غارِ حرا
مڪي جي ماڻهن لاءِ ڪنهن غار ڏانهن وڃڻ ۽ اتي اڪيلائيءَ ۾ وقت گذارڻ ڪا عجيب ڳالهه نه هوندي هئي.
جهڙي ريت قديم دور ۾ هندستان ۾ جڏهن مرد اولاد وارو ٿيندو هو، ته اهو پنهنجو خاندان ڇڏي جهنگ ۾ وڃي رهندو هو. جيترو وقت هو جهنگ ۾ رهندو هو ته هو ڪنهن سان به ميل ميلاپ نه ڪندو هو ۽ اهو عجيب منظرن بابت سوچيندو رهندو هو. اهڙي ريت مڪي ۾ به ڪجهه شادي شدهه مرد جڏهن ٻارن ٻچن وارا ٿيندا هئا ته هڪ مهيني لاءِ پنهنجي گهر واريءَ ۽ ٻارن کان پاسي مڪي جي ويجهو وڃي ڪنهن غار ۾ مهينو کن وڃي اڪيلو رهندا هئا.
حضرت محمد ﷺ جن کان اڳ پاڻ سڳورنﷺ جو ڏاڏو حضرت عبدالمطلب به هڪ مهينو هر سال انهيءَ غار حرا ۾ گذاريندو هو ۽ ٻيا بزرگ به جيڪي عمر رسيده هوندا هئا سي به مڪي جي ويجهو ڪنهن غار ۾ وڃي ڪجهه عرصو اڪيلائي ۾ رهندا هئا.
حضرت محمد ﷺ جن رمضان مهيني ۾ غار حرا ڏانهن ويندا هئا، ڇو ته رمضان مهيني ۾ هڪ اهڙي رات به آهي، جنهن رات ۾ انسان خدا جي وحدانيت کي سڏيندي، جيڪو ڪجهه چاهيندو ته الله تعاليٰ ان جي ان چاهت کي پورو ڪندو.
هڪ ترڪ ليکڪ ”اسد بيگ“ جنهن حضرت محمد ﷺ جن جي زندگي تي تحقيقي ڪتاب لکيو آهي، لکي ٿو ته، ”عربن جو اهو عقيدو هيو ته شب قدر واري رات ۾ خدا جي ساري ڪائنات آرام ڪندي آهي، دريائن جو پاڻي بيهجي ويندو آهي، هوائون هلڻ بند ٿي وينديون آهن. اهڙي طرح ساري دنيا ۾ سڪون ڇائنجي ويندو آهي. انسان زمين مان ڪنهن ٻوٽي جي نڪرڻ جو به آواز ٻڌي سگهي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو شب قدر رات جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ساري رات جاڳندا آهن، اهي جيڪو چاهيندا سو تن کي نصيب ٿي ويندو آهي.•
رومانيه جو دانشور ”ڪرنسٽن ويرزيل“ لکي ٿو ته مان سعودي عرب ۾ رهي ”غار حرا“ جو مشاهدو ڪيو، جيڪو بيان ڪجي ٿو.
مڪو هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن جي چوگرد ڪيتريون ئي پهاڙيون موجود آهن، انهن پهاڙن کي جبل سڏيو ويندو آهي، انهن جبلن ۾ هڪ جبل جو نالو آهي. ”جبل نور“ ۽ غار حرا به انهيءَ ئي جبل ۾ آهي. حضرت محمد ﷺ جن جي گهر کان جبل تائين ڏيڍ ڪلوميٽر فاصلو هيو.
غار حرا وڏن وڏن پٿرن جي ڇِپن ڪرڻ سبب وجود ۾ آئي ۽ ان جا ٽئي پاسا ۽ ڇت انهن پٿرن سان جڙيل آهي. غار جي اوچائي ايتري آهي جو ماڻهو مٿي ٽڪرائڻ کان بغير آسانيءَ سان بيهي سگهي ٿو ۽ ڊيگهه ايتري اٿس جو ماڻهوآسانيءَ سان ليٽي آرام ڪري سگهي ٿو ۽ غار جو منهن خانه ڪعبه جي طرف آهي، غار ۾ داخل ٿي ڪعبي جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. غار جو فرش ان جي ديوارين ۽ ڇت جي مقابلي ۾ صاف سٿرو آهي، ماڻهو چادر وڇائي ليٽي آرام ڪري سگهي ٿو.
اڄ غار تائين پهچڻ لاءِ پٿرن کي ڪٽائي ڪري ڏاڪڻ ٺاهي وئي آهي. ان ڏاڪڻ تان پار ٿي غار تائين ماڻهو آسانيءَ سان پهچي سگهي ٿو. عرب جي ماڻهن جو خيال آهي اهو ڏاڪڻ وارو رستو حضرت محمد ﷺ جن جي وقت ۾ ڪونه هو، بهرحال غار ۾ انسان چاهي ته ليٽي آرام ڪري يا خانه ڪعبه جو ويهي ديدار ڪري سگهي ٿو.
حضرت محمد ﷺ جن جي باري ۾ ڪوئي به نٿو ڄاڻي ته غار جي اندر ڪهڙي سوچ ويچار ڪندا هئا. پر جيئن ته ”ابن هشام“ جي لکت آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جن حضرت خديجه کي ٻڌايو ته غار ۾ دنيا جي باري ۾ ڪجهه به نه سوچيندا هئا. هڪ رات جڏهن پاڻ سڳوراﷺ غار حرا ۾ پنهنجي چادر مبارڪ ويڙهي سُتا پيا هئا. پاڻ سڳورنﷺ کي نه ننڊ هئي نه جاڳ. اهڙي حالت ۾ هڪ شخص پاڻ سڳورنﷺ کي جاڳايو. ”ابن هشام“ جي تحرير مطابق پاڻ سڳورنﷺ کي هڪ ڪپڙو ڏيکاريو ويو، اهو ريشمي ڪپڙي جو ٽڪرو هيو، جنهن تي سونهري لفظن ۾ ڪجهه لکيل نظر آيو، جنهن شخص پاڻ سڳورنﷺ کي جاڳايو ان جي بدن مان نور چمڪي رهيو هو.
جڏهن پاڻ سڳوراﷺ اُٿي ويٺا ته ان شخص ريشمي ڪپڙو نظرن اڳيان آڻي چيو ”اِقراء“ يعني ”پڙهه“. ان شخص جي هٿن جي زور سبب پاڻ سڳورنﷺ کي ايتري تڪليف پهتي جو تڪليف سبب بيهوش ٿيڻ جهڙا ٿي ويا، پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ”مون کي پڙهڻ نه ايندو آهي“ بعد ۾ ان شخص پاڻ سڳورنﷺ کي چيو ”اقراء باسم ربک الذي خلق“ يعني پڙهه ان رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو آهي.
اهو ضروري نه آهي ته ٻيو ڪوئي انسان حضرت محمد ﷺ جي جڳهه تي غار حرا ۾ هجي پوءِ ان جملي جي اثر کي محسوس ڪري سگهي، هن جملي جو اثر ايترو زياده آهي جو انسان جڏهن به ان ڪلام کي پڙهي ته متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي، پر ان شرط سان ته عربي زبان کي بخوبي سمجهندو هجي.
عربي زبان تي عبور حاصل ڪرڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جي ڪلام کي سمجهڻ مشڪل آهي. اهوئي سبب آهي ته قرآن مجيد جا ترجما انگريزي، جرمني، اٽلي ۽ ٻين زبانن ۾ ٿيل آهن، جنهن سبب پڙهڻ وارن تي ايترو اثر نٿو ٿئي ۽ انهن ماڻهن کي اها حيرت ٿيندي آهي ته ان زماني ۾ عرب جا ماڻهو ڇاجي ڪري ان ڪلام کي ٻڌي پيغمبر اسلام ﷺ تي ايمان آڻيندا هئا. هي قرآن مجيد به ٻين آسماني ڪتابن وانگر هڪ خاص نموني جي تخليق آهي ۽ قرآن مجيد ۾ ڪي ڳالهيون ۽ جملا بار بار دُهرايا ويا آهن. جڏهن ته فرانسيسي يا انگريزي پڙهڻ واري جي نقطه نظر ۾ مختلف جملن جو دهرائڻ مٿس اثرگهٽ ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو. پر جيڪو ماڻهو عربي زبان سمجهندڙ آهي، جڏهن اهو ”بسم الله الرحمان الرحيم“ کان بعد قرآن مجيد جي ڇهانوي سورت ”العلق“ جي پهرئين آيت پڙهندو يا ٻُڌندو آهي ته فوراً سمجهي ويندو آهي ته انهن لفظن ۾ ڪيترو اثر ۽ ڪيتري سچائي موجود آهي.
بهرحال حضرت محمد ﷺ جن اهي جملا ٻُڌا ۽ پنهنجي ذهن ۾ ياد ڪيا ۽ ان شخص جي چوڻ مطابق دهرايا به.
سڀ مسلمان دانشور ۽ مفڪر ان ڳالهه تي متفق آهن ته ”اقراء باسم ربک الذي“ مان مراد آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جڏهن به الله تعاليٰ جي ڪلام کي زبان تي آڻن ته ان کان پهريان الله جو نالو زبان تي آڻن. ان سبب قرآن مجيد جي سڀني سورتن (سواءِ سورة توبھ) جي شروعات ۾ الله جو نالو يعني ”بسم الله الرحمان الرحيم“ آيل آهي.
سورت ”العلق“ اڻويهن آيتن تي مشتمل آهي ۽ تمام دانشورن جي تصديق مطابق هي قرآن جي پهرئين سورت آهي، جيڪا غار حرا ۾ حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿي، معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان قرآن جي مشهور ۽ نمايان سورتن مان هڪ آهي. هن سورت جي ٻي آيت ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”خلق الانسان من علق“ يعني الله تعاليٰ انسان کي خون جي لوٿڙي مان بڻايو ۽ چوٿين آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”الذي علم بالقلم“ يعني الله انسان کي قلم ذريعي علم ڏنو ۽ پنجين آيت ۾ آيل آهي ته، ”علم الانسان مالم يعلم“ يعني انسان جيڪو نٿو ڄاڻي الله ان کي سيکاريو. انهن آيتن جو هڪ دفعو ٻڌڻ حضرت محمد ﷺ جن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، جڏهن ته پاڻ سڳوراﷺ ”اُمي“ يعني پڙهڻ لکڻ نه ڄاڻندا هئا. جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ اُمي هئا مٿين نازل ٿيڻ واري پهرئين ئي آيت ۾ علم ۽ قلم يعني لکڻ ۽ لکائڻ علم حاصل ڪرڻ ۽ علم کي ڦهلائڻ جو ذڪر ٿيل آهي.
دنيا جو ڪوئي به دين علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايتري اهميت جو قائل نه آهي ۽ اسلام کان سواءِ ٻيو ڪوئي مذهب اهڙو نه ملندو، جنهن جي شروعات ۾ علم ۽ معرفت کي ايتري اهميت ۽ فوقيت حاصل ٿي هجي.•
بهرحال جنهن شخص سورة ”العلق“ حضرت محمد ﷺ کي ٻڌائي، ڪجهه دير بعد نظرن کان غائب ٿي ويو.
هڪ ليکڪ ”طبري“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه کي ٻڌايو ته (سورة العلق ٻڌائڻ کان پوءِ) اهو شخص هليو ويو، پاڻ سڳوراﷺ فرمائن ٿا ته مان اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڄنگهون ايتريون ته سُست ٿي چڪيون هيون، جو گهڻي مهل بيهي نه سگهيم ۽ ٻيهر زمين تي ويهي رهيم. ڪجهه دير تائين اهڙيءَ حالت ۾ ويٺو رهيم، جڏهن مان پنهنجي گوڏن ۾ قوت محسوس ڪئي ۽ پاڻ کي اُٿڻ جي قابل سمجهيم ته پوءِ گهر ڏانهن روانو ٿيم. پر منهنجا ڪُلها اڃان تائين ڏڪن پيا، اڃان اڌ رستي تي پهتم ته مون کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو چئي رهيو هو، ”يا محمد! تون الله جو رسول آهين ۽ مان ان جو فرشتو جبرائيل آهيان.“
اهو آواز آسمان کان اچي رهيو هو، مان پنهنجو مُنهن مٿي ڪري ڏٺو ته اهو شخص جنهن جا چپ انسان جهڙا هئا، آواز ڏئي رهيو آهي. ”يا محمد ! تون الله جو رسول آهين ۽ مان ان جو فرشتو جبرائيل آهيان.“ منهنجا قدم هڪ جاءِ تي ڄمي ويا ۽ مان ان کي حيرت جي نظرن سان ڏسڻ لڳم. مان نه ته اڳتي هلي سگهان پيو نه پوئتي هٽي سگهان پيو، مان پنهنجي نظرن کي ٻي هنڌ ڦيريو پر اُتي به جبرائيل کي انهيءَ حالت ۾ بيٺل ڏٺم، پوءِ مان آسمان ۾ ٻئي طرف نظر ڦيريم ته اتي به جبرائيل کي موجود ڏٺم.
”بهرحال مان جيڏانهن به نظر ڦيريان پيو، اوڏانهن جبرائيل کي موجود ڏسان پيو. ايتري تائين جو هو آهستي آهستي نظرن کان غائب ٿي ويو. ان کان پوءِ مون کي ايتري ته ٿڪاوٽ محسوس ٿي جو وڏيءَ مشڪل سان گهر تائين پهچي سگهيم.“
حضرت خديجه کان روايت آهي ته جڏهن پاڻ سڳوراﷺ گهر پهتا، مون ڏٺو ته پاڻ سڳورنﷺ جو چهرو مبارڪ ڦڪو ۽ ايترو ته ٿڪيل نظر آيو، جو ڀت سان ٽيڪ لڳائي آهستي آهستي منهنجي طرف پئي آيا.
اها رمضان جي هڪ رات هئي، حضرت محمد ﷺ جن جي ان بيحاليءَ تي حيرت ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته الله جو ڪلام ٻڌڻ انسان جي لاءِ هڪ تمام وڏو واقعو آهي ۽ اها مهل اهڙي آهي جو ان گهڙيءَ تمام وڏو زور پوي ٿو جيڪو انسان کي مدهوش ڪري ڇڏي ٿو. دراصل جا شيءِ انسان جي قوتِ برداشت کان وڌيڪ هوندي آهي، سا ان کي ٿڪاوٽ پيدا ڪندي ۽ مدهوش ڪري ڇڏيندي، پوءِ ڇو نه الله جو آواز ٻڌي يا تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي.
انسان ۾ فطرت جون ڪجهه حدون مقرر ٿيل آهن، ان ڪري انساني هڏيون يا عضوا اهڙي زور کي برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪي انسان جي فطرت کان زياده هجن. جيتوڻيڪ اڄ جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان اسان انسان اهڙيون شيون ٺاهي سگهون ٿا، جو پکين کان زياده تيز رفتاريءَ سان اسان کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين پهچائي سگهن ٿيون. هونئن به انسان جي اهو وس ۾ ناهي ته هڪ گهوڙي سان گڏ ڊوڙي سگهي يا پکين وانگر هوا ۾ اڏامي سگهي. الله جو ڪلام ته اهڙي هستيءَ جو ڪلام آهي جنهن کي ٻڌڻ انسان جي طاقت کان ٻاهر آهي. جيڪو الله نه ڪنهن جاءِ جو پابند آهي ۽ نه وقت جو. جنهن جي نه ابتدا آهي نه انتها، اها ان جي طاقت آهي ۽ هو هر شيءِ کي خود وجود ۾ آڻڻ وارو آهي.
جڏهن اسان زلزلي جو آواز يا وڄ جي ڪرڻ جو ڌماڪيدار آواز ٻڌندا آهيون، ته اسان جي جان ڏڪي ويندي آهي. جيتوڻيڪ اهي آواز اسان جي پنهنجي ماحول جا آواز هوندا آهن، جتي اسان زندگي گذاريون ٿا: جيتوڻيڪ اسان اهو ڄاڻون ٿا ته اها وڄ ڪهڙي سبب ڪڙڪندي آهي يا زمين هلندي آهي يا اها کنوڻ زمين تي ڪرندي آهي.
ان ڪري اسان کي ان صورت ۾ حيرت نه ڪرڻ گهرجي ته جبرائيل جو آواز ٻڌڻ سان حضرت محمد ﷺ جن جي جسم مبارڪ ۾ ڏڪڻي ٿي ۽ جبرائيل جي وڃڻ کان پوءِ ٿڪاوٽ محسوس ڪيائون.