رحلت
پيغمبر اسلام ﷺ جن جي آخري ڏينهن جي ذڪر ڪرڻ کان اڳ ڪجهه جنگ تبوڪ جي باري ۾ ٿورو بيان حاضر آهي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي کان واپسي کان بعد ناچاڪ ٿي پيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن طبيعت بلڪل سُڌاري ۾ اچي ويندي هئي. ملڪ شام ۾ جتان جا ڪجهه امير سلطنت روم جي زبردست حڪومت ڪندا هئا. اهو افواه ڦهلجي ويو ته حضرت محمد ﷺ جن وفات ڪري چڪا آهن ان طرح روم جي بادشاهه شام جي رستي جزيره عرب تي حملي ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ته جيئن مسلمانن کي ڪمزور ڪيو وڃي.
جڏهن اها خبر پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ پهتي ته پاڻ ﷺ جن اڳتي وڌي دشمن جي مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيئن ته پاڻ سڳورنﷺ جي طبيعت ناساز هئي. پر ان جي باوجود پاڻ ﷺ جن جنگ جي عام تياري لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ان وقت مسلمانن جي بيت المال جي حالت سٺي نه هئي. خشڪ سالي جي ڪري کاڌي پيتي جي ضروري شين جي قلت هئي. گرمي جي شدت به سندن مشڪلاتون وڌائي رهي هئي، ان حالت جي باوجود پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته هر شخص پنهنجي پنهنجي حيثيت جي مطابق اسلام جي لشڪر جي مدد ڪري ۽ هر مسلمان مرد جيڪڏهن دولتمند آهي ته هو پنهنجي لاءِ جنگي هٿيار خود ئي خريد ڪري.
مسلمانن مان هڪ شخص عبدالرحمان بن عوف رضي الله اسلام جي سپاهين لاءِ چار هزار درهم کڻي آيو ۽چوڻ لڳو: ”يارسول الله ﷺ! مون وٽ اٺ هزار درهم هئا. مان چار هزار درهم پنهنجي گهرواريءَ ۽ ٻارن لاءِ ڇڏي آيو آهيان ۽ باقي رقم اوهان جي خدمت ۾ کڻي آيو آهيان جيئن اسلام جي لشڪر کي ڪم اچي سگهي.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن ان کي دعا ڪئي ته الله تنهنجي هن مال ۾ جيڪا تو اسلام جي لشڪر جي لاءِ آندو آهي ۽ ان مال ۾ به جيڪو اهل و عيال لاءِ ڇڏي آيو آهين برڪت عطا فرمائي. بعد ۾ عبدالرحمان بن عوف ايترو مالدار بڻجي ويو جو جڏهن وفات ڪيائين ته ان جي گهروارين مان هر هڪ کي اسي هزار مثقال سون حصي ۾ آيون، جڏهن ته هر گهرواريءَ جو حصو ان جي ڪل جائداد جو اٺون حصو هيو. هن جون چار گهرواريون هيون، اسي هزار مثقال يعني هر گهرواريءَ کي حصي ۾ تقريباً 340 ڪلوسون آيو حضرت عبدالرحمان بن عوف رضي الله پنهنجي دور ۾ مالدار شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو.
حضرت عمر رضي الله به پنهنجو اڌ مال کڻي آيو ۽ جڏهن ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله وٽ جيڪو ڪجهه هيو سڀ ڪجهه کڻي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. رسول الله ﷺ جن جي پڇا ڪرڻ تي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله چيو ته ”مان پنهنجي گهر ۾ پنهنجي الله ۽ ان جي رسول جو نالو ڇڏي آيو آهيان.“ هڪ ٻيو مسلمان عاصم بن عدي جنهن وٽ نقد رقم نه هئي. تمام گهڻي انداز ۾ کارڪون اسلام لشڪر لاءِ پيش ڪيائين.
بهرحال مسلمانن حقيقت ۾ انتهائي ايثار ۽ قربانيءَ جو بي مثال نمونو پيش ڪيو ۽ پنهنجي ٻچن ٻارن جي ضرورت کان علاوه جيڪو ڪجهه انهن وٽ هيو سڀ اسلام جي راهه ۾ قربان ڪيو. اهڙي طرح ٽيهه هزار ماڻهن تي مشتمل هڪ با ايمان ۽ طاقتور فوج تيار ٿي وئي ۽ انهن ۾ ڏهه هزار سوار سپاهي به شامل هئا. جڏهن اسلام جو هي عظيم لشڪر مديني کان شام روانو ٿيو ته انهن جي چرپر جو هي منظر ان وقت جي تاريخ اسلام پنهنجي مثال پاڻ هو.
جڏهن هي لشڪر شام جي سرحدن تي پهتو ته مقامي امير ۽ حڪمران جيڪي رومي فوج جي مدد سان سرزمين اسلام تي حملي ڪرڻ جي سوچي رهيا هئا. اهو ڏسي خوف وچان ڀڄي شام جي سرحدن ۾ گهري پيا، ايتري قدر جو رومي فوج جيڪا مقامي حڪمرانن جي اشاري تي مسلمانن تي حملي ڪرڻ لاءِ آئي هئي، پوئتي ڀڄڻ تي مجبور ٿي وئي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪجهه عرصي تائين شام جي سرحدن تي ترسيا رهيا ۽ ان دوران پاڻ ﷺ جن مختلف قبيلن ۽ مقامي مذهبي رهنمائن کي جيڪي مسيحي هئا پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ آڻي مسلمانن سان ساٿ ڏيڻ تي رضامند ڪري ڇڏيائون. ان کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي طاقتور فوج سان گڏ مديني واپس آيا ۽ جيئن ته شام جي سرحدن وٽ اسلامي فوج جو هڪ قلعو هو جيڪو تبوڪ جي نالي سان مشهور هيو. ان ڪري ان مناسبت سان ان فوج جي قلعي کي جنگ تبوڪ سڏيو ويو. جيتوڻيڪ پيغمبر اسلام ﷺ جن جنگ تبوڪ ۾ لڙائي نه ڪئي پر اسلامي فوج ۽ ان جي لشڪر مختلف قبيلن ۽ شام جي سرحدي حڪمرانن تي اسلام جو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو ۽ انهن ماڻهن مسلمانن سان غيرطرفي معاهدي ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي. ڇو ته انهن پنهنجي اکين سان ڏٺو ته روم جي فوج مڪمل هٿيارن سان طاقتور فوج مسلمانن جي سامهون بيهي نه سگهي ۽ ڀڄڻ تي مجبور ٿي پئي.
جنگ تبوڪ جي موقعي تي، جنهن کي مسلمان غزوه تبوڪ به چوندا آهن، ڪجهه مسلمان ڪاهلي، آرام يا دنيوي لڳاءُ سبب لشڪر اسلام سان گڏ نه وڃي سگهيا، انهن ۾ ابولبابه، اوس بن ثعلبه ۽ ودي بن حرام شامل هئا. اسلام جي لشڪر وڃڻ بعد هي ٽئي پنهنجي ڪئي تي پڇتائڻ لڳا ۽ جڏهن اسلامي فوج واپس آئي ته حضرت محمد ﷺ جن ڏٺو ته اهي ٽئي مسجد جي ٿنڀن سان ٻڌل آهن، چوڻ لڳا ته جيستائين رسول الله ﷺ جن اسان کي معاف نه فرمائيندا تيستائين اسين پاڻ کي نه کولينداسين. پاڻ سڳورنﷺ جي اها هميشه عادت هئي ته جڏهن به ڪنهن سفر تان واپس ايندا هئا ته پهچڻ سان پهريون مسجد ۾ وڃي ٻه رڪعت نفل نماز ادا ڪندا هئا. پاڻ ﷺ جن نفل ادا ڪري هنن ٽنهي کان پڇا ڪيائون ته توهان پاڻ کي مسجد جي ٿنڀن سان ڇو ٻڌو آهي؟ انهن جواب ڏنو ته، ”اسان گنهگار آهيون يارسول الله ڇو ته اسين ميدان جنگ ۾ نه هلياسين، ان ڪري جيستائين اوهان اسان کي معاف نه ڪندا ته اسان پنهنجو پاڻ کي نه کولينداسين ڀل اسان جي جان هلي وڃي.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ”بندن جي گناهن کي معاف ڪرڻ واري خدا جي ذات اهي، مان ڪير ٿيندو آهيان جو بندن جي گناهن کي معاف ڪريان؟“
ان موقعي تي هڪ آيت ناز لٿي جيڪا قرآن مجيد جي نائين سورة توبھ جي 102 آيت آهي.
وَ اٰخَرُوۡنَ اعۡتَرَفُوۡا بِذُنُوۡبِہِمۡ خَلَطُوۡا عَمَلًا صَالِحًا وَّ اٰخَرَ سَیِّئًا ؕ عَسَی اللّٰہُ اَنۡ یَّتُوۡبَ عَلَیۡہِمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۰۲﴾
يعني (واقعي تبوڪ) جي خطا ڪارن پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي بري عمل کي سٺي عمل سان ملايو ته الله به انهن جي توبھ قبول ڪندو ۽ الله وڏو بخشيندڙ ۽ رحيم آهي.
هن آيت مان ظاهر ٿيو ته انهن ٽنهين شخصن جا گناهه بخشيا ويا ۽ انهن به پيغمبر اسلام ﷺ جن کي چيو ته اسين ان شڪراني جي طورتي پنهنجو سمورو سامان ۽ مال اسلامي بيت المال ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. پر الله جي طرف کان هڪ ٻي آيت نازل ٿي جيڪا انهيءَ ئي سورة توبھ ۾ ارشاد ٿيل آهي. ان آيت جي مطابق الله تعاليٰ پنهنجي رسول کي فرمايو ته انهن ٽنهي شخصن جي مال مان صرف زڪوات ورتي وڃي ۽ باقي مال انهن کي موٽائي ڏنو وڃي.
بهرحا ل جنگ تبوڪ جي لشڪر جي ان جرائت کان بعد پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪنهن ٻي جنگ ۾ شرڪت نه ڪئي پر اسلام جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ جي سلسلي جي باري ۾ هڪ گهڙي به غافل نه رهيا. پاڻ ﷺ جن بيماريءَ جي حالت ۾ به اسامه رضي الله بن زيد کي هڪ فوج جي اڳواڻيءَ ڏئي شام ڏانهن روانو ڪرڻ چاهيو پر پاڻ ﷺ جن جي وفات اسامه رضي الله جي روانگي دوران ٿي. جنهن ڏينهن پيغمبر اسلام ﷺ جن مسجد ڏانهن وڃي مسلمانن سان مخاطب ٿيا ته ان جي ٻئي ڏينهن پاڻ ﷺ جن جي حالت زياده بگڙي وئي ۽ پاڻ ﷺ جن پنهنجي عزيزن کي فرمايو ته منهنجي بيماريءَ جو اصل سبب اهو زهر آهي جيڪو يهودي عورت خيبر ۾ ڏنو هو هن زهر جي سبب جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن طبيعت خراب رهندي هئي ايترو به نه جو مان بستري تي سمهي رهان. پر هينئر ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته جيئن مان ڪڏهن به اٿي نه سگهندس.
انهن ڏينهن ۾ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جي طبيعت شديد خراب هئي ۽ گهر کان مسجد تائين به نه اچي سگهندا هئا ته امامت جا فرض حضرت ابوبڪر صديق رضي الله انجام ڏيندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جي ڪجهه طبيعت صحيح ٿي ته پاڻ ﷺ جن پنهنجي چاچي حضرت عباس رضي الله جي ٻن پٽن جي مدد سان مسجد ڏانهن ويا. حضرت عباس رضي الله جي ٻنهي پٽن پاڻ ﷺ جن کي سهارو ڏيندي مسجد ۾ داخل ٿيا ته ان گهڙيءَ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله مسلمانن کي خطبو ڏئي رهيا هئا. جڏهن انهن جي نظر پيغمبر اسلام ﷺ جن تي پئي ته پنهنجي جڳهه پاڻ ﷺ جن ڏيڻ چاهي پر پاڻ ﷺ جن هٿ جي اشاري سان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کي اتي ئي بيهڻ لاءِ فرمايو ڇو ته سندن طبيعت صحيح نه هئي ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله امامت جو فرض ادا ڪيو.
هجرت جي يارهين سال ربيع الاول جي مهيني ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي طبيعت بلڪل نازڪ صورتحال تي وڃي پهتي ۽ پاڻ ﷺ جن محسوس ڪرڻ لڳا ته جلد ئي هن دنيا کان رخصت ٿيڻو آهي. ان دوران حضرت محمد ﷺ جن کي ياد آيو ته پاڻ حضرت عائشه جن وٽ ست دينار رکرايا هئا. اسلام جي پيغمبر ۽ سرزمين اسلام جي عظيم رهنما جن جي ساري موڙي اها ست دينار هئي. حضرت محمد ﷺ جن حضرت عائشه جن کي فرمايو ته، ”مون جيڪي ست دينار توهان کي ڏنا هئا ڇا اهي اڃان موجود آهن؟“
”جي رسول الله موجود آهن.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو اهي ست دينار غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو ڇو ته مون کي اهڙي حالت ۾ الله جي سامهون ويندي شرم محسوس ٿئي ٿو ته مون وٽ دنيا جي مال منجهان مون وٽ ست دينار موجود هجن.“ ربيع الاول جي 12 تاريخ سومر جي ڏينهن رسول الله ﷺ جن جي طبيعت تمام گهڻي بگڙي وئي. اسلامي راويتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان بيماريءَ جي حالت ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪابه دوا استعمال نه ڪئي پر 12 ربيع الاول کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ پاڻ ﷺ جن کي ڪجهه دوا کارائي وئي.
ان دوران پاڻ سڳورنﷺ حضرت عائشه کان ڏندڻ جي گهر ڪئي ته جيئن ڏندن مبارڪن جي صفائي ڪئي وڃي، پاڻ ﷺ جن صفائي ۽ پاڪيزگي کي زياده اهميت ڏيندا هئا ۽ پاڻ سڳورنﷺ جو قول اهي ته صفائي اڌ ايمان آهي.
حضرت عائشه فرمائي ٿي ته مان ان وقت ائين نه سمجهي سگهيم ته پاڻ هن دنيا کان موڪلايون وڃن ٿا، مان تمام معصوميت سان پاڻ ﷺ جن جي مٿن کان ويٺي رهيم ته ان حالت ۾ پاڻ ﷺ جن جو روح پرواز ٿي ويو. پر اهو به مان نه سمجهي سگهيم، جڏهن لڳاتار ٻين عورتن ۽ مردن منهن تي هٿ رکي غمگين حال ۾ روئندا ڏٺم ته مون کي معلوم ٿي ويو ته رسول الله ﷺ جن هميشه جي لاءِ موڪلائي ويا.
جنهن گهڙي پيغمبر اسلام ﷺ جن زندگيءَ کان موڪلايو، اسلامي روايتن جي مطابق مهر نبوت جيڪا پاڻ سڳورنﷺ ٻنهي ڪلهن جي وچ تي موجود هئي، خود بخود گم ٿي وئي، ڇو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي رحلت کان بعد پيغمبري فرض پوري طرح مڪمل ٿي چڪا هئا.
جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن هن دنيا کان رخصت ٿيا، 12 ربيع الاول سومر جي ڏينهن 8 جون 632ع، ان وقت پاڻ سڳورنﷺ وٽ حضرت علي رضي الله ، ابوالفضل رضي الله ، اسامه بن زيد رضي الله ، شڪران نالي هڪ غلام ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جن جون سڀئي گهرواريون موجود هيون. رخصت وقت پاڻ ﷺ جن وٽ دنيا جي مال منجهان هڪ خنجر جيڪو حبشه جي بادشاهه تحفي طور ڏنو هو ۽ ڪجهه تلوارن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.
عربن جي دستور مطابق جڏهن ڪوبه قائد يا رهنما فوت ٿي ويندو هو ته ان کي ان ئي جاءِ تي دفن ڪيو ويندو هو جتي انهن جو روح پرواز ڪري ويندو هو. جيئن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن کي به انهيءَ ئي جڳهه تي دفنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جتي پاڻ ﷺ جن جي رخصت فرمائي، اها جڳهه دراصل حضرت عائشه جو حجرو هيو.
پاڻ سڳوراﷺ مڪي جا رهڻ وارا هئا ۽ مديني ۾ رخصت فرمائي، ان ڪري پاڻ ﷺ جن جا عزيز ان سوچ ۾ هئا ته پاڻ ﷺ جن جن جي لحد مڪي جي رسم مطابق تيار ڪئي وڃي مديني طريقي مطابق. مڪي ۾ دفنائڻ جو هي طريقو هو ته قبر کوٽڻ بعد جنازي کي سڌو ان ۾ رکيو ويندو هو ۽ قبر کي مٽيءَ سان بند ڪيو ويندو هو پر مديني ۾ قبر کوٽڻ جي صورت مختلف هوندي هئي. مديني ۾ ميت کي دفنائڻ لاءِ پهريان هڪ وڏي کڏ کوٽي اتي اندروني حصي ۾ غار يعني ”سامي“ تيار ڪئي ويندي هئي، جنهن ۾ جنازي کي رکيو ويندو هو ۽ ان کي بند ڪري ان کان بعد کڏ کي مٽي سان ڀريو ويندو هو.
آخرڪار پيغمبر اسلام ﷺ جن جي عزيزن اهو فيصلو ڪيو ته ٻن قبر کوٽڻ وارن شخصن کي سڏرايو وڃي ته هو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهر اچي قبر جي کوٽڻ جو ڪم انجام ڏين. جيڪڏهن مڪي جا قبر کوٽڻ وارا پهريون پهچن ٿا ته پاڻ سڳورنﷺ جي لحد مڪي جي رسم مطابق کوٽي وڃي ۽ جيڪڏهن مديني جا قبر کوٽڻ وارا پهريون پهچن ٿا ته لحد رسول ﷺ مدني طريقي سان کوٽي تيار ڪئي وڃي.
آخرڪار مدني قبر کوٽڻ وارا مڪي جي قبر کوٽڻ واران کان اڳ ۾ پهچي ويا. ان ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن جي لحد مبارڪ مديني جي رسم مطابق تيار ڪئي وئي. جڏهن لحد تيار ٿي چڪي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن کي پنهنجو ڪوٽ پهرايو ويو ته جيئن ان کي آئنده ڪوبه استعمال ۾ نه آڻي، بعد ۾ پاڻ ﷺ جن کي غسل ڏياريو ويو. عرب جي رسم مطابق پاڻ ﷺ جن کي غسل ڏنو ويو. اڄ به ساري دنيا ۾ مسلمان ميت کي دفنائڻ کان اڳ ۾ غسل ڏياريندا آهن.
پيغمبر اسلام ﷺ جن جا احترامن ڪپڙا نه لاٿا ويا، پاڻ ﷺ جن کي ڪپڙن سميت جسم مبارڪ کي غسل ڏنو ويو. اسلامي روايتن جي مطابق پاڻ ﷺ جن کي ڳاڙهي ڪپڙي قالين جهڙي ٽڪڙي سان ويڙهي لحد ۾ لاٿو ويو. لحد ۾ دفن ڪرڻ وقت پيغمبر اسلام جن جو رخ مبارڪ ڪعبي جي طرف ٿي چڪو، ڇو جو لحد اهڙي طريقي سان تيار ڪيو ويو، بعد ۾ لحد کي مڪمل ڪيو ويو.
عرب ميتن کي تابوت ۾ وجهي نه دفنائيندا هئا نه ئي ان ڳالهه ۾ کين ڪا دلچسپي هوندي هئي ڇو ته انهن جو چوڻ آهي ته انسان جي مرڻ کان بعد ڪابه شيءِ باقي نٿي رهي سواءِ ان شيءِ جي جيڪا هو پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي روح جي ذريعي وجود ۾ آڻيندو آهي باقي ٻيون سڀ شيون فنا آهن.
جڏهن مسجد ۾ جمع ٿيل عام ماڻهن کي اها خبر ملي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن رحلت فرمائي چڪا آهن ته انهن بيحال صورت ۾ بي اختيار روئڻ شروع ڪيو. ان گهڙيءَ حضرت عمر بن خطاب رضي الله مسجد ۾ قدم رکيو ۽ عام مسلمانن کي روئندو ڏسي گرجدار آواز ۾ چيائين ته، ”ڇو ٿا رئو ۽ هي روئڻ جو انداز ڪهڙو آهي؟“ پوءِ ان تلوار هٿ ۾ کڻي سڀني کي چيو ته، ”جيڪڏهن ڪو به ائين چوندو ته رسول الله ﷺ جن فوت ٿي چڪا اهن ته مان هن تلوار سان ان جو ڪنڌ لاهيندس. اسان جو رسول فوت نه ٿيو آهي پر الله جي طرف ويا آهن ۽ جلدي ئي واپس اچي ويندا ۽ اسين ان کي ٻيهر ڏسي سگهنداسين.“ ان وقت حضرت ابوبڪر صديق رضي الله مسجد ۾ داخل ٿيا ۽ حضرت عمر رضي الله سان مخاطب ٿي چيائون، ”يا عمر! خاموش رهه ۽ پنهنجي تلوار مياڻ ۾ رک.“ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله مسلمانن سان مخاطب ٿي چيو، ”اي ڀائرو! اسان جو رسول خود فرمائيندو هو ته مان هڪ انسان آهيان توهان جهڙو ۽ هر انسان کي هڪ نه هڪ ڏينهن موت جو مزو چکڻو آهي. ڀل هو پيغمبر ئي ڇو نه هجي. اڄ کان اڳ جيڪي به پيغمبر آيا سڀ موت جي اڳيان تسليم ٿي چڪا ۽ هينئر اسان جا پيغمبر جن به زندگيءَ کي الوداع چئي ويا. پر اي ڀائرو! جيڪڏهن رسول الله ﷺ جن وفات فرمائي چڪا آهن ته اسان سڀني جو مالڪ ته زنده آهي ۽ الله جي ذات حي و قيوم آهي ۽ ان تي ڪڏهن موت نه ايندو.“ جڏهن اهي لفظ حضرت عمررضي الله ٻڌا ته بيحال ٿي زمين تي ويهي رهيو ۽ ٻئي هٿ مٿي تي رکي روئڻ لڳو. ٻيا مسلمان به، جيڪي ڪجهه گهڙيون خاموش ٿي چڪا هئا اهو منظر ڏسي خاموش ٿي نه سگهيا ۽ مسجد جي فضا هڪ دفعو ٻيهر دردناڪ حالت ۾ ڀرجي وئي.