جنگ بدر ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي حڪمت عملي
جڏهن مسلمانن جي طرفان نخله ۾ مڪي جي قافلي تي حملي وارو مسئلو حل ٿي ويو ته ڇهن هفتن گذرڻ بعد اطلاع مليو ته قريش جو هڪ وڏو تجارتي قافلو جنهن ۾ ٻه هزار اُٺ به شامل آهن ۽ ان سان گڏ قافلي وارن وٽ جيڪو سامان آهي ان جي ماليت پنجاهه هزار دينار آهي شام کان مڪي وڃي رهيو آهي. ان دوران اهو مديني جي ڀرسان به گذرڻ وارو آهي. ان وڏي ڪاروباري قافلي جي اڳواڻي ابوسفيان جي هٿ ۾ آهي.
مڪي جي سڀني قريش خاندانن جو ان قافلي ۾ ذاتي مفاد هيو ۽ ان جي پهچڻ جو کين بيچينيءَ سان انتظار هو. ان کا ن پهريان جو اهو قافلو مديني جي حد ۾ پهچي، مڪي جي بازارن ۾ حضرت عبدالمطلب جي هڪ نياڻي هڪ پيشگوئي جو آواز لڳايو ته عنقريب مڪي وارن تي هڪ وڏي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي. اها مصيبت ايندڙ چند ڏينهن جي اندر ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٽن ڏينهن جي اندر واقع ٿئي.
مڪي وارن جي لاءِ جيڪي سڀئي سوداگر هئا، تن لاءِ اها سڀ کان وڏي مصيبت هئي ته هو پنهنجي مال تان هٿ کڻي ڇڏن ۽ منافع کان محروم ٿي وڃن. ڇو ته انهن کي اهو پتو هيو ته عبدالمطلب جي ڌيءَ جون پيشگوئيون گهڻو ڪري صحيح ثابت ٿينديون آهن، ان ڪري انهن کي اهو فڪر ٿي ويو ته متان ائين ٿيو هجي يا ٿيڻ وارو هجي جو اسان جي قافلي کي ڪو حادثو پيش آيو هجي.
مڪي ۾ اهو معمول هيو ته جڏهن ڪوبه تجارتي قافلو تمام وڏي سفر کان موٽندو هو ۽ مڪي جي ويجهو پهچندو هو ته هڪ تيز رفتار ڏاچيءَ سوار ان قافلي جي پهچڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ اچي مڪي پهچندو هو ۽ مڪي وارن کي قافلي جي پهچڻ جي خوشخبري پهچائيندو هو. مڪي ۾ ان ڪم کي ”بالصفا هرڪاره“ چوندا هئا، ان جو اصل سبب اهو هو ته جڏهن اهو هرڪاره ايندو هو ۽ قافلي جي پهچڻ جو اعلان ڪندو هو ته مڪي جون عورتون جيڪي پنهنجي مڙسن جي اچڻ جو انتظار ڪنديون هيون پنهنجي چهري کي صاف سٿرو بڻائينديون هيون ۽ پنهنجي گهرن کي سجائينديون هيون ۽ پنهنجي مڙسن جي انتظار ۾ ويهي رهنديون هيون.
پر جڏهن هن دفعي هرڪاره جي اچڻ ۾ دير ٿي هئي ته مڪي وارا پاڻ ۾ ائين چوڻ لڳا ته جيڪڏهن قافلو معمول جي مطابق مڪي ڏانهن روانو ٿيل هجي ها ته خبر ڏيڻ وارو هن وقت تائين هتي پهچي وڃي ها. يقيناً ڪو اڻوڻندڙ حادثو پيش آيو آهي جو هرڪاره اڃا تائين هتي پهچي نه سگهيو آهي.
مڪي ۾ هڪ اهڙي تنظيم به هوندي هئي، جنهن جو ڪم هيو ماڻهن کي اهم خبرن کان آگاهه ڪرڻ ۽ ان ڪم لاءِ تنظيم وٽ ڪجهه اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي مڪي جي گهٽين ۽ محلن ۾ وڃي وڏي آواز سان ماڻهن کي تازيون خبرون ٻڌائيندا هئا يا اهم واقعن جو اطلاع ڏيندا هئا. جڏهن ان ڏينهن مڪي وارن ماڻهن کي اعلان ڪندڙ خابرو خبر ٻڌائي ته مڪي وارن ڏٺو ته اهو شخص اهڙي اُٺ تي سوار آهي جنهن جو ڪجاؤ پٺيءَ بجاءِ پيٽ هيٺان ٻڌل آهي ۽ اهو شخص اٺ جي پيٽ سان ٻڌل هو. کيس ڪپڙا به اُبتا پهريل هئا، ۽ سندس وار وکريل هئا. اٺ جي ٻنهي ڪنن مان رت وهي رهيو هو ڇو ته اُٺ جا ٻئي ڪن ڪٽيا ويا هئا. سندس شخص جو منهن به مٽيءَ ۾ ڀريل هو ۽ اهڙي ته آواز ۾ رڙيون ڪري چوي پيو ته، ”اي قبيلي وارؤ! اوهان کي خبر هجي ته مڪي جو قافلو خطري ۾ آهي، مسلمانن اوهان جي قافلي کي ڦرڻ جو پڪوپهه ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري اوهان ۾ جيڪو به غيرتمند آهي، تلوار کڻي مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃي. اي مڪي جا دليرو! توهان مسلمانن جو رستو روڪيو نه ته سمورو قافلو توهان جي هٿن مان نڪري ويندو.“
مڪي ۾ اهو رواج هيو ته جڏهن ڪو به اعلان ڪندڙ (هرڪاره) ماڻهن کي بُري خبر ٻڌائڻ چاهيندو هو ته پنهنجي حالت اهڙي بُري بڻائي پوءِ اعلان ڪندو هو جو ڏسڻ وارن کي ڏسڻ سان ئي معلوم ٿي ويندو هو ته اهو ڪا بُري خبر ٻڌائڻ وارو آهي. جڏهن اهو شخص مڪي ۾ برا حال ڪري پهتو ته ڪجهه ٻيا هرڪاره به پنهنجي جسم ۽ منهن کي مٽي هڻي اگهاڙي بدن مڪي جي محلن ۽ گهٽين ۾ نڪري پيا ۽ ڀوائتي آواز سان پهرئين اعلان ڪندڙ جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيائون، انهن کي اگهاڙا خابرو چوندا هئا. انهن جي اها جسم جي ننگائي ۽ گدلائي ان ڳالهه جي علامت هوندي هئي ته عنقريب وڏي مصيبت سِر تي اچڻ واري آهي ۽ اهي اهڙي انداز سان رڙيون ڪرڻ لڳا ڄڻ هنن جي سامهون هتي مسلمان قافلي کي ڦري رهيا آهن. بهرحال انهن جون اهي نشانيون ان مقصد لاءِ هيون ته مڪي وارن کي مسلمانن خلاف ڀڙڪائي پنهنجي قافلي جي حفاظت لاءِ جلد از جلد مڪي کان نڪري پون.
ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ٿوري وقت ۾ نو سؤ پنجاهه جنگي جوان، ست سؤ اُٺن ۽ هڪ سؤ گهوڙن سان مسلمانن جي مقابلي ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي مڪي کان ٻاهر نڪري آيا. مڪي جي مردن کان علاوه شهر جون عورتون جن مڙسن جي اچڻ جو انتظار ڪيو پئي، جنگي ٽولي سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويون ۽ مديني تائين هلڻ لاءِ آماده ٿي ويون. انهن جو چوڻ هو ته اسين جنگي جوانن جي مسلمانن سان مقابلي دوران هر طرح جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
تمام گهڻن اُٺن ۽ تيز رفتار گهوڙن ۽ هٿياربند مردن سان هي فوج مڪي کان نڪتي؛ جنهن جنگي خرچ لاءِ مڪي مان ٿوري وقت اندر ٻه لک پنجاهه هزار درهم چندو به جمع ڪري ورتو هو. ان کان اڳ مڪي جي تاجرن طرفان ٿوريءَ مدت ۾ ايترو چندو اڳ ۾ ڪڏهن به گڏ نه ٿيو. ان جو سبب اهو هو ته مڪي جي تاجرن کي پنهنجي سيڙپ ٻڏي وڃڻ جو ايترو خطرو ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به نظر نه آيو هو جيترو هن موقعي تي. هن وقت انهن کي اهو احساس ٿيو هو ته مسلمانن جي جوابي ڪارروائي انهن لاءِ مشڪل اختيار ڪندي وڃي ٿي. ان ڪري جيڪڏهن انهن سان جلدي منهن ڏيڻ جو قدم نه کنيو ويو ته مڪي جي تجارتي قافلن جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويندو ۽ اهڙي حالت ۾ پنهنجي طاقت به وڃائي ويهنداسين.
هوڏانهن مديني ۾ حضرت محمد ﷺ جن هڪ ٽولي کي تيار ڪيو ته مديني کان رستي ويندڙ قافلا جيڪي مڪي ڏانهن اچن وڃن ٿا انهن جو رستو روڪيو وڃي، حضرت محمد ﷺ جن جو اهو ٽولو ٽي سؤ تيرهن ماڻهن تي ٻڌل هو جيڪي سڀ رضاڪارانه طور تي ان ڪم لاءِ تيار ٿيا. اها ڪارروائي مڪي جي مشرڪن جي خلاف ڪئي وڃي پئي جن مديني جي ناڪه بندي ڪري مديني وارن کي کائڻ پيئڻ جي شين کان به محروم ڪري ڇڏيو هو، ۽ مسلمانن کي دين اسلام تان هٿ کڻڻ لاءِ هر طرح جون ڪارروايون ڪن پيا ته جيئن مسلمان تنگ حال ٿي اسلام کي ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿين.
”انصار“ يعني مديني جي رهاڪن جا ٻه قبيلا هئا. هڪ ”اوس“ ۽ ٻيو ”خزرج“ هر قبيلي پنهنجا ستر ستر ماڻهو حضرت محمد ﷺ جن سان هن موقعي تي ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا اهڙي طرح ٽي سو تيرهن جوانن ۾ هڪ سؤ چاليهه ماڻهو انصارين جا هئا ۽ باقي اهي مهاجر هئا جيڪي مڪي کان هجرت ڪري مديني آيا هئا.
ٽي سؤ تيرهن جوانن وٽ سواريءَ لاءِ صرف ستر اُٺ ۽ ٻه گهوڙا موجود هئا. پيغمبر اسلام ﷺ جن حڪم ڏنو ته هر اُٺ تي ٻه ڄڻا سوار ٿين باقي سڀ پيدل هلن ۽ ڪجهه دير سفر ڪرڻ بعد اهي اٺن سوار لهن ۽ پيادل هلڻ وارن کي اٺن تي سوار ڪيو وڃي ۽ اهڙي طرح اهو سفر جاري رهي. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن ٽي سؤ تيرهن رضاڪارن کي ستر اٺن سان گڏ سفر تي روانو ڪيو ته هي پهريون موقعو هيو جو مسلمانن ڪنهن جنگي مقصد لاءِ گهوڙا به استعمال ڪيا، اهي به صرف ٻه گهوڙا.
هجرت جو ٻيو سال هو ۽ رمضان مهيني جي سترهين تاريخ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي سپاهين سان گڏ مديني کان ڏکڻ اولهه واري حصي ۾ ويهه ڪلوميٽر فاصلي تي وادي بدر وٽ پهچي مڪي وارن جي قافلي جو انتظار ڪرڻ لڳا پر اهو قافلو اتان گذريو ئي نه. ان جو سبب اهو هو جو مديني ۾ نه صرف يهودي زندگي بسر ڪندا هئا پر منافقن جو ٽولو به رهندو هو جيڪو مسلمانن جي نه طرفداري ڪندو هو ۽ نه وري ظاهري مخالفت. انهن ٻنهي ٽولن يعني يهودين ۽ منافقن پنهنجي جاسوسن جي مدد سان مڪي جي قافلي جي سربراهه ابوسفيان کي اها خبر پهچائي ته مسلمان هن قافلي کي روڪڻ جو ارادو رکن ٿا، ان ڪري ابوسفيان پنهنجو رستو تبديل ڪري ڇڏيو. جڏهن رستو ڊگهو هيو پر خطري کان ٻاهر هيو، قافلي پنهنجي سفر جاري رکيو.
تجارتي قافلو ته وادي بدر کان پاڻ بچائي نڪري ويو پر مديني ڏانهن وڌندڙ مڪي جي فوج، جيڪا نو سو پنجاهه سپاهين تي مشتمل هئي تيز رفتار سان بدر جي علائقي ڏانهن وڌي رهي هئي. مسلمانن جي ڪجهه ماڻهن قريش فوج جي اڳيان هلندڙ مان ٻه ماڻهو گرفتار ڪري ورتا ۽ انهن کي پڪڙي حضرت محمد ﷺ جن وٽ وٺي آيا. حضرت محمد ﷺ جن ٻنهي ماڻهن کان پڇا ڪئي ۽ اهو معلوم ٿيو ته مڪي کان مديني ڏانهن، تمام تيز رفتاري سان نو سو پنجاهه جنگي جوان هٿيارن سميت اچي رهيا آهن. پيغمبر اسلام ﷺ جن ٻنهي کي قيدي بڻائي رکيو ۽ مسلمانن کي مخاطب ٿي فرمايائون ته، ”منهنجي خيال ۾ جهڙي ريت مڪي جي قافلي کي اها خبر پهچائي وئي آهي ته قافلو مديني جي ڀرسان نه آندو وڃي، اهڙيءَ ريت مڪي ۾ به اسان جي خلاف لڙائيءَ لاءِ ماڻهن تيار ڪيو ويو آهي. ان ڪري ڪفار مڪي جي نو سؤ پنجاهه سپاهين تي ٻڌل فوج ابوجهل جي اڳواڻيءَ ۾ اسان جي طرف وڌي رهي آهي. اسان هتان مديني موٽي سگهون ٿا پر مديني واپس موٽڻ اسان جي فائدي ۾ نه ويندو. ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪافرن جو لشڪر مديني تي حملو ڪري مسلمانن جو قتل عام ڪري ڇڏي ان ڪري بهتر ائين رهندو ته اسان هن جڳهه تي قريش وارن جو انتظار ڪريون ۽ منهنجي خيال ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ شهر کان زياده هي جڳهه بهتر آهي ۽ هتي ڪاميابيءَ جا بهتر امڪان آهن.“
وادي بدر اهڙو زميني خطو آهي جنهن جو ڪجهه حصو مٽيءَ وارو، ڪجهه پٿريلو ۽ باقي وارياسو آهي. هيءَ وادي ٻن پهاڙن جي وچ ۾ آهي، جنهن جي اوڀر طرف ”العدوة القصويٰ“ پهاڙ ۽ اولهه طرف ”العدوة الدنيا“ نالي پهاڙ آهن. وادي بدر جي ڏکڻ ۾ جيڪو پهاڙي سلسلو آهي ان کي اسفل سڏيو ويندو آهي، جتي پاڻيءَ جا چشمه موجود آهن. مڪي کان ايندڙ قافلا اتي ترسي پاڻي پيئندا آهن. پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پنهنجن سپاهين جي جڳهه تبديل ڪئي. بعد ۾ جڏهن اهو معلوم ٿيو ته قافلو هن طرف نٿو اچي ته پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي جوانن کي ڪوه اسفل جي هيٺان مورچه بندي ڪرائي ته جيئن پاڻيءَ جو ذخيرو سندن اختيار ۾ رهي ۽ دشمنن ان تي قبضو ڪري نه سگهي.
حضرت محمد ﷺ جن جي حڪم مطابق سڀ مسلمان جبل اسفل جي دامن ۾ پاڻيءَ جي ذخيري وٽ پهچي ويا. ان جڳهه تي پاڻ سڳورنﷺ جن ساٿين کي سمجهايو ته اڄ تائين عرب جا ماڻهو عام جنگ کان پهريان انفرادي طرح وڙهندا آيا آهن. يعني هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ پنهنجو هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو سان مقابلو ڪندي اڪيلي سر پنهنجي شجاعت جو مظاهرو ڪندو آهي ته جيئن ماڻهن جي نظر ۾ اچي ۽ کيس بهادر ۽ دلير جي نالي سان سڏيو وڃي. پر اسان هن لڙائيءَ ۾ الله جي لاءِ وڙهنداسين پنهنجي لاءِ نه؛ ۽ اهو الله ئي آهي جيڪو هر هڪ جي دليري ۽ جان قربان ڪرڻ کي ڏسي ٿو. جيڪڏهن اسان ان جي راهه ۾ جان ڏني ته ان جو اُجر به اهو ئي ڏيندو ۽ اسان کي جنت جي حوالي ڪندو. ٻيو هي ته اسان جا سپاهي ڪافرن جي سپاهين جي مقابلي ۾ ٽيون حصو آهن، جيڪڏهن اسان هڪ هڪ ٿي وڙهنداسين ته نقصان ۾ وينداسين ۽ جيڪڏهن گڏجي مقابلو ڪنداسين ته فتح اسان جي ٿي سگهي ٿي.
ان کان بعد حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن کي اهڙي صف بندي جي تربيت ڏني جو ان ڏينهن کان پهريون تقريباً هڪ هزار سال اڳ اسڪندر مقدوني جي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ جنهن کي يوناني زبان ۾ ”فالاثر“ چوندا آهن.
وضاحت: ”فالاثر“ هڪ يوناني لفظ آهي جيڪو خاص طورتي فوجي دستن جو نالو هو. فالاثر دراصل اهڙي جنگي مشق کي چيو ويندو هو، جنهن ۾ سڀئي سپاهي پٺي پٺيءَ سان ملائي صف ٻڌندا هئا، بوقت ضرورت پاڻ ۾ هٿ ملائي دائري جي شڪل اختيار ڪندا هئا. يعني ان صورت ۾ هر هڪ سپاهيءَ جو منهن دشمن ڏانهن هوندو هو، پوءِ دشمن جهڙي پاسي کان به اچي ته هر سپاهيءَ جي سامهون نظر ۾ اچي ويندو هو.
پيغمبر اسلام ﷺ جن جزيره عرب جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اها جنگي حڪمت عملي سيکاري ۽ جنگ بدر ۾ عملي طرح آزمايائون. جنگ بدر ۾ مسلمانن جي شجاعت ۽ دليري کان علاوه جيڪا شيءِ انهن جي ڪاميابيءَ جو سبب ٿي سان اها سندن صف بندي هئي جيڪا حضرت محمد ﷺ جن ساٿين کي سيکاري.
ان ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن اسلامي سپاهين کي جيڪا ”فالاثر“ صف بندي قائم ڪرائي ۽ اها ٽڪنڊي جي شڪل ۾ ڪرائي وئي ۽ ٽنهي ڪنڊن تان ٽي جهنڊا نظر اچي رهيا هئا. دشمن جهڙي به پاسي کان ظاهر ٿئي پيو ته ٽنهي دستن مان ڪنهن نه ڪنهن دستي جي نظر چڙهي وڃي پيو. پهرئين دستي جو جهنڊو حضرت علي رضي الله وٽ هيو جيڪو سفيد رنگ جو هيو، ٻيو جهنڊو مصعب بن عمير وٽ هيو جنهن جو شمار مهاجرين ۾ هيو ۽ ٽيون جهنڊو هڪ انصار سپاهي جي هٿ ۾ هيو. اسلامي تاريخ ۾ انصار سپاهيءَ جو نالو حضرت سعد رضي الله بن معاذ آيل آهي. جنهن وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن سپاهين جي صف بندي کان فارغ ٿيا ته سپاهين کي مخاطب ٿي فرمايو:
”اي مسلمانو! جيڪڏهن توهان فتح حاصل ڪئي ته اوهان جنت ۾ ويندا ۽ جيڪڏهن ان راهه ۾ پنهنجي جان ڏيندؤ ته اوهان کي الله جي راهه ۾ شهادت حاصل ٿيندي پوءِ به اوهان جي لاءِ بهشت انعام ۾ آهي. بهشت ۾ رهڻ وارن مان ڪوبه نه چاهيندو ته وري دنيا ۾ موٽي وڃي پر اهو ماڻهو جيڪي الله جي راهه ۾ شهيد ٿيندا آهن صرف انهن جي اها خواهش هوندي آهي ته دنيا ۾ واپس وڃن ۽ وري الله جي راهه ۾ شهادت حاصل ڪن ڇو ته صرف اهي ئي ڄاڻن ٿا ته الله شهيدن کي بهشت ۾ ڪهڙين عظيم نعمتن سان نوازيندو آهي.
جڏهن سج لهڻ وارو ٿيو ته مڪي جي فوج ظاهر ٿي پر جيئن ته اوندهه ٿيندي وڃي پئي ان ڪري نه مسلمانن وڙهڻ پسند ڪيو ۽ نه وري مڪي جي قريش جن جي اڳواڻي ابوجهل ڪري رهيو هو.
رات جي وقت پيغمبر اسلام جن مسلمانن جي تنبن جي جڳهه تبديل ڪرائي ڇڏي ڇو ته جڏهن صبح جو دشمن جي سامهون بيهجي ته سج اکين کي نه وٺي ۽ لڙائيءَ ڪرڻ وقت اکين تي تيز روشني نه پوي.
اها حڪمت عملي ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته حضرت محمد ﷺ جن لڙائيءَ جي هر فن کان واقف هئا، پر اها خبر نه آهي ته ان عظيم انسان اها جنگي تربيت ڪٿان حاصل ڪئي.
ان رات پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته پهريدارن کان علاوه جيڪي واري واري سان تبديل ٿيندا رهندا، باقي سڀ ماڻهو آرام سان سمهي رهن ڇو ته صبح جو تازو توانو ٿي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي وڃڻو آهي ۽ آءٌ بارگاهه الاهيءَ ۾ توهان جي دلي سڪون لاءِ دعا ڪريان ٿو، اهڙي مناسبت سان قرآن ۾ اٺين سورة جي يارهين آيت ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ٿيل آهي...
يعني: ياد رکو ان وقت کي جڏهن دشمن جي خوف کان سمهي نه پيا سگهو، پر الله جي مدد اوهان کي سڪون پهچايو جو توهان سمهي رهيا ۽ الله آسمان کان پاڻي وسايو جيئن اوهان صاف سٿرا پاڪ ٿي وڃو ۽ ان بارش توهان لاءِ هڪ فائدو ٻيو به آندو جو واريءَ واري زمين توهان لاءِ اهڙي ٿي چڪي جو لڙائيءَ دوران اوهان جا پير واريءَ تي کپي ويا.
ان رات مسلمان سپاهي جيتوڻيڪ دشمنن جي تمام ويجها هئا، پر ايتري قدر بي فڪر ٿي سمهيا جو برسات ۾ به سُتا رهيا. الله تعاليٰ جيئن قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ته ان رات مسلمانن تي اسان پاڻي وسايو ته جيئن صاف پاڪيزه بڻجن ۽ صبح جو انهن جي پيرن ۾ واري به تڪليف نه ڏي.
بدر جي لڙائي هجرت جي ٻئي سال رمضان مهيني جي سترهين تاريخ جمعي جي ڏينهن شروع ٿي. عام انسان کي ان ڳالهه جي حيرت ٿئي ٿي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪهڙي طرح مڪي جي هڪ مضبوط فوج جي سامهون تمام ٿورڙن ماڻهن سان وادي بدر ۾ مقابلي لاءِ تيار ٿي بيٺا.
مڪي جا سپاهي بزدل نه هئا جو اسين اهو خيال ڪريون ته حضرت محمد ﷺ جن اهو سوچيو ته جيئن ئي مسلمان حملو ڪندا ته اهي بزدل ڀڄي ويندا. اهي ماڻهو يعني قريش مڪي وارا به عرب جي ناتي سان فطري طرح بهادر ۽ دلير هئا ۽ تلوار هلائڻ ڄاڻندا هئا ۽ لڙائي جي ميدان ۾ مرڻ کان به نه پيا ڊڄن. اهو زمانو اڄوڪي دور جهڙو نه هيو ته ڪنهن هڪ ماڻهوءَ وٽ ڪو طاقتور هٿيار هجي ۽ ڪيترن سان هو اڪيلو منهن ڏئي انهن کي ڀڄائي ڇڏي. ان زماني ۾ ٻنهي فوجن وٽ هڪ جهڙا هٿيار هوندا هئا صرف هر ڪنهن جي جسماني قوت ئي ٻئي تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي علامت هئي. پر ميدان جنگ ۾ سپاهين جي تعداد جي وڏي اهميت هوندي هئي ۽ هر فوج جو سربراه ڄاڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته دشمن وٽ ڪيترا سپاهي آهن.
ان کان علاوه جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن وٽ جنگي سامان لشڪر قريش واران کان وڌيڪ هجي ها ته اهو شايد تصور ڪيو وڃي ها ته پاڻ ﷺ جنگي سامان جي زور تي قريش وارن جي فوج سان مقابلي لاءِ تيار ٿيا آهن. پر هن لڙائيءَ ۾ مڪي جي فوج ست سؤ اُٺن ۽ هڪ سؤ گهوڙن سميت جنگ جي ميدان ۾ تيار هئي جڏهن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ صرف ستر اٺ ۽ ٻه گهوڙا موجود هئا. ان ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي الله جي ذات تي پورو ڀروسو هو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن کي يقين هيو ته الله تعاليٰ پنهنجي ضرور مدد ڪندو ۽ الله تعاليٰ اهو پسند نه فرمائيندو ته بت پرست مسلمانن تي ڪاميابي حاصل ڪن ۽ ان کان علاوه هر هڪ مسلمان جيڪو جنگ بدر ۾ شريڪ هيو، پنهنجي پيغمبر ﷺ وانگر الله تعاليٰ تي پڪو ايمان رکي پيو ته الله تعاليٰ مسلمانن کي بي سهارو نه ڇڏيندو ۽ اهو به ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن جان به وئي ته سڌا بهشت ۾ وينداسون.
مضبوط ارادي ۽ ايماني عقيدي کان علاوه جنهن ڳالهه مسلمانن کي ڪامياب بڻايو، سا حضرت محمد ﷺ جن جي ذاتي صلاحيت ۽ جنگي فن جي حڪمت عملي هئي، جنهن جو جزيره عرب ۾ ڪو مثال نٿو ملي. جزيره عرب ۾ هي رواج هيو ته لڙائي شروع ٿيڻ کان هر فوج جو سربراهه ڪنهن اُچائي تي بيهي جنگ جي نگراني ڪندو هو ۽ لڙائيءَ دوران ضروري هدايتون ڏيندو رهندو هو.
حضرت محمد ﷺ جن به پنهنجي فوج جا سربراهه هئا هڪ دڙي تي بيهي جنگ جي صورتحال مطابق هدايت جاري ڪندا رهيا. ان جڳهه کي جتان سربراهه هدايت ڪندا هئا تنهن کي ”عريش“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. سج نڪرڻ سان ئي جنگ جي شروعات ٿي وئي ۽ پراڻيءَ رسم جي مطابق شروع ۾ اهڙا شعر پڙهيا ويا جن جو مقصد دشمن جي ڪمزوري ۽ پنهنجي همت افزائي جي تعريف بيان ٿيل هئي.
شعرن پڙهڻ بعد قريش جي فوج کان ٽي سپاهي ٻاهر نڪتا ۽ ٻنهي فوجن جي وچ تي اچي بيٺا، انهن ٽنهي سپاهين ۾ هڪ ابوسفيان جو سهرو عتبه هيو، ٻيو شخص ابوسفيان جي گهرواريءَ جو چاچو شيبه هو ۽ ٽيون شخص ابوسفيان جو سالو ”وليد“ هيو، اهي ٽئي شخص جڏهن ٻنهي فوجن جي وچ تي پهتا ته پنهنجون تلوارون هوا ۾ لهرائي آواز ڏئي رهيا هئا. ”هل من مبارز- يعني آهي ڪوئي اسان جي مقابلي ڪرڻ وارو.“
اسلامي فوج کان ٽي جوان جيڪي ٽئي انصار هئا، اڳتي وڌيا ۽ جواب ڏنائون، ”اسان توهان جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ قريش جي جنگي سپاهين پڇيو ته، ”توهان ڪٿان جا رهاڪو آهيو.“ انهن جواب ڏنو ”اسان مديني جا رهندڙ آهيون.“
قريش جي ٽنهي سپاهين هڪ آواز ٿي جواب ڏنو، ”اسان توهان ماڻهن کي نٿا سڃاڻون ان ڪري توهان سان نه وڙهنداسين، اسان جو تعلق مڪي جي اصلي رهاڪن سان آهي، اسان جو مقابلو اهو ڪري جيڪو اسان جي برابريءَ جو هجي. ان تي حضرت عمر رضي الله گرجدار آواز سان چيو ”سڀ مسلمان پاڻ ۾ برابر آهن ۽ انهن ۾ ڪوبه ڪنهن کان وڌيڪ نه آهي.“ قريش جي سپاهين جواب ڏنو ”اسان صرف انهن ماڻهن سان مقابلو ڪنداسين جيڪي مڪي جا رهاڪو هجن ۽ اسان انهن کي سڃاڻندا به هجون.“
ان کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن پهرئين دستي جي علمبردار حضرت علي رضي الله کي حڪم ڏنو ته، ”توهان وليد جي مقابلي ۾ وڃو ۽ پنهنجي چاچي حضرت حمزه رضي الله ۽ عبيد رضي الله بن حارث کي سڏرايو ۽ حڪم ڪيائون ته توهان باقي ٻن قريش سپاهين جي مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃو.“
مسلمانن جا ٽئي مجاهد جڏهن قريش جي ٽن سپاهين جي مقابلي ۾ جنگ جي ميدان ۾ لٿا ته حملي ڪرڻ کان پهريان ”رجز“ خواني شروع ڪئي. ”رجز“ دراصل پنهنجو پاڻ تعارف ڪرائڻ ۽ جنگ جي باري ۾ شعر پڙهڻ کي چيو ويندو آهي. ان کان بعد جنگ جي ميدان ۾ لهڻ کان بعد حضرت علي رضي الله آواز ڏنو ته مان علي رضي الله بن ابي طالب بن عبدالمطلب آهيان، بعد ۾ هڪ مشهور شاعر ”امري القيس بن حجر الکندي“ جا مشهور شعر پڙهيا.
”امري القيس“ جو شمار سڀ کان وڏن شاعرن ۾ ٿيندو هو. هي جزيره عرب جي ستن مشهور وڏن شاعرن ۾ ليکيو ويندو هو. انهن شاعرن کي ”ارباب معلقات سبعه“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. انهن جا بهترين شعر ڏيڍ سو سال تائين خانه ڪعبه جي ديوارن تي لڳل هئا.
”وليد“ ابوسفيان جي سالي جڏهن تعارف ڪرايو ته ان به ”الحرث بن خلزه لشکري“ نالي شاعر جا ڪجهه شعر پڙهيا. شعرن پڙهڻ ۽ پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرائيندي هڪ ٻئي تي حملا شروع ڪري ڏنائون.
حضرت علي رضي الله پنهنجي طاقتور حريف ”وليد“ جي مقابلي ۾ وڏي دليريءَ سان زوردار تلوار هلائي رهيو هو. انهن ٻنهي جي لڙائي گهڻو وقت نه هلي سگهي ڇو ته حضرت علي رضي الله جي هڪ قاتلاني وار وليد جي ڳچيءَ جي رڳ ڪاٽي وڌي، جنهن سبب هو زمين تي ڪري پيو ۽ بي جان لاش وانگر پئجي رهيو.
حضرت حمزه رضي الله به پنهنجي مدمقابل کي موت حوالي ڪري ڇڏيو پر ٽئين مجاهد حضرت عبيد بن حارث رضي الله جيڪو ابوسفيان جي سهري جي مقابلي ۾ هيو لڙائي ڪندي شديد زخمي ٿي پيو آخرڪار ان به پنهنجي دشمن جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ٽنهي مجاهدن کي ڪاميابي حاصل ٿي ان طرح مسلمانن جا حوصلا بلند ٿي ويا. جڏهن مڪي جي مشرڪن اهو ڏٺو ته انهن جا ٽي سردار خاڪ خون ٿي چڪا آهن ته انهن هڪدم پنهنجي نيزن کي هوا ۾ اڇلايو جيڪا ان ڳالهه جي نشاني هئي ته آمهون سامهون واري گڏيل جنگ شروع ٿي چڪي آهي. انهن شديد حملي ڪرڻ لاءِ سڀني مسلمانن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. جيڪي ماڻهو مسلمانن ڏانهن حملي ڪرڻ لاءِ تيزي سان وڌي رهيا هئا اهي ڄاڻن پيا ته انهن جي سامهون مقابلي لاءِ ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي انهن جي رشتي ۾ اولاد، ڀائر، چاچا يا ٻيا ويجها رشتيدار هئا. پر ان جي باوجود انهن جو مقابلو ڪري خون وهائڻ لاءِ بناڪنهن جهجڪ جي اڳتي وڌي رهيا هئا.
جزيره عرب جي تاريخ ۾ ان ڏينهن تائين اهو ڏسڻ ۾ نه آيو هو، جو ڪوئي پيءُ پنهنجي پٽ، ڪوئي ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڪوئي چاچو پنهنجي ڀائيٽي جي مقابلي ۾ لٿو هجي. ڇو جو اهي ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي جا رشتيدار هئا سڀ هڪ ئي قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا ۽ ريگستاني عرب ساڳئي قبيلي جا ماڻهو پاڻ ۾ هرگز لڙائي نه ڪندا هئا.
حضرت محمد ﷺ جن جيئن ئي اهو ڏٺو ته عام لڙائي شروع ٿي چڪي آهي ته پاڻ به ”عريش“ يعني مٿاهين جڳهه دڙي تان هيٺ لهي اچي پنهنجن سپاهين جي وچ ۾ پهچي تمام دل کي راحت ڏيندڙ آواز سان قرآني آيتن جي تلاوت شروع ڪئي. جن آيتن جي تلاوت پيغمبر اسلام ﷺ جن شروع ڪئي انهن آيتن جو تعلق الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ وارن لاءِ جزاءِ خير جي سلسلي ۾ هيو. انهن آيتن ۾ مسلمانن کي بشارت ڏني وئي آهي ته جيڪو مسلمان في سبيل الله جهاد ڪندو چاهي ڪنهن کي ماري يا پاڻ مري وڃي، ٻنهي صورتن ۾ انهن لاءِ بهشت ۾ جڳهه آهي. حضرت محمد ﷺ جن جي زباني قرآن جون آيتون ٻڌي مسلمانن جو جوش ۽ جذبو ايترو ته وڌي ويو، جو انهن مان هڪ عمير رضي الله نالي مجاهد آواز ڏئي چيو ته، ”هاڻي منهنجي ۽ جنت جي وچ ۾ ڪوبه فاصلو نه رهيو آهي.“ اهو چوندي ئي پنهنجي صف مان نڪري مشرڪن ۾ گهري پيو، دشمن سان وڙهندي وڙهندي پنهنجي قول تي قائم رهي شهيد ٿي ويو.
حضرت محمد ﷺ جن خبردار ڪندي فرمايو ته منهنجي هدايت کي نه وساريو جنت جي حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ صفون نه ٽوڙيو جيڪڏهن توهان صف بندي ٽوڙي ڇڏي ته مشرڪ اوهان تي قابض ٿي ويندا.
ٻئي طرف قريش جا سپاهي پنهنجي خاص طريقي سان لڙائي ۾ رڌل رهيا. هر هڪ اهو سوچي رهيو هو ته هر هڪ پنهنجي بهادري ظاهر ڪري، تنهن ڪري ڪنهن کي به پنهنجي ٻين ساٿين جي پرواهه نه هئي ته ڪو ڇا ٿو ڪري يا ڪنهن سان ڇا ٿيو. مسلمانن پنهنجي پيغمبر ﷺ جي هدايت تي مڪمل عمل ڪندي صف بندي نه ٽوڙي ۽ لڙائي ۾ ڪابه افراتفري نه ڪيائون. اهڙي طرح مسلمان پنهنجي صف بنديءَ تي قائم رهيا جو دشمن انهن جي پٺيان وار ڪري نه پيو سگهي. مسلمانن ۾ هڪ خاص نشاني موجود هئي جنهن نشاني تحت پاڻ کي لڙائي وقت سڃاڻي سگهن پيا. هڪ مسلماني دستي کي سائي رنگ جو مٿي تي پوش هيو ٻئي ٽولي کي پيلي رنگ جو ۽ ٽئين دستي کي مٿي تي پکين جا پر ٻڌل هئا. اهي نشانيون پنهنجي سپاهيءَ کي سڃاڻ خاطر رکيون ويون هيون.
روايت آهي ته جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ڏٺو ته قريش جي فوج تمام گهڻو زور وٺي چڪي آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جن پهرئين دستي جي پرچم بردار حضرت علي رضي الله کي چيو ته هو زمين تان ڪجهه مٽي کڻي ڏي. حضرت علي رضي الله هيٺ جهڪي مٽيءَ جي مُٺ ڀري پاڻ سڳورنﷺ کي ڏني پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي هٿن سان اها مٽي بت پرستن ڏانهن اڇلائيندو وڏي آواز سان فرمايو، ”شَاھَۃِ الْوُجُودہ – شل توهانجا منهن ڪارا ٿين“. پوءِ مسلمانن پنهنجي صفن کي ٽوڙڻ کان سواءِ اهڙي ريت اڳتي وڌي رهيا هئا جيئن ٽي قلعا پاڻ ۾ مضبوط هجن ۽ آهستي آهستي چرپر ڪندڙ هجن، آخرڪار قريش جا سپاهي مسلمانن جي ڦولادي حملي جي دٻاءَ ۾ اچي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيا.
حضرت محمد ﷺ جن کي اهو اطلاع ملي چڪو هو ته پاڻ ﷺ جن جو چاچو حضرت عباس (جيڪو اڃان مسلمان نه ٿيو هو) قريش جي سپاهه ۾ شامل آهي ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ تاڪيد فرمايو ته ان کي زنده گرفتار ڪيو وڃي. حضرت عباس جيتوڻيڪ مشرڪن جي فوج ۾ شامل ٿي وادي بدر تائين پهتو هو پر هن ٽن سببن جي ڪري ان جنگ ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ فوج جي پٺيان ئي بيٺو رهيو. پهريون سبب هي هيو ته پاڻ هڪ تاجر هو ان کي افراتفري سان ڪابه دلچسپي نه هئي. ٻيو سبب هي هيو ته هو پنهنجي ڀائيٽي سان وڙهڻ نه ٿي چاهيو، ٽيون سبب اهو هو ته ان جي گهرواري مسلمان هئي ۽ ان پنهنجي مڙس کي تاڪيد ڪيو هو ته مسلمانن جي خلاف جنگ ۾ شرڪت نه ڪري.
اسلام جي سپاهين مان هڪ مجاهد جي نظر پاڻ سڳورنﷺ جن جي چاچي تي پئي ۽ جنهن کيس سڃاڻي ورتو جيتوڻيڪ ڪمزور ۽ ضعيف هيو حضرت عباس رضي الله کي کڻي پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ پهچائي وري جلد موٽي وڃي پنهنجي صف ۾ بيهي رهيو ۽ پنهنجي جاءِ سنڀالي ورتائين.
قريش جي فوج جو سپه سالار ابوجهل جيتوڻيڪ پنهنجي محافظن جي حفاظت ۾ هو پر مسلمان اها محافظن جي قطار ٽوڙي وڃي ابوجهل وٽ پهتا. اسلام جي هڪ سپاهي معاذ بن عمرو ابوجهل جي پير تي اهڙو وارو ڪيو جو ابوجهل سخت زخمي ٿي پيو ۽ رڙيون ڪري زمين تي ويهي رهيو، ابوجهل جي پٽ پنهنجي پيءُ جي بدلي ۾ حضرت معاذ رضي الله تي حملو ڪري ڏنو. تلوار سان اهڙو وار ڪيائين، جو حضرت معاذ رضي الله جي سڄي ٻانهن ٺوٺ وٽان ڪٽي وڌائين جيڪا کل ۾ لڙڪي رهي هئي. حضرت معاذ رضي الله جي چهري تي تڪليف جو ذري جيترو به احساس نه هو ۽ ان پنهنجي کٻي هٿ سان ڪٽيل ٻانهن کل کان ڇني پري اڇلائي ڇڏي ۽ چيائين ته، ”هي به الله جي راهه ۾“ پوءِ هن جهڪي زمين تان تلوار کڻي لڙائيءَ ۾ مصروف ٿي ويو. اهڙي طرح چند گهڙين ۾ اسلام جي هڪ مجاهد، لشڪر مڪه جي سپهه سالار ”ابوجهل“ کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو.
وضاحت: اسلامي تاريخ جي مطالعي جي مطابق پهريون حضرت معاذ رضي الله ابوجهل تي حملو ڪيو پر خود زخمي به ٿي پيو ۽ ابوجهل جي پٽ عڪرمه جي حملي جو نشانو بڻجي ويو ان سبب پنهنجي ارادي مطابق پورو نه پهچي سگهيو. بعد ۾ هڪ ٻئي مجاهد حضرت معاويه بن افر رضي الله پنهنجو نيزو ابوجهل جي سيني ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ ابوجهل زمين تي ڪري پيو ۽ ائين سمجهائين ته ابوجهل موت جي حوالي ٿي چڪو ۽ پاڻ ٻئي طرف لڙائيءَ ۾ مصروف ٿي ويو، جڏهن ته ابوجهل جنگ جي خاتمي تائين زخمي حالت ۾ زمين تي ليٽندو رهيو. ايتري تائين جو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حڪم تي حضرت عبدالله رضي الله بن مسعود ابوجهل جي تلاش ۾ نڪتو ۽ ان کي زمين تي زخمي حالت ۾ پيو ڏٺائين. هتي ابوجهل ۽ حضرت عبدالله رضي الله جي پاڻ ۾ ڪجهه گفتگو ٿي، ان کان بعد حضرت عبدالله بن مسعود ابوجهل جي منڍي ڪٽي آڻي حضور ﷺ جن جي قدمن ۾ رکي.
حضرت عبدالله رضي الله بن مسعود اها شخصيت آهي جنهن جو شمار اسلام جي شروعاتي دور ۾ ”ڪاتبان وحي“ ۾ ٿيندو هو ۽ انهن چند ماڻهن ۾ هڪ هو، جيڪي رسول الله ﷺ جن تي نازل ٿيڻ وارين قرآني آيتن کي لکڻ ۽ حفاظت جو فرض ادا ڪندا هئا. ابوجهل جو اصلي نالو ”عمرو بن هشام بن مغيره مخزومي“ ۽ ان جي ڪنيت ”ابوالحڪم“ هئي. پر پنهنجي من ماني، هٺ ڌرمي، اسلام دشمني ۽ رسول الله ﷺ جن سان شديد عداوت جي تحت هو ”ابوجهل“ جي نالي سان مشهور ٿيو. (ترجمان)
ابوجهل جي مرڻ کان بعد ڪافرن جي لشڪر جو حوصلو هارجي پيو ۽ انهن ۾ خوف ۽ دهشت ڦهلجي وئي. هو پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا ته جيتوڻيڪ انهن جو تعداد مسلمانن کان تمام گهڻو آهي پر مسلمانن کي پوئتي هٽائي نه پئي سگهيا ۽ پوئتي موٽڻ شروع ڪيائون ۽ پنهنجي بت پرستن جا لاش ميدان جنگ ۾ ڇڏي ڀڄي ويا.
ابوجهل کان سواءِ قريش وارن جا ٻيا مشهور سردار جن ۾ ابوسفيان جو سهرو ۽ سالو به شامل هو، هن جنگ ۾ موت جي حوالي ٿي چڪا، هن جنگ ۾ جيتوڻيڪ مسلمان تعداد جي لحاظ کان قريش جي مقابلي ۾ ٽئين حصي برابر هئا، پر ان جي باوجود انهن کي صرف چوڏهن سپاهين جو نقصان کڻڻو پيو.
جنگ بدر جيڪا شروع کان وٺي آخر تائين مڪمل فتح تي ختم ٿي، تنهن مسلمانن جي دل وڏي ڪري ڇڏي ۽ انهن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ ۾ تمام وڏي مددگار ثابت ٿي. هن جنگ ۾ ٿورڙن مجاهدن پنهنجي ايماني طاقت، حضرت محمد ﷺ جن جي بي مثال قيادت ۽ هڪ نئي حڪمت عملي جي ذريعي هڪ اهڙي فوج کي شڪست ڏئي جنگ جي ميدان مان مڪمل طور ڀڄڻ تي مجبور ڪيو جيڪا ٽي حصا وڌيڪ طاقتور هئي.
جنگ جي ختم ٿيڻ ۽ قريش لشڪر جي ڀاڄ کان پوءِ هڪ مسلمان سپاهي ميدان جنگ ۾ مرڻ وارن سڃاڻن گهريو ٿي اهو مسلمان سپاهي ابو حذيفه بن عتبه هو؛ جيڪو مرڻ وارن کي ڏسندو رهيو هن ڏٺو ته مرڻ وارن سڀني ماڻهن جو تعلق مڪي جي رهاڪن سان آهي هو اهو معلوم ڪرڻ پيو چاهي ته ڪو سڃاڻي سگهان ٿو ته اوچتو سندس نظر هڪ لاش تي پئي ۽ ڪجهه دير تائين ڏسي ڏسي ان جي مٿان جهڪي پيو. جڏهن مٿي اٿيو ته سندس چهري تي غم جا آثار ظاهر هئا. ان وقت حضرت محمد ﷺ جن اتي پهتا، پاڻ سڳورنﷺ جن ڏٺو ته ابو حذيفه رضي الله ڏاڍو غمگين نظر آيو. پاڻ سڳورنﷺ کيس مخاطب ٿي فرمايو ”ياحذيفه رضي الله ايترو مايوس ۽ غمگين ڇو آهين؟ اڄ ته الله اسان کي فتح نصيب فرمائي آهي.“ حضرت حذيفه رضي الله پنهنجي سامهون پيل لاش ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”يارسول الله مان هن شخص جي لاءِ غمگين آهيان، ڇو جو هي منهنجي پيءُ جو لاش آهي.“
حضرت محمد ﷺ جن کي جڏهن معلوم ٿيو ته ”ابوحذيفه رضي الله “ پنهنجي پيءُ جي لاش مٿان بيٺو اهي ته پاڻ سڳورنﷺ کيس تسلي ڏني، ان جي باوجود ابو حذيفه عرض ڪيو ته، ”يارسول الله ﷺ مون کي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته مون کي اميد هئي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جو منهنجو پيءُ شرڪ کان توبه ڪندو ۽ بت پرستي ڇڏي ڏيندو، پر اڄ هن جو لاش منهنجي اکين آڏو پيو آهي، مون کي ڏک اهوئي ٿئي ٿو ته هو اسلام قبول ڪرڻ کان سواءِ دنيا مان رخصت ٿي ويو.“
بدر جي ميدان تي مسلمانن پهريون دفعو لڙائيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ فتح ۽ نصرت جو مزو ماڻيو، ان کان علاوه اهو به سبق مليو ته ايمان جي مضبوطي ۽ حڪمت عملي صحيح استعمال ڪرڻ سان هڪ ڪمزور ۽ ٿورڙن سپاهين سان، هڪ وڏي ۽ طاقتور فوج تي غلبو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
بعد ۾ مسلمانن پنهنجي شهيد سپاهين کي دفن ڪيو ۽ قريش جي مشرڪن جي لاشن کي بدر جي کوهه ۾ ڦٽو ڪيو.
جڏهن مسلمانن جي جنازن کي قبرن ۾ لاٿو ويو پئي ته پاڻ سڳورنﷺ جن اها تاڪيد فرمائي ته قبرن کي هڪ صف ۾ بڻايو وڃي ۽ ڪوشش ڪري قبرن جي ظاهري حالت بهتر ۽خوبصورت بڻائي وڃي.
مسلمانن مان ڪنهن پڇا ڪئي ته، ”يارسول الله ﷺ جيڪڏهن قبرون ظاهري طرح خوبصورت نه هجن ته ڇا اوهان سمجهو ٿا ته مرڻ وارن کي ڏک پهچندو.“
حضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته، ”مرڻ وارن کي ڏک نه پهچندو پر زندهه رهڻ وارن جي دل ڏکندي ڇو ته هڪ ويران قبر جو نظارو انسان جي لاءِ غمگين نظارن مان هڪ آهي.“