مذهب

حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
Title Cover of book حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل

لشڪر روم سان مقابلو

لشڪر روم سان مقابلو

خيبر جي فتح کان پوءِ اسلام جي طاقت ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي اقتدار ۾ ايترو اضافو ٿيو جو پاڻ ﷺ جن مختلف بادشاهن ڏانهن خط موڪليا ۽ کين اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني. پيغمبر اسلام ﷺ جن جو هڪ خط بزنطين جي سلطان ۽ ٻيو ايران جي بادشاهه ڏانهن روانو ڪيو ويو، اهڙي طرح حبشه جي بادشاهه نجاشي ۽ مصر جي شهنشاهه کي به خط روانا ڪيا ويا.
جزيره عرب جي پاڙي ۾ هڪ اهڙو حڪمران هو جو بزنطيني سلطنت جي زير اثر حڪومت ڪندو هو. ان شخص جو نالو حارث بن ابي شمير هو. ان کي پنهنجي علائقي ۾ بادشاهه جيترا اختيار حاصل هئا ۽ عام ماڻهو ان کي بادشاهه ئي تصور ڪندا هئا. پيغمبر اسلام ﷺ جن هڪ خط حارث بن ابي شمير جي نالي به لکرايو ۽ پنهنجي خاص ايلچي حارث بن عمير رضي الله کي هدايت ڪيائون ته هي خط حارث بن ابي شمير تائين پهچاءِ ۽ ان کان جواب وٺي اچجانءِ.
مگر جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن جو ايلچي حارث بن ابي شمير جي ملڪ ۾ داخل ٿيو ته ان جي هڪ سرحدي حڪمران شرجيل بن عمرو ان کي گرفتار ڪري مارائي ڇڏيو. هي واقعو مسلمانن لاءِ نهايت افسوسناڪ ثابت ٿيو. انهن کي حارث بن عمير رضي الله جي موت جو وڏو صدمو پهتو ڇو جو دنيا جي سڀني قومن ۾ ايلچي کي امان حاصل هوندي هئي. ڪنهن به ملڪ جي ايلچيءَ کي قتل نه ڪيو ويندو هو.
پيغمبر اسلام ﷺ جن حارث بن ابي شمير کي چورائي موڪليو ته تنهنجي ماڻهوءَ شرجيل بن عمرو هڪ بيگناهه شخص کي جيڪو هڪ خط تو تائين پهچائڻ لاءِ اچي رهيو هو قتل ڪري ڇڏيو آهي. هو اسا ن جو شخص صرف تنهنجي سرحدن ۾ داخل ٿيو هو ۽ ان جي سفر جو مقصد به اهو نه هو ته ڪنهن دشمني جو اظهار ڪري، پر ان جي باوجود ان کي قتل ڪيو ويو آهي. هڪ ايلچي کي قتل ڪرڻ ڪنهن به قبيلي قوم ۾ روا نه آهي ۽ جيئن ته حاڪم حارث بن عمير رضي الله کي قتل ڪيو آهي ته پوءِ توکي هي معلوم هئڻ گهرجي ته ان هي ڪم تنهنجي رضامندي ۽ حڪم جي مطابق ڪيو آهي يا پنهنجي هن مرضي سان. جيڪڏهن ان اسان جي بي گناهه ايلچي کي تنهنجي حڪم کان سواءِ قتل ڪيو آهي ته توکي گهرجي ته ان شخص کي اسان جي حوالي ڪر، جيئن هو پنهنجي ڪئي جي سزا ڪاٽي. پر جيڪڏهن ان جرم ۾ تنهنجو به حڪم شامل آهي ته تون به ان قتل جو ذميوار آهين ۽ توکي به سزا جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.
حارث بن ابي شمير جواب موڪليو ته مان پنهنجي ملڪ جو خودمختيار بادشاهه آهيان. جنهن کي چاهيان قتل ڪرايان ۽ جنهن کي چاهيان بخشي ڇڏيان، اهو منهنجي مرضي تي ڇڏيل آهي. ڪنهن کي به مون کان جواب طلبي جو حق نٿو پهچي، ظاهر آهي ته ان ايلچي کي منهنجي ئي حڪم سان قتل ڪيو ويو آهي.
جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن اهڙو گستاخي وارو ۽ غيرذميوارانه جواب ٻڌو ته انهيءَ ئي وقت حارث بن ابي شمير جي جواب ۾ ٽي هزار سپاهين جي هڪ فوج هن جي گاديءَ جي هنڌ غصان جي طرف روانو ڪئي. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ روميته الصغريٰ جو بادشاهه ايران تي حملي ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو هو. ان مقصد جي لاءِ ان هڪ لک تجربيڪار فوج تيار ڪئي هئي. جڏهن روميته الصغريٰ جي بادشاهه کي حارث بن ابي شمير جي درخواست وصول ٿي ته ان هڪ لک فوج ان جي مدد لاءِ روانو ڪري ڇڏي. اهو معلوم نه آهي ته حارث بن ابي شمير وٽ پنهنجي ڪيتري فوج موجود هئي. ڪجهه تذڪره نويس لکن ٿا ته ڏهه هزار ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته هڪ لک فوج هئي. جيڪڏهن هن ننڍي حڪومت ۾ هڪ لک فوج هئي ته به مسلمانن جي صرف ٽن هزارن جي مقابلي ۾ هڪ عظيم ۽ طاقتور جي حيثيت ۾ ثابت ٿئي ٿي.
بهرحال هي ٻئي فوجون موته جي جڳهه تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون. موته جو علائقو حارث بن ابي شمير جي مملڪت غصان ۾ واقع هو. اسلامي تذڪره نويسن اسلام جي لشڪر جي قيادت جي باري ۾ ٻه مختلف روايتون نقل ڪيون آهن. پهرئين روايت ائين آهي ته جڏهن اسلامي لشڪر مديني کان روانو ٿيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي بڻايل پٽ زيد بن حارث رضي الله کي لشڪر جي قيادت سنڀالڻ جي ذميواري رکي. ٻي روايت ۾ آهي ته حضرت علي رضي الله جي ڀاءُ جعفر بن ابي طالب رضي الله کي فوج جو سربراهه مقرر ڪيو.
ان کان پوءِ جنگ جي واقعي جي باري ۾ به اختلاف نظر اچن ٿا. ڪجهه لکندڙن لکيو آهي ته جنگ موته جيڪا غصان نالي علائقي ۾ مسلمانن لڙي اها ٻي لڙائي هئي. جڏهن سپاهين جي گهٽ تعداد سبب مسلمان پوئتي هٽيا، ته انهن موته جي جڳهه تي ٻيو دفعو رومي لشڪر سان مقابلو ٿيو.
بهرحال هڪ لک رومي سپاهي جن کي روم جي بادشاهه حارث بن ابي شمير جي مدد لاءِ موڪليو ويو هو، سي هر طرح سان جنگي سامان سان مڪمل هئا ۽ انهن کي لڙائي جي مختلف طريقن جي ڄاڻ هئي. انهن ڇهه ڇهه هزار ماڻهن جو دستو ٺاهي ورتو، جنهن کي ”ليجن“ جو نالو ڏنو ويو. هر ليجن ٽيهن گروپن ۾ ورهايل هئي ۽ هر گروپ کي ”مني پول“ سڏيو ويو، يعني هر مني پول ۾ ٻه سؤ سپاهين جو دستو هو، اڃان به هر مني پول کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، ان جي هر حصي کي ”سنتوري“ سڏيو ويو يعني هر سنتوريءَ ۾ هڪ سؤ سپاهي شامل هئا. لشڪر روم جي سڀني سپاهين کي فولادي ٽوپي ۽ زرهه پهريل هئي. انهن جو ڍالون تمام وڏيون ۽ تلوارون ۽ نيزا به وڏا هئا. انهن کي جنگي صف ٺاهڻ جي به ڄاڻ هئي جنهن جو بيان جنگ بدر ۾ ٿي چڪو آهي.
جڏهن مسلمانن جا مختصر سپاهي روم جي عظيم فوج جي مقابلي ۾ بيٺا ته ڪجهه مسلمانن چيو ته اسان کي پاڻ ۾ مشورو ڪرڻ گهرجي ته هن وقت لڙائي ڪرڻ ۾ اسان جي فتح ڪرڻ جا ڪيترا امڪان آهن. جيئن ته گذريل جنگين ۾ دشمن جو تعداد اسان کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ هو، پر هن وقت جيڪو دشمن اسان جي سامهون بيٺو آهي، اهو اسان کان چاليهه يا پنجاهه حصا وڌيڪ آهي ۽ انهن وٽ اعليٰ ۽ جديد قسم جا جنگي هٿيار به موجود آهن جڏهن ته اسان جي ڪيترن ئي سپاهين وٽ زره يا بچاءَ لاءِ فولادي ٽوپيون به نه آهن ۽ جيئن ته انهن کي بغير حفاظتي لباس جي جنگ جي ميدان ۾ لهڻو آهي.
اسلامي فوج جي سربراه زيد بن حارث رضي الله يا جعفر بن ابي طالب رضي الله (جيڪڏهن جعفر بي ابي طالب سپھ سالار هيو) ته ان جو پرجوش انداز ۾ مسلمانن کي چيو ته اسين الله جي راهه ۾ وڙهڻ آيا آهيون. جيڪڏهن دشمن کي ماري فتح حاصل ڪنداسون ته اسان لاءِ بهشت انعام آهي پر جيڪڏهن پاڻ مري ٿا وڃون تڏهن به بهشت نصيب ٿيندو. دشمن جي زياده طاقتور هئڻ کان اهي ماڻهو ڊڄندا آهن جيڪي آخرت تي ايمان نه رکندا هجن، پر اسان جو يقين آهي ته ٻنهي حالتن ۾ بهشت اسان جو مقدر آهي ته اسان دشمن جي زياده هئڻ کان ڇو ڊڄئون؟ انهن لفظن مسلمانن ۾ نئون جوش ۽ پختو ايمان پيدا ڪري ڇڏيو ۽ سڀئي بنا ڪنهن خوف جي لڙائي لاءِ تيار ٿي ويا. يعني موت جي استقبال ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا ته اسين جيڪڏهن مرنداسين ته به جنت نصيب ٿيندي.
مسلمانن جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ اهائي حڪمت عملي اختيار ڪئي جيڪا گذريل جنگن ۾ آزمائي چڪا هئا، يعني ٽي ڪنڊي شڪل ۾ صف بندي ڪئي پر هن دفعي ان صف بندي مان نتيجو نه مليو، اهوئي سبب هيو ته رومي سپاهي به ان فن کان واقف هئا ۽ ان کان پوءِ رومي لشڪر وٽ جديد هٿيار هئا ۽ هو نيزي اڇلائڻ جا به خاص ماهر هئا.
جڏهن لڙائي شروع ٿي چڪي ته شروعاتي گهڙين ۾ زيد بن حارث رضي الله موت کي لبيڪ چيو ۽ ان جي جڳهه جعفر بن ابي طالب لشڪرِ اسلام جي ڪمان سنڀالي. هو مسلسل وڙهندو تلوار هلائيندو ۽ پنهنجي سپاهين کي مختلف هدايتون جاري ڪندو رهيو ۽ هن جي ئي اڳواڻيءَ ۾ اسلامي لشڪر وڙهندي وڙهندي موته جي جڳهه تائين پهچي ويو. اتي جعفر بن ابي طالب اهڙي حالت ۾ شديد زخمي ٿيو جو هن جون ٻئي ٻانهون ڪٽجي ڪري پيون، مگر ان جي باوجود هو آخري دم تائين ڄنگهن جي مدد سان وڙهندو رهيو.
جعفر بن ابي طالب جي شهادت کان پوءِ ”عبدالله بن رواحه“ اسلامي فوج جو سپھ سالار مقرر ٿيو، جنهن جو تعلق انصار سان هيو. عبدالله بن رواحه مسلمان سپاهين جو حوصلو وڌائڻ لاءِ ۽ پڪي عزم ۽ همت ڏيارڻ لاءِ تمام دل کي سڪون بخشيندڙ آواز ۾ قرآن مجيد جي تلاوت شروع ڪري ڏني. هواهڙيون آيتون تلاوت ڪري رهيو هو، جنهن ۾ جهاد ۽ اسلام جي راهه ۾ جان قربان ڪرڻ ۽ بهشت ۾ وڃڻ جو ذڪر ارشاد ٿيل هو. ان جي باوجود پاڻ تلوار به هلائي رهيو هو ۽ مسلمانن کي خبردار به ڪندو رهي پيو ته هو پنهنجي صفن کي قائم رکن ۽ دشمن سان مقابلو ڪندا رهن. جيڪڏهن مسلمان هن جنگ ۾ پنهنجون صفون برقرار نه رکن ها ته سمورا شهيد ٿي وڃن ها، جيڪا ڳالهه ان باري ۾ سبب بڻي ته مسلمان تمام ٿوري تعداد هوندي به وڏي طاقتور فوج جي سامهون پائيداريءَ سان وڙهندا رهيا ڇو ته انهن پنهنجون صفون برقرار رکيون.
جڏهن ٽيهپري جو وقت ٿيو ته عبدالله بن رواحه به وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو ۽ خالد بن وليد رضي الله اچي فوج جي ڪمان سنڀالي. ڪجهه روايتن ۾ آيل آهي ته جنگ موته صرف هڪ ڏينهن ۾ ختم ٿي وئي، جڏهن ته ڪجهه روايتن ۾ آيل آهي ته هيءَ جنگ ٻئي ڏينهن به جاري رهي.
خالد بن وليد رضي الله اسلامي فوج جي ڪمان سنڀالڻ کان پهريون پنج سؤ سپاهين جي هڪ دستي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. سندس بي مثال طاقت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جنگ جي شروعات کان جنگ جي آخر تائين نو مضبوط تلوارون ان جي هٿن ۾ ڀڄي ميدان ۾ وکري چڪيون هيون. بهرحال جڏهن ان فوج جي اڳواڻي سنڀالي ته مسلمانن کي نئين سر مضبوط ڪيو ۽ دشمن تي پوري قوت سان حملي ڪرڻ جو فرمان جاري ڪيو.
هن وقت تائين مسلمانن جي ڇهه فوجي دستن مان ٽي مڪمل طرح پنهنجي جان قربان ڪري چڪا هئا يعني ڏيڍ هزار مسلمان سپاهي شهيد ٿي چڪا هئا. پر خالد بن وليد باقي سپاهين کي مضبوط قوت سان حملي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ايترو ته تيزي سان اڳتي وڌيا جو پهرئين ئي حملي سان حارث بن ابي شمير جي سپھ سالار کي موت حوالي ڪريو ڇڏيو ان سپھ سالار جو نالو ”ملڪ بن البلادي“ هو. خالد بن وليد رضي الله جو حملو ايترو ته شديد ۽ طاقتور هو جو حارث بن ابي سمير ۽ روم جي گڏيل فوجن جو حوصلو هارجي چڪو ۽ هو ائين سمجهڻ لڳا ته شايد مسلمانن کي تازي تواني سپاهين جي مدد حاصل ٿي چڪي آهي جو هو ايتري جوش ۽ طاقت سان وڙهي رهيا آهن. انهن اهو سوچي پوئتي هٽڻ شروع ڪيو ۽ ايتري ۾ رات جي انڌاري شروع ٿي چڪي هئي. خالد بن وليد رضي الله به پنهنجي باقي سپاهين سميت مديني ڏانهن موٽيو.
هن جنگ ۾ مسلمانن جا ستر في صد سپاهي شهيد ٿي چڪا، شهيد ٿيڻ وارن ۾ خاص شخصيتون به شامل هيون. هڪ جعفر رضي الله بن ابي طالب جيڪو بچپن کان پيغمبر اسلام ﷺ جن سان گڏ وڏو ٿيو هو ۽ پاڻ ﷺ جن جو رضاعي ڀاءُ به هو. ٻي شخصيت زيد بن حارث رضي الله هو جيڪو دراصل آزاد ٿيل غلام هو ۽ حضرت محمد ﷺ جن کيس فرزنديءَ ۾ ورتو هو. زيد بن حارث رضي الله سڀن کان اڳ اسلام قبول ڪرڻ وارن چئن مسلمانن مان هڪ هو. روايت آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن معراج جي سفر ۾ هڪ انتهائي خوبصورت عورت کي ڏٺو، جنهن جا چپ گلاب جي گلن وانگر ڳاڙها هئا، پڇا ڪيائون ته هي عورت ڪير آهي؟ جواب مليو ته زيد بن حارث جي نالي ٿيل آهي ۽ بهشت ۾ اچڻ بعد کيس نصيب ٿيندي.
خالد بن وليد رضي الله پنهنجي جنگي تجربي ۽ ڪمال شجاعت جي نتيجي ۾ هڪ هزار مسلمان سپاهين کي خطري مان ڪڍي مديني پهچايو. ان جي ان دليري ۽ بهادري جي ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن ان کي ”سيف الله“ جي لقب سان نوازيو. ان کان پوءِ موته جي نتيجي کان پوءِ مسلمانن کي حجاز جي سرزمين تي سڀ ڪاميابيون نصيب ٿيون ۽ هر جڳهه تي اسلامي جهنڊا لهرائڻ لڳا. گذريل ڏينهن ۾ حجاز تي قبضو قائم ٿي وڃي ها ته سموري جزيره عرب ۾ حڪومت قائم ٿي وڃي ها. پيغمبر اسلام ﷺ جن خط جي ذريعي جزيره عرب جي صوبي حجاز ۾ رهڻ وارن کي مسلمان بڻائي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح حجاز جي ساري علائقي ۾ پاڻ ﷺ جن جو حڪم هلڻ لڳو، سواءِ مڪي جي جيڪو اڃان تائين اسلامي حڪومت جي نگراني هيٺ نه آيو هو. جيئن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، پر مڪي فتح ڪرڻ لاءِ اهو ضروري هيو ته هڪ طاقتور فوج سان اتي پهچڻ کپي.
مڪي وارن جنگ بندي جي خلاف ورزي ڪندي قبيلي بنوبڪر جي حمايت ڪئي هئي ته جيئن هو مسلمانن جي اتحادي قبيلي خزاعي کي ظلم جو نشانو بڻائن. انهيءَ ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن کي اهو حق پڄي پيو ته مڪي تي حملو ڪن ۽ پاڻ ﷺ جن تي صلح حديبيه جي خلاف ورزي جو الزام به نه پيو لڳي سگهي ڇو ته صلح حديبيه جي سلسلي ۾ قريش جي واعدي خلافي ايتري ظاهر ۽ واضع هئي جو ابوسفيان پنهنجي سر پاڻ مديني اچي پهتو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي سامهون هي تجويز پيش ڪئي ته جيڪڏهن قبيلي خزاعي کي اسان جي طرفان نقصان پهتو آهي ته اسين سڀ مڪي وارا ملي ان نقصان ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهيون اها تجويز ان ڳالهه جو چٽو ثبوت هئي ته ابوسفيان پنهنجي زبان سان قريش جي واعدي خلافي تسليم ڪري رهيو آهي. هتي ٻن قبيلن بنوبڪر ۽ خزاعي جي وچ ۾ ٿيندڙ جهڳڙي جو مختصر قصو بيان ڪجي ٿو.
قبيلي خزاعي جا سڀ ماڻهو مسلمان نه هئا پر ڪجهه ماڻهو مسلمان ٿي چڪا هئا. اهو قبيلو عقير نالي علائقي ۾ رهندڙ هو. هي علائقو مديني کان گهڻو پري پر مڪي جي ويجهو هو ۽ جيئن ته هي قبيلو مسلمانن جو اتحادي هيو، ان ڪري ان علائقي جا سڀ ماڻهو مسلمانن جي حمايت هيٺ زندگي بسر ڪندا هئا. جڏهن ته ٻيو قبيلو بنوبڪر جو حامي ۽ اتحادي هو ۽ ان کي مڪي وارن جي حمايت حاصل هئي. قبيلي خزاعي ۽ بنوبڪر جي پاڻ ۾ پراڻي دشمني موجود هئي ۽ ان دشمنيءَ جو پاڙون دور جهالت يعني اسلام کان به اڳ ئي ڦهليل هيون. بنوبڪر جو سربراهه نوفل بن معاويه پنهنجي ماڻهن کي قبيلي خزاعي تي حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ مڪمل طور بنو خزاعي تي حملو ڪري ڏنو. جيتوڻيڪ قبيلي خزاعي مسلمانن کان مدد گهري سگهي پيو پر انهن جي رهائش مديني کان تمام گهڻي فاصلي تي هئي. جڏهن ته ان کان پهريون جيستائين مسلمان ان جي مدد لاءِ پهچن سمورا قتل ٿي سگهيا پئي. اهوئي سبب هو جو انهن پنهنجي جان بچائڻ خاطر پنهنجي سرزمين ڇڏي مڪي پهچي خانه ڪعبه ۾ پناهه ورتي. انهن کي يقين هيو، ته خانه ڪعبه جو علائقو حرم آهي ۽ ان جي حد ۾ خون ريزي نه ٿيندي آهي، ان ڪري بنوبڪر انهن جو پيڇو نه ڪندو ۽ نه ئي انهن جي جان ۽ مال کي خانه ڪعبه جي حد ۾ ڪو نقصان رسندو. مگر ائين نه ٿيو. مڪي جي قريش قبيلي بنوبڪر کي قبيلي خزاعي تي حملي ڪرڻ لاءِ نه صرف هٿيار ڏنا پر پنهنجا ماڻهو به ان جي مدد لاءِ موڪليا ايتري قدر جو سهيل بن عمرو، صفوان بن اميه ۽ عڪرمه بن ابوجهل جهڙا نامي گرامي شخص به تلوار کڻي بنوبڪر قبيلي جي حمايت ۾ نڪتا.
خزاعي قيبلي وارا خانه ڪعبه ۾ پناهه وٺڻ کان پوءِ اهو سمجهي رهيا هئا ته انهن کي امن حاصل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي انهن جي جان ۽ مال خطري کان ٻاهر آهي. پر نوفل بن معاويه پنهنجي ماڻهن ۾ انتقام جي باهه ٻاري ۽ انهن کي وڏي آواز سان چئي رهيو هو ته: ”حرم ۾ داخل ٿي وڃو. اڄ خزاعي جي ماڻهن جو رت وهائڻ بلڪل جائز آهي. انهن سڀني کي هڪ هڪ ڪري موت جي حوالي ڪريو.“ قبيلي خزاعيءَ جي ماڻهن خانه ڪعبه سان چنبڙي رڙيون ڪيون ته: ”اي نوفل بن معاويه! هتي خانه ڪعبه آهي، جيڪڏهن تنهنجي عملن جو توکي شرم نٿو اچي ته گهٽ ۾ گهٽ خدا جي گهر ڪعبي جو حياءُ ڪر ۽ هن مقدس جڳهه تي خون نه وهاءِ.“
مگر نوفل لڳاتار گرجندي ڪندي چيو ته: ”اڄ نوفل خدا جي ڪعبي کي نٿو سڃاڻي.“ پوءِ بنوبڪر جا ماڻهو بنو خزاعي جي ماڻهن جي قتل عام ڪرڻ لاءِ خانه ڪعبه جي حدن ۾ داخل ٿي ويا. خزاعي قبيلي وارن حرم جي علائقي ۾ وڙهڻ کان بچڻ خاطر فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهڙي طرح ڪعبي کي امن جو علائقو سمجهي اتي پناهه وٺندڙ پنهنجي جان جي خوف کان اتان ڀڄڻ تي مجبور ٿي پيا. پر پوءِ به انهن جا ڪيترائي ماڻهو بنوبڪر وارن جي هٿان قتل ٿيا ۽ انهن جو مال به ضبط ڪيو ويو.
ان واقعي کان پوءِ خزاعي قبيلي جو سربراهه بديل بن ورقا مديني پهتو ۽ ساري حقيقت پيغمبر اسلام ﷺ جن کي پيش ڪئي.
حضرت محمد ﷺ جن اهو ٻڌي ڏاڍا متاثر ٿيا. خاص طورتي پاڻ ﷺ جن کي ان ڳالهه جو تمام گهڻو ڏک پهتو ته قبيلي بنوبڪر قريش وارن جي مدد سان ظلم ڪيو ۽ خانه ڪعبه جو احترام به نه ڪيائون.
جڏهن ابوسفيان مڪي کان مديني ڏانهن اچي رهيو هو ته رستي ۾ هن جي ملاقات ورقه بن نوفل سان ٿي جيڪو مديني کان واپس پنهنجي قبيلي ڏانهن وڃي رهيو هو. انهن ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه مديني کان هڪ منزل جي فاصلي تي عفان نالي مقام تي ٿي، ابوسفيان پڇيو ته، ”ڇا مديني کان اچي رهيو آهين؟“
بديل بن ورقه جواب ڏنو ته، ”نه دراصل مان سمنڊ جي ڪناري ڏانهن ويو هيس ۽ هاڻي پنهنجي قبيلي جي طرف وڃي رهيو آهيان.“
پر ابوسفيان، بديل جي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ پنهنجي ٻن ماڻهن تي اها ذميواري رکيائين ته اهي چوريءَ لڪي بديل بن ورقه ۽ سندس ساٿين جي پٺيان وڃن ۽ انهن جي نظرن کان بچي انهن جي اٺن جي ليڏڙن جي جاچ ڪن ته اٺن جي ليڏڙن ۾ مديني جي کارڪن جو کوکڙيون موجود آهن يا نه؟. ابوسفيان انهن کي چيو ته جيڪڏهن بديل بن ورقه مديني ويو هوندو ته انهن جي اٺن لازمي مديني ۾ کارڪون کاڌيون هونديون ۽ انهن جي اٺن جي ليڏڙن ۾ کارڪن جو کوکڙيون ملڻ سان اهو ثابت ٿي ويندو ته بديل مديني کان سواءِ ٻئي پاسي کان واپس نه ٿيو آهي.
ابوسفيان جي ماڻهن بديل بن ورقه جي پٺيان پير اڳتي شروع ڪيا ۽ ٿورڙو اڳتي هلڻ کان پوءِ انهن اچي اُٺن جي ليڏڙن مان کارڪن جون کوکڙيون ڳولي لڌيون. ابوسفيان کي جڏهن اها پڪ ٿي ته بديل بن ورقه مديني کان موٽيو آهي ته ان جي چهري جو رنگ ڦِڪو ٿي ويو ڇو جو اهو ظاهر ٿي ويو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن کي مڪي ۾ پيش آيل واقعي جي اصلي حقيقت معلوم ٿي چڪي آهي.
اهوئي سبب هو جو جڏهن ان حضرت محمد ﷺ جن سان مديني وڃي ملاقات ڪئي ۽ پهچڻ سان اها پيشڪش ڪئي ته مڪي وارا قبيلي خزاعي کي نقصان ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آهن.