مذهب

حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

رسالت جو آغاز

رسالت جو آغاز

ٽن سالن کان بعد هڪ رات جبرائيل غار ۾ حضرت محمد ﷺ جن وٽ آيو ۽ سورة الضحيٰ جي صورت ۾ جيڪا قرآن مجيد جي ٽيانوي سورة آهي، الله جو پيغام آندو. سورة الضحيٰ اها سورة آهي جيڪا پهرئين سورت جي ٽن سالن کان بعد نازل ٿي. دور فترت (وقفو) يا فترت الوحي جي باري ۾ اسلامي مفڪرن ۾ ڪجهه اختلاف راءِ موجود آهي.
ڪجهه مفڪرن جو چوڻ آهي ته فترت جو وقت صرف چند ڏينهن رهيو ۽ زياده کان زياده ڏهه ڏينهن اها وٿي رهي. ڪجهه مفڪرن مطابق فترت جو وقت ڏهه مهينا هيو، جڏهن ته ڪجهه عالمن جو چوڻ آهي؛ جن ۾ ”طبري“، ”بيهقي“ ۽ بخاري شامل آهن، اهي انهيءَ ڳالهه جا قائل آهن ته فترت الوحي ٽي سال جاري رهي هئي.
فترت جي زماني ۾ به حضرت محمد ﷺ هڪ نبي جي حيثيت جا مالڪ هئا ۽ مسلمانن ان مدت کي به ”دور نبوت“ جو نالو ڏنو آهي، پر سورة الضحيٰ جي نازل ٿيڻ کان بعد حضرت محمد ﷺ جن جي زندگي ۾ رسالت جو اعلانيه آغاز ٿي ويو.
نبوت جي دوران حضرت محمد ﷺ جن صرف نبي آهن. جڏهن ته سورة الضحيٰ جي نازل ٿيڻ بعد ”رسول“ بڻجي ويا. رسول يعني الله جو موڪليل يا الله جو نمائندو. نبي يعني جيڪو خبر يا بشارت ٻُڌائي. رسول يعني جيڪو الله جي لکيل قانون کي انسانن تائين پهچائي.
مغربي دانشور نبوت ۽ رسالت جي وچ ۾ فرق کي نٿا سمجهن ۽ انهن ٻنهي لفظن جو هڪ ئي مطلب سمجهن ٿا ليڪن اسلامي علماءِ جو چوڻ آهي ته نبي ان کي چيو وڃي ٿو جيڪو اطلاع يا بشارت ڏي، پر رسول ان کي چيو ويندو آهي جيڪو الله جي لکيل قانون کي ماڻهن تائين پهچائڻ جو فرض نڀائي.
سورة الضحيٰ جيڪا فترت الوحي کان بعد حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿي. هڪ اهڙي خوشي بخشيندڙ سورة آهي. جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر سان محبت جو اظهار ڪيو آهي.
الله کي اها ڄاڻ هئي ته فترت جا (ٽي سال ڏهه ڏينهن) يا ڏهه مهينا حضرت محمد ﷺ جن ڏاڍا غمگين ۽ بيقرار رهيا آهن. ۽ گهڻو وقت سوچ ۽ فڪر ۾ گذاريو آهي. تنهن ڪري الله تعاليٰ کين بي پناهه محبت سان سورة الضحيٰ جي اندر نوازي ڇڏيو آهي. هن سورت جي پهرئين آيت ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر جو قسم کڻي فرمائي ٿو. ”والضحيٰ وليل اذا سجيٰ“ هن طرح جو قسم کڻڻ سواءِ قديم مصر جي مذهبي ڪتابن يا هندستان جي مذهبي ڪتاب ”ويد“، جيڪو ولادت ”مسيح“ کان چار پنج هزار سال اڳ واري دور جو آهي، ٻيو ڪٿي قسمن جو ذڪر آيل نه آهي پر ان ۾ قرآن مجيد جهڙي عمدگي، سادگي ۽ خوش ڪلامي موجود نه آهي.
هتي الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن جي لاءِ ٻن شين جو قسم کنيو آهي. هڪ سج اڀرڻ ۽ ٻيو اونداهي رات جو جن ۾ اعليٰ درجي جي فصاحت ۽ عمدگي موجود آهي. جڏهن اها آيت انسان پڙهندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ موسم بهار جي دل کي راحت ڏيندڙ صبح، جو ساوڪ سان ڀريل، اهڙي سرزمين تي جتي هر قسم جا گل ڦل ٽڙيل هجن؛ سج جي اڀرڻ جو نظارو ڪندو هجي.
هڪ مغربي قاري جيڪو عربي زبان کي نٿو ڄاڻي اهو ” والضحيٰ “ جو سج اڀرڻ طور ترجمو ڪندو پر عربي زبان ۾ ”والضحيٰ“ جو مطلب صرف اهو ناهي، ان جي حقيقي معنيٰ وڏي وسيع آهي.
عربي زبان ۾ ”والضحيٰ“ جو مفهوم هي آهي ”قسم ان وقت جو جڏهن سج جا شعاع افق تي ظاهر هجن ۽ آهستي آهستي اهي ڦهلجندا وڃن جو زمين جو ذرو ذرو سج جي روشنائيءَ سان چمڪي پئي ۽ پوءِ سڄي ڪائنات اکين کي حيران ڪندڙ سج جي روشني سان چمڪي وڃي.“•
”واليل اذا سجيٰ“ هن آيت جو ٻيو قسم آهي، پهرئين قسم وانگر هن جي حقيقي معنيٰ به تمام وسيع آهي ۽ جيڪو عربي زبان جو مفهوم چونڊيل ڪلام جي باري ۾ ظاهر ڪيو وڃي ٿو. سوڪنهن يورپ جي ماڻهوءَ کي ذهن ۾ نٿو ويهي سگهي. هڪ يورپي جڏهن هن ٻئي قسم کي يورپي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ چاهيندو ته هن ريت ڪندو. ”۽ قسم رات جو جڏهن هر جڳهه اونداهي ڇائنجي وڃي.“ پر ”واليل اذا سجيٰ“ جو اهو مطلب نه آهي. ان جو صحيح مفهوم ڪجهه هن ريت آهي. ”قسم ان وقت جو جڏهن اونداهي ٿي ويندي آهي ۽ دنيا اونداهيءَ هيٺ اچي ويندي آهي ۽ هن جهان تي خاموشي ايتري قدر ٿي ويندي آهي جو پري کان ڪنهن چرپر جو آواز به تمام ويجهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.
سچ هي آهي ته هي ترجمو به حقيقت کي پوري طرح ادا نٿو ڪري ۽ جڏهن هڪ عرب هن قسم کي پڙهندو آهي ته ان جي سامهون رات جي انڌاري ۾ جزيرة العرب جو ڪوئي بيابان سامهون اچي ويندي آهي. هو پنهنجي تصور ۾ ڏسندو آهي ته سڄي بيابان ۾ انڌيرو ٿي چڪو آهي ۽ هي آسمان جيڪو تمام وڏي ايراضيءَ واري تنبوءَ جي ڇت وانگر چئني طرفن کان اُفق تي ٻڌل آهي. ڪيترو روشن آهي، آسمان ستارن سان ڀريل آهي ۽ جزيرة العرب جي صاف آسمان تي انهن جي چمڪاهٽ ايتري وڌيڪ آهي جو انسان کي اهڙو گمان ٿي ويندو آهي ته جيڪڏهن هٿ ڊگهو ڪيان ته ستارن کي پنهنجي هٿ ۾ ڪري سگهان ٿو ۽ انڌيري ڇانئيل بيابان ۾ آسمان هيٺان ڪڏهن ڪڏهن تمام پري کان ڪو آواز به ڪنن تائين چٽو پهچندو آهي. ڇو ته هوا به بند ۽ پوري ماحول ۾ خاموشي طاري هوندي آهي ته ائين پيو لڳندو آهي ڄڻ اهو آواز بلڪل ويجهي هنڌ تان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اهڙن بيابانن ۾ جڏهن انسان پنهنجو پاڻ کي اڪيلو سمجهندو آهي ته ڪجهه اهڙي طرح اڪيلائي جي احساس ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. ڄڻ تخليق جي بنياد کان اڄ تائين هن ۽ خاموش بيابان کان علاوه ٻي ڪابه چيز وجود ۾ نه آهي.
اهڙا ۽ ان طرح جا ٻيا خيال جيڪي ”وليل اذا سجيٰ“ کي پڙهڻ کان پوءِ ذهن ۾ اڀرندا آهن. جيڪڏهن مان انهن بابت وڌيڪ لکان ته ڊپ آهي ته پڙهڻ وارا مون کي خيال پرست تصور ڪري ويهندا پر مان جيڪو ڪجهه بيان ڪيو آهي، اهو انهن ٻن قسمن جي مفهوم جي طورتي آهي. انهن جي انتهائي گهرائي تائين پهچڻ جي باري ۾ نه. ڇو ته انهن ٻنهي قسمن جي خوش ڪلامي ۽ عمدگيءَ جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ انسان يا ته عرب هجي يا عربيءَ زبان کي مڪمل ڄاڻندو هجي.
ذڪر ٿيل سورة جي ٽئين آيت ۾ الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي مخاطب ٿي ارشاد فرمايو آهي ”ما ودعک ربک وما قليٰ“ هن آيت جي حقيقي معنيٰ به پهرئين آيت جي ظاهري معنيٰ کان تمام وڌيڪ آهي.
الله تعاليٰ هن آيت ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي ذهن ۾ اُڀرندڙ سوچ جو جواب ڏيندي فرمايو آهي ته اوهان پريشان هئا ۽ هي تصور ڪري رهيا هئا ته الله پنهنجي سڃاڻپ ڏئي مون کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي ۽ اوهان کان پنهنجي دوستي ۽ محبت واپس ڪري ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ ائين هرگز نه آهي. الله اوهان کي هرگز نه ڇڏيو آهي ۽ اوهان بدستور الله جا محبوب آهيو.
ذڪر ٿيل سورة ۾ الله تعاليٰ حضرت محمدﷺ جن جي پريشانيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي تمام خوش ڪري ڇڏيائون. ته جيئن الله تعاليٰ ۽ سندن وچ ۾ جنهن محبت جو بنياد پيو آهي ان ۾ خلل پئجي نه سگهي.