پهريون مسلمان
جيئن ته پيغمبر ﷺ تي ايمان آڻڻ واري پهرئين شخصيت سندن گهرواري حضرت خديجه هئي ۽ ان کان بعد سندن چاچي حضرت ابوطالب جي فرزند حضرت علي بن ابوطالب مسلمان ٿيو، جنهن کي پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي اولاد وانگر پالي وڏو ڪيو هو.
ٽيون مسلمان حضرت محمد ﷺ جن جو غلام ”زيد“ هو، جنهن کي پاڻ ﷺ آزاد ڪري ڇڏيو هو پر هو پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ لاءِ رضامند نه هيو ۽ چيائين ته مان حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي پيءُ ماءُ کان وڌيڪ عزيز سمجهان ٿو، حضرت خديجه ؒ، حضرت علي ڪرم الله وجه ۽ حضرت زيد کان بعد ڪوئي ٻيو شخص حضرت محمد ﷺ جن تي ايمان آڻڻ لاءِ آماده نه هو؟
ٽن سالن جي مدت ۾ يعني 610ع کان 613ع تائين مسلمانن جو تعداد پاڻ سڳورنﷺ کان سواءِ ٽن ماڻهن تي مشتمل هو. ان سال حضرت ابوبڪر به مسلمان ٿي ويو ۽ ان طرح مسلمانن جو تعداد چار ٿي ويو. پر حضرت محمد ﷺ انهن چئن کان سواءِ ٻين کي مسلمان بنائڻ جي جيتري به ڪوشش ڪن پيا ڪامياب نه پيا ٿين. مڪي وارا جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن جي نئين دين کي تسليم نه پيا ڪن ته شروعات ۾ ان جي مخالفت به نه ڪندا هئا. اهي ماڻهو جڏهن به ڏسندا هئا ته حضرت محمد ﷺ جن ٻين کي اسلام جي دعوت ڏئي رهيا آهن ته اهي دشمنيءَ جو نه مظاهرو ڪندا هئا ۽ نه پاڻ سڳورنﷺ جي ڳالهين ڏي توجهه ڏيندا هئا. شايد ان ڳالهه جو سبب هي هو ته هنن روايت موجب جزيره عرب جي سرزمين تي هڪ لک چويهه هزار پيغمبر ٿي گذريا آهن، جن کان ڪيترن سؤن جي تعداد ۾ انهن جا نالا ۽ انهن جي زندگيءَ جا واقعا تاريخ ۾ درج ٿيل نه آهن، جڏهن ته اڪثر پيغمبرن جا نالا نشان به معلوم نه آهن. ان ڪري عرب جا ماڻهو نسل درنسل پيغمبر ڏسڻ جا عادي هئا ۽ اهي ماڻهو جڏهن ڪنهن پيغمبر کي تبليغ ڪندي ڏسندا هئا ته حيرت نه کائيندا هئا ۽ نه وري سوچڻ جو جذبو سجاڳ ٿيندو هُين.
حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جڏهن مسلمان ٿي ويو ته ان وقت حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي گهر ۾ هڪ ڌيءَ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو عائشه رکيو ويو. حضرت عائشه اها پهرئين هستي آهن جن مسلمان جي حيثيت سان هن دنيا ۾ قدم رکيو ڇو ته سندن والد مسلمان هو.
ڪجهه عرصي بعد حضرت محمد ﷺ جن تي قرآن جي ڇويهين سورة نازل ٿي، جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي ڄاڻايو ته پنهنجي رشتيدارن کي دين اسلام جي دعوت ڏي.
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته، ”وانذر عشيرتڪ الاقربين“ يعني پنهنجي عزيز رشتيدارن کي ڊيڄار يعني انهن کي دين جي دعوت ڏي ته جيئن اهي اسلام قبول ڪن. راويت موجب هن آيت جي نازل ٿيڻ بعد پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي سوٽ حضرت علي رضي الله کي فرمايو ته پنهنجي سڀني چاچن ۽ سندن اولاد کي کاڌي جي دعوت تي گهرايو، هن روايت ۾ هي ذڪر ٿيل آهي ته حضرت محمد ﷺ جن انهن کي دعوت دين ڏني پر انهن مان ڪنهن به قبول نه ڪئي، صرف حضرت علي رضي الله پنهنجي جڳهه تي اُٿي بيهي فرمايو، ”يا محمد ﷺ مان اوهان جي دعوت قبول ڪريان ٿو ۽ اوهان تي ايمان آڻيان ٿو.“ هن روايت جو آخري حصو ڪجهه اسلامي دانشورن جي نظرئي مطابق نه آهي، ڇو ته حضرت علي رضي الله ان دعوت کان پهريائين اسلام قبول ڪري چڪو هو. جيئن ته بيان ٿي چڪو آهي ته حضرت خديجه جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ٻيو شخص حضرت علي رضي الله آهي جنهن پاڻ سڳورنﷺ تي ايمان آندو هو، ان ڪري تاريخ ۽ ٻين حالتن کي مدنظر رکڻ کان پوءِ هي صورتحال سامهون اچي ٿي.
جڏهن الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي حڪم ڏنو ته پنهنجي قريبي عزيزن کي اسلام جي دعوت ڏي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي عزيزن جي اخلاق ۽ ڪردار ۽ انهن جي فڪر جي طريقي ۽ ذهني نفسيات جي باري ۾ غور فڪر ڪرڻ شروع ڪيو. پاڻ سڳورنﷺ سڀ کان اول چاچي حضرت ابوطالب جي باري ۾ سوچيو ۽ جلدئي ان نتيجي تي پهتا ته جيتوڻيڪ حضرت ابوطالب هڪ شريف ۽ نيڪوڪار انسان آهن، پر اهي پنهنجي وڏڙن جي پراڻين روايتن تي سختي سان پابند هئڻ سبب پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين کي ڇڏڻ لاءِ ڪڏهن به آماده نه ٿيندا.
حضرت ابوطالب کان بعد پاڻ سڳورنﷺ جي قبيلي جي وڏي مرتبي واري شخصيت ”ابي لهب“ هو جيڪو حضرت ابوطالب جو ڀاءُ هو. ابي لهب مڪي جو هڪ مالدار تاجر تصور ڪيو ويندو هو. ان کي مذهبي ڪمن سان ڪائي خاص دلچسپي نه هئي، پر صرف ايتري تائين جو مذهبي عقيدي ذريعي تجارتي فائدو حاصل ڪري سگهي.
قريش جا ٻيا تاجر به ائين ئي هئا ۽ اهي به مذهب سان صرف ان ڪري دلچسپي رکندا هئا ته ان سان انهن ۾ پنهنجي مفاد جي نظر هوندي هئي. انهن لاءِ مذهب جو هڪ وڏو فائدو اهو هو ته هر سال چئن مهينن لاءِ جنگ جهيڙو ۽ لٽ ڦر تي پابندي هوندي هئي، ته جيئن مختلف قافله آزاديءَ سان آمدورفت ڪري سگهن ۽ مڪي جي مشهور بازار ”عڪاظ“ جاري رهي.
جهڙي طرح پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب ۾ اميد نه هئي ته مسلمان ٿي ويندو، اهڙي طرح ابي لهب جي باري ۾ به اها اميد نه رکندا هئا ته هو الله جو دين قبول ڪندو.
ابي لهب جي گهرواري هڪ پڙهيل لکيل مالدار عورت هئي جنهن جو نالو جميله هو، جميله ابوسفيان جي ڀيڻ هئي ۽ ابوسفيان جو شمار مڪي جي دولتمند تاجرن ۾ ٿيندو هو.
حضرت محمد ﷺ ۽ ابي لهب جي وچ ۾ چاچي ڀائٽي جي رشتي کان علاوه هڪ ٻيو به رشتو موجود هو، ابي لهب ۽ جميله جي ٻن پٽن جي شادي حضرت محمد ﷺ جن جي نياڻين سان ٿيل هئي. اهڙي طرح ابي لهب جا ٻه پٽ پاڻ سڳورنﷺ جا نياڻا به هئا. ابي لهب جي گهرواري جميله شاعريءَ سان شوق رکندي هئي، شاعريءَ ۾ ڪنهن جي برائي ڪرڻ لاءِ کيس مهارت حاصل هئي.
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن دين اسلام جي تبليغ شروع ڪئي ته جميله برائي جي لفظن کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي پاڻ سڳورنﷺ جي خلاف استعمال ڪندي هئي ۽ ٻين ماڻهن کي ڀڙڪائيندي هئي.
ابي لهب ۽ سندس گهرواري دين اسلام کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ نه ٻئي ڪنهن مذهب جي عقيدن تي يقين رکندا هئا. ابي لهب هن جهان کي صرف ڪاروبار جو ذريعو تصور ڪندو هو ۽ هن جي ساري ڪائنات صرف خريد و فروخت ۽ نفعي نقصان تي ٻڌل هئي.
حضرت عبدالمطلب جو ٽيون پٽ حمزه جي نالي سان مشهور هو، جيڪو به پاڻ سڳورنﷺ جي قريبي رشتيدار هئڻ ڪري، الله جي حڪم مطابق ان کي به دين اسلام جي دعوت ڏيڻ ضروري هئي. حضرت حمزه هڪ نامي گرامي پهلوان هو. مختلف راندين جو شوقين هيو ۽ سندس سارو ڌيان صرف راندين ۾ لڳل هوندو هو ته جيئن مختلف مقابلن ۾ شرڪت ڪيان ۽ انعام ۽ عزت حاصل ڪريان. ان وقت ملڪ جي اڪثر رانديگرن وانگر ماڻهن کي نفرت جي نظرن سان ڏسندو هو، جيڪي راندين جا شوقين نه هئا يا جيڪي انهن مقابلن ۾ شرڪت نه ڪندا هئا. پر انهن ڳالهين جي باوجود به هو دل جو سچو ۽ قول جو پڪو انسان هو. پاڻ سڳورنﷺ کي به ان جي باري ۾ فڪر رهندو هو ته شايد هي به مسلمان ٿيڻ نه قبولي، ڇاڪاڻ ته هو ظاهري مذهبي ڪمن ۾ ڪائي دلچسپي نه وٺندو هو.
حضرت عبدالمطلب جي چوٿين پٽ جو نالو حضرت عباس هو. ان جو ڌنڌو سون ۽ وياج جو هيو، هو مڪي، مديني ۽ طائف وارن سان ملي ڪاروبار ڪندو هو. حضرت عباس جي دنيا ٻن طبقن ۾ ورهايل هئي، هڪ قرض ڏيڻ ٻيو قرض وٺڻ. حضرت عباس جي اهائي ڪوشش هوندي هئي ته جيتري تائين ٿي سگهي، پنهنجن قرضين کان سود (وياج) حاصل ڪريان ۽ ايتري تائين جو ڪنهن به ماڻهو کي بغير ضمانت قرض نه ڏيندو هو.
پاڻ سڳورنﷺ جن جڏهن حضرت عبدالمطلب جي پٽن تي پنهنجي نظر ڦيرائي ته پاڻ سڳوراﷺ ان نتيجي تي پهتا ته حضرت ابوطالب هڪ عمر رسيد ۽ ضعيف شخص آهي، ابولهب هڪ دولت پرست سوداگر آهي، حضرت حمزه به راندين جو شوقن آهي ۽ حضرت عباس هڪ وياج خور واپاري. انهن مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن جي دين سان سچي محبت هجي. انهن جو مذهبي لاڳاپو زياده کان زياده دنيا جي معاملن تي آهي.
جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ اهو ڄاڻندا هئا ته انهن مان ڪوبه شخص الله جي ڪلام ٻڌڻ لاءِ تيار نه اهي، پر ان جي باوجود پاڻ سڳورنﷺ الله جي حڪم کان منهن نه ڦيريو ڇو ته اهو حڪم نازل ٿي چڪو هو ته پنهنجي عزيزن قريبن کي دين اسلام جي دعوت ڏيو. پاڻ سڳورنﷺ کي جڏهن اهو احساس ٿيو ته سندن پيغام جو اثر پنهنجي رشتيدارن جي مئل روح کي راحت بخشي نه سگهندو، ته ان سوچ ۾ پاڻ سڳوراﷺ ايترو ته فڪرمند ٿي پيا جو ان غم ۽ فڪر پاڻ سڳورنﷺ کي بيمار ڪري وڌو. پاڻ سڳورنﷺ جي ٻين چاچن کين چيو ته اوهان پنهنجي دور جي رشتيدارن کي دين اسلام جي دعوت ڏيو شايد اهي ان کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿي وڃن. انهن کي پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته مون کي هي حڪم مليو آهي ته پنهنجي قريبي رشتيدارن کي دين اسلام جي دعوت ڏيان ۽ مان الله جي نافرماني نٿو ڪري سگهان.
آخرڪار پاڻ سڳورنﷺ اهو فيصلو ڪيو ته پنهنجي قريبي رشتيدارن مان چاليهن ماڻهن کي جن ۾ حضرت عبدالمطلب جا چار پٽ به شامل هئا، پنهنجي گهرمانيءَ جي دعوت ڏيان.
ان موقعي تي حضرت علي رضي الله جن ميزبانيءَ جا فرض سنڀاليا، ڇو ته پاڻ سڳوراﷺ کين پنهنجي اولاد جيئان سمجهندا هئا. انهيءَ مهمان نوازيءَ جو تفصيل هن ريت آهي ته حضرت علي رضي الله جن مختصر کاڌو آڻي مهمانن جي آڏو رکيو. پاڻ سڳورنﷺ جن پنهنجي مهمانن کي فرمايو ته الله جو نالو وٺي کائڻ شروع ڪيو.
جيڪو ڪجهه مهمانن جي آڏو رکيو اهو زياده نه هيو، پر اهي مهمان جيترو به کائن پيا کاڌو کُٽي نه پيو، جڏهن سڀني دعوتين پيٽ ڀري کاڌو ته ان جي باوجود به وڏي مقدار ۾ کاڌو بچي پيو. ان کان بعد پاڻ سڳورنﷺ جن مهمانن لاءِ پاڻي آڻڻ لاءِ فرمايو. حضرت علي رضي الله جن هڪ پاڻيءَ جو پيالو کڻي آيا جنهن ۾ پاڻي بس ايترو هو جو صرف هڪ ماڻهوءَ جي پياس پوري ٿئي، پر جڏهن پهرئين شخص پنهنجي پياس مطابق پاڻي پيتو ته به پاڻيءَ ۾ ڪمي نه آئي، ايتري قدر جو سڀني مهمانن پنهنجي پياس پوري ڪئي تڏهن به پاڻيءَ جي پيالي ۾ ڪائي ڪمي محسوس نه ٿي. مهمانن کي ان واقعي تي وڏي حيرت ٿي. ابي لهب اهو چئي اُٿي بيٺو ته حضرت محمد ﷺ جن اسان تي جادو ڪيو آهي. ان کان پوءِ ٻيا به مهمان اُٿي هليا ويا. پاڻ سڳورنﷺ کي اهو موقعو ئي نه مليو جو انهن مهمانن سان الله ۽ ان جي حڪمن جي باري ۾ گفتگو ڪري سگهن.
هن دعوت بابت ٻي روايت آهي ته جڏهن کائڻ پيئڻ جو پروگرام پورو ٿيو ته پاڻ سڳورنﷺ الله ۽ الله جي حڪمن جي باري ۾ ڳالهائڻ چاهيو ته دعوت ۾ آيل ماڻهن پاڻ سڳورنﷺ جي ڳالهه ٻڌڻ کان سواءِ اُٿيا هليا ويا ۽ پاڻ سڳوراﷺ انهن ماڻهن کي اهو نه ٻڌائي سگهيا ته دعوت جو مقصد ڇا هيو.