پهريون دفعو جڏهن مسلمان هجرت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا
اسلامي تاريخدانن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهروارين بابت ضرور لکيو آهي پر گهڻن ائين نه لکيو آهي ته حضرت خديجه جي زندگيءَ ۾ ٻي شادي نه ڪيائون. ۽ پورا پنجويهه سال حضرت خديجه سان وفاداريءَ سان نڀائيندا رهيا. جنهن ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه سان شادي ڪئي ته ان وقت پاڻ سڳورنﷺ جي عمر پنجويهه سال هئي ۽ پاڻ ڦوهه جواني تي پهتل هئا. جڏهن حضرت خديجه هن دنيا مان رحلت فرمائي ته پيغمبر اسلام جن جي زندگي مبارڪ جا پنجاهه سال گذري چڪا هئا. جيستائين حضرت خديجه زنده هئي، تيستائين پاڻ سڳورنﷺ ٻي شاديءَ بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو.
حضرت خديجه سندن گهرواري هئڻ کان علاوه پاڻ سڳورنﷺ کي سندس ڪمن ڪارن ۾ صلاح ڪار جي حيثيت ۾ به ڪم ايندي هئي ۽ پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ ساڻس صلاح مشوره ڪندا هئا. حضرت خديجه جي نظر ۾ جيڪا سٺي ۾ سٺي راءِ هوندي هئي سا پاڻ سڳورنﷺ کي پيش ڪندي هئي ۽ حضرت محمد ﷺ جن اڪثر سندن راءِ سان اتفاق ڪندا هئا.
حضرت خديجه اها پهرئين هستي آهي، جنهن حضرت محمد ﷺ جن تي ايمان آندو. جيتوڻيڪ پاڻ هڪ تاجر هئي ۽ عام طرح تاجر طبقي کي پنهنجي ڪاروبار کان علاوه ٻي ڪنهن شيءِ جو فڪر نه هوندو آهي. پر جنهن ڏينهن اهو ٻڌائين ته حضرت محمد ﷺ جن الله جي طرفان پيغمبري لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن ته پاڻ انهيءَ ئي ڏينهن کان ايمان آندو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ساري دولت ڪجهه اهڙيءَ طرح اسلام جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏيائين جو جڏهن هن دنيا مان رخصت ڪيائين ته ان وقت بلڪل غريب حال ٿي چڪي هئي.
اسلام جي شروعاتي دور ۾ ٻه هستيون اهڙيون گذري چڪيون آهن جن اسلام جي راهه ۾ مالي لحاظ کان وڏيون قربانيون ڏنيون، انهن مان هڪ حضرت خديجه ۽ ٻي هستي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله هئي، اسلام کان اڳ ٻئي شخصيتون مڪي جي نون (9) امير ترين خاندانن ۾ شمار ٿينديون هيون. پر جڏهن اهي ٻئي هستيون هن دنيا کان رخصت ٿيون ته بلڪل غريبي حال هيون ڇو جو انهن ٻنهي پنهنجي سار ي مڏي ملڪيت ۽ دولت دين اسلام جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏي هئي.
حضرت خديجه اسلام جي راهه ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون. هن اسلام جي ابتدا ئي دور ۾ اسلام قبول ڪري پيغمبر ﷺ اسلام جن جي حمايت ڪئي. هتي هڪ اهم واقعو بيان ڪجي ٿو جيڪي ٻئي ملڪ ”حبشه“ جو آهي.....
جڏهن حضرت عمر رضي الله بن خطاب مسلمان ٿيو ته ان نه صرف پنهنجي خاندان کي اسلام جي دعوت ڏني پر پنهنجي ساري قبيلي ”بني عدي“ جي سڀني ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏئي اسلام ۾ داخل ڪرايو. قريش وارا مسلمانن جي طاقت ۽ تعداد ۾ اضافو ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي ويا ۽ اها انهن کي خبر هئي ته حضرت حمزه رضي الله ۽ حضرت عمر رضي الله پيغمبر اسلام جي وڌ ۾ وڌ حمايت ڪري ٿو ۽ جنهن ڪري قريش وارا کين ڪا تڪليف رسائي نه ٿا سگهن، ان ڳالهه جي فڪر ۾ انهن هي فيصلو ڪيو ته هن نئين طريقي سان مسلمانن کي اسلام کان هٽايو وڃي (جيڪو قرآن مجيد ۾ فتنو قرار ڏنو ويو آهي.)
جن ماڻهن اسلام قبول ڪيو آهي حضرت محمد ﷺ جن وانگر بااستقامت نه هئا ۽ اهي ان وقت جي مختلف مسئلن ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏئي نه پيا سگهن ڇاڪاڻ ته قريش وارا به جئين پوءِ تيئن انهن جي خلاف هر قدم تي نئين چال هلائي رهيا هئا.
مڪي جي سرزمين تي جتي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو تجارت ۽ سوداگري هو، اتي قريش وارن اهڙيون پابنديون لڳائي ڇڏيون هيون جو ڪوبه شخص مسلمانن سان تجارت ۽ ڏيتي ليتي نه پيو ڪري سگهي. انهن پابندين سبب مسلمانن کي نقصان پهچي رهيو هو. اهڙي حالت ۾ ڪجهه نون مسلمان لاءِ مضبوطيءَ سان قائم رهڻ به هڪ امتحان هو. پيغمبر اسلام ﷺ جن کي شدت سان اهو احساس ٿيو ته جيڪڏهن جلد ازجلد ڪوئي طريقي ڪار نه جوڙيو ويو ته ٿي سگهي ٿو ته قريش وارن جو وڌيڪ دٻاءُ پوڻ سان اڃان ٻيا ماڻهو به اسلام جي معاملي ۾ امتحان ۾ اچي وڃن.
ان تحت پيغمبر اسلام ﷺ جن هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جو ان وقت تائين ڪنهن پيغمبر پنهنجن پيروي ڪندڙن لاءِ اهڙو فيصلو نه ڪيو هو. حضرت محمد ﷺ جن اهو عزم ڪيو ته پاڻ مڪي ۾ رهن ۽ ديانتداري ۽ استقامت سان رهن پوءِ ڀلي کين قتل ڪيو وڃي پر مسلمانن کي هڪ ٻئي ملڪ ”حبشه“ ڏانهن روانو ڪيو وڃي. حبش ۾ هڪ اهڙي بادشاه جي حڪمراني هئي جو اتي ڪنهن به مذهب جي پيروي ڪندڙ کي ايذايو نه ويندو هو. يعني مذهب جي مڪمل آزادي هئي، پر شرط اهو هيو ته ڪوبه ٻئي جي مذهب ۾ مداخلت نه ڪندو.
پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي چيو ته اوهان سڀ مڪو ڇڏي حبش ملڪ ڏانهن هليا وڃو ۽ ايتري تائين اتي وڃي رهو جيتري تائين مڪي جو ماحول سازگار نه ٿئي. حبش ملڪ ڏانهن روانگي وقت پيغمبر اسلام جن مسلمانن کي اهو به مشورو ڏنو ته اهڙي طريقي سان مڪي مان نڪرڻو آهي جو قريش کي ان ڳالهه جو علم نه ٿي سگهي ۽ ائين به فرمايائون ته جيڪڏهن اوهان گڏجي هتان نڪرندا ۽ قريش وارن کي اها خبر پئجي وئي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته اوهان جو رستو روڪيو وڃي پر جيڪڏهن اوهان ٿورا ٿورا ٿي مڪي کان نڪري ويندؤ ته قريش وارن کي اهو پتو نه پوندو ته مسلمان هجرت جو ارادو رکن ٿا.
جن ماڻهن پهريون دفعو مڪي کان حبشه هجرت ڪئي انهن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) جعفر رضي الله بن ابي طالب ۽ سندس گهرواري ”اسماء“ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي بحره قلزم مان گذري حبش پهتا، اسماء رضي الله کي ان طرح ”بحريه“ جو لقب حاصل ٿيو. حضرت ابوطالب جا ٻه پٽ هئا. هڪ حضرت علي رضي الله جنهن جي پرورش پاڻ حضرت محمد ﷺ جن ڪئي ۽ ٻيو جعفر رضي الله جنهن کي پاڻ سڳورنﷺ جي چاچي عباس رضي الله پنهنجي فرزنديءَ ۾ وٺي پرورش ڪئي هئي.
(2) عثمان رضي الله بن عفان حضرت محمد ﷺ جن جو نياڻو ۽ حضرت رقيه جو مڙس هو، حضرت رقيه پاڻ سڳورنﷺ جي نياڻي هئي جيڪا اڳ ۾ ابولهب جي پٽ کي ڏنل هئي، طلاق ٿيڻ بعد حضرت عثمان جي نڪاح ۾ آئي.
(3) زبير رضي الله بن العوام، عبدالله بن مسعود، عبدالرحمان بن عوف، ابو حذيفه رضي الله، سهيل بن عمر، عامر بن ربي رضي الله ۽ ان جي گهرواري ليليٰ بنت حيشه، حاطب رضي الله بن عمر، سهيل رضي الله بن بيضا، مصعب بن عمير رضي الله، ابوسلمه ۽ ان جي گهرواري امه سلمه بنت اميه، عثمان بن مظعون رضي الله.
اهي سڀ ماڻهو خفيه طور مڪي کان نڪري سمنڊ جي ڪناري پهتا ۽ اتان ٻيڙيءَ جي ذريعي ملڪ حبشه روانا ٿي ويا. هي مسلمانن جو پهريون قافلو هو جيڪو حبشه ڏانهن روانو ٿي ويو، ان کان پوءِ ٻيا مسلمان به اهڙي خفيه طور نڪري حبشه پهتا.
ملڪ حبش ۾ مسلمانن جي نمائندگيءَ جو عهدو جعفر بن حضرت ابي طالب رضي الله سنڀاليو، جڏهن به حبشه جي بادشاهه سان گفتگو ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي هئي ته جعفر رضي الله نمائندي جي حيثيت سان مسلمانن طرفان بادشاهه سان ڳالهه ٻولهه ڪندو هو.
جڏهن مسلمان حبشه جي دارالخلافه پهتا ته جعفر رضي الله جي گهرواريءَ ”اسماء رضي الله“ حبش پهچڻ واري پهرئين ئي ڏينهن هڪ ٻار ڄڻيو، اتفاق سان ان ئي ڏينهن حبشه جي ملڪه به هڪ ٻار ”پٽ“ کي جنم ڏنو. اسماء رضي الله رضاڪارانه طورتي بادشاهه جي پٽ کي کير پيارڻ جي تجويز پيش ڪئي جيڪا بادشاهه ۽ ملڪه منظور ڪئي. ان طرح عربن جي رواج مطابق جعفر رضي الله بن ابي طالب جو پٽ ۽ حبشه بادشاهه جو پٽ پاڻ ۾ رضاعي ڀائر بڻجي ويا.
هجرت ڪرڻ وارن مسلمانن جي پهرئين ٽولي بعد ٻيا مسلمان به ٿورا ٿورا ٿي حبش پهتا، اهڙي ريت تقريباًهڪ سو نوَ مسلمان حبش ۾ جمع ٿي ويا، اهي سڀ ماڻهو ٻيڙي ذريعي حبش پهتا.
آخرڪار قريش وارن کي اها خبر پئي ته مسلمان حبش ڏانهن نڪري ويا آهن، ان ڪري انهن عمر بن العاص ۽ عمارة بن وليد نالي ٻن ماڻهن کي اها ذميواري کڻائي حبشه روانو ڪيو ته حبشه جي بادشاهه کي چون ته هو مسلمانن کي اسان جي حوالي ڪري جيئن انهن کي مڪي واپس آندو وڃي، جڏهن هي ٻئي قريش جا نمائندا نجاشيءَ جي دربار ۾ حاضر ٿيا ۽ انهن بادشاهه کي چيو ته،
”اي بادشاهه سلامت! جن ماڻهن کي تو پناهه ڏني آهي، انهن جو شمار ”مفسدين“ يعني فساد ڪندڙن ۾ ٿئي ٿو. ڇو جو انهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اهي اسان جي وڏن تي تنقيد ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته انهن جو دين ڪوڙو آهي ۽ چون ٿا ته اوهان جا وڏا بزرگ باطل جي پيروي ڪندا هئا. بادشاهه! جيڪي ماڻهو اڄ تنهنجي پناهه ۾ آهن، اهي سڀاڻي تنهنجي رعيت جي دين کي به بدلائي ڇڏيندا. ان ڪري تنهنجي بهتري ان ۾ آهي ته انهن کي اسان جي حوالي ڪري ته اسين انهن کي مڪي واپس وٺي وڃون ۽ انهن کي پنهنجي خاندان وارن جي حوالي ڪريون ڇو ته انهن جي گهر وارن اسان کان اهڙو مطالبو ڪيو آهي.“
حبشه جي بادشاهه حڪم ڏنو ته مسلمانن کي دربار ۾ حاضر ڪيو وڃي. جڏهن مسلمان درٻار ۾ حاضر ٿيا ته نجاشي کين چيو ته: ”هي ٻه شخص مڪي کان آيا آهن ۽ چون ٿا ته توهان ڏوهي ۽ خطادار آهيو ان ڪري توهان کي مڪي واپس ڪرڻ جي گهر ڪن ٿا، انهن شخصن جو چوڻ آهي ته توهان جي خاندان وارا توهان جي واپسي جا منتظر آهن، توهان ان صفائي ۾ ڇا چوڻ چاهيو ٿا.“
جعفر رضي الله بن ابي طالب اڳتي وڌيو ۽ وضاحت ڪندي چيائين ته: ”اي بادشاهه! انهن ٻنهي کان پڇا ڪئي وڃي ته ڇا اسان مڪي يا جزيره عرب جي ڪنهن ٻئي حصي مان ڪنهن جي ڪا چوري ڪئي يا ڌاڙو هڻي آيا آهيون. يا ڪنهن جو قتل ڪري آيا آهيون يا ڪنهن قانون جي خلاف ورزي اسان جي سر مٿان آئي آهي؟“
شاهه حبشه قريش جي نمائندن کان سوال ڪيو، انهن جواب ڏنو ته هنن ڪابه چوري يا قتل نه ڪيو آهي.
تنهن کان پوءِ جعفر رضي الله بن ابي طالب پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته، ”اي شاهه حبش! اسين گذريل دور ۾ بت پرست هئاسين ۽ اسان جي ساري زندگي خونريزي ۾ گذرندي هئي. اسان هر قسم جي برائيءَ ۾ شرم محسوس نه ڪندا هئاسين. ڪمزورن ۽ غريبن تي ظلم ۽ ستم جاري رکڻ اسان جي عادت بڻجي چڪي هئي. اسين انڌيري ۾ ڀٽڪندا رهياسين ۽ ائين اسان جي وچ ۾ هڪ پيغمبر حضرت محمد ﷺ پيدا ٿيو جنهن اسان کي هدايت جي راهه ڏيکاري ۽ اسان کي ٻڌايو ته بت پرستي ڇڏي ڏيو. اسان جي پيغمبر ﷺ اسان کي الله وحده لاشرڪ لھ جي عبادت ڪرڻ جو رستو ٻڌايو ۽ اسان کي اهو سبق ڏنائين ته اسان پٿرن مان ٺهيل بُتن جي پوڄا نه ڪريون برن ڪمن کان توبھ ڪريون ۽ مسڪينن تي ظلم ۽ ستم بلڪل نه ڪريون.
اسان سڀني ان تي ايمان آندو، مگر اي بادشاهه! هي ماڻهو جيڪي اسان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آيا آهن، سي دراصل بت پرست آهن ۽ پٿرن يا ڪاٺيءَ جي ٺهيل مورتين جي پوڄا ڪندا آهن. معاشري جي ڪمزور ماڻهن تي ظلم ڪندا آهن ۽ جڏهن کان حضرت محمد ﷺ جن پيغمبري لاءِ مقرر ٿيا آهن ته هي ۽ انهن جي قبيلي جا ٻيا ماڻهو جيڪي قريش جي نالي سان مشهور آهن اسان جي پيغمبر کي ايذائيندا رهن ٿا ۽ پٿر هڻن ٿا ۽ بدڪلامي ڪرڻ کان به نٿا مُڙن.“
حبشه جي بادشاهه ٻنهي طرفن جا خيال ٻڌي حڪم ڏنو ته عمرو بن العاص ۽ عمارة بن وليد جا آندل تحفا کين واپس ڪيا وڃن ۽ هن قريش جي نمائندن کي مخاطب ٿي چيو ته: ”جيڪي ماڻهو منهنجي ملڪ ۾ پناهه وٺڻ لاءِ آيا آهن اهي منهنجي تمام ويجها آهن ڇو جو اهي به مون وانگر هڪ خدا جي عبادت ڪن ٿا ۽ مان توهان کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندس ته انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو ۽ انهن کي ايذاءَ ۽ تڪليفون رسايو.
جڏهن قريش جا ٻئي سفير واپس هليا ويا ته نجاشي بادشاهه جعفر رضي الله بن ابي طالب کي چيو ته مون کي پيغمبر اسلام ﷺ جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ حال احوال ٻڌاءِ. جعفر رضي الله حبشه جي بادشاهه ۽ سندس دربار ۾ موجود ٻين ماڻهن جي سامهون قرآن جي اڻويهين سورة جنهن ۾ حضرت مريم ۽ حضرت عيسيٰ جو ذڪر ٿيل آهي تلاوت ڪري ٻڌائي. نجاشي جيڪو خود هڪ مسيحي هو، جڏهن اهي آيتون ٻڌائين ته بي اختيار روئي پيو ۽ ان جا درباري به روئڻ لڳا، نجاشي چيو ته، ”توهان جو پيغمبر ﷺ هڪ عظيم انسان آهي ۽ يقيناً سچو آهي. توهان جيستائين چاهيو منهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان رهي سگهو ٿا، توهان کي ڪوبه منهنجي ملڪ مان نٿو ڪڍي سگهي.“
جيڪي مسلمان مڪي کان حبش پهتا سي سڀ اتي خوش گذارڻ لڳا کين قريش وارن جي طرفان ڪوبه خطرو ڪونه هو پر انهن کي حبش ۾ هڪ ٻئي مسئلي سان منهن ڏيڻو پيو جو انهن مسلمانن مان ٻه ماڻهو ملڪ حبش ۾ اتي جي گرجا گهرن جي عظمت، شان ۽ شوڪت ڏسي ايترا متاثر ٿيا جو اسلام ڇڏي مسيحيت اختيار ڪيائون.
انهن ٻنهي مان هڪ عبيدالله بن جحش هيو جيڪو اُمه حبيبه سان گڏجي حبش پهتو هو ۽ اُمه حبيبه ابوسفيان جهڙي مشهور شخص جي ڌيءَ هئي، عبيدالله اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ ”حنيفن“ ۾ شمار ٿيندو هو، يعني هن پنهنجي زندگي حق ۽ حقيقت کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳائي ڇڏي هئي. جڏهن اسلام قبول ڪيائين ته هو حقيقت کي حاصل ڪرڻ جي خيال سان مسلمان ٿي ويو پر حبشه پهچي اسلام کان ڦري ويو.
ٻيو مسلمان جنهن مسيحت قبول ڪئي، ان جو نالو ”سڪران بن عمرو“ هيو، هن شخص به پنهنجي گهرواريءَ ”سوده “ سان گڏ حبشه هجرت ڪئي هئي سوده جڏهن اهو ڏٺو ته هن جو مڙس اسلام کان ڦري ويو آهي ته هوءَ حبشه کان مڪي واپس هلي آئي، حضرت خديجه جي وفات کان پوءِ سوده پيغمبر اسلام جن جي گهر ۾ داخل ٿي وئي.
بهرحال جڏهن قريش وارن اهو ڏٺو ته مسلمان هنن جي هٿن مان نڪري ويا ۽ حبش ۾ وڃي رهيا آهن ته انهن انتقامي ڪاررواين تحت مڪي ۾ رهڻ وارن مسلمانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، مسلمانن جي دشمنن جو اڳواڻ ابوجهل هو، هن هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت هڪ هڪ مسلمان سان ملاقات ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جو تعلق مڪي جي معزز گهراڻي سان هيو ته ابوجهل ان کي ملامت طور ٽوڪ بازيءَ جي انداز ۾ چوندو هو ته توکي شرم نٿو اچي جو تون پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجن بزرگن جي دين کي باطل سمجهين ٿو، آخر تون هن سرزمين تي ڪيئن ٿو ساهه کڻين جتي تنهنجا بزرگ گذاري ويا ۽ جيڪي لات، منات ۽ عزيٰ تي پڪو ويساهه رکندي هن دنيا مان رخصت ٿيا.
”لات، منات ۽ عزيٰ“ خانه ڪعبه ۾ رکيل ٽن وڏن بتن جا نالا هئا. جن کي مڪي وارا وڏي احترام جي نظر سان ڏسندا هئا.
جيڪڏهن مسلمان ٿيڻ وارو ڪوبه شخص، تاجر يا سوداگر هوندو هو ته ابوجهل ان وٽ وڃي ان کي ڪمزور ۽ مايوس ڪرڻ خاطر چوندو هو ته اڄ کان بعد هن شهر ۾ توکان ڪوبه شخص ڪائي شيءِ خريد نه ڪندو ۽ نه وري ڪا شيءِ ڪو توکي وڪڻي ڏيندو ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجا قرضي آهن اهي به توکي قرض نه ڏيندا.
جيستائين ڪو انسان پاڻ تاجر نه هجي تيستائين ان لاءِ اهو سمجهڻ مشڪل آهي ته اهڙي طرح جي ڌمڪي تاجر تي ڪيترو اثر ڪندي آهي. تجارت ڪرڻ وارا سمورا مسلمان ته حضرت محمد ﷺ جن وانگر پُختي ايمان ۽ پڪي عزم جا مالڪ نه هئا. اهي پاڻ کي سختين ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط ٿي نه بيٺا هئا ۽ سندن ايمان ۾ ڦيرڦار اچي سگهي پئي. اهڙي طرح ٻيا سوداگر به جيڪي اسلام سان لاڙو رکن پيا ابوجهل جي ڌمڪي سان اهي به پريشاني جو شڪار ٿي رهيا هئا.
جن نون مسلمان جو تعلق عام يا غلام طبقي سان هوندو هو ۽ جن وٽ پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجهه نه هوندو هو، انهن تي ابوجهل ايترا ته ڦٽڪا وسائيندو هو جو اهي ماڻهو بيهوش ٿي ويندا هئا.
ابوجهل جي پيدا ڪيل ان صورتحال مڪي وارن جي دلين ۾ خوف ۽ دهشت پکيڙي ڇڏي هئي ۽ جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيڻ چاهن پيا اهي قريش وارن کان ڊڄي پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ملڻ کان ئي لنوائڻ لڳا. مڪي جي تاجرن ۾ صرف هڪ شخص اهڙو هو جيڪو پنهنجي هستي فنا ٿيڻ جي خوف کان سواءِ سرعام حضرت محمد ﷺ ۽ سندس دين اسلام جي حمايت ڪندو هو، اها شخصيت هئي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله .
قريش وارن اڄ جي اصطلاح جي بقول انهن جا سڀ کاتا بند ڪري ڇڏيا ۽ ڪوبه انهن سان ڏيتي ليتي نه ڪندو هو ۽ جيڪو سندن قرضي هيو ان قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پر اهڙين سخت پابندين جي باوجود به حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پيغمبر اسلام جن سان وفاداري ۾ ڪائي ڪمي اچڻ نه ڏني ۽ ان باوفا انسان ڪنهن رياءَ يا ڏيکاءَ کان سواءِ پنهنجو سڀ ڪجهه اسلام لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو جن ماڻهن مڪي کان حبش هجرت ڪئي ته انهن جي سفر جو سمورو خرچ به حضرت ابوبڪر صديق رضي الله برداشت ڪيو.
اسلام جي شروعاتي دور ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله هڪ واحد اسلام خزاني دار هو. ٻين خزانن کي ته مختلف ذريعن سان آمدني ٿيندي هئي پر اسلامي خزاني کي ڪابه آمدني نه هئي ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله اسلام جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ سارو خرچو پنهنجي کيسي مان ادا ڪندو هو ۽ اهڙيءَ قربانيءَ جي صِلي ۾ کيس هڪ دينار جي حاصل ٿيڻ جي به اميد نه هئي.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ٻين مسلمانن وانگر حبشه ڏانهن هجرت نه ڪئي ڇو جو هو پيغمبر اسلام جن کي اڪيلو ڇڏڻ نه پيو چاهي. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جنهن ڏينهن کان مسلمان ٿيو ان کان پوءِ هڪ گهڙي لاءِ به هن پيغمبر جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ هميشه کليءَ طرح حمايت ۽ طرفداري ڪندو رهيو، پر اهڙو وقت به آيو جو حضرت محمد ﷺ جن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن ابوبڪر رضي الله مڪي ۾ رهيو ته قتل ٿي سگهي ٿو. ان ڪري حضرت محمد ﷺ جن ان کي چيو ته مڪو ڇڏي وڃ. حضرت ابوبڪر رضي الله انتهائي غمگين ۽ لاچاريءَ جي عالم ۾ پيغمبر اسلام جن کان جدا ٿيو ۽ جزيره عرب جي ڏکڻ ۾ هڪ اهڙي علائقي ڏانهن روانو ٿيو جنهن کي اڄ ملڪ يمن چيو وڃي ٿو.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله قريش وارن جي لاعلميءَ ۾ مڪي کان نڪري ويو ۽ جزيره عرب جي ڏکڻ طرف قدم وڌائڻ شروع ڪيائين. رستي ۾ هڪ اهڙي علائقي ۾ پهتو جتي هڪ تمام وڏو قبيلو رهندو هو ۽ انهن جي سربراهه جو نالو ”رفاعي“ هو.
”رفاعي“ جڏهن اهو ٻڌو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله چوري لِڪي مڪي مان نڪتو آهي ته ان کي وڏي حيرت ٿي ڇو جو هو کيس سڃاڻندو هو ته حضرت ابوبڪر رضي الله مڪي جو مشهور معروف تاجر آهي. ان ڳالهه جي ڪري کيس تعجب منجهان پڇا ڪيائين ته، ”اي ابوبڪر! ڇا تون پنهنجي شهر کان ڀڄي نڪتو آهين.“
حضرت ابوبڪر رضي الله جواب ڏنو ته، ”دراصل ڳالهه هي آهي ته مون نئون دين قبول ڪيو آهي، ان ڪري قريش وارا مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا هئا. مان پنهنجي جان بچائڻ خاطر مڪي کان ٻاهر نڪري آيو آهيان. رفاعي چيو ”اي ابوبڪر، مان توکي ساڻ وٺي هلان ٿو ۽ قريش وارن کي چوان ٿو ته مان تنهنجي پاڙيسري جي حيثيت ساٿ ڏيان ٿو، ان ڪري اهي ماڻهو توکي نقصان پهچائي نه سگهندا.
رفاعي پنهنجي واعدي تي عمل ڪيو ۽ هو حضرت ابوبڪر رضي الله کي ساڻ ڪري مڪي وٺي آيو ۽ قريش وارن کي چيائين ته هي ماڻهو منهنجي پناهه هيٺ آهي مان پاڙيسري جي حق مطابق فائدو وٺي رهيو آهيان ان ڪري ڪوبه جيڪڏهن هن کي ايذاءُ رسائيندو ته ان جو واسطو مون سان هوندو.
”حق جوار“ يا پناهه ڏيڻ جو حق ريگستاني عربن جي هڪ پراڻي رسم هئي. ان مطابق جيڪڏهن ڪو به قبيلو ڪنهن شخص جي حمايت ڪرڻ چاهيندو هو ته ائين چوندو هو ته فلاڻو شخص منهنجي پناهه ۾ آهي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو پناهه وٺندڙ ماڻهوءَ کي ايذائيندو هو يا قتل ڪرڻ جي سوچيندو هو ته ان کي پناهه ڏيندڙ ”حق جوار“ قبيلي سان منهن ڏيڻو پوندو هو.
رفاعي جو قبيلو هڪ وڏو طاقتور قبيلو هو، ان قبيلي جا سڀ ماڻهو بهادر ۽ جنگي پهلوان هئا، اهو قبيلو مڪي کان گهڻو پري به هو. ان ڪري قريش وارن اهو سوچي ورتو ته قبيلي رفاعي جي دشمني سر تي نه کنئي وڃي، حضرت ابوبڪر رضي الله کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جڏهن مڪي وارن جي شرارتن کان پاڻ کي محفوظ سمجهيو ته ان پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍي مسجد ٺاهي ۽ روزانو رات جو وڏي آواز ۽ خوش بيانيءَ سان قرآن جي تلاوت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. جيتري قدر علم تاريخ جو تعلق آهي ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله اهو پهريون شخص آهي جنهن وڏي آواز ۾ خوش بيانيءَ سان قرآن جي تلاوت ڪئي آهي. ان کان اڳ ٻيا مسلمان قرآن ضرور پڙهندا هئا پر وڏي آواز سان نه ڇو جو انهن کي اسلام جي دشمنن جو ڊپ هو پر حضرت ابوبڪر رضي الله رفاعي جي حمايت سان قرآن جي تلاوت جاري رکي. سندس آواز به تمام گهڻو دل کي وڻندڙ هو ۽ رات جو وڏي آواز سان تلاوت ڪندو رهندو هو.
اهي سڀئي شخصيتون جن کي عربي زبان تي عبور حاصل آهي، انهن کي اها خبر آهي ته قرآن شعر نه آهي. پر ان جو چند آيتون اهڙي انداز سان آهن، خاص طور تي قرآن جون مختصر آيتون جيڪي مڪي ۾ نازل ٿيون.
جيئن ته، سورة اخلاص، سورة احد، سورة ”العلق“، سورة تبت، سورة کافرون، سورة کوثر، قريش الفيل، العصر، تکاثر، القارعه، زلزله، والتين، الم نشرح، والضحيٰ واليل، والشمس، والبلد، الفجر، غاشيه، الطارق، البروج وغيره. اهي سڀئي سورتون مڪي ۾ نازل ٿيون ۽ بحر سان آهن ۽ ڪن سورتن ۾ وزن کان علاوه قافيو به موجود آهي.
جيئن ته مڪي ۾ نازل ٿيل سورتون قافيه دار هيون، ان ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله به انهن کي اهڙي دل نشين انداز سان تلاوت ڪندو هو جو جيڪو به ان جي گهر وٽان گذر ڪندو هو پوءِ ڇو نه اهو اسلام جو دشمن هجي اتي بيهي رهندو هو ۽ ۽ ڪَن لڳائي قرآن جي تلاوت ٻڌندو هو.
عربن ۾ هيءَ به هڪ خصوصيت هئي ته ڪنهن خوبصورت آواز ۽ دل کي وڻندڙ شعر کي ٻڌڻ کان نه لنوائيندا هئا. ڀل دشمن جو آواز هجي.
هڪ يورپي دانشور لکي ٿو ته فطرت ريگستاني عرب کي چئن شين سان نوازيو ويو آهي. هڪ اُٺ، ٻيو تنبو، ٽيون تلوار، چوٿون شعر. خوبصورت شعر کي ريگستاني عرب زندگي جي ضرورتن وانگر اهميت ڏيندو آهي ۽ اهو خوبصرت شعر سندس دل کي موهي وجهي ٿو.
هڪ اهڙو ترانو جيڪو ريگستاني عربن ايجاد ڪيو، جيڪو ”حدي“ جي نالي سان مشهور آهي. اٺن تي سواري ڪندڙن هي ترانو ايجاد ڪيو ۽ انهن ان تراني جي بيهڪ کي اٺن جي قدمن کڻڻ جي انداز ۾ ٺاهي پيش ڪيو.
شروعات ۾ بيابان ۾ رهندڙ عرب صرف ان لاءِ اهڙا شعر ڳائيندا هئا ته سفر ۾ ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿئي پر هن ”حدي“ تراني کي سُر سان ڳائڻ ۾ قطار ۾ قافلي کي به مسرت حاصل ٿيندي هئي. اُٺ به اهڙي ئي انداز ۾ قدم کڻندا آهن ڄڻ ترانو حدي ڳايو وڃي ٿو.
اڄ به چوڏهن سو سالن اڳ وانگر اها رسم جزيره عرب جي اٺن تي سفر ڪرڻ وارن وٽ موجود آهي ۽ اهوئي ”حدي“ ترانو ڳائيندا رهن ٿا
بهرحال جيئن ئي رات جي اونداهي ٿيندي ويندي هئي ۽ مڪي جو شهر خاموش ٿيندو ويندو هو ۽ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورندا هئا، حضرت ابوبڪر رضي الله پنهنجي دل کي ڇهندڙ آواز ۾ قرآن جي تلاوت شروع ڪر ي ڏيندو هو.
هڪ عرب مؤرخ ابن هشام لکي ٿو ته جيڪو به ماڻهو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي گهر کان گذرندو هو ته اتي بيهي ڪن ڏيئي قرآن جي آيتن جي تلاوت ٻڌندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو ايترا جمع ٿي ويندا هئا جو آمدروفت بيهجي ويندي هئي.
قريش وارن جڏهن اها حالت ڏٺي ته مختلف تحفن سان رفاعي سربراهه ڏانهن پيغام موڪليو ته، ”جيئن تو ابوبڪر رضي الله کي پنهنجي حمايت سان رکيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي ايترو ته چئو ته وڏي آواز سان قرآن نه پڙهي ڇو جو ماڻهو ان جي آواز ٻڌڻ تي ان جي گهر جي آس پاس ڪٺا ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهن جي هڪ جاءِ جمع ٿيڻ سان مڪي جي امن امان ۾ خلل پيدا ٿي سگهي ٿو.
رفاعي قريش وارن جا تحفا وصول ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله ڏانهن پيغام موڪليو ته هو وڏي آواز سان قرآن نه پڙهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته ان کان ”حق جوار“ واري رعايت واپس ڪئي ويندي يعني ان کان پوءِ رفاعي قبيلي جي حمايت کان محروم ٿي ويندين.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله رفاعي قبيلي جي سربراهه ڏانهن اهو جواب موڪليو ته مان دين کان منهن موڙي نٿو سگهان ۽ نه وري وڏي آواز سان تلاوت ڪرڻ جي لطف کان محروم ٿيڻ چاهيان ٿو ڇو جو منهنجي جانِ انهن آيتن سان تعلق رکي ٿي جن کي آءٌ وڏي آواز سان پڙهندو آهيان. جيڪڏهن تون چاهين ته پنهنجي حمايت مون تان واپس ڪري سگهين ٿو ۽ ان کان بعد مان پنهنجي جان پيغمبر اسلام ﷺ وانگر خدا جي حوالي ڪري ڇڏيندس.