قبا کان روانگي ۽ مديني ۾ آمد
جڏهن مسجد قبا مڪمل ٿي چڪي ته حضرت محمد ﷺ جن مديني ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ پنهنجي ڏاچيءَ ”قصويٰ“ تي سوار ٿي ان طرف روانا ٿيا. جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني ۾ داخل ٿيا ته سڀ مسلمان شهر جي گهٽيءَ ۽ هر محلي ۽ بازارن ۾ گڏ ٿي چڪا هئا ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جي ڏاچيءَ وٽ وڃي درخواست ڪن پيا ته رسول الله ﷺ جن اسا ن جي گهر ۾ رهن يا انهن جي محلي ڏانهن هلن. پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن ماڻهن جو اهو اصرار ڏٺو ته پاڻ ﷺ جن کي احساس ٿيو ته جيڪڏهن پاڻ جن ڪنهن جي گهر ۾ ترسن يا ڪنهن خاص محلي ۾ ڏاچي تان لهن ته ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه ٻين جي لاءِ رنجش يا سندن دل جي مايوسيءَ جو سبب بڻجي يا اهو تصور ڪن ته ان شخص تي خاص نوازش جي نظر رکن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته منهنجي ڏاچيءَ جي مهار کي ڇڏي ڏيو ۽ اها جيڏانهن به وڃي ان کي نه روڪيو ڇو جو مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي ڏاچي اتي ويهندي جتي الله جي مرضي هوندي ۽ مان به اتي ئي رهندس جتي الله چاهيندو.
پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ڏاچي قصويٰ مديني جي گهٽين، محلن مان گذرندي محلي ”النجار“ ۾ داخل ٿي. پري کان هڪ سفيد عمارت ظاهر ٿي جنهن کي پاڻ سڳوراﷺ سڃاڻن پيا ۽ سمجهي ويا ته اهو گهر حضرت عبدالمطلب جي والده جو آهي جيڪا ”هاشم“ جي گهرواري هئي. مديني جي ماڻهن کي به اها ڄاڻ هئي ان ڪري انهن اهو خيال ڪيو ته قصويٰ ان گهر جي سامهون بيهي رهندي پر اتي نه بيٺي ۽ اڳتي هلندي رهي. مديني جا سڀ مسلمان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ڏاچيءَ جي پويان هلي رهيا هئا ۽ ان انتظار ۾ هئا ته ڏاچي آخرڪار ڪٿي ٿي بيهي.
ڪجهه اڳتي هلڻ کان پوءِ اهڙي جڳهه تي پهتا جتي حضرت محمد ﷺ جن جي والد حضرت عبدالله رضي الله جي قبر هئي ۽ اها به سڀن کي خبر هئي ته پاڻ سڳورنﷺ جي والده حضرت آمنه جي قبر اتي نه آهي. ڪجهه مسلمانن جو اهو خيال ٿيو ته ڏاچي اتي ترسندي پر قصويٰ اتي به نه بيٺي ۽ اڳتي هلندي اهڙي جڳهه تي پهتي جتي ”انيسه“ نالي هڪ خاتون جو گهر هيو.
ان زماني ۾ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن جي والده زنده هئي ۽ پاڻ سڳوراﷺ به مديني ۾ رهندا هئا ته ان وقت انيسه هڪ ننڍڙي ڇوڪري هئي جيڪا پاڻ ﷺ جن سان گڏ کيڏيندي هئي. پر ڏاچي ان گهر وٺ به نه بيٺي ليڪن ان علائقي کان جيڪو قبيلي النجاره جي رهائش هو ان کان پري به نه پئي ٿئي.
آخرڪار جڏهن حضرت محمد ﷺ جن اهو ڏٺو ته قصويٰ هن محلي کان اڳتي نه ٿي هلي تڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن کي پنهنجي والده ۽ ان جو خاندان جي ياد اچي وئي ڇو جو پاڻ ﷺ جن جو مادري شجرو قبيلي النجار سان ڳنڍيل هو ۽ جيتوڻيڪ پاڻ ﷺ جن مڪي ۾ پنهنجن سان ناتو ٽوڙي ڇڏيو پر مادري شجري سان (يعني ناننگ سان) رابطو برقرار رکيو.
قصويٰ ڪجهه دير تائين النجار نالي محلي ۾ چڪر لڳائيندي رهي ۽ هڪ خالي ميدان ۾ داخل ٿي ڪجهه قدم کڻي بيهجي وئي ۽ گوڏا کوڙي ويهي رهي. حضرت محمد ﷺ جن اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ ان اُٺڙي کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏاچي هتي عارض طور ويهي ٿي يا مستقل پر قصويٰ پنهنجي جڳهه تان ذرو به نه چُري. جنهن جڳهه تي قصويٰ گوڏا کوڙي ويهي رهي اتي ڪو گهر موجود نه هو ۽ ان خالي زمين ۾ کارڪون سڪائيندا هئا. پر ٿورو اڳيان هڪ گهر هيو ۽ مسلمانن عرض ڪيو ته اهو گهر ايوب رضي الله نالي شخص جي ملڪيت آهي. مسلمانن جڏهن اهو ڏٺو ته ڏاچي ان خالي ميدان ۾ اچي ويهي رهي آهي ته انهن پيغمبر اسلام ﷺ جن لاءِ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، ڇو جو مسلمان ڄاڻن پيا ته مسلمانن جي عبادت لاءِ مسجد تيار ٿيندي ۽ پاڻ سڳوراﷺ جن اتي پنهنجو گهر به ٺاهن جيئن زمين جو اهو ٽڪڙو اسلام جو هيڊڪوارٽر بڻجي وڃي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن ان زمين جي ٽڪري لاءِ پڇا ڪئي ته هي زمين ڪنهن جي آهي؟ مسلمانن مان هڪ شخص اڳتي وڌيو ۽ چيائين، رسول الله ﷺ هيءَ زمين ٻن معصوم يتيم ٻارن جي ملڪيت آهي ۽ مان اسد بن زراره انهن يتيم ٻارن جو سرپرست آهيان پر مان ان زمين کي (مفت ۾) اوهان جي حوالي ڪريان ٿو ته جيئن اوهان هتي مسجد ۽ گهر ٺاهي رهو. حضور ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن هي زمين ٻن يتيم ٻارڙن جي نه هجي ها ۽ اها زمين تنهنجي ذاتي ملڪيت هجي ها ته به مان قيمت کان سواءِ حاصل ڪرڻ تي راضي نه ٿيان ها، سٺو جو هي ٻن يتيمن جي ملڪيت آهي ۽ اهي ئي مالڪ آهن.
اي اسد! منهنجو ننڍپڻ يتيمي ۾ گذريو آهي ۽ مان به ماءُ پيءُ جي نعمت کان محروم رهيم ان ڪري مان زياده سمجهان ٿو ته يتيم تي ڇا گذرندو آهي ۽ ان کي ڪيترا ڏک ۽ صدما سهڻا پوندا آهن. پر مان هڪ شرط تي هي زمين وٺڻ تي راضي آهيان ته تون هن زمين جي قيمت عام زمينن کان زياده لڳائي مون کي ٻڌاءِ.
اسد بن زراه ان زمين جي قيمت ست دينار مقرر ڪئي، پيغمبر اسلام ﷺ جن زمين جي قيمت جي باري ۾ ٻين مسلمانن سان مشورو ڪيو ۽ انهن اسد بن زراه جي لڳايل قيمت کي مناسب قرار ڏنو، ان وقت پاڻ سڳورنﷺ اعلان ڪيو ته مان هن زمين کي ڏهه دينار جي عيوض خريد ڪريان ٿو ته جيئن اسد بن زراه يتيمن لاءِ هن زمين کان بهتر زمين خريد ڪري سگهي.
اسلام جو خزانچي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جيڪو پاڻ ﷺ جن جي پٺيان بيٺو هو، فوراً بنا دير پئسن جي ٿيلهي کولي ۽ سون جا ڏهه سڪا زمين جي مالڪ کي ادا ڪيا. ان زماني ۾ ڏهه دينار يعني سون جا ڏهه سڪا هڪ تمام وڏي رقم سمجهي ويندي هئي. ان وقت نه مڪي جو ڪو سڪو رائج ٿيل هو نه مديني جو. ٻنهي شهرن ۾ رومي يا ايراني سڪا هلندا هئا. دينار سون مان ٺهيل هوندو هو. ايراني دينار کي ”خسروي“ يا ”خسروان“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ رومي دينار کي ”هرقلي“ سڏيو ويندو هو، جيڪو اتان جي بادشاهه ”هرقل“ جي نالي ڏانهن منسوب هو. روم مان مراد ”رومته الصغريٰ“ يعني (اڄ جي ترڪي) جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”بزنطين“ هو جيڪو اڄ ”استنبول“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
مديني پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن سمورن مسلمانن جي مدد سان ان زمين تي مسجد تعمير ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ ڪنهن ويڇي کانسواءِ سڀني مردن، جن ۾ خود پيغمبر اسلام ﷺ جن به شامل هئا حصو ورتو. اهي پنهنجي هٿن سان مٽي ڍوئيندا، گارو ٺاهيندا ۽ پٿر ڍوئيندا رهيا. هر وقت مسجد جي تعمير ۾ مصروف رهيا. ان مسجد جي تعمير جو اندازو اهڙو ته بڻجي چڪو هو جو بعد ۾ ساري دنيا ۾ مسجدين جو بنياد ان ريت پئجي ويو. مسجد جي تعمير جو طريقڪار هن ريت بڻايو ويو جو بنياد ۾ پٿر رکي ديوارون ڪچين سرن جون ٺاهيون ويون. مسجد جي ڇت کجين جي ڇوڏن سان ڍڪي وئي. ان جي تعمير جي تڪميل ۾ ست مهينا لڳي ويا ۽ هن مسجد کي مسلمانن سٺي طرح مضبوطي ۽ پائيداريءَ سان تيار ڪيو. مدينو اهڙو شهر هيو جتي مينهن گهڻو پوندو هو، ان ڪري مسجد کي مضبوطي سان جوڙيو ويو.
مڪي کان مديني هجرت ڪرڻ وارن مسلمانن ۾ اڪثر اهڙا هئا جن وٽ رهڻ لاءِ پنهنجو گهر به نه هو. انهن لاءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن مسجد جي ڀرسان ڪچين سرن جو هڪ وڏو ڪمرو ٺهرايو، جتي اهي ماڻهو رات جي وقت آرام ڪندا هئا. اهو ڪمرو به کجين جي ڇڙهين سان ڍڪرايو ويو هو. ان ڪمري کي ”صفه“ سڏيو ويندو هو ۽ ان ۾ رهڻ وارن کي ”اهل صفه“ جي نالي سان سڏيندا هئا. هي اهي ماڻهو هئا جيڪي شروع ۾ غريب هئا پر اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ دين سان سرشار ٿي ويا ۽ اهل صفه سان جيڪي تعلق رکندڙ هئا، انهن کي اسلام ۾ بزرگ هستيون سمجهيو ويندو آهي. صفه نالي اها جڳهه جنهن ۾ غريب ۽ مفلس ماڻهن جي پناهه هئي اها علم جو مرڪز بڻجي وئي ۽ اتي اسلام جي درس، تدريس جو ڪم شروع ڪيو ويو.
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي ڏاچي تان هيٺ لٿا ۽ ان تان پنهنجو سامان لاٿائون ۽ چئني طرفن ڏانهن نظر ڦيرايائون ته ڪهڙي جڳهه رهڻ لاءِ مناسب ٿيندي ته ان ئي گهڙيءَ ”ابو ايوب“ جنهن جو پورو نالو ”خالد بن زيد“ هو، ۽ ان جو گهر ٻين گهرن جي مقابلي ۾ ويجهو هو اڳتي وڌيو ۽ کيس پيغمبر اسلام ﷺ جن جي مبارڪ هٿ کان وٺندي کين عرض ڪيو: ”يارسول الله! اوهان مون وٽ هلي رهو، پاڻ سڳورنﷺ کيس فرمايو ڇا تو وٽ گهر ۾ ايتري جڳهه آهي جو مون کي رهائي سگهين؟ ابو ايوب رضي الله جواب ڏنو: ”بلڪل يارسول الله“ تڏهن پاڻ سڳورنﷺ کيس فرمايو ته مان هڪ شرط تي تون وٽ رهڻ لاءِ تيار آهيان ته کاڌي پيتي جي سلسلي ۾ تو تي ڪنهن به قسم جو بار نه پوي.
ابو ايوب رضي الله حيران ٿي پڇيو: ”آخر اوهان ڪيترو کائيندا آهيو جو مون مٿان بار پوندو.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو: ”منهنجو کاڌو ڪيترو به گهٽ هجي ليڪن توکي تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان.“
جڏهن ابو ايوب رضي الله کي اهو احساس ٿيو ۽ يقين ٿيس ته پاڻ سڳوراﷺ ان جي گهر کاڌو وغيره نه کائيندا ته پوءِ لاچار پاڻ سڳورنﷺ جي مرضيءَ تي خاموشي اختيار ڪيائين، پيغمبر اسلام صرف رات جي وقت آرام ڪرڻ لاءِ ان جي گهر ويندا هئا باقي سارو ڏينهن مسلمانن سان گڏ مسجد جي تعمير ۾ مصروف رهندا هئا. پاڻ سڳورنﷺ جن جو اصل مقصد اهو هو ته جيترو به جلدي ٿي سگهي ”امت“ يعني اسلامي معاشري جي تربيت جو ڪم شروع ڪري ڇڏي.
مڪي کان مديني هجرت ڪري آيل مسلمان اڪثر انتهائي غريب حال هئا. ڇو جو هينئر ئي اهي پنهنجي وطن ۽ خاندان کان جدا ٿيا هئا. ان ڪري سندن طبيعت تي هر وقت غم طاري رهندو هو. ان کان علاوه يهودين جا افواهه به مسلمان عورتن لاءِ پريشاني پيدا ڪري رهيا هئا ليڪن انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ مسلمان زبير بن العوام جي گهرواريءَ هڪ خوبصورت ۽ تندرست ٻار کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو عبدالله رکيو ويو، اهڙي طرح مسلمان عورتن جي دل مان اهو خدشو ختم ٿي ويو ته مسلمانن جون عورتون بي اولاد رهنديون، انهن غريب حال مسلمانن لاءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني ۾ رهندڙ مسلمان، جن کي انصار سڏيو ويو انهن کي فرمايائون ته مڪي کان آيل مسلمانن مان ڪنهن به هڪ کي ”عهد اخوت“ بڻائي، ان کي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ جاءِ ڏيو ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي معاشي ضرورتن لاءِ ڪم ڪريو ته جيئن مڪي کان ايندڙ مسلمانن جي زندگي سڌري وڃي ۽ هو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل بڻجي پاڻ پنهنجي روزيءَ ڪمائڻ جي لائق بڻجي وڃن ۽ پنهنجي زندگي آسانيءَ سان گذارن.
حضرت محمد ﷺ جن جي انهيءَ ڳالهه ۾ ايترو ته اثر هيو جو مديني جي سڀني مسلمانن دل و جان سان اها ڳالهه قبول ڪئي. اهڙي طرح مڪي کان آيل مسلمانن جن جو تعداد هڪ سؤ ڇهاسي هو، جو مديني جي انصار مسلمانن سان سندن ”عهد اخوت“ قائم ٿي ويو ۽ اهي انهن جي گهرن ۾ رهڻ لڳا.
قرآن مجيد جي اٺين سورة ”سورة الانفال جي چوهتر آيت ۾ مديني جي مسلمانن جي قدرداني ڪئي وئي آهي، جن مڪي جي مسلمانن کي گهرن ۾ رهايو.
وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ ہَاجَرُوۡا وَ جٰہَدُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ الَّذِیۡنَ اٰوَوۡا وَّ نَصَرُوۡۤا اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ حَقًّا ؕ لَہُمۡ مَّغۡفِرَۃٌ وَّ رِزۡقٌ کَرِیۡمٌ ﴿۷۴﴾
يعني اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ۽ اهي ماڻهو جن پناهه ڏني (مڪي جي مهاجرين کي پنهنجي گهرن ۾ جڳهه ڏني) ۽ مدد ڪئي ۽ (مهاجرين جي مدد ڪئي) اهي سچا مؤمن آهن ۽ الله انهن جي مغفرت ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ رزق جا دروازا کولي ٿو.
جيئن ته مسلمانن کي مسجد جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪرڻو هو ان ڪري عهد اخوت يعني ڀائريءَ جو ناتو ٻڌي انهن پاڻ ۾ اهو طئي ڪيو ته جيڪو مهاجر انصار جي گهر ۾ رهيل آهي، اهو هڪ ڏينهن الله جي راهه ۾ مسجد جي تعمير لاءِ مزودريءَ کان سواءِ ڪم ڪري ۽ ٻئي ڏينهن ڪٿي مزدوري ڪري پنهنجي ذريعي معاش جو بندوبست ڪري. مديني جي مسلمانن به ائين ئي ڪيو جو هڪ ڏينهن الله جي راهه ۾ مسجد جي تعمير ۾ بنا معاوضي ڪم ڪندا رهيا ۽ ٻئي ڏينهن مزدوري ڪري پنهنجو گذران حاصل ڪندا رهيا. خود پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪنهن مديني جي مسلمان سان عهد اخوت نه ٻڌو ڇو ته پاڻ ﷺ سمجهن پيا ته متان ڪنهن ٻئي جي دل تي اهو گذري ته پاڻ ﷺ جن مون کي عهد اخوت جي قابل نه سمجهيو ان ڪري حضور ﷺ جن پنهنجي سؤٽ علي بن ابي طالب سان عهد اخوت قائم ڪيو ۽ ان کي فرمايائون ته، ”اي علي رضي الله اسان اهڙي طرح ڪريون ٿا جو هڪ ڏينهن تون مزدوري لاءِ وڃ ته ٻئي ڏينهن مان محنت مزدوري ڪندس.“
حضرت علي رضي الله عرض ڪيو ته، ”يارسول الله مسجد جي تعمير جي ڪم ۾ اوهان جو موجود هجڻ ضروري آهي، ان کان علاوه جيڪڏهن مسلمانن کي ڪوئي مسئلو درپيش اچي ٿو ته اهو به اوهان جي اڳيان پيش ڪندا رهن ٿا ان لاءِ اوهان ﷺ جو روزانو مسجد ڏانهن وڃڻ نهايت ضروري آهي اوهان مسجد جي ڪم جي نگراني ڪريو مان اڪيلو ئي پنهنجي لاءِ ۽ اوهان جي روزگار لاءِ ڪم ڪرڻ تي تيار آهيان.“
حضرت محمد ﷺ جن حضرت علي رضي الله جي تجويز قبول فرمائي ان کان پوءِ حضرت علي رضي الله مزدوريءَ جي تلاش ۾ نڪري ويندو هو. حضرت علي رضي الله معاش جي تلاش ۾ مزودري لاءِ ڪنهن مالدار شخص جي جڳهه جي تعمير لاءِ پاڻي ڀري آڻيندو هو ۽ ان پاڻي سان ان جڳهه جو گارو ۽ سرون تيار ٿينديون هيون، ان جڳهه کان پاڻي ايترو پري هيو جو حضرت علي رضي الله صبح کان شام تائين سورهن ڏول پاڻي کان زياده نه آڻي سگهندو هو. حضرت علي رضي الله کي سڄي ڏينهن جي مزدوري صرف سورهن داڻا کارڪن جا ملندا هئا، انهن مان اٺ داڻا پاڻ سڳورنﷺ کي ۽ اٺ داڻا پنهنجي گذران لاءِ استعمال ڪندو هو، اهڙي طرح ڪيترن ڏينهن تائين اٺن کارڪن تي گذارو ڪيائين.
اهي ئي عظيم شخصيتون هيون جن اسلام جو بنياد رکيو ۽ اسلام خاطر قربانيون ڏئي اسلام کي روشن ڪيو.
مديني جي اڌ آبادي يهودين تي مشتمل هئي، حضرت محمد ﷺ جن مديني ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي ته اهي ماڻهو به اسلام کي سهڻي نظر سان ڏسن ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. پر يهودين کي اها غلط فهمي هئي ته شايد پاڻ ﷺ جن انهن جي دين ۾ داخل ٿي ويندا ۽ يهودي ائين چوندا هئا ”اي محمد تون پيغمبر نه آهين ڇو جو تون اسان مان نه آهين، سڀ نبي اسان جي قوم منجهان آيا، ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن تون به پيغمبر ٿي وڃي پر اسان جي قوم ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ ايئن ٿي نٿو سگهي.“
پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن کي ائين ئي فرمائيندا هئا ته مان پاڻ پنهنجي مرضي سان پيغمبر نه ٿيو آهيان، مون کي الله تعاليٰ پيغمبري لاءِ مقرر ڪيو آهي.