علمي نقطي نظر ۾ معراج جي وضاحت
حضرت محمد ﷺ جن جي آسماني سفر يعني ”معراج“ جي باري ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ قرآني آيتون سڀ کان وڌيڪ واضع ۽ بنيادي ماخذ آهن. پوءِ به معراج النبي ﷺ جي ڪيفيت جي باري ۾ علماءِ اسلام جي نظرين ۾ اختلاف موجود آهي، يعني معراج جي حقيقت تي سڀ کي پختو يقين ته آهي، پر معراج ڪهڙي انداز ۾ ٿي، ان باري ۾ مختلف نظريا موجود آهن.•
ان کان پهريان جو مان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي معراج جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيان، اهو ضروري سمجهان ٿو ته ان سلسلي ۾ مسلمانن جي نظرين جو خلاصو پيش ڪريان.•
اسلامي مصنفن مطابق رجب مهيني ۾ حضرت محمد ﷺ جن کي الله تعاليٰ آسمانن جو سير ڪرايو، جنهن کي معراج سڏجي ٿو. مسلمانن جي روايتن مطابق حضرت محمد ﷺ جن جو آسمان جو سفر ٻن مرحلن تي مشتمل آهي؛ پهريون مرحلو زميني جيڪو مڪي کان بيت المقدس ۽ ٻيو مرحلو بيت المقدس کان آسمانن ڏانهن ۽ ان کان پوءِ عرش ڏانهن.
اسلامي تاريخدانن معراج جي واقعي جي ڪجهه حصن کي پيغمبر اسلام جن کان زباني انداز ۾ به روايت ڪيو آهي. جيڪو هن ريت آهي: ”مان ان رات مڪي ۾ ستل هيس. ان وقت مون کي عملي طور قبيلي بدر نه ڪيو ويو هو. مون ڏٺو ته گهر جي ڇت ۾ هڪ وڏو سوراخ نظر آيو، اتان جبرائيل هيٺ لٿو، جبرائيل منهنجي سيني کي چيري زم زم جي پاڻيءَ سان ڌوتو. پوءِ هڪ ”ابريق“ آندائين (ابريق مان مراد هڪ نوراني شيءِ) جيڪا حڪمت ۽ دانائيءَ سان ڀريل هئي. پوءِ جيڪو ڪجهه ان ۾ هيو منهنجي سيني ۾ پلٽيائين ۽ پوءِ منهنجي ڇاتيءَ کي سِبي منهنجو هٿ وٺي مون کي چيائين ته ”اُٿ“ پوءِ مون کي ”براق“ تي کنيو ويو.“
”براق“ جنهن تي حضرت محمد ﷺ جن سوار ٿيا، دراصل هڪ گهوڙي ۽ خچر جي درمياني سواري هئي، جنهن جو مٿو هڪ عور ت وانگر هيو، اها سواري بجلي جهڙي تيز رفتاري سان هلي پئي. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن براق تي سوار ٿيا ته پاڻ ﷺ جن خواب ۽ جاڳ جي وچٿري حالت ۾ هئا.
پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن براق تي چڙهي روانا ٿيا ته سڀ کان پهريان، ”جبرون“ نالي شهر ۾ داخل ٿيا، جتي حضرت ابراهيم جن جي مزار هئي. حضرت محمد ﷺ جن مزار تي دعا گهري، ان بعد پيغمبر اسلام جن براق تي سوار ٿي ”بيت اللحم“ نالي جڳهه تي پهتا. ان جڳهه تي حضرت عيسيٰ جن جي ولادت ٿي هئي. پاڻ ﷺ جن اتي به دعا گهري. ان کان پوءِ ”بيت المقدس“ ڏي روانا ٿيا ۽ مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيا.
هتي پيغمبر اسلام جن جي سفر جو پهريون مرحلو پورو ٿيو يعني زميني سفر ختم ٿيو ۽ مسجدالاقصيٰ کان سفر جو ٻيو مرحلو يعني آسمانن جو سفر شروع ٿيو.
ان کان اڳ جو ان رات حضرت محمد ﷺ جن آسمانن ڏانهن روانا ٿين اتي پاڻ ﷺ جن بيت المقدس ۾ واقع ”قبته الصخرة“ يعني پٿرن جي گنبذ تي پنهنجي قدم مبارڪ جو نشان ڇڏيو بلڪل ائين جيئن حضرت ابراهيم ”مقام ابراهيم“ تي پنهنجي قدمن جا نشان باقي ڇڏيا هئا.
حضرت محمد ﷺ جن براق تي سوار ٿي آسمانن طرف روانا ٿيا ۽ پهرئين آسمان تي پهتا جيڪو ٻين آسمانن جي ڀيٽ ۾ زمين کي وڌيڪ ويجهو آهي. اتي پيغمبر اسلام جن حضرت آدم کي ڏٺو ۽ ڏٺائون ته حضرت آدم انسانن جي ٻن ٽولن جي وچ ۾ بيٺا آهن، جيڪي هينئر هينئر زمين کان هتي پهتا آهن. انهن مان ڪجهه ماڻهو حضرت آدم جي سڄي پاسي بيٺا آهن جيڪي بهشت ڏانهن وڃڻا هئا ۽ ٻيا کٻي پاسي بيٺا آهن جن کي دوزخ ۾ وڃڻو هو. حضرت آدم جڏهن سڄي پاسي نهارن پيا ته مسڪرائن پيا پر جڏهن کاٻي پاسي نهارن پيا ته روئي پون پيا. ڇو جو حضرت آدم تمام انسانن جو پيءُ آهي، ان ڪري هڪ همدرد پيءُ وانگر پنهنجي اولاد جي خوش نصيبي تي ان کي خوشي ٿيندي ۽ ان جي بدقسمتي تي روئي ڏنو ٿي.
حضرت محمد ﷺ جن پهرئين آسمان کان اڳتي وڌيا ۽ جڏهن ٻئي آسمان تي پهتا ته اتي حضرت عيسيٰ سان ملاقات ڪيائون. پوءِ ٽئين آسمان ڏانهن روانا ٿيا ۽ اتي يوسف کي ڏٺائون. اڳتي چوٿين آسمان تي حضرت ادريس کي ڏٺائون ۽ پنجين آسمان تي حضرت هارون کي ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ ۽ ستين آسمان تي جنهن مٿان ڪوبه آسمان نه آهي اتي حضرت ابراهيم سان ملاقات ڪيائون. حضرت ابراهيم ستين آسمان تي هڪ گهر جي ديوار سان ٽيڪ ڏيون ويٺا هئا، اهو فرشتن جو گهر هو، جنهن جو نقشو بلڪل خانه ڪعبه جهڙو هو.
ستين آسمان کان پوءِ اهڙو علائقو شروع ٿي ويو، جهڙو خانه ڪعبه جي چوگرد جنهن کي ”حرم“ سڏيو ويندو آهي. ان علائقي يعني حرم جي آخري ڪناري تي ”سدرة المنتهيٰ“ واقع آهي. سدرة المنتهيٰ درحقيقت ان وڻ جو نالو آهي جيڪو ڪائنات جي آخري حد تي موجود آهي. ان کان اڳتي اهڙي ڪيفيت طاري آهي جنهن جي باري ۾ ڪوئي نٿو ڄاڻي سگهي ته اڳتي ڇا آهي؟
ان جڳهه تي پيغمبر اسلام ﷺ جن الله تعاليٰ کي ايترو ته ويجهو پهچي ويا جتي قلم جي هلڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو پئي. معلوم ٿيو ته هتي انسانن جا عمل درج ڪيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ حضرت محمد ﷺ جن الله جي قلم جو آواز ٻڌي رهيا هئا. پر کين الله نظر نه آيو ڇو جو ڪوبه الله کي ڏسڻ جي طاقت نٿو رکي، ڀَل پيغمبر ئي ڇو نه هجي.
جيتوڻيڪ حضرت محمد ﷺ جن پيغمبر هئا، پوءِ به پاڻ ﷺ الله جو سڌو آواز نه پيا ٻڌي سگهن ۽ الله جو آواز جبرائيل جي ذريعي پاڻ ﷺ جن تائين پهچايو پئي ويو. هن مقام تي ذات الاهيءَ حضرت جبرائيل جي وسيلي حضرت محمد ﷺ جن سان گفتگو ڪئي ۽ الله تعاليٰ فرمايو ته اسان کي خبر آهي ته اوهان (ﷺ) کي اوهان جي خاندان وارن ڇڏي ڏنو آهي، ليڪن اي محمد ﷺ اوهان کان اڳ به ڪجهه پيغمبر اهڙا هئا، جن بيشمار مصبتون سٺيون ۽ انهن ڪيترن ئي مختلف ايذاءَ کي سهي جان قربان ڪري ڇڏي.
ان کان پوءِ الله تعاليٰ پيغمبر اسلام ﷺ جن سان آئنده جي ذميوارين جي باري ۾ گفتگو ڪئي ۽ فرمايائون ته جهڙي طرح موسيٰ پنهنجي پيروي ڪندڙن کي جمع ڪري مصر کان هجرت ڪئي، اهڙي طرح اوهان به پنهنجي امت سان گڏجي هجرت ڪريو ۽ مڪي کان نڪري وڃي، جيئن واضع ٿئي ته ان ڪم جي لاءِ مضبوط ارادي ۽ استقامت جي ضرورت آهي ۽ اسان پنهنجي پيغمبر کي انهيءَ لاءِ آسمانن تي گهرايو آهي ته جيئن ان جي ارادي ۽ عزم ۽ استقامت ۾ جٽاءُ پيدا ڪريون.
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن بارگاهه الاهي کان موڪلائڻ لڳا ته وقت کين الله تعاليٰ کان ٻارهن حڪم مليا، (اهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ به ڏه فرمان حاصل ڪيا هئا.) پاڻ انهن حڪمن کي مسلمانن تائين پهچائڻ جي ذميواري قبول ڪئي، اهي فرمان هي آهن:
(1) مسلمان هڪڙي خدا کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪن.
(2) پنهنجي والدين جو احترام ڪن.
(3) رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ سان پيش اچن.
(4) غريبن، مسڪينن ۽ پناهه وٺندڙن جي رهنمائي ڪن.
(5) فضول خرچي نه ڪن.
(6) ڪنجوسيءَ کان پرهيز ڪن.
(7) زنا نه ڪن.
(8) انساني جان جي قتل جا مجرم نه بڻجن.
(9) ٻين جي مال خاص طورتي يتيمن جي مال کي نه ڦٻائن.
(10) ماپ تور ۾ بي ايمانيءَ کان ڪم نه وٺن.
(11) عقل جي خلاف ڪمن کان پرهيز ڪن، يعني اهڙا ڪم اختيار نه ڪن جن کي عقل تسليم نه ڪري.
(12) وڏائي ۽ غرور مان ڪم نه وٺن.
پيغمبر اسلام ﷺ جن معراج تان واپسي کان پوءِ انهن سڀني ماڻهن جو تعارف ڪرايو جن سان پاڻ ﷺ جن مختلف آسمانن تي ملاقات ڪئي هئي.
قديم اٽليءَ جو دانشور ”علي غيري دانتي“ پنهنجي ڪتاب ”خدائي ڪاميڊي“ ۾ لکي ٿو ته معراج جي سفر ۾ حضرت محمد ﷺ جن کي تمام نبين ۽ نبي نوع انسان جي عمل ڪندڙن شخصيتن سان ملاقات ۽ انهن کي سڃاڻڻ جو موقعو نصيب ٿيو. پاڻ ﷺ جن اهڙن ماڻهن کي به ڏٺو جيڪي ”تلوار ۽ قلم“ وارا به هئا، يعني جنگي جوان ۽ قلم وارا به هئا. پيغمبر اسلام ﷺ جن اهڙن سڀني پيغمبرن ۽ الله جي نيڪ ٻانهن سان ملاقات ڪئي جيڪي صديون پهريون هن دنيا مان گذري چڪا هئا. اها معراج جي هڪ اهم ڪاميابي تصور ٿي ڇاڪاڻ ته پاڻ ﷺ جن انهن کي ويجهڙائي سان ڏٺو ۽ کين سڃاڻڻ جو موقعو مليو.
علماء اسلام مان ڪن جو چوڻ آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جسم خاڪي سان آسمانن تي نه ويا ۽ ان ڳالهه جي ضرورت به نه هئي، پر پاڻ سڳورنﷺ جن جي روح مبارڪ آسمانن جو سير ڪيو ۽ سدرة المنتهيٰ تائين پهتا ۽ الله سان هم ڪلام ٿيا.
اهي علماءِ اسلام جن جو عقيدو آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جسماني حالت سان آسمانن تائين ويا، اهو دليل پيش ڪن ٿا ته پاڻ ﷺ پيغمبر هئا، ان ڪري کين الله تعاليٰ قدرت حاصل هئي ته جسماني حالت سان سير ڪن ڀلي اهو سير ستن آسمانن تائين پهچڻ جيترو ڇو نه هجي.
اڄ جو عام انسان پيغمبر نه هوندي به پنهنجي صلاحيتن سان اهڙيون ڳالهيون پيش ڪري چڪو آهي جن کي ذهن به تسليم نٿو ڪري پر ان جي باوجود حيرت به نٿي ٿئي. بجلي اڄ جي عام انسان جي ايجاد آهي جيڪا اک ڇنڀ ۾ هزارين ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه تي اسان کي ذري جيتري به حيرت نٿي ٿئي. يا اهوئي عام انسان جنهن پنهنجي صلاحيتن سان پنهنجي هٿن سان ميزائيل ۽ راڪيٽ ايجاد ڪيا جن جي رفتار لاءِ ذهن به تسليم نٿو ڪري ته ايترو تيز ڪهڙي طاقت انهن کي هلائي ٿي. انهيءَ ئي عام انسان اڄ اها دعويٰ به ڪئي ته هو چنڊ تي پهچي چنڊ جو سير ڪري آيو آهي.
هن ڪائنات جي ڌڻيءَ جنهن عام انسان کي ايترو ذهن ڏئي عجيب ڪارنامن جو خالق بڻايو، اهوئي رب ڇا پنهنجي پيغمبر ﷺ کي جسماني حالت ۾ نور جهڙي تيز رفتار شيءِ سان آسمانن جا سير نٿو ڪرائي سگهي؟
حضرت محمد ﷺ جن کي جنهن سواريءَ ذريعي معراج ڪرايو ويو ان کي براق جو نالو ڏنو ويو، ”براق“ لفظ برق مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي، ”بجلي“ تيز ۾ تيز رفتار.
علماءِ اسلام هيءَ حقيقت به لکي آهي ته جنهن رات حضرت محمد ﷺ جن معراج تي روانا ٿيا. ان رات بيت المقدس جي دروازن بند ڪندڙ رات جي وقت دروازا بند ڪيا، پر هڪ دروازو هن کان بند نه پيو ٿئي، هن سڀ هيلا هلايا پر دروازو بند نه ڪري سگهيو ۽ ٻين ماڻهن کي وٺي اچي دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نااميد ٿي پيا آخرڪار ڪنهن دروازي ٺاهيندڙ کي به گهرايو ويو. هن به ڪاريگريءَ جا جوهر ڏيکاريا پر دروازو بند نه ٿي سگهيو. دروازي کي کليل صورت ۾ ڇڏي سڀ هليا وي. صبح جو جڏهن اهو شخص دروازن کولڻ ۽ بند ڪرڻ وارو بيت المقدس پهتو ته ڏٺائين جيڪو دروازو بند ٿي نه سگهيو هو اهو بلڪل صحيح حالت ۾ بند آهي اهو ڏسي هو حيران ٿي ويو ۽ کيس بيت المقدس ۾ هڪ عجيب خوشبوءِ به محسوس ٿي. سو چيائين ته يقيناً خدا جي پياري شخصيت جي اڄ رات هتي آمد ٿي آهي. بيت المقدس جي اڳيان هڪ پٿر رکيل هو جنهن تي رسي ٻڌڻ جا به نشان محسوس ڪيائين.
علماءِ اسلام جو هي به چوڻ آهي ته باوجود ان جي ته حضرت محمد ﷺ جن ستن آسمانن تي ويا ۽ سدرة المنتهيٰ تائين پهتا ۽ اتي الله ساڻ هم ڪلام ٿيا، پر جڏهن واپس آيا ته پاڻ سڳورنﷺ جي گهر جي ڪنڊي جيڪا وڃڻ وقت کلي وئي هئي بدستور لڏي رهي هئي.
بهرحال حضرت محمد ﷺ جن انهيءَ ئي جسم خاڪيءَ سان نور کان به زياده تيز رفتاري سان معراج تي روانا ٿيا ۽ انهيءَ ئي تيز رفتاريءَ سان واپس آيا.
اها اسان جي ايمان جي تقاضا آهي ته ان ڳالهه تي پڪو ويساهه رکون ته بيشڪ خدا پنهنجي پيغمبر کي آسمانن جو سير ڪرايو ۽ الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ معراج جو ارشاد فرمايو آهي ۽ رسول الله ﷺ جن خود معراج جي واقعي کي پنهنجي زباني پيش ڪيو آهي، تنهن لاءِ اسان جو ايمان ۽ عقيدو آهي ته بيشڪ معراج برحق آهي.
الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع
سُبۡحٰنَ الَّذِیۡۤ اَسۡرٰی بِعَبۡدِہٖ لَیۡلًا مِّنَ الۡمَسۡجِدِ الۡحَرَامِ اِلَی الۡمَسۡجِدِ الۡاَقۡصَا الَّذِیۡ بٰرَکۡنَا حَوۡلَہٗ لِنُرِیَہٗ مِنۡ اٰیٰتِنَا ؕ اِنَّہٗ ہُوَ السَّمِیۡعُ الۡبَصِیۡرُ ﴿۱﴾
ترجمو: اهو پاڪ آهي جنهن پنهنجي ٻانهي (محمد ﷺ) کي هڪ رات ۾ مسجد حرام کان مسجد اقصيٰ تائين جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي سير ڪرايو هن لاءِ ته کيس پنهنجيون ڪجهه نشانيون ڏيکاريون بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (بني اسرائيل-١)