مذهب

حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

مڪي جي فتح

مڪي جي فتح

جڏهن ابوسفيان مديني کان مڪي پهتو، ته ان مڪي وارن کي ٻڌايو ته ٿي سگهي ٿو محمد (ﷺ)مڪي تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ڇو جو اڄ هو ايترو مضبوط ۽ بااثر ٿي چڪو آهي جو هاڻي اسان ان جي رستي جي ديوار نٿا بڻجي سگهون.
ابوسفيان جو اندازو بلڪل صحيح هيو. پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي کي فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئا، ان ڪري مسلمانن کي. جيتوڻيڪ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ۽ حضرت عمر بن خطاب رضي الله جيڪي ٻئي پيغمبر اسلام ﷺ جن جا سُهرا هئا، اهو نه سمجهي سگهيا ته پاڻ سڳوراﷺ ڪهڙي جڳهه تي حملي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا.
ان کان اڳ جو مسلمان تياريون شروع ڪن، پيغمبر اسلام ﷺ جن هي فرمان جاري ڪيو ته مديني جو رابطو ٻي دنيا کان ختم ڪيو وڃي. ٻاهران ڪوبه شخص مديني ۾ داخل نه ٿئي ۽ نه ئي مديني جا رهندڙ شهر جي حد کان ٻاهر قدم رکن. پيغمبر اسلام ﷺ جن چڱي ريت ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن ماڻهن جي آمدروفت جاري رهندي ته اسلام جي لشڪر جي تيارين جي شهر جي ڀرپاسي وارن قبيلن ۾ خبر ڦهلجي ويندي ۽ آهستي آهستي اها ڳالهه وڃي مڪي وارن جي ڪنن تي پڄندي، يا وري اچڻ وڃڻ وارا مڪي وڃي قريش کي اطلاع ڪندا ته مسلمان لڙائي جي تيارين ۾ مصروف آهن. پر اها خبر پهچائڻ وارو نٿو ٻڌائي سگهي ته حضرت محمد ﷺ جن ڪٿي حملو ڪرڻ چاهن ٿا، پوءِ به مڪي جي قريش وارن کي اها پڪ هئي ته حملو هن شهر تي ئي ٿيڻو آهي.
بهرحال جلدئي مدينو ٻاهرين دنيا کان مڪمل طور ڪٽجي ويو، نه ڪوئي شخص مديني ۾ داخل ٿي پئي سگهيو ۽ نه وري ڪو شهري ٻاهر نڪري پئي سگهيو. ٻاهر کان اچڻ وارا قافلا به شهر کان ٻاهر ترسي پنهنجو سامان اتي جو اتي ڏئي وٺي واپس ٿي پيا وڃن. جڏهن قافلا واپس وڃي چڪا پئي ته پوءِ اهو سامان شهر ۾ آندو پئي ويو.
مديني جي شهرين ۾ حاطب رضي الله بن ابي بلتعه رضي الله نالي هڪ شخص اهڙو هيو جيڪو پنهنجي ذهانت ۽ هوشمندي جي ڪري سمجهي ويو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪو فتح ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. هن جو اهل عيال ۽ ٻيا عزيز رشتيدار جيئن ته مڪي ۾ رهن پيا، ان ڪري ان هڪ خط لکي ساره نالي هڪ عورت جي حوالي ڪيو ته جيئن هوءَ مڪي ۾ ان جي خاندان وارن تائين پهچائي.
ساره مديني جي هڪ تاجر صيفي بن عمرو جي نوڪرياڻي هئي ۽ جيئن ته ان تاجر کي ضرورت جي شين کي آڻڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هئي، ان ڪري ساره به موقعي مان فائدو وٺي پنهنجي مالڪ سان گڏ مديني کان ٻاهر نڪري آئي ۽ لڪي ڇپي مڪي ڏانهن روانو ٿي وئي. حضرت علي رضي الله بن ابي طالب پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حڪم مطابق مديني جي رستن جي نگراني ڪري رهيو هو. ان ساره جو ارادو سمجهيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي ان جي پويان روانو ڪيو ۽ انهن کي چيائين ته هو هن عورت کي حراست ۾ وٺن ۽ اهو خيال ڪجو ته پنهنجي ڪابه شيءِ ضايع نه ٿئي. حضرت علي رضي الله جي ساٿين ساره کي پڪڙي وڌو ۽ ان وٽ جيڪو خط هيو، اهو وصول ڪري حضرت علي رضي الله وٽ کڻي آيا. حضرت علي رضي الله ان خط جو مضمون پڙهي اهو سمجهي ويو ته هي خط حاطب رضي الله بن ابي بلت رضي الله جي طرفان ان جي گهروارن ڏانهن لکيل آهي. پوءِ ساره کان پڇا ڪئي وئي ته جيئن اها خبر پوي ته هوءَ ان خط کان پاڻ واقف آهي يا نه. ساره خط جي باري ۾ اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي جنهن تي حضرت علي رضي الله ان واقعي جي پوري حقيقت پيغمبر اسلام ﷺ جن کي ٻڌائي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن حضرت حاطب رضي الله کي گهرائي اهو خط ڏيکاريندي پڇا ڪيائون: ”ڇا هي خط تو سيفي بن عمرو جي نوڪرياڻيءَ جي حوالي ڪيو هو ته جيئن هوءَ اهو مڪي پهچائي؟“
حاطب بن ابي بلتعه رضي الله صاف طرح سان اقرار ڪيو ته اهو خط ان جي طرفان موڪليو ويو هو، پيغمبر اسلام ﷺ جن پڇيو ته، ”ڇا صيفي بن عمرو کي اها خبر آهي ته تو ڪوئي خط ان جي نوڪرياڻيءَ جي ذريعي مڪي روانو ڪيو هو؟“ حاطب رضي الله جواب ڏنو بلڪل نه يارسول الله ، صيفي کي ان ڳالهه جو بلڪل پتو نه آهي. حاطب رضي الله بن ابي بلتعه رضي الله جي وضاحت ٻڌي ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن کي احساس ٿيو ته هن جي نيت پاڪ هئي ان صرف ان انديشي تحت اهو خط موڪليو ته پنهنجي خاندان کي ايندڙ خطري جي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ اهڙو پيغام انهن کي ملي ته جنگ جي صورت ۾ اهي مڪي کان نڪري ڪنهن ٻي جڳهه تي هليا وڃن. هنگامي حالت جي باوجود پاڻ سڳورنﷺ حضرت حاطب رضي الله جي قصور کي معاف ڪري ڇڏيو.
مگر خود مديني ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي آئنده ارادن جي باري ۾ ٻه افواهه هلن پيا، ڪجهه ماڻهو چون پيا ته پيغمبر اسلام ﷺ لشڪر روم جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن، جيئن جنگ موته ۾ مسلمانن جي نقصان جو بدلو ورتو وڃي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو خيال هيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن بنوسليم قبيلي کي سزا ڏيڻ چاهن ٿا. ڇو جو هي قبيلو مسلمانن جي لاءِ مسلسل پريشانيون پيدا ڪندو رهي پيو، ليڪن انهن ماڻهن کي ذري جيترو به گمان نه هو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جون نظرون مڪي تي آهن ۽ پاڻ ﷺ جن مڪي وڃڻ جو ارادو رکن ٿا.
بهرحال جڏهن هڪ طرف مديني ۾ لڙائيءَ جون تياريون وڏي زور شور سان جاري هيون ته ٻئي طرف مسلمان قبيلن ڏانهن پيغام موڪليا ويا ته اهي به جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تيار رهن. بعد ۾ مسلمانن جو جنگي قافلو مديني کان نڪتو ۽ مڪي ڏانهن روانو ٿيو. رستي ۾ مسلمان قبيلن مان ٻيا به اچي اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿيا ۽ منزلون ڪندا رستي ۾ مسلمانن جي تعداد ۾ اضافو ڪندي اڳتي وڌندا رهيا. اسلامي تذڪره نويسن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي مڪي ۾ پهچڻ جي تاريخ 10 رمضان سن 8 هجري لکي آهي. پر اها وضاحت نه آهي ته اسلامي لشڪر ڪهڙي تاريخ تي مديني کان روانو ٿيو هو. پر اها ڳالهه واضع آهي ته ماهه رمضان ۾ مسلمان مديني کان روانا ٿيا. ٿي سگهي ٿو ته پهرئين رمضان تي مديني کان روانا ٿيا هجن. رمضان جو مهينو سڀ مسلمان روزي سان اچي قدير يا غدير نالي هڪ جڳهه تي پهتا جتي پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته اڄ کان وٺي روزا نه رکن ڇو جو الله تعاليٰ حڪم نازل ڪيو آهي ته مسلمانن کي سفر جي دوران روزا معاف آهن. ان ڏينهن کان بعد مسلمانن روزن رکڻ کان سواءِ پنهنجو سفر جاري رکيو ۽ مراتطهران نالي مقام تائين پهچي ويا جيڪو مڪي کان هڪ منزل پري هو. اسلام جو لشڪر اتي ترسيو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته جيئن ته رات جي اونداهي ٿي چڪي آهي باهه ٻاريو ته جيئن مڪي وارن کي خبر پوي ته مسلمانن جو لشڪر هتي پهچي چڪو آهي.
حضرت عباس جيڪو مڪي جو ڄاتل سڇاتل تاجر هو، ان زماني ۾ ٻين سوداگرن وانگر وياج خوري ڪندو هو ۽ پنهنجي صلاحيتن جي سبب اهو ڄاڻي ورتائين ته هاڻي مڪي جا قريش اسلام جي سامهون نه بيهي سگهندا. ان ڪري مڪي کان نڪري اچي مراتطهران ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اسلام قبول ڪيائين.
وضاحت: هتي تاريخ جو اختلاف آهي، ڪجهه اسلامي ليکڪ لکن ٿا ته حضرت عباس رضي الله مڪي جي فتح کان اڳ مسلمان ٿي چڪو هو، ٻي طرف ابوسفيان به حضرت عباس وانگر سمجهي چڪو هو ته مڪي جي فوج هاڻي لشڪر اسلامي جي سامهون ٿيڻ جي لائق نه رهي آهي. ان ڪري هو به صورتحال کي جاچڻ لاءِ مراتطهران جي آس پاس ۾ پهچي ويو. حضرت عباس رضي الله جو چوڻ آهي ته ان رات اسلامي لشڪر جي تنبن کان مان ٻاهر نڪتم ته مون ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ گفتگو ڪندي ڏٺو. مون اونداهيءَ ۾ ڪن ڏئي ٻڌو ته انهن مان هڪ چئي رهيو هو ته: ”هي ٻرندڙ بتيون جيڪي تون ڏسي رهيو آهين سي دراصل خزاعي قبيلن جي تنبن ۾ ٻري رهيون آهين.“ ٻي شخص جواب ۾ چيو ته: ”تون غلط سمجهيو آهي، خزاعي قبيلو ايترو وڏو نه آهي جو ايتريون بتيون روشن ڪري سگهي. هي ته هڪ عظيم لشڪر جو ڏيک نظر اچي پيو.“ مان جلديءَ ۾ ٻيو آواز سڃاڻي ورتم ۽ اونداهيءَ ۾ سڏ ڪيم. ”يا اباحئطله (ابا حئطله ابوسفيان جي ڪنيت هئي.) ڇا تون آهين؟“ ابوسفيان به مونکي سڃاتو ۽ چيائين ”يا ابوالفضل تون هتي ڪئين؟ (ابوالفضل حضرت عباس رضي الله جي ڪنيت هئي.)
مان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي وڃي ٻنهي وٽ پهتس ته ابوسفيان بيچين ٿي پڇيو ”يا ابوالفضل هي ڇا معاملو آهي.“ مون جواب ڏنو ته: ”حضرت محمد (ﷺ)ڏهه هزار فوج وٺي قريش سان مقابلو ڪرڻ ۽ مڪي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ان جي مٿان پهتو آهي. ڇو جو قريش وارن صلح حديبيه جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ مسلمانن جي اتحادي قبيلي خزاعيءَ جي ماڻهن جو قتل عام ڪيو آهي ۽ انهن کان مال به کسيو آهي ته هاڻي مڪي وارن جو بچڻ محال اهي. پر اي ابوسفيان جڏهن مسلمان مڪي تي حملو ڪن ۽ مڪي کي فتح ڪن ته سڀ کان اڳ تنهنجي سري ڪپبي، ڇو جو تون مڪي جو رئيس آهين ۽ معاهدي جي خلاف ورزي جي ذميواري به توتي ئي آهي. ”ابوسفيان گهٻرائجي ويو ۽ چيائين، ”پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
مون کيس جواب ڏنو ته جيڪڏهن تون زنده رهڻ چاهين ٿو ۽ تنهنجي اها خواهش آهي ته تنهنجي دولت به محفوظ رهي ۽ تون جنگي قيدي ٿي مسلمانن جي هٿ نه چڙهين ته پوءِ تو وٽ هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو هي ته رسول الله ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي وڃ ۽ اسلام قبول ڪر، صرف ان صورت ۾ تنهنجي جان بچي سگهي ٿي ۽ تنهنجي سرداري به محفوظ رهي سگهي ٿي. ابوسفيان خاموش بيٺو ٻڌندو رهيو، مون ان کي چيو ته مان توکي رسول الله ﷺ جن وٺي هلان ٿو پر تون في الحال اتي بيٺو رهه ته مان وڃي رسول الله ﷺ جن جي ڏاچي ڪاهي اچان جيئن تون ان تي ويهي مسلمانن جي تنبن مان گذري سگهين (ڪجهه اسلامي ليکڪن ڏاچي جي بجاءِ خچر جو ذڪر ڪيو آهي) ابوسفيان تعجب مان پڇيو ته، ”مان ڏاچيءَ تي ڇو ويهان؟“ مان ان کي چيو ته، ”ان ڪري ته توکي سڀ مسلمان سڃاڻن ٿا ۽ تنهنجي هٿان هو ڪيترائي صدما کائي چڪا آهن، هو توکي ڏسندي ئي غصي ۾ اچي ويندا. ان ڪري جيئن تون رسول الله ﷺ جن جي ڏاچيءَ تي هوندين ته تنهنجي جان محفوظ هوندي ڇو جو هو سمجهندا ته توکي رسول الله ﷺ جن گهرايو آهي.“
اهڙي طرح حضرت عباس رضي الله جي تجويز تي ابوسفيان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ڏاچيءَ تي سوار ٿي مسلمانن جي تنبن منجهان گذرندي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. حضرت عباس رضي الله چوي ٿو ته جڏهن مان پاڻ سڳورنﷺ جن جي تنبوءَ ۾ داخل ٿيس ته منهنجي پٺيان حضرت عمر رضي الله به اچي ڪڙڪيو. ان جو چهرو باهه وانگر پڄري رهيو هو. هن ابوسفيان ڏي اشارو ڪندي چيو ”يارسول الله اجازت ڏيو ته مان هن جو ڪنڌ ڪپي ڇڏيان...“ حضرت عباس رضي الله چوي ٿو ته مون جلدي ان جي ڳالهه کي ڪٽي ساڻن مخاطب ٿيس: ”اي عمر رضي الله ! هي شخص جيڪو عبدالمناف جي اولاد آهي، ان لاءِ هن جو سر قلم ڪرڻ چاهين ٿو هي جيڪڏهن قبيلي بني عدي جو هجي ها ته ڇا پوءِ به تون هن جو سرڪپڻ پسند ڪرين ها؟ (بني عدي حضرت عمر رضي الله جي قبيلي جو نالو هو.)
حضرت عمر رضي الله جواب ڏنو: ”جيڪڏهن منهنجي قبيلي وارا به رسول الله ﷺ جن سان دشمني ڪن ته مان انهن سڀني جو گڏي ڪنڌ ڪپيندس، مان انهن ماڻهن جو دوست آهيان، جيڪي رسول الله ﷺ جن جا دوست آهن ۽ انهن جو دشمن آهيان جيڪي منهنجي نبيءَ جا دشمن آهن.“ حضرت عباس رضي الله چوي ٿو ته بس ڳالهه ايتري لفظي روڪ ٽوڪ تائين هلي ۽ اڳتي نه وڌي. تڏهن رسول الله ﷺ جن مون کي مخاطب ٿي فرمايو: ”يا عم! تون اڄ رات ابوسفيان کي پنهنجي تنبوءَ ۾ رهاءِ صبح جو مون وٽ وٺي اچجانس.“ مان سندن حڪم مطابق ابوسفيان کي پنهنجي تنبو ۾ وٺي ويس جتي هن سڄي رات بي چينيءَ ۾ گذاري. صبح جو جڏهن اسين رسول الله ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿياسون ته پاڻ سڳورنﷺ ابوسفيان کي مخاطب ٿي فرمايو ته: ”ڇا اڃان به اهو وقت نه آيو آهي ته تون الله جي سچائيءَ کي تسليم ڪرين ۽ مون کي ان جو پيغمبر مڃين؟“ ابوسفيان جواب ۾ چيو ”اي محمد! (ﷺ) مان مڃيان ٿو ته اوهان هڪ امانتدار انسان آهيو ۽ اوهان جي رحم دلي به هر زبان تي آهي، پر اوهان جي پيغمبريءَ اڃان تائين مون تي اثر نه ڪيو آهي جو مان.....“
(حضرت عباس رضي الله ) جلديءَ ۾ ابوسفيان جي ڳالهه ڪٽي چيو ته ”يا ابوحئطله هڪ ته تون واعدي خلافي ڪئي آهي وري تون بحث بازي به ڪرين پيو. ڇا تون نٿو ڄاڻين ته واعدي خلافي ڪرڻ واري جو ڇا انجام ٿيندو آهي. ڇا اسين خود واعدي خلافي ڪرڻ وارن جو ڪنڌ نه لاهيندا آهيون؟ جيڪڏهن تون اسلام جي پناهه ۾ نه آئين ته تون پنهنجي موت جو پاڻ ذميوار هوندين.“
اهو ٻڌي ابوسفيان سر جهڪايو ۽ اسلام قبول ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪيائين، ان کان پوءِ رسول الله ﷺ جن ابوسفيان سميت ٻين اڪابر مسلمانن سان گڏجي مشورو ڪيو ته ڪهڙيءَ طرح مڪي ۾ داخل ٿيڻ گهرجي... پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي وارن جي سامهون ابوسفيان رضي الله جي عزت ۽ وقار قائم رکڻ جي غرض سان ٻه احڪام جاري ڪيا. هڪ هي ته اسلامي لشڪر ابوسفيان جي سامهون سلامي ڏيندي گذري ۽ ٻيو هي ته مڪي جو ڪوبه ماڻهو ان جي گهر ۾ پناهه وٺي ته ان جي اتي جان محفوظ رهندي ۽ ان جي مال کي به ڪوئي خطرو نه هوندو.
بعد ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن ابوسفيان کي مڪي ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو ته جيئن هو مڪي وارن کي هي پيغام پهچائي....
• جيئن ته مڪي وارن ”عهد شڪني“ يعني واعدي خلافي ڪئي آهي ۽ ٻن ڌرين جي ٿيل معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ان ڪري معاهدي جي مطابق سڀ ماڻهو قتل جا مستحق آهن ۽ انهن جو مال به مسلمانن لاءِ حلال آهي، پر جيڪو شخص خانه ڪعبه ۾ پناهه وٺندو ته ان جي جان بخش ڪئي ويندي ۽ ان جو مال به محفوظ رهندو.
• اهڙي طرح جيڪو ماڻهو ابوسفيان جي گهر ۾ پناهه وٺندو ته هو به حفاظت ۾ هوندو، جيڪي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ رهن ۽ ٻاهر نه نڪرن، بازارن ۾ قدم نه رکن ته اهي به اسلام جي حفاظت ۾ رهندا ۽ انهن کي پنهنجي جان ۽ مال جو خوف نه هجڻ گهرجي.
ابوسفيان، جيڪو انتهائي تازو تڪڙو ۽ ٿلهو انسان هو، اٺ تي سوار ٿي مڪي ڏانهن روانو ٿي. ان جي وڃڻ کان پوءِ اسلامي لشڪر به چرپر ۾ آيو ۽ مڪي ڏانهن روانو ٿيو. مڪي پهچڻ کان اڳ مسلمانن ڪنهن به خونريزي کان سواءِ ويجهن علائقن تي قبضو ڪيو. ابوسفيان مڪي پهچڻ بعد سڌو خانه ڪعبه پهتو ۽ مڪي وارن کي اصل حقيقت ٻڌائڻ بعد چيائين، ”اسلامي لشڪر هن شهر ۾ داخل ٿيڻ جو ارادو رکي آيو آهي. اسان ۾ مسلمانن سان مقابلي ڪرڻ جي همت نه آهي. ان جي باوجود پيغمبر اسلام ﷺ جن عام معافيءَ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هي پيغام موڪليو آهي ته جيڪو شخص خانه ڪعبه ۾ پناهه وٺندو يا ابوسفيان جي گهر ۾ پناهه وٺندو ته هو پاڻ کي محفوظ سمجهي، پر جيڪي ماڻهو خانه ڪعبه نٿا پهچي سگهن يا منهنجي گهر ۾ پناهه نٿا وٺي سگهن ته اهي پنهنجي گهر کان ٻاهر نه نڪرن ۽ اهو اطمينان رکن ته انهن جي جان ۽ مال کي ڪوبه نقصان نه رسندو.
ابوسفيان جي گهرواري هنده (يا هند) اهي ڳالهيون ٻڌيون ته باهه جو ٽانڊو بڻجي وئي ۽ مڪي وارن کي مخاطب ٿي رڙيون ڪيائين ته: ”هن چرٻيءَ جي ڍير (ابوسفيان تمام ٿلهو هو) کي اڦٽ ماري وجهو. ان اسان سان دوکو ڪيو آهي. هي شخص مڪي جي سپھ سالار هوندي به ماڻهن کي مقابلي ڪرڻ بجاءِ گهرن ۾ ويهڻ لاءِ مشورو ڏئي رهيو آهي. بزدل بڻجي چڪو آهي. ڊڄڻو ڪنهن جاءِ جو“ مگر جڏهن ڪنهن به ابوسفيان تي هٿ نه کنيو هند غصي ۾ اچي پنهنجي مڙس ڏانهن وڌي پر ماڻهو وچ ۾ اچي زال مڙس جو جهڳڙو ٽاريو.
بهرحال ڪجهه دير بعد اسلامي لشڪر مڪي ۾ داخل ٿي ويو ۽ انهن به اهي ڳالهين جو ٻيهر اعلان ڪيو جيڪي ٿورو اڳ ۾ ابوسفيان مڪي وارن کي ٻڌائي چڪو هو. ان کان پوءِ جيڪي ماڻهو گهٽين ۽ محلن ۾ گهرن کان ٻاهر هئا، جلدي جلدي خانه ڪعبه جي طرف ڀڄڻ لڳا. ڪجهه ابوسفيان جي گهر ڏانهن ۽ ڪي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي در دريون بند ڪري ويهي رهيا. ڏسندي ڏسندي سارو مڪو سنسان بڻجي ويو ۽ ماحول تي پوري خاموشي ڇائنجي وئي.
لشڪر اسلام جي پهرئين دستي جو اڳواڻ حضرت علي رضي الله هو، هو پنهنجي هٿ ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو هڪ خاص جهنڊو ڦڙڪائيندو پنهنجي سپاهين سميت مڪي جي وڏي دروازي کان داخل ٿي سڌو خانه ڪعبه وٽ پهتو.
اسلامي لشڪر جو ٻيو دستو زبير بن عوام رضي الله جي اڳواڻي ۾ اولهندي طرف کان مڪي ۾ داخل ٿيو. سعد بن عباده انصاري رضي الله اوڀر کان مڪي ۾ داخل ٿيڻ واري ٽئين دستي جي سربراهي ڪري رهيو هو. اسلام جي سپاهين جو چوٿون دستو جنهن جي قيادت خالد بن وليد رضي الله جي ذمي هئي ڏکڻ کان مڪي ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ چيو ويو هو. پيغمبر اسلام جن پنهنجي چئني دستن جي اڳواڻن کي اهو تاڪيد فرمايو هو ته جڏهن هو پنهنجي سپاهين سان شهر ۾ داخل ٿين ته پنهنجون تلوارون مياڻ کان نه ڪڍن ۽ نه وري ڪنهن تي حملو ڪن ۽ اها ڳالهه هرگز نه وسارن ته مڪي وارن کي خانه ڪعبه ۾، ابوسفيان جي گهر ۾ ۽ پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ امانَ ڏني وئي آهي.
پر سعد رضي الله بن عباده جڏهن مڪي ۾ داخل ٿيو ته هن بي اختيار ٿي اعلان ڪيو ته، ”الیوم العملھ الیوم تسبی الحرمھ“ يعني اڄوڪو ڏينهن حملي جو ڏينهن آهي، اڄ عزت احترام ختم ٿي چڪو آهي! جڏهن اها خبر پيغمبر اسلام ﷺ جن کي ملي ته پاڻ ﷺ جن سعد بن عباده رضي الله کي انهيءَ ئي وقت دستي جي اڳواڻي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي حضرت علي رضي الله کي سپھ سالاري جا فرض سنڀالڻ جي ذميواري ڏني. دراصل پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ان جلدي قدم کڻڻ جو مقصد هي هيو ته سعد بن عباده رضي الله متان پنهنجي انهن لفظن تي عمل نه ڪري وجهي ۽ ان جي ڪري مڪي ۾ جنگ ۽ قتل نه شروع ٿي وڃن.
بهرحال سڀئي دستا ڪنهن جهڳڙي يا منهن ماريءَ کان سواءِ مڪي ۾ داخل ٿي ويا، سواءِ خالد بن وليد رضي الله جي، جنهن کي ڏکڻ جي طرف کان داخل ٿيڻ وقت احابش قبيلي ۽ قريش جي ڪجهه ماڻهن سان مقابلو ٿي پيو. خالد بن وليد رضي الله جيڪو بهادري جي ڪري ”سيف الله“ جي لقب سان مشهور هيو. حملي ڪرڻ وارن جي سامهون ٿي مخاطب ٿيو ته: ”توهان پنهنجي جان جوکي ۾ نه وجهو ۽ بيڪار پنهنجو خون نه وهايو ڇو جو توهان جو حملو مسلمانن کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ کان نٿو روڪي سگهي. اڄ رسول الله ﷺ جن مڪي کي فتح ڪرڻ جو عزم ڪري چڪا آهن ۽ توهان يقين رکو ته ايئن ئي ٿي رهندو. پر انهن ماڻهن تي خالد بن وليد جي لفظن جو ڪوبه اثر نه ٿيو، تلوارون ڪڍي حملو ڪري ڏنائون. ڪجهه ئي گهڙين ۾ پندرهن ماڻهن جا لاش زمين تي گڏ ٿي ويا. انهن ۾ ٻه مسلمان ۽ باقي قبيلي احابش ۽ قريش جي اتحادي فوجن جا هئا. باقي جيڪي بچيا انهن اهو محسوس ڪيو ته هو مسلمانن سان مقابلو نه ڪري سگهندا ته ڀڄي جان بچايائون.
آخرڪار چارئي دسته چئني طرفن کان مڪي ۾ داخل ٿي اچي خانه ڪعبه جي سامهون گڏ ٿيا. ان وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن سفيد ڏاچيءَ تي سوار هئا. خانه ڪعبه وٽ لهي، ڪعبة الله جو ست ڀيرا طواف ڪيائون، پوءِ اڳتي وڌي خانه ڪعبه جي چاٻي دار عثمان بن طلحه کي حڪم ڪيائون ته هو خانه ڪعبه جو دروازو کولي. عثمان بن طلحه جي ماءُ اتي بيٺي هئي جنهن چيو ته، ”اسين هي دروازو نه کولينداسين.“ پر عثمان بن طلحه پنهنجي ماءُ کي سمجهايو ۽ ڪعبي جو دروازو کوليائين، ان ڏينهن پنجن ماڻهن الله جي گهر ۾ قدم رکيو.
سڀ کان اول خود پيغمبر رسول الله ﷺ، ٻيو حضرت علي رضي الله پيغمبر اسلام جن جو سوٽ ۽ داماد، ٽيون عثمان بن زيد رضي الله هڪ برجستو مسلمان چوٿون بلال رضي الله اسلامي مؤذن، پنجون ڪعبي جو چاٻي بردار عثمان بن طلحه.
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن انهن چئن ماڻهن سان گڏ خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيا ته مڪي جا ماڻهو جيڪي پناهه جي غرض سان اتي آيا هئا اوچتو خوف ۾ گهٻرائجي ويا. انهن جي دلين ۾ هي انديشو ٿي ويٺو ته متان پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن کي قتل عام جو حڪم نه ڏين ۽ سندن دولت ۽ عورتن کي نوڪرياڻيون بڻائي کڻي نه وڃن.
بهرحال طواف ڪرڻ بعد پاڻ سڳورنﷺ خانه ڪعبه جي دروازي وٽ بيهي مڪي وارن کي مخاطب ٿي خطبو فرمايو...
”اي مڪي وارؤ! توهان کي جنگ جي قانون جي خبر آهي ۽ اهو به ڄاڻون ٿا ته واعدي خلافي جي ڪهڙي سزا هوندي اهي ۽ جڏهن ته هاڻي توهان انهن ڳالهين جا جوابدار آهيو ته مسلمانن کي اهو حق پهچي ٿو ته توهان سڀني کي ختم ڪري ڇڏن يا غلام بڻائن. پر مان اوهان سان اها ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪا يوسف  قدرت جي ڏنل تخت تي ويهڻ بعد پنهنجي ڀائرن کي چئي هئي، ۽ اها ڳالهه هيءَ هئي ته الله تعاليٰ توهان سڀني کي بخش فرمائي آهي، جيئن ته توهان آزاد آهيو ۽ توهان جي جان ۽ مال کي ڪوبه نقصان نه ٿيندو.“
عربي زبان ۾ مڪي رهندڙن کي ”طلقا“ جي نالي سڏيو ويندو آهي، ”يعني آزاد ٿيل غلام“. ان جو سبب اهو آهي ته مڪي وارا ٺهيل قانون مطابق جيئن ته مسلمانن جي غلام بڻجي چڪا هئا ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو ان ڪري هو طلقا جي نالي سان مشهور ٿيا.
پوءِ حضرت محمد ﷺ جن مڪي وارن جي سامهون قرآن مجيد جي هي آيت تلاوت فرمائي...
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقۡنٰکُمۡ مِّنۡ ذَکَرٍ وَّ اُنۡثٰی وَ جَعَلۡنٰکُمۡ شُعُوۡبًا وَّ قَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوۡا ؕ اِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ اللّٰہِ اَتۡقٰکُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ عَلِیۡمٌ خَبِیۡرٌ ﴿۱۳﴾

هن آيت جو تفصيل سان وضاحت اڳ ۾ ٿيل آهي. آيت پڙهڻ کان بعد ٻيهر رسول الله ﷺ جن مڪي وارن کي مخاطب فرمائيندي چيو ته، ”اي انسانو! الله تعاليٰ سمورن انسانن کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي. انهن کي هڪ ٻئي تي فوقيت حاصل نه آهي. مگر تقويٰ جي لحاظ سان. جيئن ته الله جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن، ان ڪري دور جهالت جا اهي سڀئي اعزاز جيڪي حسب نسب ۽ قبيلي سان لاڳاپيل بالادستي تي قائم هئا. اڄ منسوخ ”ختم“ ڪيا وڃن ٿا، پر صرف هڪ لاڳو رهندو، اهو هي آهي ”سقايت“ جو منصب يعني پاڻيءَ جي ورهاست ڪرڻ جو عهدو، جيڪو اڳ وانگر منهنجي چاچي عباس رضي الله وٽ رهندو. ڇو ته هي ثابت ٿي چڪو آهي ته هو پنهنجي ذاتي پسند يا اقربا پروري جي بغير برابري ۽ هڪ جهڙائي جي اصولن تي پابند رهندي مڪي وارن ۾ پاڻي تقسيم ڪندو آهي.“
هتي هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته جڏهن مڪي وارا مسلمان ٿي ويا. (جيئن ته اهو اڳتي ذڪر ڪيو ويندو) ته عثمان بن طلحه بدستور خانه ڪعبه جو چاٻي بردار مقرر ڪيو ويو ۽ ان کان بعد اهو عهدو ان جي اولاد ۾ هلندو آيو ۽ اڄ به جيڪي ماڻهو خانه ڪعبه جا متولي ۽ چاٻي بردار آهن ۽ اهي به دراصل عثمان بن طلحه جي اولاد مان ئي آهن.
بهرحال جڏهن رسول الله ﷺ جن جي خطبي کان فارغ ٿيا ته پاڻ ﷺ جن خانه ڪعبه ۾ رکيل سڀ کان وڏي بت کي پنهنجي هٿن سان ڪيرائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو پوءِ پنهنجي نياڻي حضرت علي رضي الله بن ابي طالب کي فرمايائون ته باقي بتن کي کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏ ۽ ديوار تان تصويرن ۽ مورتين کي مٽائي ڇڏ. ۽ ٽنگيل تصويرون به لاهي مٽائي ڇڏ.
هڪ روايت جي مطابق پيغمبر اسلام ﷺ جن اها تاڪيد فرمائي ته جيڪا تصوير منهنجي هٿ کان هيٺ آهي ان کي نه مٽايو وڃي. ان روايت ۾ آهي ته اها تصور بيبي مريم جي هئي جنهن ۾ هوءَ حضرت عيسيٰ کي گود ۾ کڻي ويٺي هئي پر عام روايتن جي مطابق پيغمبر اسلام ﷺ جن اهوئي حڪم ڏنو هو ته خانه ڪعبه ۾ رکيل هر قسم جي مورتين، تصويرن ۽ مجسمن کي مڪمل نابود ڪيو وڃي.
جڏهن پٿر جا بت پرزا پرزا ٿيڻ لڳا ۽ ڪاٺيءَ جي بتن کي ڪهاڙي سان ڪپي چيريو ويو پئي ته تصويرن جا پرزا هوا ۾ اڏرڻ لڳا ته اتي موجود قريش جي ماڻهن خوف کان پنهنجو چهرو ڪپڙي سان لڪايو ڇو ته انهن مان ڪن جو خيال هو ته جنهن وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن بتن کي ڀڃندا ته انهيءَ دم هي دنيا ريزا ريزا ٿي هيڏي هوڏي ٿي ويندي پر سڀني ڏٺو ته ڪوبه اهڙو ناپسند حادثو پيش نه آيو.
ڪعبة الله کي بتن کان پاڪ ڪرڻ بعد پيغمبر اسلام ﷺ جن جيئن ته پهريون ئي عام معافي جو اعلان فرمائي چڪا هئا، اتي موجود ماڻهن کي فرمايائون ته توهان جيڏانهن وڃڻ چاهيو وڃي سگهو ٿا. ڪنهن کي به منهنجي طرفان ڪا شڪايت نه آهي. جيڪي ماڻهو ابوسفيان جي گهر يا پنهنجي گهرن ۾ بند آهن، انهن کي چئو ته اهي ٻاهر نڪري اچن ۽ پنهنجي روز جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي وڃن.
جڏهن سڀ ماڻهو هليا ويا ته خود پيغمبر اسلام ﷺ جن خانه ڪعبه جي دروازي تي اڪيلا بيهي رهيا ڇو ته اڄ پنهنجي اباڻي شهر ۾ انهن جو ڪوئي پنهنجو گهر ڪونه هو. اڄ کان اٺ سال اڳ حضرت محمد ﷺ جن مڪي جي هڪ خوبصورت ٻه ماڙ عمارت ۾ رهندا هئا، جيڪا حضرت خديجة الڪبريٰ جي ملڪيت هئي ۽ اهو گهر مڪي جي اعليٰ عمارتن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. حضرت خديجه جي وفات کان پوءِ گهر حضرت علي رضي الله جي ڀاءُ عقيل جي ملڪيت ۾ آيو ۽ ان به اهو گهر ڪنهن ٻئي شخص کي وڪڻي ڇڏيو هو.
مسلمانن مان ڪن ماڻهن چيو ته جيئن پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي کي درحقيقت فتح ڪيائون، ان ڪري پاڻ ﷺ جن کي اهو حق حاصل آهي ته مڪي جي ڪنهن به گهر کي پنهنجي رهائش لاءِ اختيار ڪن.مگر اها تجويز پاڻ سڳورنﷺ رد ڪري ڇڏي ۽ جواب ۾ فرمايائون ته مڪي جي رهواسين جي جان ۽ مال سڀ گهر ٻار امان ۾ آهن، ان ڪري مان ڪنهن به مڪي جي گهر کي پنهنجو رهائش گاهه نه بڻائيندس. ايترو فرمائڻ کان پوءِ پاڻ ﷺ جن پنهنجي تنبوءَ ڏانهن روانا ٿيا جيڪو ”الخائف“ نالي جڳهه تي لڳل هو.
(هينئر ڪجهه ٻيا واقعا بيان ڪجن ٿا)
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي سپاهين سان مڪي ۾ داخل ٿيا، ان وقت هن شهر جو هڪ حڪمران هيو جنهن جو نالو ”عتاب بن اسيد“ هيو. رمضان جي پندرهين تاريخ هئي، جڏهن حضرت بلال رضي الله آذان ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو، حضرت بلال رضي الله کي مٿاهين جڳهه جي تلاش هئي جيئن اتان آواز پري پري تائين پهچي، ان سوچيو ته خانه ڪعبه تي چڙهي آذان ڏني وڃي، ۽ ايئن هو هاڻي خانه ڪعبه جي ڇت تي بيٺو هو.
حضرت بلال رضي الله جي آذان جو آواز جڏهن ڪعبي کان مڪي جي فضائن ۾ گونجيو ته عتاب بن اسيد ڀڄندو ڀڄندو اچي حضرت بلال رضي الله سان بگڙيل آواز ۾ ڳالهايو ته، ”هيٺ لهه نه ته....“ پر حضرت بلال رضي الله انتهائي محبت سان آذان ڏيڻ ۾ مصروف هو ۽ هن جي ڪنهن به لفظ تي ڪَن نه ڏنائين. جڏهن ته هيٺان عتاب بن اسيد مسلسل ڇا ڇا چوندو رهيو.
بهرحال آذان ختم ٿيڻ بعد حضرت بلال رضي الله پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ پهتو ۽ پاڻ ﷺ جن سان شڪايت ڪيائين ته عتاب بن اسيد مونکي برو ڀلو چيو ۽ بدڪلامي به ڪئي اٿس. جيئن ته عتاب بن اسيد ان وقت هڪ مشرڪ هيو ڪنهن مسلمان سان بدڪلامي ڪرڻ اهو به ان وقت جڏهن ڪو مذهبي فرض انجام ڏئي رهيو هجي، سنگين جرم هيو. پر رسول الله ﷺ جن عتاب بن اسيد کي به بخشي ڇڏيو. جيئن ته ان عفوو درگذر سان عتاب بن اسيد متاثر ٿيو ۽ اسلام قبول ڪيائين ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن ان جي عهدي کي برقرار رکڻ جو به حڪم ڏنو ۽ هومسلمانن جي طرفان ٻيهر مڪي جو حاڪم مقرر ٿيو.
مڪي جي فتح کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي ۽ اسلام جي ڪيترن ئي سخت دشمنن سان انتهائي نرمي ۽ فراخدليءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ انهن کي عفوو ۽ بخشش سان نوازيو. اهڙن ئي ماڻهن ۾ هڪ شخص عڪرمه بن ابوجهل به هيو جيڪو مسلمانن جي مڪي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي جان جي خوف کان مڪي مان ڀڄي ويو هو. عڪرمه جي گهرواري حضرت محمد ﷺ جن وٽ پهتي ۽ پهتي مڙس لاءِ امان جي گهر ڪيائين. پيغمبر اسلام ﷺ جن عڪرمه جي جان بخش ڪئي ۽ هو اهڙي طرح مڪي اچي پنهنجي گهر ۾ رهيو.
اسلام جي انتهائي خطرناڪ دشمنن مان هڪ ابوسفيان جي گهرواري هند (يا هند) هئي. هن عورت اسلام جي نامور سردار حضرت حمزه رضي الله جو جيرو ڪڍي چٻاڙيو هو. ان لاءِ ”هنده جگرخور“ جي نالي سان مشهور هئي هنده نه صرف حضرت حمزه رضي الله جو جيرو چٻاڙيو پر اها اسلام دشمنيءَ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي جو مسلمانن جي لاشن کي لتاڙيو ۽ انهن جا ڪن ۽ نڪ ڪٽي هار ٺاهي ڳچيءَ ۾ وجهي ديوانن وانگر نچندي رهي. پر اهڙي ظالم عورت به رسول الله ﷺ جن جي رحمت ۽ نوازش کان محروم نه رهي. جيستائين زنده رهي مسلمانن جي طرفان کيس ڪابه تڪليف نه پهتي. اسلام جو هڪ ٻيو وڏو دشمن صفوان بن اميه هو جيڪو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي جان جو دشمن هو ۽ هن انهيءَ ئي مقصد لاءِ هڪ قاتل کي مزدوري ڏئي مديني روانو ڪيو هو، اهڙو شخص به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي رحمت کان خالي نه رهيو. ان جي باوجود ان اهو چيو ته مان مسلمان ٿيڻ نٿو چاهيان، ان کان بعد بخشش جي پنجين ڏينهن صفوان بن اميه هڪ سؤ زره ۽ پنج هزار درهم نقد اسلام جي سپاهين کي پيش ڪيا ۽ آخرڪار چند مهينن کان بعد جنگ حنين جي خاتمي وقت اسلام قبول ڪيائين (ان باري ۾ بيان ايندڙ صفحن تي ڪيو ويندو.)
جنهن وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي تي پورو قبضو مڪمل ڪيو ته ان وقت خانه ڪعبه جي خزاني ۾ چار لک ويهه هزار مثقال سود موجود هو. (هڪ مثقال تقربياً پنج گرام يا ساڍا چار ماشا جي برابر هئو.) حضرت محمد ﷺ جن حڪم فرمايو ته سون بدستور خانه ڪعبه جي خزاني ۾ موجود رهي ۽ ان کي ڪوبه هٿ نه لڳايو وڃي.
مڪي فتح ٿيڻ جي پهرين ڏهن ڏينهن ۾ قبيلي قريش جا ٻه هزار ماڻهو مسلمان ٿيا. انهن ماڻهن جي مسلمان ٿيڻ جو طريقو هي هيو ته واري واري سان حضرت عمر رضي الله جي سامهون گذرندي ۽ ڪلمو شهادت زبان سان چوندي هلندا وڃن پيا. حضرت عمر رضي الله انهن کي نصيحت ڪندو رهيو ته زنا کان پرهيز ڪريو ۽ هميشه نيڪيءَ جا ڪم اختيار ڪريو.
ٿي سگهي ٿو ته هي سوال ڪيو وڃي ته حضرت عمر رضي الله نئي مسلمان ٿيڻ وارن کي ائين ڇو چئي رهيو هيو ته هو زنا کان پرهيز ڪن، ائين ڇو نه چئي رهيو هو ته هر ريا خوري کان پرهيز ڪن؟ جواب ائين آهي ته ان وقت مڪي جي مشرڪن ۾ زنا جو ايترو رواج پئجي چڪو هو ته ان کي ڪوئي عيب نه سمجهندو هو. مڪي جي شهر ۾ ڪجهه عورتون خاص طور بيوه عورتون معزز خاندانن سان تعلق رکڻ جي باوجود پنهنجي گهرن تي جهنڊو لهرائي ڇڏينديون هيون جيڪا ان ڳالهه جي نشاني هئي ته هي عورتون پنهنجي گهرن ۾ غير مردن لاءِ انتظار ۾ آهن. مگر مڪي فتح ٿيڻ بعد اهڙيون گنديون رسمون بلڪل ختم ٿي ويون.
حضرت عمر رضي الله جي سامهون گذرڻ ۽ ڪلمو شهادت پڙهڻ ۽ اسلام قبول ڪرڻ وارن ۾ ابوسفيان جي گهرواري هنده به شامل هئي ۽ اهڙي طرح اسلام جي بي رحم دشمن آخرڪار اسلام قبول ڪيو.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شبهو نه آهي ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مديني کان روانا ٿيا ته پاڻ ﷺ جن کي پورو يقين هو ته اڄ مڪو فتح ٿي ويندو. ان ڳالهه جو ثبوت مديني ۾ نازل ٿيڻ واري سورة النصر“ آهي جيڪا قرآن مجيد جي هڪ سو ڏهه سورة شمار ٿي ۽ بسم الله کان بعد هن آيت سان شروع ٿئي ٿي.
اِذَا جَآءَ نَصۡرُ اللّٰہِ وَ الۡفَتۡحُ ۙ﴿۱﴾
هن آيت ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي بشارت ڏني ته اوهان مڪو فتح ڪندا. ٻي آيت ۾ آهي ته،
وَ رَاَیۡتَ النَّاسَ یَدۡخُلُوۡنَ فِیۡ دِیۡنِ اللّٰہِ اَفۡوَاجًا ۙ﴿۲﴾
يعني: ماڻهن کي ڏسندؤ ته فوج جي فوج الله جي دين ۾ داخل ٿي رهيا آهن يعني مڪي جي فتح کان پوءِ عام ماڻهو گروپن جا گروپ اسلام ۾ داخل ٿي ويندا. ٽئين آيت ۾ ارشاد آهي ته،
فَسَبِّحۡ بِحَمۡدِ رَبِّکَ وَ اسۡتَغۡفِرۡہُ ؕؔ اِنَّہٗ کَانَ تَوَّابًا ٪﴿۳﴾
يعني: اي پيغمبر (هن فتح جي شڪراني طور) الله جي حمد ۽ ثنا بيان ڪريو ۽ استغفار ڪيو ته الله توبھ قبول ڪرڻ وارو آهي.
ڪجهه اسلامي علماءَ چون ٿا ته جيئن ئي اها آيت نازل ٿي ۽ الله فرمايو ته توبھ ڪيو ته حضرت محمد ﷺ جن سمجهي ويا ته هاڻي آخري وقت اچي پهتو آهي. هڪ ٻي روايت مطابق جڏهن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله هيءَ آيت ٻڌي ته بي اختيار ٿي روئڻ لڳو ڇو ته هو به سمجهي ويو ته رسول الله ﷺ جن عنقريب رحلت فرمائيندا. هڪ ٻي روايت مطابق بنت رسول ﷺ حضرت فاطمه  جڏهن هي آيت ٻڌي ته پريشان ٿي وئي ۽ روئڻ لڳي، ان کي به احساس ٿي چڪو ته رسول الله ﷺ جن جو آخري وقت اچي چڪو آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن انهن کي روئندي ڏٺو ته فرمايائون ”نياڻي غم نه ڪر“ منهنجي گهروارن مان سڀ کان پهريون تون مون سان ملندينءَ“
بهرحال مڪي جي فتح کان اڳ سڀئي رئيس ۽ سردار شراب پيئندا هئا ۽ مرؤن جو گوشت استعمال ڪندا هئا، پر مسلمان ٿيڻ بعد اهي شيون انهن لاءِ حرام ٿي ويون.
مڪي جي فتح کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن پندرهن ڏينهن تائين مڪي ۾ رهيا ۽ ان مدت ۾ تقريباً سڀئي مڪي وارا مسلمان ٿي ويا. اهل مدينه يعني انصار وارن جڏهن هي ڏٺو ته مڪي ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو رهڻ ڊگهو ٿيندو وڃي ٿو ته هو فڪرمنديءَ ۾ اچي ويا ۽ اهو سوچڻ لڳا ته مڪو جيئن ته رسول الله ﷺ جن جو ديس آهي، ان ڪري هاڻي پاڻ ﷺ جن هن شهر ۾ ئي رهندا. پر رسول الله ﷺ جن انصار کي فرمايو ته، ”مان جيستائين زندهه آهيان، توهان سان گڏ رهندس ۽ اتي ئي آرمي ٿيندس جتي اوهان دنيا کان رخصت ٿيندا آهيو.“
جيئن ته پندرهن ڏينهن بعد پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي کان مديني روانا ٿي چڪا هئا، مديني وارا جيڪي ان احساس ۾ مبتلا هئا ته رسول الله ﷺ جن شايد وري ان شهر ڏانهن رخ نه ڪن. جڏهن پاڻ ﷺ جن کي مديني ڏانهن هلندي ڏٺو ته محبت جي اظهار ۾ ڳوڙها وهائڻ لڳا ۽ انهن جي سموري فڪرمندي ختم ٿي وئي.