مذهب

حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

رسول الله ﷺ جن جي بيماري

رسول الله ﷺ جن جي بيماري

مديني پهچڻ کان پوءِ هڪ مهيني تائين پيغمبر اسلام ﷺ جن جي صحت بلڪل ٺيڪ رهي، ان کان پوءِ پاڻ سڳوراﷺ بيمار ٿي پيا. پاڻ ﷺ جن جي بيماريءَ جي اهڙ ي نوعيت هئي جو اڙيو ٽڙيو گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ۽ مسجد ۾ وڃي نماز ادا ڪندا هئا. جن ڏينهن ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن بذات خود مسجد ڏانهن نه اچي سگهندا هئا ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله امامت جا فرض انجام ڏيندا هئا، جڏهن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله مسجد ۾ قرآن مجيد جي تلاوت ڪندا هئا ۽ پاڻ سڳوراﷺ گهر ۾ انهن جو آواز ٻڌندا هئا ته اٿي ويهندا هئا ۽ پاڻ ﷺ جن به مسجد ۾ ٿيندڙ آيتن جي تلاوت کي دهرائيندا هئا.
جيستائين پيغمبر اسلام ﷺ جن ٻين جي مدد سان هلي سگهندا هئا ته مسجد ۾ ايندا رهندا هئا، جيتوڻيڪ پاڻ ﷺ جن ٻن ماڻهن جي سهاري سان اچڻ ۾ مجبور هئا تڏهن به مسجد ڏانهن ضرور ايندا هئا ۽ عام مسلمانن سان ملاقات به ڪندا هئا. هڪ ڏينهن پيغمبر اسلام ﷺ جن عام مسلمانن سان گفتگو ڪندي فرمايو، ”اي ڀائرو تمام جلدي هڪ شخص جيڪو توهان کي تمام گهڻو چاهيندو آهي، توهان وٽان هليو ويندو.“ جيڪي ماڻهو مسجد ۾ حاضر هئا، پاڻ ﷺ جن جا اهي لفظ ٻڌي بي اختيار روئڻ لڳا. ڇو ته هو انهن لفظن جو مطلب سمجهي چڪا هئا ۽ محسوس ڪيائون ته جيڪو انهن کي وڌيڪ چاهيندو آهي، انهن وٽان هليو ويندو، اهو انهن جو محبوب پيغمبر ئي آهي. حضرت محمد ﷺ جن انهن کي دلاسو ڏنو ۽ فرمايائون ته نه روئو، اسان سڀ خدا جي ذات اڳيان بيوس ۽ سندس ٻانها آهيون.
جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي طبيعت صحيح هوندي هئي ته رات جي وقت پنهنجي گهر کان نڪري قبرستان جنت البقيع جي طرف روانا ٿي ويندا هئا، جتي ڪجهه مسلمانن خاص طورتي جنگ احد جي شهيدن جون قبرون هيون. پيغمبر اسلام ﷺ جن ساري رات قبرستان ۾ گذاريندا هئا ۽ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته جڏهن پاڻ ﷺ جن جنگ احد جي شهيدن جي قبرن وٽ پهچندا هئا ته ڪهڙيءَ سوچ ۾ پئجي ويندا هئا. پر جڏهن به مسجد ويندا هئا ته عام مسلمانن کي به چوندا هئا ته ڀائرو ۽ ڀينرو جيڪڏهن ڪنهن کي به مون منجهان شڪايت يا ڪا زيادتي ٿي هجي ته مان ان جي بدلي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪو به مون کان قصاص وٺڻ چاهي، وٺي سگهي ٿو. جيڪڏهن مون ڪنهن کي ماريو آهي ته اهو اچي مون کان بدلو وٺي، مان اهي زخم کائڻ لاءِ پنهنجي پُٺي حاضر ڪريان ٿو.
پيغمبر اسلام ﷺ جن جو گهر جتي پاڻ زندگيءَ جون آخري گهڙيون گذاريون. مدينه مسجد جي ويجهو هو. هي هڪ منزل گهر گرمين جي موسم ۾ تمام گهڻو تپي ويندو. گهر جي چوگرد آڳر هيو، جتي ڪجهه ٻڪريون چرندي نظر اينديون هيون. هڪ ڏينهن صبح جي وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حالت تمام بگڙي وئي. پاڻ ﷺ جن پنهنجي عزيزن کي فرمايو ته هو وڃن ۽ مديني جي ستن مختلف کوهن جو پاڻي کڻي اچن. پيغمبر اسلام ﷺ جن جا عزيز پاڻي جي تلاش ۾ نڪتا ۽ ستن کوهن جو پاڻي ستن ٿانون ۾ کڻي حاضر ٿيا. پاڻ سڳورنﷺ هر ٿانو مان هڪ هڪ ڍُڪ ڀريو، پوءِ ڪجهه دير کان بعد پاڻ ﷺ جن فرمايو ته طبيعت بهتر ٿي چڪي آهي ڪتاب جو مصنف ”ڪونسٽن ويرزيل“ لکي ٿو ته مان پنهنجي يورپ جي باشندن کي پاڻيءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ گهران ٿو ته ان ڳالهه تي تعجب ٿيڻ نه گهرجي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن ڇا جي ڪري ستن کوهن جو پاڻي گهرايو ۽ پنهنجو پاڻي سان علاج ڪيو. ان ڳالهه جو سبب هي آهي ته هڪ عرب جي نظر ۾ پاڻي ئي ان جي بهترين دوا آهي. پاڻي جي اهميت هڪ عرب ئي ڄاڻي سگهي ٿو جيڪو ساري عمر خشڪ سالي ۾ گذاري ٿو، پاڻيءَ جو اسان کي ڪهڙو قدر جو هتي تمام گهڻي مقدار ۾ هر هنڌ پاڻي موجود آهي ۽ ان ڪري اسين پاڻيءَ جي قيمت ۽ حقيقي قدر کان لاعلم آهيون. پاڻي هڪ عرب جي نظر ۾ نه صرف ان جي جسم ۽ روح جي غذا اهي پر ان جي سڀني دردن جي دوا به آهي. جزيره عرب ۾ جڏهن ڪو خشڪ سرزمين تي بيمار ٿي پوندو اهي ته ان جو علاج پاڻيءَ سان ئي ڪيو ويندو آهي.
اڄ جي جديد علمي تحقيق سان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته انسان جي ڪيترين ئي بيمارين جو علاج صرف پاڻي سان ڪري سگهجي ٿو. ان طريقي علاج ۾ نزلو، زڪام جهڙين عام بيمارين کان علاوه معدي جو سڀ تڪليفون، بلڊپريشر، دل جي مرض ۽ سرطان جي بيمارين جو علاج پڻ شامل آهي. اها تحقيق آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ هينئر تائين مختلف بين الاقوامي سيمينار به ٿي چڪا آهن.
بهرحال ان ڏينهن جڏهن ستن کوهن جو پاڻي پيئڻ بعد پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي طبيعت ۾ سڌارو محسوس ڪيو ته پاڻ ﷺ مسجد ڏانهن وڃڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ۽ ٻن ماڻهن جي مدد سان مسجد ڏانهن ويا. پيغمبر اسلام ﷺ جن چاهن پيا ته هڪ ڀيرو ٻيهر عام مسلمانن سان ملاقات ڪن. پاڻ ﷺ جن ان ڏينهن به اهي ئي لفظ ورجايا ته جيڪڏهن ڪنهن کي مون مان ڪا شڪايت آهي ته هو پنهنجو اظهار ڪري، مان هر طرح سان ان جي شڪايت دور ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. اي ڀائرو جيڪڏهن مان ڪنهن کي به زخم لڳايو آهي يا ڪنهن جي توهين ڪئي آهي ته اڳتي اچي ۽ پنهنجو بدلو وٺي ۽ ان ڳالهه جو بلڪل خوف نه ڪري ته مون تي زخم لڳائڻ يا منهنجي توهين ڪرڻ سان منهنجي بدنامي ٿيندي. ائين بلڪل نه آهي پر منهنجي نظر ۾ دنيا جي بدنامي آخرت جي رُسوائي جي مقابلي ۾ ڪابه اهميت نٿي رکي. بعد ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته هو پنهنجي يادن کي ڪوشش ڪري موٽائن ته ڇا مان ان کان ڪا اوڌر ورتي آهي؟ جيڪڏهن مان ڪنهن جو قرضدار آهيان ته هو اچي مون کان پنهنجو قرض وصول ڪري، اتي حاضر ماڻهن مان هڪ شخص اٿيو ۽ چيائين ته، ”يارسول الله اوهان مون کان ٽي درهم ورتا هئا“ پاڻ ﷺ جن جلدي ان شخص جو قرض ادا ڪيو، بعد ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن اسامه رضي الله جي باري ۾ گفتگو شروع ڪئي.
اسامه رضي الله زيد بن حارث رضي الله جو فرزند هو ۽ جيئن ته زيد رضي الله شروعات ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو غلام هو پر پاڻ سڳورنﷺ ان کي آزاد ڪري ڇڏيو هو. زيد بن حارث جو تعلق ”بني ڪلب“ قبيلي سان هو. هو اڃان ننڍو هو ته هڪ لڙائي ۾ قيد ٿيو ۽ هڪ شخص حڪيم بن حزام پنهنجي پڦي خديجه بنت خويلد جي لاءِ خريد ڪيو. هي اها خديجه آهي جيڪا چاليهه سالن جي عمر ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري بڻي هئي ۽ ان زيد بن حارث رضي الله کي حضرت محمد ﷺ جن جي حوالي ڪري ڇڏيو، پر پاڻ ﷺ جن نه صرف ان کي آزاد ڪري ڇڏيو پر پنهنجي فرزندي ۾ ورتائون ۽ مڪي جا ماڻهو زيد بن حارث کي زيد بن محمد سڏڻ لڳا. اهو نالو ان وقت تائين عام زبان تي رهيو جيستائين الله جي طرف کان هڪ آيت نازل نه ٿي. اها آيت قرآن مجيد جي 33 سورة ”الاحزاب“ ۾ ارشاد ٿيل آهي. هن آيت ۾ اهو ذڪر ٿيل آهي ته زيد بن حارث رضي الله کي زيد بن محمد ﷺ نه سڏيو وڃي. جيئن ته پيغمبر ﷺ ان کي پنهنجي فرزنديءَ ۾ رکيو آهي. پر هو حضرت محمد ﷺ جو حقيقي اولاد نه آهي، هن آيت ۾ هڪ حصو ان جي باري ۾ نازل ٿيل آهي.
زيد رضي الله بن حارث جنگ موته ۾ شهيد ٿيو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن بيماريءَ جي ڏينهن ۾ ان جي پٽ اسامه رضي الله کي شام جي فوج سان مقابلي ڪرڻ واري اسلامي لشڪر جو سپھ سالار مقرر ڪيو هو، ان وقت اسامه رضي الله جي عمر صرف 21 سال هئي. اها ڳالهه ڪجهه پوڙهن سردارن کي نه وڻي، ڇو ته ان وقت اهي ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي احترام ۾ ڪجهه نه ڪُڇي سگهيا پر بعد ۾ انهن اهو اظهار ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته هي 21 سالن جو نوجوان شام ملڪ جي عظيم لشڪر سان مقابلو ڪيئن ڪندو. الائي ان ۾ سپھ سالاريءَ جي صلاحيت به آهي يا نه؟
پيغمبر اسلام ﷺ جن کي ان ڳالهه جو علم ٿيو ته پاڻ ﷺ جن مسلمانن سان مخاطب ٿي فرمايائون ته مان ان ڪري اسامه رضي الله بن زيد کي سپھ سالار مقرر ڪيو آهي ته هو زيد رضي الله جو پٽ هوندي هڪ بهادر ۽ قابل نوجوان آهي ۽ مان ڄاڻان ٿو ته هن ۾ سپھ سالاريءَ جو مڪمل صلاحيتون موجود آهن.
اسامه رضي الله پيغمبر اسلام ﷺ جن جي رحلت سبب جنگي ڪارروائي مڪمل ڪري نه سگهيو، پر جڏهن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله مسلمانن جو خليفو ٿيو ته انهن به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي فيصلي جي پابندي ڪندي اسامه رضي الله کي لشڪر اسلام جي سپھ سالاريءَ جي ذميواري ڏني ۽ شام جي طرف روانو ڪيائين، اسامه رضي الله شام پهتو، مقابلو ڪيائين، فتح حاصل ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته هن نوجوان تي پيغمبر اسلام جن جو پورو اعتماد هو، شام فتح ٿيڻ سان اسلام لاءِ اسامه رضي الله هن ملڪ جو دروازو کولي ڇڏيو ۽ حضرت عمر رضي الله جي خلافت ۾ شام جو پورو علائقو اسلام جي نگرانيءَ هيٺ اچي ويو.
جنهن ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن اسامه رضي الله جي باري ۾ گفتگو فرمائي ته ان کان بعد انصار جي باري ۾ فرمايائون ته، ”اي مهاجرو، جيڪي مڪي کان هجرت ڪري مديني آيا آهيو، مان توهان کي نصيحت ڪريان ٿو ته انصار سان جيڪي مديني جا اصل رهاڪو آهن انتهائي سٺو سلوڪ ڪريو ڇو ته مون کي انصار تي گهڻو ڀروسو آهي، جڏهن اسين هجرت ڪري مديني آيا هئاسين ته انهن ماڻهن اسان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ ايتري تائين جو جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، ان ڪري انصار کان ڪا خطا ٿي وڃي ته درگذر مان ڪم وٺجو. انصار منهنجي لاءِ منهنجي پوشاڪ مثل آهن. انهن اڄ تائين پنهنجا فرض بخوبي ادا ڪيا آهن ۽ هاڻي انهن تي ڪوبه فرض باقي نٿو رهي، پر توهان تي انهن جو وڏو حق ٿئي ٿو.
اي انسانو! جڏهن مان دنيا کان رخصت ٿي وڃان ته توهان مون کي مٽيءَ جي حوالي ڪريو ته منهنجي قبر جي سامهون سجدو نه ڪجو ڇو ته رڪوع ۽ سجدي جي لائق صرف خدائي وحده جي ذات آهي. ايتري گفتگو فرمائڻ بعد پاڻ سڳوراﷺ مسجد کان پنهنجي گهر جي طرف روانا ٿي ويا ۽ مسجد ۾ موجود مسلمان اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پنهنجي پيغمبر کي ڏسندا رهيا.