اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿيڻ واري پهرئين عورت
ابوجهل جي هڪ ٻانهي هئي، جنهن جو نالو ”سميه “ هو. (سميه جو لفظ ”سما“ مان نڪتل آهي. سما جو مطلب مشهور ۽ معروف.)
سميه ابوجهل جي ڪنيز هئڻ کان علاوه ”تقره“ يعني حمل وارين عوتن جي خدمت ڪرڻ جنهن کي ”تقره“، قابله“ ۽ دائي چيو ويندو آهي جو ڪم به سرانجام ڏيندي هئي.
جيئن ته سميه دائپي جو ڪم ڪندي هئي. ان ڪري ابوجهل وٽ وٽس ٻين ٻانهين ۽ عورتن کان وڌيڪ عزت هوندي هيس. پر جيئن ئي سميه جي مسلمان ٿيڻ جي خبر ابوجهل کي پئي ته ان کيس سڏرائي حڪم ڏنو ته جلد ۾ نئين دين ٿان هٿ کڻي وڃ. سميه جواب ۾ چيو ته مان حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي نٿي ڇڏي سگهان.
ابوجهل غصي ۾ اچي پنهنجي ٻانهي تي فٽڪا هڻائڻ شروع ڪيا کيس ايترو ماريو ويو جو هي بيهوش ٿي زمين تي ڪري پئي. ايتري ۾ حضرت ابوبڪر رضي الله کي اها خبر پئي ۽ جلد ئي ابوجهل جي گهر پهتا. ڏٺائون ته سميه بيهوشيءَ جي حالت ۾ زمين تي پئي آهي.
حضرت ابوبڪر رضي الله ابوجهل کي چيو ته مان هن ٻانهي کي خريدڻ چاهيان ٿو. ابوجهل جواب ڏنو ته مان هن کي نٿو وڪڻڻ چاهيان. حضرت ابوبڪر رضي الله چيو اي ابوجهل جيڪڏهن تو ن سميه کي وڪڻڻ لاءِ رضامند ٿي وڃي ته مان توکي هڪ سؤ دينار ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ابوجهل غصي ۾ چيو ته مان هن کي نه وڪڻندس حضرت ابوبڪر رضي الله قيمت ۾ اضافو ڪيو ۽ چيائين ته ابوجهل توکي سميه جي بدلي ۾ ڏيڍ سؤ دينار ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. پر ابوجهل پنهنجي ضد تي ڄميو رهيو ۽ چيائين ته سميه کي ڪنهن به صورت ۾ نه وڪڻندس. حضرت ابوبڪر رضي الله قيمت وڌائيندو رهيو پر هر وقت ابوجهل جو جواب ساڳيو رهيو ته مان سميه جو سودو نه ڪندس.
حضرت ابوبڪر پنهنجي سموري دولت اسلام جي راهه ۾ خرچ ڪري چڪو هو، جڏهن اهو ڏٺائين ته ابوجهل ڪهڙي طرح به سميه کي وڪڻڻ لاءِ تيار ناهي ته هن ابوجهل کي هڪ نئين پيش ڪش ڪندي چيائين ته جيڪڏهن سميه وڪرو ڪري منهنجي حوالي ڪرين ٿو ته مان توکي ”ابل قاضبه“ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
”ابل قاضبه“ ريگستان ۾ رهندڙ عربن جو خاص اصطلاحي نالو هو جيڪو دراصل انهن اُٺن کي چيو ويندو هو، جيڪي ڪنهن قتل جي بدلي قصاص يعني خون بها ۾ ڏنا ويندا هئا. يعني من پسند رقم وصول ڪرڻ کي ابل قاضيه سڏيو ويندو هو. ابوجهل جي دل ۾ حضرت محمد ﷺ جن ۽ اسلام جي باري ۾ ايترو ته بُغض ۽ ساڙ هو جو ابل قاضيه جي بدلي ۾ به پنهنجي ٻانهي کي حضرت ابوبڪر رضي الله جي حوالي ڪرڻ تي رضامند نه ٿيو.
ان ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته حضرت ابوبڪر رضي الله ان ڏينهن تائين ڇهن غلامن کي خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو هو جن ۾ ٻه مرد ۽ چار عورتون شامل هيون، پر هن وقت سميه کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو.
جڏهن قريش جي عورتن اهو ٻڌو ته سميه روزانو ابوجهل جي گهر ۾ ڦٽڪن جي سزا کائيندي رهي ٿي پر اسلام کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي ته اهي عورتون ابوجهل وٽ سفارش کڻي پهتيون ۽ ابوجهل کي چيائون ته اسان جي درخواست آهي ته سميه کي ڦٽڪا هڻڻ بند ڪريو. هن عورت قريش قبيلي جي بيشمار عورتن جي مدد ڪئي آهي، پر ابوجهل پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ انهن عورتن کي مايوس ڪري واپس موٽايو.
ابوجهل سميه کي ايترا ته ڦٽڪا هنيا جو سندس سارو جسم رتوڇاڻ ٿي چڪو هو ۽ کيس چرڻ پرڻ جي طاقت به نه رهي هئي. ان جي باوجود سميه ائين چوندي رهي ته مان حضرت محمد ﷺ جن جي دين اسلام کان ڪڏهن به منهن نه موڙينديس.
جڏهن ابوجهل سميه جي ايمان کي ڦيرائڻ ۾ ناڪام ٿيو تڏهن هن کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. هڪ ڏينهن خانه ڪعبه جي سامهون آڻي سڀني مڪي وارن جي سامهون سميه کان پڇا ڪيائين ته ڇا سميه تون حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهين؟
سميه دليريءَ سان اهو جواب ڏنو ته، ”مان حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي هرگز نه ڇڏينديس. ابوجهل رڙڪري چيو ته پوءِ مان توکي هتي هن ئي وقت موت جي حوالي ڪري ڇڏيندس. ان کانپوءِ ابوجهل مڪي وارن جي اکين آڏو پنهنجو نيزو ايترو زور سان سميه جي سيني ۾ لڳايو جو نيزو جسم مان آرپار ٿي چڪو ۽ اهڙي طرح اسلام جي راهه ۾ پهرئين شهيد ٿيل عورت جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. اها هئي پهرئين عورت سميه جيڪا اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿي.
راويت آهي ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي سميه جي رهائي لاءِ ابوبڪر رضي الله جي ڪوششن جي خبر پئي ته پاڻ سڳورنﷺ جن حضرت ابوبڪر رضي الله جي حق ۾ دعا گهريائون، ”حيا الله قبللڪ“ يعني الله تنهنجي (حضرت ابوبڪر رضي الله) عظمت ۽ وقار ۾ اضافو ڪري.
سميه جي قتل ٿيڻ کان بعد قريش قبيلي جي امير ماڻهن مان چئن شخصيتن، جن ۾ ابوسفيان، ابولهب ۽ ان جي گهرواري شامل هئي، انهن اها پابندي لڳائي ڇڏي ته مڪي جي رهڻ وارو ڪوئي شخص اڄ کان بعد پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي حضرت ابوبڪر رضي الله جي هٿ نه وڪڻي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو سڀ سمجهي چڪا هئا ته هيٺئين طبقي خاص ڪري غريب ماڻهن ۽ غلامن ۾ اسلام کي تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ٿيندي وڃي ٿي ۽ اهي مسلمان ٿيندا وڃن ٿا ۽ حضرت ابوبڪر رضي الله انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ کين خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏي ٿو. ان ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله تي غلامن جي خريداري جي پابندي لڳائي ڇڏي، جيئن اسلام کي طاقت حاصل نه ٿئي.
پر ان پابنديءَ کان بعد جيڪي ڪجهه ماڻهو آزاد هئا يعني ڪنهن جا غلام نه هئا، اهي مسلمان ٿي ويا. انهن ۾ عثمان بن عفان رضي الله جيڪو حضرت عبدالمطلب جو ڀائٽيو هيو ۽ عبدالرحمان بن عوف رضي الله ۽ سعد بن ابي وقاص رضي الله ، حضرت آمنه جو ڀائيٽو ۽ طلحه رضي الله بن عبدالله ۽ سعد بن عمر رضي الله شامل هئا، جن جو تعلق مڪي جي وڏن معزز خاندانن سان هو.
مسلمانن جي تعداد ۾ اضافي سان قريش قبيلي ۾ گهٻراهٽ ۽ بيچيني شروع ٿي وئي. خاص ان ڪري ته مسلمان ٿيڻ وارا مڪي ۾ ڄاتل سڃاتل ممتاز شخصيتن ۾ شامل هئا. ان ڪري حضرت محمد ﷺ جن کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ قريش وارن ايذاءَ رسائڻ ۽ ٻين شرارتن تحت منصوبا ٺاهڻ شروع ڪري ڏنا.
انهن اِهو چوڻ شروع ڪيو ته حضرت محمد ﷺ جن کي خانه ڪعبه ۾ قدم رکڻ جي اجازت نه آهي. ٻئي طرف ڪجهه آواره شخص حضرت محمد ﷺ جن جي رستي ۾ بدمعاشي ڪرڻ لاءِ ويهي رهندا هئا. جيئن ئي پاڻ سڳوراﷺ خانه ڪعبي وڃڻ لاءِ گهر کان ٻاهر قدم رکندا هئا. يا ڪنهن ڪم سبب ٻي هنڌ وڃڻ چاهيندا هئا، ته اهي ماڻهو پاڻ سڳورنﷺ کي پٿر هڻندا ۽ سندن ڪپڙن تي گندگي اڇلائيندا هئا، اهڙي طرح پاڻ سڳورنﷺ جا ڪپڙا خراب ٿي ويندا هئا.
پاڻ سڳوراﷺ خانه ڪعبه وڃڻ لاءِ جڏهن به گهر کان نڪرندا هئا ته سندن جان خطري ۾ هوندي هئي، پر پاڻ ﷺ جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ خانه ڪعبه ڏانهن روانا ٿي ويندا هئا ته جيئن اتي وڃي الله جي عبادت ڪري سگهن.
روايتن مطابق خانه ڪعبه زمين جي تختي تي اها پهرئين عبادتگاهه آهي، جيڪا انسان جي هٿن سان تعمير ٿي. هڪ ٻي روايت مطابق خانه ڪعبه جو بنياد حضرت آدم جن رکيو ۽ حضرت ابراهيم ان جي تعمير ڪئي، ۽ جڏهن طوفان نوح شروع ٿيو ته حضرت نوح ٻيڙيءَ ۾ ويهي خانه ڪعبه جو ست ڀيرا طواف ڪيو هو.
بهرحال ڪوبه اهڙو ڏينهن نه هيو جو حضرت محمد ﷺ جن خانه ڪعبه کان واپسي وقت رتوڇاڻ نه هجن.قريش جا ماڻهو کين بيرحميءَ سان پٿر هڻندا هئا. قبيلي قريش وارا پاڻ سڳورنﷺ سان دشمنيءَ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويا جو خانه ڪعبه جو احترام به وساري ڇڏيائون.
پراڻين رسمن جي مطابق خانه ڪعبه جي حد کي ”حرم“ سمجهيو ويندو هو، يعني هن حد ”حرم“ جي اندر ڪنهن کي به ڪنهن سان هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي، پر حضرت محمد ﷺ جن تي قاتلانه حملا ٿيا سي ٻئي دفعا خانه ڪعبه ۾ ٿيا. پهريون مسلمان مرد جيڪو اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿيو سو به ڪعبي اندر قتل ڪيو ويو ۽ پهرئين مسلمان عورت جيڪا اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿي ان کي به ڪعبي جي سامهون قتل ڪيو ويو.
خانه ڪعبه ۾ پهرئين مسلمان مرد جي شهادت هن ريت پيش آئي، هڪ ڏينهن جڏهن حضرت محمد ﷺ جن ڪعبة الله کان گهر ڏانهن وڃي رهيا هئا ته قريش جي ماڻهن مٿن شديد پٿراءُ ڪيو، جڏهن پاڻ گهر تائين پهتا ته بلڪل بيحال ٿي ڪري پيا ۽ شديد زخمن سبب ٻئي ڏينهن خانه ڪعبه ڏانهن نه وڃي سگهيا. ان ڏينهن جڏهن ٻيا مسلمان ڪعبة الله ۾ عبادت لاءِ پهتا ته کين خبر پئي ته اڄ سڳورا خانه ڪعبه نٿا اچي سگهن. ان ڪري انهن پنهنجي عبادت شروع ڪري ڏني. جڏهن اهي شخص سجدي ۾ ويا ته قبيلي قريش جي طرفان ڪرائي تي آيل شخص مٿن اوچتو حملو ڪري ڏنو ۽ ان حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسلمان شديد زخمي ٿي پيا ۽ انهن مان هڪ ”حارث رضي الله “ نالي مسلمان خانه ڪعبه ۾ ئي دم ڏنو. حضرت حارث رضي الله ، حضرت خديجه جن جو فرزند ۽ پاڻ سڳورنﷺ جو ماٽيلو پٽ هو. حضرت حارث رضي الله جيڪو پهريون مرد آهي جيڪو اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿيو ۽ ان کي خانه ڪعبه ۾ سجدي جي حالت ۾ قتل ڪيو ويو.
ان واقعي کان بعد قريش قبيلي وارا ڏينهن رات خانه ڪعبه جي نگراني ڪندا هئا ته جيئن حضرت محمد ﷺ جن جي پيروي ڪندڙن کي خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي.
پاڻ سڳورنﷺ جڏهن اهو ڏٺو ته پاڻ ﷺ اصحابن رضي الله سان گڏ خانه ڪعبه ۾ عبادت نٿا ڪري سگهن ته پاڻ سڳورنﷺ مڪي کان ٻاهر هڪ جڳهه تي جيڪا چئني طرفن کان هيٺ هئي، پنهنجي ساٿين سميت ڏينهن ۾ ٻه دفعا نماز پڙهڻ لاءِ اُتي وڃڻ لڳا. يعني نماز لاءِ مسلمانن کي دعوت ڏني ويندي هئي. جڏهن نماز ختم ٿي ويندي هئي ته پاڻ سڳوراﷺ مسلمانن کي قرآني درس ڏيندا هئا. هن وقت سڀئي نوان مسلمان جن کي پنهنجي شهر ۾ عبادت ڪرڻ جي آزادي نه هئي، نماز جماعت سان ادا ڪرڻ جي خيال سان بيابان جو رخ اختيار ڪرڻ تي مجبور هئا.
ان دوران حضرت محمد ﷺ جن جي مخالفت ڪرڻ وارن مان هڪ شخص اهڙو هو جيڪو پاڻ سڳورنﷺ جن سان تمام انتها درجي جي دشمني رکندو هو. ان جو نالو هو ”ابوسفيان“. ابو سفيان پيغمبر اسلام جن جو رضاعي ڀاءُ هو ڇو جو ان ۽ پاڻ سڳورنﷺ هڪ ئي دائيءَ جي ڇاتيءَ جو کير پيتو هو. ابوسفيان جو چوڻ هو ته قريش کي جيڪو حضرت محمد ﷺ جن مان خطرو آهي، اهو صرف ان صورت سان ٽري سگهي ٿو ته کيس هڪ ئي دفعي ختم ڪيو وڃي. (نعوذبالله)
انهن حالتن جي خيال مطابق ”يورپ جي پڙهندڙن“ مان جيڪڏهن اهو سوال ٿئي ته قريش وارن کي آخر ڇو ايتري حضرت محمد ﷺ جن سان دشمني هئي، جڏهن ته مذهبي لحاظ کان مڪو بين الاقوامي شهر سمجهيو ويندو هو. خانه ڪعبه اهڙي جڳهه هئي جتي جزيره عرب جي سڀني مذهبن کي مڃڻ وارا آزاديءَ سان مڪي ايندا ويندا هئا ۽ خانه ڪعبه ۾ ڪيترائي حجرا موجود هئا. جتي ڪيترائي بت رکيل هوندا هئا ۽ هر شخص کي اها آزادي هئي ڀل اهو ڪهڙي به مذهب جو هجي خانه ڪعبه ۾ اچي پنهنجي دين جي مطابق عبادت ڪري ۽ بتن جي سامهون پنهنجون التجائون پيش ڪري. اهڙي مذهبي رويي تحت حضرت محمد ﷺ جن جي نئين دين سان دشمني نه ڪرڻي هئي. ڇو جو ايترن بيشمار مذهبن جي وچ ۾ هي نئون دين مڪي وارن لاءِ ڪهڙي مشڪل پيدا ڪري سگهي ها؟
ان سوال جو جواب هي آهي ته ٻين مذهبن کي مڃڻ وارا جيڪي مڪي جا رهاڪو هئا يا جيڪي مڪي ايندا ويندا هئا، اُهي خانه ڪعبه ۾ رکيل ڪنهن به مذهب جي رکيل بتن جي لاءِ ڪابه دخل اندازي يا روڪ ٽوڪ نه ڪندا هئا. يعني خانه ڪعبه ۾ بيشمار مذهبن جي بتن لاءِ ڪابه مذهبي مزاحمت نه ٿيندي هئي. ۽ هرڪو غير جانبداريءَ سان پيش ايندو هو. پر جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي رسالت جو اعلان ڪيو ۽ اسلام جي تبليغ شروع ڪيائون ته پاڻ سڳورنﷺ سڀني مذهبي بتن جي مخالفت ڪئي ۽ هي اعلان ڪيائون ته هنن سڀني بتن کي ڀڳو وڃي ۽ ڪعبة الله کي بتن کان پاڪ ڪري سڀ ماڻهو هڪ الله کان سواءِ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪن، سڀ هڪ الله جي عبادت ڪن.
جڏهن مڪي وارن اهو ڏٺو ته جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن جي ڳالهين تي عمل ٿي ويو ۽ بتن کي خانه ڪعبه کان هٽايو ويو ۽ جيڪڏهن بت پرستيءَ جو خاتمو وڃي ٿو ته اسان کي وڏو نقصان رسندو. ڇو جو مڪي ۾ بين الاقوامي بازار جيڪا سال ۾ چئن مهينن تائين جاري رهندي آهي سا به ڪڏهن نه لڳي سگهندي.
جهڙيءَ طرح پهريون هي ذڪر اچي چڪو آهي ته مڪي ۾ ڪا به زراعت نه ٿيندي هئي، ڇو جو مڪي ۾ پاڻيءَ جي قلت هوندي هئي. اتي جا ماڻهو ٻن طريقن سان زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪندا هئا. هڪ واپار ۽ ٻيو چوپايو مال پالڻ. انهن ۾ خاص طور تي اٺن پالڻ جو وڌيڪ بندوبست هو. اسلام کان اڳ خانه ڪعبه کي جزيره عرب جو سڀ کان وڏو بت خانو سمجهيو ويندو هو ۽ اڄ جهڙي طرح ڪعبه کي سڀني مسلمانن فرقن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي، اهڙي ريت ان دور ۾ به هي گهر جزيره عرب جي بيشمار مذهبن جو مرڪز سمجهيو ويندو هو.
خانه ڪعبه جي مرڪز هئڻ جي ڪري سال جي ٻين مهينن ۾ يعني ”ماهه حرام کان علاوه“ به ماڻهو مڪي ايندا رهندا هئا ته جيئن بتن جي زيارت ڪريون ۽ جيڪڏهن هي خانه ڪعبه بتن کان خالي ڪيو ويو ته ڪوبه بتن جي زيارت جي غرض سان مڪي ڪونه ايندو ۽ اهڙي طرح ”عڪاظ“ جيڪا بين الاقوامي بازار چار مهينا جاري رهندي آهي سا به بلڪل ختم ٿي ويندي. ان ڪري مڪي وارا پنهنجي معاشي بقا ۽ اقتصادي حالت کي دين محمد ﷺ جن جي سامهون خطري ۾ محسوس ڪندا هئا. انهن جو هي خيال هو ته جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪاميابي ملي وئي ته اسان جي اقتصادي حالت هميشه لاءِ تباهه ٿي ويندي.
مڪي وارن جي حضرت محمد ﷺ جن سان دشمنيءَ جو ٻيو سبب هيءُ به هو ته جڏهن پاڻ سڳورنﷺ بتن جي پوڄا ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ته مڪي وارن ان جو مطلب هي سمجهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جي رسمن تي حملو ڪيو وڃي ٿو ۽ اسان جي عقيدي سان مذاق ڪئي وڃي ٿي. اها حقيقت ظاهر هئي ته ان وقت مڪي جا سڀ رهندڙ بتن جا پوڄاري هئا. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن اهو اعلان ڪيو ته بت پرستيءَ جو خاتمو آندو وڃي ۽ هي مڪي وارن جا بت ۽ ٻيا سڀ بتن وارا مذهب ڪوڙا آهن، انهيءَ وقت ريگستاني عرب پنهنجي ابن ڏاڏن جي عقيدن جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا. ائين کڻي چئجي ته پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرن کي پنهنجي بتن وانگر پوڄيندا هئا ۽ پوري جزيره عرب ۾ پراڻن مذهبي اصولن تي عمل ڪرڻ ۽ اتي پابند رهڻ وڏي اهميت سمجهيو ويندو هو.
هڪ بنيادي اصول جيڪو هر دور ۾ هر جڳهه نظر اچي ٿو، جيڪو اڄ به موجود آهي. اهو هي آهي ته عام ماڻهو مذهب جي ظاهري رسمن کي ماڻهن جي باطني عقيدي کان زياده اهميت ڏيندا آهن. ڪنهن کي به ان ڳالهه سان دلچسپي نه هوندي آهي ته ڪهڙي ايمان واري جو باطني عقيدو ڪهڙو آهي ۽ اُهو جهڙي مذهب جي پيروي ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ان تي يقين به رکندو آهي يا نه. پر هر ڪو ائين وڌيڪ سمجهندو آهي ته ظاهري رسمن تي عمل هجي ۽ مذهبن جي ظاهري قانونن جي پيروي ڪئي وڃي.
مذهب جون ظاهري رسمون ابن ڏاڏن کان اولاد تائين پهچنديون آهن ۽ هر نسل جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي رسمن کي ڪنهن به تبديليءَ کان سواءِ ايندڙ نسلن تائين پهچايو وڃي.
جزيره عرب ۾ به بت پرستيءَ جي رسم ابن ڏاڏن کان ايندڙ نسل ”اخلاف“ يعني اولاد تائين پهتي هئي ۽ پنهنجي پوريءَ قوت سان رهندي آئي. ڪنهن کي به اهو حق نه هيو ته هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي نظريي تي تنقيد ڪري يا ائين چوي ته اهي ڪجهه نه سمجهندا هئا يا انهن جو رستو غلط هيو، پر حضرت محمد ﷺ جن وڏي جرائت سان ائين چوندا هئا. انهيءَ ئي خاص سبب ڪري مڪي جا ماڻهو پاڻ سڳورنﷺ جن جي جان جا دشمن هئا.
بهرحال قريش قبيلي وارن کي جيئن ئي اها خبر پئي ته حضرت محمد ﷺ ۽ ان جا پيروي ڪندڙ عبادت جي لحاظ کان ڪٿي وڃي جمع ٿين ٿا ته انهن پري غيرآباد بيابان ۾ به مسلمانن جي گڏ ٿيڻ ۽ عبادت ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪري ڏنيون.
سعد بن ابي وقاص رضي الله جيڪو مسلمان ٿي چڪو هو ان ٻڌايو ته اسان عبادت جي خاطر خانه ڪعبه ۾ جمع نه ٿي سگهندا هئاسين. ان ڪري ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ گڏجي عبادت جو فرض ادا ڪندا هئاسين. پر قريش جي ان وقت جي نگرانيءَ ۾ سندن حرڪتن سبب اهو به ممڪن نه رهيو. ڇو ته ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ ضروري هيو ته اسان گهر ۾ داخل ٿيون ۽ جيڪڏهن محلي وارن اسان کي ايندي ويندي ڏٺو ته اسان تي حملو ٿي سگهي پيو ۽ اسان کي قريش وارا قتل ڪري سگهن پيا. ان جي ڪري اسان هڪ هڪ ٿي ڪري ڪجهه اهڙي نموني مڪي کان ٻاهر نڪري ويندا هئاسين جو ڪنهن کي اسان جو خيال به نه ٿئي. اهڙي نموني وڃي پري هڪ جڳهه تي ڪٺا ٿي عبادت ڪندا هئاسين. عبادت ڪرڻ بعد ٻئي ڏينهن جي عبادت لاءِ وري ٻي جڳهه جي چونڊ ڪري ڇڏيندا هئاسين، ڇو ته قريش جا ماڻهو اسان جي اهڙي طرح تاڙ ۾ هوندا هئا ته جيڪڏهن اسان ٻه ڏينهن مسلسل هڪ جڳهه تي عبادت ڪرڻ لاءِ جمع ٿيندا هئاسين ته انهن کي آسانيءَ سان ان جڳهه جي خبر پئجي ويندي هئي.
هڪ ڏينهن اسين ”ابو دوب“ نالي هڪ کڏ ۾ ڪٺا ٿياسين ۽ اتي اسان عبادت ڪرڻ شروع ڪئي اڃا اڌ عبادت ۾ هئاسين ته ڪجهه قريش جي ماڻهن جن ۾ ابوسفيان رضي الله ۽ اخنس ٻن شريق جهڙا برجسته جوان به شامل هئا. نماز جي حالت ۾ اسان تي حملو ڪري ڏنو ۽ آخر اسان کي بچاءَ خاطر مجبور ٿيڻو پيو، مان پنهنجي بچاءَ لاءِ هڪ اُٺ جي وڏي هڏي جيڪا اُتي ويجهو پئي هئي کنيم ۽ هڪ حملو ڪرڻ واري تي زور سان هيم جنهن سان ان جو مٿو ڦاٽي پيو ۽ رتو رت تي واپس ڀڳو، اهڙيءَ طرح اسلام جي راهه ۾ ڪنهن ڪافر جون خون وهائڻ وارو پهريون شخص مان ئي آهيان.
ان دور ۾ جڏهن مسلمان چئني طرفن کان خطري هيٺ هئا اهڙي حالت ۾ به هڪ مسلمان موت جي خوف کان سواءِ پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرندو هو؛ اها شخصت هئي حضرت محمد ﷺ جن. ٻيا مسلمان گهرن کان ٻاهر نه نڪرندا هئا. پر صبح جو انڌاري ۾ جڏهن مڪي وارا ننڊ ۾ ستل رهندا هئا ته ٻيا مسلمان اهڙي وقت پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته جيئن ڪونه ڏسي ۽ نه وري سڃاڻي سگهي.
پر ايڏي وڏي خوف ۽ دهشت جي باوجود مسلمانن جو تعداد وڌندو پئي ويو پر گهٽ رفتار سان اسلام ۾ داخل ٿيڻ وارن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي جيڪي غلام يا مزدور يا اهڙا ماڻهو جن کي مڪي ۾ گهٽ حيثيت وارو سمجهيو ويندو هو. پر حضرت محمد ﷺ جن انهن ماڻهن کي وڏي ماڻهوءَ يا غلام يا نوڪرجي حيثيت سان نه ڏسندا هئا، پر جڏهن به انهن جي گذريل ڪردار جي باري ۾ تحقيق ڪندا هئا ته اها ڳالهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته هن مرد يا عورت جو ڪردار واقعي ئي برو آهي يا صرف مڪي جا امير يا حڪمران انهن کي گهٽ سمجهن ٿا.
”مسيحت“ جي دنيا ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن کي وقت جا حڪمران بدڪردا رچوندا آهن ۽ انهن جو رت وهائڻ به جائز سمجهن پيا پر فرق ايترو آهي جو اهڙن ماڻهن کي جيڪي حقيقت ۾ بدڪار ۽ بدڪردار آهن.
حضرت محمد ﷺ جن وٽ جڏهن به ڪو بدڪردار ماڻهو ايندو هو ۽ هو اسلام قبول ڪرڻ چاهيندو هو ته ٻه صورتون سامهون اينديون هيون يا ته اهو ماڻهو دولتمند ماڻهن جي نظر ۾ بدڪردار هوندو هو يا ڪابه شڪ جي حالت ظاهر ٿيندي هئي ته هي ماڻهو بدڪار آهي يا نه. جيڪڏهن اهو بدڪردار نه هوندو هو ته اسلام ۾ داخل ڪري ڇڏيندا هئا. يا ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو تمام ماڻهن جي نظر ۾ برو هوندو هو ۽ اهڙي حالت ۾ جڏهن پاڻ سڳوراﷺ سمجهندا هئا ته هي شخص پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ ظاهر ڪري ٿو ۽ اڳتي لاءِ دل سان توبه ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي به اسلام ۾ داخل ڪندا هئا ان سلسلي ۾ قبيلي ”غفار“ جي ”ابوذر“ جو داستان اُن دور جو مثال آهي.
مڪي جي اتر ۾ هڪ زمين جو حصو اهڙو هيو، جنهن کي دنيا جي خوفزده زمين سمجهيو ويندو هو. ان علائقي ۾ هڪ قبيلو ”غفار“ نالي زندگي بسر ڪندو هو. انهن ماڻهن جو ڪردار ڦر لُٽ ۽ قتل ڪرڻ هوندو هو. اهو علائقو جتي قبيله ”غفار“ وارا رهندا هئا اتي چوڏهن سؤ سال اڳ وانگر اڄ به موجود آهي. هي علائقو سنگلاج پهاڙن ۽ گرم زمين تي مشتمل آهي. جتي ڪابه شيءِ ايتري تائين جو ڪنڊيدار وڻ به نه ڦٽندا آهن ۽ نه وري عام جانور يا ريگستاني ٻيا جانور به زندگي بسر ڪري سگهن ٿا. جيڪو ماڻهو ان علائقي کان گذر ڪندو آهي ته انهن پهاڙن کي اکين آڏو ڏسندو جيڪي ڄڻ هٿرادو ڪٽي خوفناڪ صورت جا بڻايا ويا آهن، جيڪي تکا ۽ چهنبدار نظر ايندا، مسافر انهن پهاڙن تي نظر ڦيرائيندو ته اهي ڪارا ۽ زرد رنگ جا پٿر نظر ايندا جن جو ڏسڻ سان جان ۾ خوف ،طاري ٿي ويندو آهي.
جڏهن مان يعني ڪتاب جو مصنف(ڪونسٽن ويرزيل) ان علائقي مان گذريم، ته مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ دنيا جي ٺهڻ جو آغاز ڏسي رهيو آهيان يا چنڊ جي سطح تي بيٺو آهيان. ڇو ته چنڊ جي سطح تان زمين به ائين ئي محسوس ٿيندي آهي. ڪي اهڙيون اونداهيءَ واريون ڪاريون ۽ ڪي جڳهون بلڪل زرد ڏسڻ ۾ آيون.
گرميءَ جي موسم ۾ جڏهن سج جا ڪرڻا انهن پهاڙن جي چوٽين تي ڪرندا آهن ته ان وقت زمين ۽ هوا جي گرمي برداشت کان ٻاهر هوندي آهي، اهڙي جڳهه تي چند گهڙيون به ڪنهن ڇانو کانسواءِ رهڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي.
قبيلي غفار جا ماڻهو جن ۾ ”ابوذر“ به شامل هو. اهڙي جڳهه تي زندگي بسر ڪندا هئا. انهن جي آمدنيءَ جو ذريعو فقط ڦر لٽ تي هوندو هو. قبيلي غفار وارن جي نظر ۾ ناجائز ڪمائي کي به برو نه سمجهيو ويندو هو. جيڪو ان ڪم ۾ ڪاميابي ماڻيندو هو، ان تي سڀ قبيلي وارا فخر محسوس ڪندا هئا.