“هي دين دوکو نٿو ٿي سگهي” خالد بن وليد جو قول
جنگ خيبر پنهنجي عروج تي هئي ته ان وقت حبشه کان ٻه مسافر خيبر پهتا. انهن مان هڪ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو رضاعي ڀاءُ جعفربن ابي طالب رضي الله ۽ ٻيو عمرو رضي الله بن اميه هئا. هي ٻئي شخص انهن مسلمانن ۾ شامل هئا جيڪي پهريون ڀيرو هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي حبشه هليا ويا هئا. انهن ٻنهي جي واپسي کان پوءِ جزيره عرب جو ٻيو ڪوبه مسلمان حبشه ۾ باقي نه رهيو.
فتح خيبر کان پوءِ جيئن ته يهودين کي مختلف رعايتون حاصل ٿيون انهيءَ ڪري انهن پنهنجي عبادت گاهن کي نئين سر کوليو ۽ اڳ وانگر پنهنجي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا. يهويدين جا تمام مقدس ڪتاب ۽ ٻيا اهم ڪاغذ وغيره به جيڪي مسلمانن کي حاصل ٿيا هئا کين واپس ڪيا ويا ۽ مسلمانن سان اهڙا سٺا تعلقات ٿي ويا جو هڪ يهودي عورت اعلان ڪيو ته مان پنهنجي هٿن سان کاڌو پچائي پيغمبر اسلام ﷺ جن ڏانهن روانو ڪندس.
ان عورت جو نالو زينب بن حارث هو ۽ اها سلام بن مشڪم جي گهرواري هئي. ان عورت هڪ گهٽو ڊبح ڪرايو ۽ جيئن ته ان اهو ٻڌو هو ته حضرت محمد ﷺ جن کي ران جو گوشت پسند آهي، ان ڪري ان ٻئي رانون پچائڻ وقت انهن ۾ زهر ملائي ڇڏيو ۽ اهو کاڌو پيغمبر اسلام ﷺ جن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.
جڏهن اهو پڪل گوشت پيغمبر اسلام ﷺ جن کي پيش ڪيو ويو ته ان وقت پاڻ سڳورنﷺ وٽ هڪ صحابي بشير بن براء بن معرور به ويٺو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ ران ان کي پيش ڪئي ۽ ٻيءَ ران مان ٿورو گوشت پٽي پنهنجي وات ۾ وڌو، بشير بن براء به ڏندن سان گوشت جو هڪ ٽڪڙو پٽي چٻاڙي کاڌو، پر پيغمبر اسلام ﷺ جن ان گوشت کي چٻاڙي پوءِ ٿوڪاري ڇڏيو ۽ بشير بن براء کي خبردار ڪندي فرمايائون ته، ”هي گوشت نه کاءُ ان ۾ زهر ملايل آهي.“
بشير بن براء گهٻرائجي ران کي ڦٽو ڪيو پر جيڪو گوشت هو کائي چڪو هو، ان پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ جلدئي سندس موت واقع ٿيو. جڏهن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي جان محفوظ رهي. زينب بن حارث کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کان پڇا ڪئي وئي. ”ڇا رسول الله جن کي زهر ملايل گوشت تو موڪليو هو؟“ ان عورت پنهنجي ڳالهه مڃي ۽ چيائين ته، ”مان اهو سوچي ڪري گوشت ۾ زهر ملايو هو ته جيڪڏهن محمد (ﷺ) خدا جي طرفان موڪليل آهن ۽ الله جا سچا نبي ﷺ آهن ته اهي هن گوشت کي هرگز نه کائيندا ۽ انهن کي ڪوئي نقصان به نه رسندو. پر جيڪڏهن الله جا رسول نه هوندا ته گوشت کائي جان ڏيندا. پر جيئن ته محمد (ﷺ) جن گوشت نه کاڌو ۽ جلدي ٿُڪاري ڇڏيائون، ان ڪري مون کي اهو ثبوت مليو ته هو الله جا رسول آهن.“
ڪجهه عالمن لکيو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن رحلت کان اڳ پنهنجي عزيزن کي ٻڌايو هو ته پاڻ ﷺ جن جي وفات جو سبب اصل اهو زهر آهي جيڪو خيبر ۾ انهن کي ڏنو ويو هو، پر پاڻ ﷺ جن گوشت کاڌو نه هو جلدي چٻاڙي ڦٽو ڪيو هو. دراصل گوشت جي رس جو اثر جسم ۾ ضرور هيو. جنهن پاڻ سڳورنﷺ جن جي صحت تي اثر ڪيو ۽ زهر جي نتيجي ۾ خدائي سڏ کي لبيڪ فرمايائون. ڪجهه علماءَ اها راويت به ڪن ٿا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن به شهادت جو درجو ماڻيو ڇو ته دشمن جي طرفان ڏنل زهر جي نتيجي ۾ علالت ۽ رحلت جو سبب بڻيا ۽ خدائي سڏ کي لبيڪ چيائون.
بهرحال هي بيان پهريون به ٿي چڪو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن سن 628ع هجرت جي ڇهين سال پنهنجي ساٿين سان عمري تي وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ انهيءَ ئي مقصد تحت مڪي روانا ٿيا پر مڪي جي بت پرستن حديبيه جي مقام تي سندن رستو روڪيو ۽ مسلمانن کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو پر انهيءَ جڳهه تي مسلمانن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ ڏهه سالن تائين جنگبندي جو معاهدو ٿيو. ان معاهدي جي هڪ شق ۾ هيو ته مسلمان ايندڙ سال خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ مڪي اچي سگهن ٿا ۽ اهو شرط لکيو ويو ته مسلمان مڪي ۾ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ نه رهندا. جيئن ته ايندڙ سال سن 629ع ۽ هجرت جي ستين سال پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي ٻن هزار صحابين سان گڏ عمري جي غرض سان مڪي روانا ٿي ويا.
جيئن ته سڀ مسلمان زيارت جي غرض سان مڪي وڃي رهيا هئا، ان ڪري انهن وٽ تلوار کان سواءِ ٻيو ڪوبه هٿيار نه هو. اهو ذڪر اڳ ۾ به ٿي چڪو آهي ته ان زماني ۾ تلوار جنگي هٿيار نه پر عربن جي لباس جو حصو سمجهي ويندي هئي. پر ان جي باوجود جڏهن مسلمان مڪي ۾ داخل ٿيا ته قريش وارا ڊڄي مڪي کان ٻاهر هليا ويا ۽ ڀرپاسي جي پهاڙن ۽ خاص طورتي اهڙن پهاڙن تي هليا ويا جيڪي خانه ڪعبه جي بلڪل سامهون هيا، ته جيئن اتان بيهي مسلمانن جي عمره جو نظارو به ڏسي سگهن.
قريش وارن جو مڪي کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو هڪ سبب هي به هو ته انهن کي اهو ڀؤ ٿيو ته متان مسلمان مڪي ۾ داخل ٿي انهن تي حملو ڪن ۽ قتل عام نه ڪري ڇڏن. ٻئي طرف پيغمبر اسلام جن به احتياطي تدبير طور مڪي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هڪ سؤ سپاهي حفاظت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا، جن جي قيادت محمد بن مسلمه رضي الله جي حوالي ڪئي وئي. هي دستو هڪ سپاهين جو ”مرالظهران“ جي نالي جڳهه تي بيهاريو ويو ۽ انهن کي هر وقت خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي. محمد بن مسلمه رضي الله پنهنجي ساٿين سان مرالظهران جي هڪ پهاڙيءَ تي چڙهي مڪي جي نگراني ڪري سگهي پيو. پيغمبر اسلام ﷺ جن کيس هي به هدايت فرمائي ته اي محمد بن مسلمه رضي الله جيڪڏهن تون ڏسين ته بت پرست اسان تي حملو ڪري چڪا آهن ته ان وقت پنهنجي ساٿين سميت اسان جي مدد لاءِ اچجانءِ نه ته اسان جي واپس ٿيڻ تائين اتي ئي رهجانءِ.
بت پرست جيڪي ڀروارن پهاڙن تان مسلمانن جي مڪي ۾ داخل ٿيڻ جو نظارو ڏسي رهيا هئا،انهن جو اخلاص ۽ اتحاد، نظم و ضبط کي ڏسي ششدر ٿيا. ڪاري رنگ جو بلال رضي الله جنهن کي ڪنهن ڏينهن ان جا هٿ پير ٻڌي مڪي جي ساڙيندڙ واريءَ تي سج جي تيز شعاعن هيٺ موت جي رحم ڪرم تي ليٽايو ويو هو، اڄ خانه ڪعبه جي بلنديءَ تي بيهي آذان ڏئي رهيو هو. جڏهن مڪي جي فضائن ۾ بلال رضي الله جو آواز گونجيو، ”الله اڪبر لاالــٰھ الالله“ ته جيڪي مڪي وارا ويجهين پهاڙين تي بيٺا هئا، تمام لرزجي ويا. انهن کي اها توقع هئي ته خانه ڪعبه جا وڏا بت آسمان کي کڻي مسلمانن جي مٿان اڇلائيندا يا پٿرن جي بارش وسائي انهن کي ڍير ڪري ڇڏيندا، پر مسلمانن کي ڪوبه ناگواره واقعو پيش نه آيو ۽ نه ئي ڪا پٿري آسمان تان ڪري. پر اهو ضرور ٿيو ته مڪي جي فضائن ۾ پهريون دفعو پر زور آواز ۾ ”الله اڪبر“ جي ڪفر کي ڪٽڻ وارا الفاظ گونججي ويا.
جڏهن مسلمان احرام ٻڌي پنهنجي پيغمبر اسلام ﷺ جن سان گڏ خانه ڪعبه جو طواف ڪري رهيا هئا ته انهن جي اکين مان محبت جا ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا، ايتري قدر جو عمر رضي الله بن خطاب جيڪو انتهائي مضبوط دل ۽ مضبوط ارادي وارو انسان سمجهيو ويندو هو بي اختيار ٿي وڏي آواز ۾ روئي رهيو هو. دراصل مسلمانن جي دل وڏي عرصي کان تڙپي رهي هئي ۽ قريش وارن جي غلط پابندين جي ڪري ايترا مايوس ٿي چڪا هئا جو کين يقين نه پيو ٿئي ته خانه ڪعبه جي زيارت ڪري رهيا آهيون.
بهرحال عمري جي ادائگي کانپوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن قريش وارن سان انساني همدردي وڌائڻ خاطر مڪي جي انتهائي مشهور خاتون کي پنهنجي نڪاح ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيائون ۽ اهڙي طرح بيبي ميمونه بنت حارث پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حرم ۾ داخل ٿي وئي. بيبي ميمونه پيغمبر اسلام ﷺ جن چاچي حضرت عباس رضي الله جي سالي هئي، حضرت محمد ﷺ جن جو ساڻس نڪاح هن وقت تمام انتهائي اهم قدم هو، ڇو جو سندس اٺ ڀينر هيون جيڪي مڪي جي تمام وڏن ۽ بااثر ماڻهن جون گهرواريون هيون.
ٽي مشهور اسلامي ليکڪ ابن هشام، زفحشري ۽ ابن حبيب لکن ٿا ته جيڪڏهن ڪوبه شخص بيبي ميمونه سان شادي ڪري ها ته ان جو خودبخود سڀني مڪي وارن سان تعلق ڳنڍجي وڃي ها. هو اهو به لکي ٿو ته بيبي ميمونه جي والده ”هند“ جزيره عرب جي عورتن ۾ سڀ کان اُچو مقام رکندي هئي. پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ بيبي ميمونه جي شادي مان هڪ اهو فائدو به حاصل ٿيو ته مڪي جي نامور سردار خالد بن وليد به پاڻ ﷺ جن جا رشتيدار بڻجي چڪا. خالد بن وليد بيبي ميمونه جو ڀاڻيجو هو ۽ حضرت ميمونه ان جي پنهنجن ٻچن وانگر پالنا ڪئي هئي، ان ڪري جڏهن بيبي ميمونه پيغمبر اسلام ﷺ جن جي زوجيت ۾ آئي ته خالد بن وليد هڪ طرح سان پاڻ ﷺ جن جي فرزندگيءَ ۾ اچي ويو.
هن شادي سان پيغمبر اسلام ﷺ جن جو اصلي مقصد هي هيو ته قريش جي بزرگن کي کاڌي جي دعوت پيش ڪئي وڃي ۽ انهن کي چيو وڃي ته مسلمانن سان هڪ ئي دسترخوان تي ويهي کاڌو کائڻ ۽ وليمي جي دعوت پاڻ ۾ ملي ويهڻ جو بهترين ذريعو هئي.
بهرحال عمري جي ٻئي ڏينهن تي دعوت جو بندوبست شروع ٿي ويو. پر مڪي وارا اڃان تائين پهاڙين تي هئا ۽ انهن کي هيٺ لهي مڪي ۾ داخل ٿيڻ جي همت نه پئي ٿئي. مسلمانن جي مذهبي جذبي، حضرت بلال رضي الله جي آذان ۽ نماز جي وقت مسلمانن جو مصبوط صفون ڏسي انهن تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي چڪي هئي. ان ڪيفيت جو اثر ايترو ته زياده هو جو پهاڙن تي بيٺل مڪي جي نامور سردار خالد بن وليد پنهنجي ساٿين کي چيو: ”مون کي مڃڻو پوي ٿو ته هي دين جنهن کي مڃڻ وارا ايترا پرخلوص صاف دل سان مڃن ٿا ته هي ڪوبه دوکو نٿو ٿي سگهي. هي منظر ڏسي هڪ بيعقل انسان به سمجهي سگهي ٿو ته جيڪي ماڻهو محمد (ﷺ) جا پيروي ڪندڙ آهن، اهي ان تي پختو يقين رکن ٿا ۽ جيڪڏهن ان جي دين ۾ ذرو به کوٽ هجي ها ته ماڻهو ايتري محبت ۽ والهانه انداز ۾ ان جا پيروڪار نه بڻجن ها.“
بهرحال مڪي ۾ ٽي ڏينهن رهڻ وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن سوچيو ته قريش کي دعوت ڏيڻ لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي موڪليو وڃي ته جيئن هو قريش جي معتبر ماڻهن کي چوي ته اهي پهاڙين تان لهي پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ بيبي ميمونه جي وليمي ۾ شرڪت ڪن. پر ان کان اڳ جو اهو قاصد روانو ٿئي، قريش جو هڪ وفد مڪي ۾ داخل ٿيو ۽ سڌو پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ اچي پهتو. ان وقت ان وفد جي اڳواڻي عبدالعزيٰ نالي هڪ شخص ڪري رهيو هو.
”عزيٰ“ جيئن ته بيان ٿي چڪو آهي ته خانه ڪعبه ۾ ٽن وڏن بتن مان هڪ هو ۽ مڪي وارا عبدالعزيٰ وانگر عبدالات ۽ عبدالمنات جهڙا نالا به رکندا هئا. ڇو جو لات ۽ منات به انهن جي مشهور بتن ۾ شمار ٿيندا هئا. ائين به هيو ته مڪي وارا الله کي به سڃاڻندا هئا ۽ الله جي به لات ۽ منات وانگر پوجا ڪندا هئا. اسان کي اها خبر آهي ته اسلام کان اڳ حضرت محمد ﷺ جن جي والد صاحب جو نالو عبدالله هيو پر مڪي وارن جي نظر ۾ الله کي ٻين وڏن ”خدائن“ تي فوقيت نه هئي ان ڪري هو الله کي حضرت ابراهيم جو الله سمجهندا هئا ۽ ان جو احترام به ڪندا هئا.
بهرحال جڏهن عبدالعزيٰ پنهنجي وفد سان پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ پهتو ته ان ڏٺو ته پاڻ ﷺ جن ٻين مسلمانن سان گڏجي دعوت جو بندوبست ڪري رهيا آهن. وفد جي سربراه کي جڏهن اهو معلوم ٿيو ته دعوت جو بندوبست ان لاءِ ڪيو وڃي ٿو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي نڪاح تي وليمو ڪيو وڃي ۽ قريش کي شرڪت جي دعوت ڏني وڃي ته ان بنا دير چيو ”يا محمد (ﷺ) توهان پنهنجي ساٿين سان گڏجي مڪي مان جلدي نڪري وڃو ڇو جو معاهدي جي تحت توهان صرف ٽي ڏينهن مڪي ۾ ترسي سگهون ٿا ۽ اڄ اها مهلت ختم ٿي رهي آهي.“
انهيءَ ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن معاهدي جو مان رکندي دعوت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري، انهيءَ ئي ڏينهن پنهنجي ساٿين سان گڏجي مديني ڏانهن روانا ٿيا. اڃان مسلمان مڪي کان پري نه ويا هئا ته خالد بن وليد جيڪو هاڻي بيبي ميمونه جي نسبت سان پيغمبر اسلام ﷺ جن جو ويجهو رشتيدار بڻجي چڪو هو، مڪي مان نڪري اچي مسلمانن جي قافلي سان مليو. ان مسلمان ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ اسلام قبول ڪيائين. بعد ۾ خالد بن وليد هڪ بهادر مسلمان سپھ سالار جي حيثيت سان بهادري ۽ شجاعت جا اهي جوهر ڏيکاريا جو پيغمبر اسلام ﷺ جن کيس ”سيف الله“ جي لقب سان نوازيو، جنهن جو مطلب آهي ”الله جي تلوار.“ حضرت علي رضي الله کان بعد جن کي ”اسدالله“ جي لقب سان نوازيو ويو ٻيو ڪوبه مسلمان ان مقام تي پهچي نه سگهيو، جنهن کي خالد بن وليد رضي الله وانگر ”سيف الله“ جي لقب سان نوازيو وڃي ها. جڏهن خالد بن وليد رضي الله مسلمان ٿيڻ جي غرض سان مسلمانن جي طرف وڃي رهيو هو ته ان کي رستي ۾ هڪ ٻيو ماڻهو به مليو جيڪو ملڪ حبشه کان اچي رهيو هو. ان شخص جو نالو ”عمرو بن العاص“ هو، جيڪو اسلام قبول ڪرڻ جي لاءِ اسلامي قافلي جي تلاش ۾ هو.
جيئن ته هي بيان ٿي چڪو آهي ته صلح حديبيه جي مطابق جيڪڏهن مڪي جو ڪو شهري قريش جي اجازت کان سواءِ مسلمانن سان اچي ملي ته مسلمان ان شخص کي قريش جي حوالي ڪري ڇڏيندا. پر جڏهن خالد بن وليد رضي الله جهڙو شخص مسلمانن سان گڏجي ويو ته قريش وارن کي ان جي گهر ڪرڻ جي جرائت ئي نه ٿي سگهي. ڇو ته انهن کي اهو احساس ٿي چڪو هو ته هاڻي اسلام اڳي کان زياده هر دلعزيز ۽ مضبوط ٿي چڪو آهي.
مسلمانن کي مديني ۾ پهچڻ کان پوءِ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو خالد بن وليد رضي الله ۽ عمرو بن العاص رضي الله جن جي اسلام قبول ڪرڻ کان به وڌيڪ تعجب ۽ توجه وارو هئو ٿيو هئين جو مڪي جي لشڪر جو سپھ سالار ۽ قريش جو وڏ ۾وڏو سردار ابوسفيان جيڪو پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ملاقات جي غرض سان مديني آيو.
ابوسفيان بغير فوج جي اڪيلو ئي مڪي کان مديني روانو ٿيو ۽ اهڙي شهر ۾ داخل ٿيو جتان جا سڀ ماڻهو مسلمان هئا، پر هو ان شهر ۾ داخل ٿيڻ سان خوفزده نه ٿيو ڇو جو هڪ ته صلح حديبيه پوري طاقت سان قائم هيو ۽ هو ڄاڻي پيو ته جيستائين معاهدو برقرار آهي مسلمان ان کي ڪجهه به نه چوندا، ٻيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ذاتي صفتن کان بخوبي واقف هو. اهو ڄاڻي پيو ته پاڻ ﷺ جن امين جي نالي سان مشهور آهن، ان کان علاوه رحم ۽ مروت، اخلاق ۽ محبت ۾ پاڻ ﷺ جن جو ڪوبه مٽ نه آهي ۽ ٽيون سبب اهو هو ته ابوسفيان اڪيلوئي مديني ڏانهن هليو ته ان جو اڪيلو اچڻ هڪ طرح جي پناهه وٺڻ هو ۽ عرب قبيلن ۾ پناهه گهرڻ واري جي جان ۽ مال نه صرف محفوظ هوندو هو پر ان جي حفاظت جي لاءِ به جان جي بازي لڳائي ڇڏيندا هئا. پر ابوسفيان مديني ڇو آيو ان جو تفصيل پيش ڪجي ٿو؛
صلح حديبيه جي مطابق اهو طئي ٿيو هو ته ٻئي ڌريون جنهن سان به چاهن اتحاد ڪن ۽ جنهن سان چاهن مقابلو ڪن. پوءِ هڪ ڌر جڏهن ڪنهن قبيلي يا قبيلن سان لڙائي ڪري ته ٻي ڌر دشمن جي حمايت نه ڪندي ۽ بلڪل آزاد بي طرف رهندي. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ مسلمانن جو اتحادي قبيلو خزاعي، قبيلي بنو بڪر جي طرفان جارحيت جو نشانو بڻيو. ان سلسلي ۾ اها ڳالهه مشهور ٿي چڪي هئي ته مڪي جي حڪمرانن نه صرف بنوبڪر کي هٿيار ڏنا ۽ سپاهي موڪليا پر ان ڳالهه جو به ثبوت موجود هو ته قبيلي بنوبڪر قريش جي مدد ۽ اشاري سان خزاعي قبيلي تي حملو ڪيو آهي. جيئن ته مڪي وارن جي بنوبڪر سان مدد ڪرڻ حديبيه جي معاهدي جي ظاهري خلاف ورزي هئي. پر مڪي جي سردارن ان وقت تائين ان ڳالهه کي ڪابه اهميت نه ڏني جيستائين خيبر مسلمانن جي هٿان فتح نه ٿيو. جڏهن خيبر تي مسلمانن جو پورو قبضو ٿي چڪو ته جزيره عرب جي اتر ۾ هڪ تمام وسيع زمين جي خطي تي مسلمانن جو قبضو قائم ٿي ويو ته ان وقت مڪي جي سردارن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ انهن ۾ خوف ڦهلجي ويو، انهن جي ذهنن تي اهڙي ته دهشت جي ڪيفيت طاري ٿي وئي جو انهن کي مسلمانن جي گهوڙن جي ٽاپن جو آواز هردم پنهنجي ويجهو ايندي محسوس ٿيڻ لڳو. ان ڪري ان گهٻراهٽ کي دور ڪرڻ لاءِ ابوسفيان مديني پهتو ته جيئن اندروني اختلاف ختم ڪيا وڃن.
مديني پهچڻ کان پوءِ ابوسفيان پنهنجي نياڻيءَ ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواريءَ ام حبيبه جي گهر ۾ داخل ٿيو، جڏهن ابوسفيان اُم حبيبه جي گهر ۾ قدم رکيو ته ان گهر ۾ وڇايل چادر ويڙهي ورتي. ابوسفيان کي پنهنجي ڌيءَ جي ان عمل تي حيرت ٿي ۽ پڇيائين، ”تون اها چادر ڇو ويڙهي ڇڏي؟“ ام حبيبه پنهنجي پيءُ کي جواب ڏنو ته ان چادر تي پاڻ رسول الله ﷺ جن ويهندا ۽ آرام فرمائيندا آهن، توجهڙو بت پرست ان چادر تي ويهڻ جي لائق نه آهي، جيئن ته ابوسفيان بيٺي بيٺي پنهنجي ڌيءَ کي اها درخواست ڪئي ته هوءَ پنهنجي مڙس کي سفارش ڪري ته جيئن ٻن قبيلن ۾ جيڪو تنازع هلي رهيو آهي، اهو خير خوشيءَ سان حل ٿي وڃي.
بيبي ام حبيبه جواب ڏنو ته مان ان سلسلي ۾ تنهنجي مدد نٿي ڪري سگهان، تون خود رسول الله ﷺ جن سان وڃي مل ۽ پنهنجو مسئلو پاڻ ﷺ جن جي سامهون بيان ڪر. ابوسفيان پڇيو ته، ”پاڻ ﷺ جن هن وقت ڪٿي آهن“ اُم حبيبه جواب ڏنو مسجد ۾.
ابوسفيان جڏهن مسجد پهتو، تڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن ان سان وڏيءَ خوش اخلاقي سان پيش آيا. ان کي پاڻ وٽ ويهڻ لاءِ جاءِ ڏنائون ۽ فرمايائون ته: ”ڇا مون ۾ ڪو ڪم آهي؟“
ابوسفيان چيو، ”ها اي محمد! (ﷺ) مان ان لاءِ هتي آيو آهيان ته قبيلي بنوبڪر ۽ خزاعي جي وچ ۾ تنازعو پيش آيو آهي، ان جي باري ۾ اوهان سان گفتگو ڪريان.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن پڇا ڪئي ته: ”ڇا چوڻ چاهين ٿو؟“ ابوسفيان چيو، ”مان هي چوڻ آيوآهيان ته قبيلي بنوبڪر ۽ خزاعي جي وچ ۾ جيڪا لڙائي هلي ٿي ان ۾ مڪي وارن بنوبڪر وارن جي مدد يا حمايت نه ڪئي آهي... پر جيڪڏهن اوهان ائين سمجهو ٿا ته اسان قبيلي بنوبڪر جي مدد ڪئي آهي ته اسين قبيلي خزاعي جو نقصان ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن جواب ۾ فرمايو: ”جيڪڏهن توهان بنوبڪر جي حمايت يا مدد نه ڪئي آهي ته پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي! اسان توهان کان نقصان جي گهر نه ڪنداسين.“
ابوسفيان ڪوئي سوال يا جواب نه ڪري سگهيو ۽ پنهنجو اندروني فڪر ۽ بي چيني لڪائي، انهيءَ ئي ڏينهن مديني مان نڪري روانو ٿيو.