته انهن جو وقار محفوظ رهندو ۽ انهن (يعني عيسائين) کي به گهرجي ته ٻين جي لاءِ مشڪلاتون پيدا نه ڪن.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن جو هي خط ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته جزيره عرب ۾ عيسائين (۽ اهڙي طرح يهودين) کي پنهنجي مذهبي فرض پورا ڪرڻ جي مڪمل آزادي هئي ۽ انهن کي مسلمانن جي طرفان ڪابه تڪليف نه هئي.
هجرت جي نائين سال نجران جي مسيحين جي هڪ جماعتي وفد پاڻ ﷺ جن سان ملاقات ڪئي. هن جماعت ۾ دين مسيحي جا علماء شامل هئا. جن ۾ پاپاءِ نجران ابوالحارث، پادري عبدالمسيح ۽ قافلي جو سربراه الايهم جا نالا قابل ذڪر آهن. جڏهن نجران جا مسيحي علماءَ مديني پهتا ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته انهن پنهنجو جسم هڪ خاص لباس سان ڍڪيو هو ۽ مديني جا ماڻهو انهن جي چمڪدار ڪپڙن کي حيرت سان ڏسي رها هئا. بهرحال ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن مسيحي علماءَ کي وڏي احترام سان ڏسندا هئا ۽ ان ڳالهه جو سبب هي هيو ته قرآن مجيد ۾ به انهن کي چڱي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ قرآن مجيد جي پنجين سورة المائده جي آيت 82 کان 84 ۾ عيسائين کي عزت سان نوازيو ويو آهي. اهل مسيحت جي قدرداني ۾ نازل ٿيل آيتن جي ڪجهه حصي ۾ حبشه جي عيسائي بادشاهه جي حسن سلوڪ جي خاطر به ذڪر ٿيل آهي جيڪو مسلمانن سان پيش آيو هو.
631ع هجرت جي نائين سال حج جي موقعي تي بت پرستن به مسلمانن سان گڏ خانه ڪعبه جي زيارت ڪئي پر اهو سال بت پرستن لاءِ خانه ڪعبي جي طواف جو آخري سال ثابت ٿيو ڇو ته ان کان بعد الله تعاليٰ جي طرفان مشرڪن جي لاءِ خانه ڪعبه جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. الله تعاليٰ جو هي ارشاد قرآن مجيد جي نائين سورة جي 28 آيت ۾ ٿيل آهي...
یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنَّمَا الۡمُشۡرِکُوۡنَ نَجَسٌ فَلَا یَقۡرَبُوا الۡمَسۡجِدَ الۡحَرَامَ بَعۡدَ عَامِہِمۡ ہٰذَا ۚ
يعني: اي ايمان وارؤ مشرڪ پليت آهن پوءِ اهي هن سال کان بعد مسجدالحرام جي ويجهو نه اچن.
بهرحال هجرت جي ڏهين سال يعني جنهن سال کان مشرڪن جي لاءِ خانه ڪعبه جي زيارت تي پابندي لڳي وئي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن حج جي موقعي تي هڪ لک چوويهه هزار مسلمانن سان مديني کان مڪي ڏانهن روانا ٿيا. هن سال پيغمبر اسلام ﷺ جن حج جا سمورا رڪن مڪمل طورتي سرانجام ڏنا ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن جيڪو ڪجهه ادا ڪيو اهو سنت بڻجي ويو ۽ اڄ تائين سمورا مسلمان انهيءَ ئي طريقي جي پيروي ڪري رهيا آهن. پيغمبر اسلام ﷺ جن احرام ٻڌو، ست دفعا خانه ڪعبه جو طواف ڪيائون ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ”سعي“ جو عمل به ڪيائون. ”سعي“ درحقيقت حضرت اسماعيل عليه اسلام جي والده بيبي هاجره جي ياد ۾ ادا ڪئي ويندي آهي جنهن پاڻيءَ جي تلاش ۾ ٻن پهاڙن جي وچ ۾ ڪيترائي چڪرا لڳايا هئا.
بهرحال پيغمبر اسلام ﷺ جن ذي الحج جي نائين تاريخ تي سڀني مسلمانن کي جيڪي حج جي غرض سان مڪي آيل هئا. مقام عرفات ۾ جبل الرحمه نالي پهاڙي تي گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏني ته جيئن پاڻ صلعم جن مسلمانن سان گفتگو ڪري سگهن يعني خطبو ڏئي سگهن. ان موقعي تي مسلمانن کان علاوه ڪو ٻيو شخص شامل نه هيو.
حضرت محمد ﷺ جن جڏهن مسلمانن جي ڀيڙ ڏٺي ته پاڻ ﷺ جن کي اندازه ٿي ويو ته پاڻ ﷺ جن جو آواز سڀ مسلمان ٻڌي نٿا سگهن. ان ڪري پاڻ ﷺ جن اهڙن ماڻهن کي جن جو آواز ڳرو هئو مختلف جڳهن تي بيهاريو ته جيئن اهي پاڻ ﷺ جن جي لفظن کي دهرائن ته جيئن سڀ مسلمان رسول الله ﷺ جن جو خطبو ٻڌي سگهن. هي اهو خطبو هيو، جنهن کي مسلمان ”خطبه الوداع“ سڏيندا آهن. پاڻ سڳورنﷺ جا الفاظ دهرائڻ وارن ۾ اسلام جو مشهور مؤذن بلال رضي الله ۽ هڪ ٻيو مسلمان ربيعه بن اميه رضي الله به شامل هيو، انهن ٻنهي جو آواز وڏو ۽ صاف هو.
ان کان اڳ جو پيغمبر اسلام ﷺ جن خطبو شروع ڪن، پاڻ ﷺ جن مسلمانن کان پڇيو ته، ”توهان کي خبر آهي ته هي مهينو ڪهڙو آهي؟“ سڀني ملي جواب ڏنو ”هي مهينو ذي الحج جو مهينو آهي ۽ حرمت وارن مهينن مان هڪ آهي.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن وري فرمايو ”ڇا اوهان کي خبر آهي ته هيءَ سرزمين ڪهڙي سرزمين آهي؟“ سڀني وري به هڪ آواز ۾ جواب ڏنو ”هيءَ عرفات جي مقدس سرزمين آهي يارسول الله صه“ ان کان بعد پيغمبر اسلام ﷺ جن اصلي خطبي جي شروعات ڪئي، سڀ کان اڳ پاڻ سڳورنﷺ جن الله جو نالو ورتو ۽ الله جي حمد ثنا کان بعد خطبو ارشاد فرمايو.
”اي الله جي امت مان اوهان کي نصيحت ڪريان ٿو ته هميشه الله کان ڊڄو ۽ ان جي اطاعت ڪريو. مان جيڪو چوان ٿو غور سان ٻڌو ۽ ان تي عمل ڪريو، شايد هي آخري دفعو آهي جو مان هن جڳهه تي مسلمانن جي عظيم اجتماع ۾ اوهان سان گڏ آهيان ۽ الله بهتر ڄاڻي ٿو ته مان وري توهان سان گڏ هتي اچي سگهان يا نه. اي الله جي امت اوهان سان ٻيهر ملاقات ٿي سگهندي يا نه. اي انسانو! جيڪڏهن اوهان الله کان ڊڄندا رهندا ۽ ان جي اطاعت ڪندا رهندا ته يقين رکو ته اوهان جي جان ۽ مال ۽ عزت هر طرح سان محفوط رهندي جيستائين جو الله اوهان کي پنهنجي طرف نه گهرائي ڇو ته اوهان جي جان ان جي قبضي ۾ آهي.“
ان کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن خطبي جو موضوع تبديل ڪندي سڀني کي مخاطب ٿي پڇيائون، ”ڇا مان پيغمبر هئڻ جي ناتي پنهنجو فرض ادا ڪري سگهيو آهيان يا نه؟ اي الله تون ئي ٻڌاءِ ته جيڪا ذميواري تو مون مٿان رکي هئي اها پوري ٿي يا نه؟ سڀني ملي جواب ڏنو ته، ”اسان شاهدي ڏيون ٿا ته اوهان ﷺ پنهنجوفرض پورو ڪر ي ڇڏيو.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن خطبو جاري رکندي فرمايو ”اي انسانو! مان جيڪو چوان ٿو ان تي عمل ڪريو ۽ توهان ماڻهن کي منهنجي نصيحت آهي ته جنهن جي به ڪنهن وٽ امانت آهي ته اها ان کي اصلي حالت ۾ واپس ڪريو ۽ ڪڏهن به امانت ۾ خيانت نه ڪريو. اي انسانو! وياج کان پرهيز ڪريو، جاهليت واري دور جي سودخوري اسلام ۾ منع آهي. پر توهان جو مال ۽ توهان جي دولت توهان کي حلال آهي. الله تعاليٰ وياج خوري کان منع فرمائي آهي ۽ مان پنهنجي چاچي عباس بن عبدالمطلب کي سودخوري کان منع ڪريان ٿو.
اي انسانو! جيڪڏهن ڪوبه شخص ڪنهن جي قتل جو ڏوهاري آهي ته ان جي سزا به قتل ئي هوندي پر جيڪڏهن ڪو قتل غيرارادي سان ٿي وڃي ته ان قاتل کي سؤ اٺ قصاص جي صورت ۾ ادا ڪرڻا پوندا. ان کان بعد ان غيرارادي قتل جي سلسلي ۾ هڪ سؤ اٺن کان زياده مطالبو ڪرڻو نه آهي ۽ جيڪڏهن ائين ڪوبه ڪري ته اهو ائين سمجهي ته هن دور جهالت جي رسمن جي پيروي ڪئي آهي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن هڪ دفعو ٻيهر سڀني کان پڇندي فرمايو ”ڇا مان پنهنجو فرض ادا ڪري سگهيو آهيان يا نه؟“ اي الله تون ئي ٻڌاءِ جيڪا تو مونتي ذميواري رکي هئي اها پوري ٿي يا نه؟“
مسلمانن جي اجتماع گڏجي وڏي آواز سان جواب ڏنو، ”اسان شاهدي ڏيون ٿا ته اوهان پنهنجو فرض بخوبي پورو ڪيو آهي.“
حضرت محمد ﷺ جن خطبو جاري رکندي فرمايو، ”اي انسانو! سمجهي ڇڏيو ته اڄ ابليس تمام مايوس آهي ڇو ته هو ڄاڻي چڪو آهي ته اڄ توهان جي اسلامي سرزمين تي ان جي ڪوبه ڳالهه مڃڻ وارو نه آهي ۽ نه وري ان جي ڪو پيروي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پر اي انسانو! اهو نه وساريو ته شيطان هميشه اوهان جي پيٺيان آهي هو ڪوشش ڪندو ته توهان کي اهڙا رستا ڏيکاري جيڪي گمراهي تي ختم ٿيندا هجن. اهو ڄاڻي ٿو ته توهان جي مذهب ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهان پر هو ڪوشش ڪندو ته اوهان جي عملن ۾ مداخلت ڪري. ان ڪري توهان هميشه شيطان کان هوشيار ٿي بچو ايتري تائين جو ننڍن ننڍن بي اهميت وارن ڪمن ۾ به احتياط ڪريو ته جيئن شيطان ظاهر ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ مداخلت ڪري توهان جي دين جون پاڙون ڪمزور نه ڪري سگهي. اي انسانو! هڪ عام مهيني کي حرمت وارن مهينن ۾ شمار ڪرڻ اها بدعت آهي، جنهن کي بي دين ماڻهن ٺاهيو آهي ۽ انهيءَ ڪري اهي گمراهه ٿي چڪا. انهن هن مهيني کي هڪ سا ل جي عادت ٺاهي جڏهن ته ٻئي سال انهيءَ ئي مهيني کي حرمت وارن مهينن ۾ شمار ڪيو. اسلام جا مهينا اهي آهن جيڪي الله تعاليٰ مقرر ڪيا آهن ۽ جن جو الله جي ڪتاب ۾ به ذڪر ٿيل آهي، يعني سال ۾ مهينن جو تعداد ٻارهن آهي. انهن ٻارهن مهينن ۾ چار مهينا حرمت وارا (ماهه حرام) اهن ۽ انهن چئن مهينن ۾ ٽي مهينا محبوب آهن. (يعني گڏ آهن) ذي القعد، ذي الحج ۽ محرم مهينا آهن جڏهن ته چوٿون مهينو رجب اهي جيڪو جمادي الثاني ۽ شعبان جي وچ ۾ آهي.
اي انسانو! ”هاڻي مان اوهان جي عورتن جي باري ۾ گفتگو ڪريان ٿو، توهان جون عورتون توهان تي حق رکن ٿيون ۽ اوهان به انهن تي حق رکو ٿا. انهن تي فرض آهي ته توهان جي عزت جي حفاظت ڪن ۽ جن کي اوهان پسند نٿا ڪريو انهن کي گهر ۾ اچڻ نه ڏي. جيڪڏهن هو پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪن ته الله توهان کي اجازت ڏني آهي ته انهن کان پاسو ڪريو ۽ بوقت ضرورت سزا به ڏيو. پر شدت سان نه، جيڪڏهن اهي پنهنجا فرض بخوبي ادا ڪن ته انهن لاءِ سٺي خوراڪ ۽ مناسب لباس ڏيو. مان اوهان کي نصيحت ٿو ڪريان ته پنهنجي عورتن سان سٺو سلوڪ ڪريو ۽ انهن سان شفقت ۽ مهربانيءَ سان پيش اچو. توهان جون عورتون توهان وٽ الله جي امانت آهن ۽ توهان کي هي اجازت آهي ته الله جي حڪم جي مطابق شرع دين جي مطابق انهن سان نڪاح ڪريو ۽ هميشه الله کان ڊڄندا رهو.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن هڪ دفعو ٻيهر فرمايو، ”ڇا مان پنهنجو فرض پورو ڪري چڪو آهيان؟ اي الله تون ئي فيصلو ڪر ته جيڪا ذميواري تون مون مٿان رکي اها منزل تي پوري پهتي يا نه؟“
سڀني مسلمانن هڪ زبان ٿي وڏي آواز سان رسول ﷺ خدا کي جواب ڏنو ته ”يارسول الله ﷺ اسين شاهدي ڏيون ٿا ته اوهان پنهنجو فرض پوري طرح نڀائي ڇڏيو آهي.“
اي انسانو! جن ايمان آندو ۽ اسلام قبول ڪيو آهي پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ هڪ ڀاءُ جو مال ٻئي ڀاءُ جي هٿ کان محفوظ هئڻ گهرجي، هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جي مال ۾ دست اندازي نٿو ڪري سگهي، پر هي ته پهريون ان جي رضامندي حاصل ڪري. اي انسانو! مون کان بعد هڪ ٻئي جي جان جا دشمن نه بڻجو ۽ هڪ ٻئي سان لڙائي نه ڪجو پر اسلامي ڀائري جو دامن مضبوطي سان وٺي هلجو. مان هن دنيا کان هليو ويندس ۽ اوهان جي وچ ۾ نه هوندس پر مون کان بعد الله جي ڪتاب ۽ ان جي رسول جي سنت توهان جي رهنمائي ڪندا رهندا ۽ توهانکي گمراهه ٿيڻ کان بچائيندا رهندا، ڇا مان پنهنجو فرض پورو ڪيو يا نه، اي الله تون ئي ٻڌاءِ ته جيڪا ذميواري تو مون تي رکي هئي اها پوري ٿي سگهي يا نه؟“
سموري اجتماع وڏي آواز سان جواب ڏنو، ”اسان گواهي ڏيون ٿا ته اوهان پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي آهي.“
اي انسانو! اوهان سڀني جو رب هڪ آهي ۽ توهان جو ابو ڏاڏو به هڪ آهي، سڀ آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽِيءَ مان ٺاهيو ويو هو، جيئن ته توهان سڀني جو خمير به هڪ آهي ۽ اها آهي مٽي. توهان مان ڪوبه ڪنهن ٻئي تي فوقيت نه ٿو رکي پر الله جي ويجهو اهوئي آهي جنهن جي دل ۾ خدا جو خوف هجي. ڪوبه عرب اها دعويٰ نٿو ڪري سگهي ته هو ڪنهن غير عرب تي برتري رکندڙ آهي حقيقت ۾ مٿاهون اهوئي آهي جيڪو متقي ۽ پرهيزگار هجي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن وري سوال دهرايو ته، ”ڇا مان پنهنجو فرض پورو ڪري سگهيو آهيان يا نه؟“ اي الله تون ئي ٻڌاءِ جيڪا ذميواري تو مون تي رکي اها پوري ٿي يا نه؟“ سڀني مسلمانن هڪ زبان ٿي جواب ڏنو، ”اسين گواهي ڏيون ٿا ته يارسول الله اوهان پنهنجو پورو فرض نڀايو آهي.“
اي انسانو! جيڪو هتي حاضر آهي، منهنجو ڳالهيون انهن ماڻهن تائين پهچائي جيڪو هتي موجود نه آهي ته جيئن سڀني انسانن تائين منهنجي ڳالهه پهچي وڃي. اي انسانو! الله تعاليٰ هر وارث لاءِ ان جي ميراث مان هڪ حصو مقرر فرمايو آهي جيڪو ان کي ضرور ملڻ گهرجي. ان ڪري اهڙي وصيت نه ڪجو جو هڪ کي ان جي حصي کان زياده ملي، جيڪڏهن ڪنهن اجنبيءَ لاءِ وصيت ڪريو ته ياد رکو ته هڪ اجنبيءَ جو حصو جيڪو توهان جو رشتيدار به نه آهي توهان جي ورهاست جي هڪ ٽهائي کان زياده نه هئڻ گهرجي. اي انسانو! ننڍي ٻار جو تعلق ان جي ماءُ سان آهي ۽ جيڪو مرد زنا جي جرم ۾ اچي ان کي سنگسار ڪيو وڃي. جيڪو شخص پنهنجي پيءُ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پيءُ چوي يا ڪوئي پنهنجي مالڪ کان علاوه ٻئي کي مالڪ سمجهي ته اهڙو شخص الله جي لعنت ۾ هوندو. فرشتا ۽ انسان به ان تي لعنت ڪندا رهندا ۽ قيامت جي ڏينهن اهڙي شخص جو ڪوبه فديو قبول نه هوندو.“
آخر ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن اسلام عليڪم يعني ”توهان تي امن ۽ سلامتي هجي.“ جي لفظن سان پنهنجو خطبو ختم ڪيائون. هن خطبي اتي موجود ماڻهن جي دلين تي گهرو اثر ڪيو. ڪجهه اسلامي تذڪره نويسن لکيو آهي ته ان ڏينهن هڪ لک چاليهه هزار مسلمان جبل الرحمة وٽ جمع هيا ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو آواز ٻڌي رهيا هئا. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن خطبي فرمائڻ ۾ مصروف هئا ته اتي موجود مسلمان وڏي اواز سان پاڻ ﷺ جن جا لفظ دهرائيندا رهيا، خاص طورتي جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي فرض جي نڀائڻ جي باري ۾ سوال ڪن پيا ۽ سڀئي موجود ماڻهو ”من حيث المجموع“ جواب ڏين پيا ته اهڙو روح پرو منظر وجود ۾ اچي پيو جيڪو دلين ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏي پيو. جڏهن هڪ لک چاليهه هزار مسلمان هڪ زبان بڻجي جواب ڏين پيا ته ائين لڳي پيو ڄڻ پهاڙن ۽ ريگستانن ۾ ڏڪڻي پيدا ٿيل آهي. جن ماڻهن ان ڏينهن رسول الله ﷺ جن جو خطبو ٻڌو ته اهي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين نه وساري سگهيا ۽ اهي خطبي جا لفظ انهن جي جسم جي ذري ذري ۾ سمائجي ويا.
اڄ جڏهن اسين ان خطبي کي پڙهندا آهيون ائين محسوس ٿيندو آهي ته اها ڳالهه اسان جي زندگي کي سنواري ۽ وڌائي رهي آهي. هن خطبي کي ”حج ابلاغ“ به چوندا آهن ڇو جو انهن حڪمن کان علاوه جيڪو پيغمبر اسلام ﷺ جن پهچائڻ لاءِ سوال ڪري رهيا هئا يعني ”ڇا مون پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي يا نه“ پر اڪثر مسلمان هن خطبي کي حج الوداع خطبي جي نالي سڏيندا آهن ۽ اڄ تائين ان نالي سان مشهور آهي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن جو هي خطبو اسلام ۾ انتهائي اهميت ۽ تمام وڏي عظيم نتيجه خيز ثابت ٿيو ۽ اڄ به سمورن مسلمان پڙهيل لکيل ماڻهن کي هي خطبو زباني ياد آهي ۽ اُهي ان خطبي جي مضمون جي مڪمل واقفيت رکن ٿا.