جڏهن نظر نه اچڻ وارن ايمان آندو
جڏهن حضرت محمد ﷺ جن آسماني سفر يعني معراج کان واپسي ڪئي ته پنهنجو پاڻ کي چئني طرفن کان دشمنن جي گهيري ۾ ڏٺائون، اهي به اهڙا دشمن جيڪي هن دفعي ڪنهن به قصاص يا انتقام جي ڊپ کان سواءِ پاڻ ﷺ جن کي قتل ڪري سگهن پيا.
ان دوران قبيله ”بنو حنيفه“ جا ڪجهه ماڻهو خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ مڪي پهتا ۽ قريش وارن ان قبيلي جي هڪ شخص کي پيغمبر اسلام جن کي قتل ڪرڻ لاءِ اُجورو ڏنو. اها خبر جڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي پئجي وئي، ۽ جيئن جو الله تعاليٰ پاڻ ﷺ کي حڪم ڏنو هو ته مڪي کان نڪري وڃو، ان ڪري پاڻ ﷺ راتون رات مڪي مان نڪري ”طائف“ ڏانهن روانا ٿي ويا.
”طائف“ مڪي جي ڏکڻ ۾ واقع هڪ سرسبز شهر آهي. ان زماني ۾ اُٺ جي ذريعي مڪي کان طائف پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳي ويندا هئا، پر جيڪڏهن خچر جي ذريعي سفر ڪيو وڃي ته هڪ ڏينهن جو سفر آهي.
جيئن ته طائف جو شهر سطح سمنڊ کان هڪ هزار اٺ سو ميٽر بلندي تي آهي ۽ منجهس پاڻي تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي ۽ بارش به ٿيندي رهندي آهي؛ ان ڪري هي شهر انتهائي سرسبز ۽ شاداب آهي. ان دور ۾ مڪي جي دولتمند ماڻهن جا باغ ۽ تفريح گاهون اتي موجود هيون.
اڄ به جڏهن ڪوئي شخص جزيره عرب جي ريگستاني ۽ خشڪ خالي مان ايندڙ طائف جي شهر ۾ قدم رکندو آهي ۽ هتان جي سرسبز باغن تي نظر ڪندو آهي ۽ اتي جي ٿڌين هوائن ۾ ساهه کڻندو آهي ته ائين محسوس ڪندو آهي ڄڻ هو هڪ نئين دنيا ۾ قدم رکي چڪو آهي. طائف ۾ رهڻ وارا وڏا مالدار هئا ۽ انهن جو اصل ڌنڌو ”ربا“ هو. يعني اهي وياج خور هئا. اڪثر ماڻهن وٽ غلامن جي فوج هوندي هئي، انهن غلامن کان پوکي راهي جو ڪم وٺندا هئا.
طائف جا رهڻ وارا هميشه ڪڻڪ جي ماني کائيندا هئا، ان ڪري اوٺي کير جي سڃاڻپ منجهن نه هئي، هڪ ريگستاني عرب جنهن جي غذا ڏاچي جو کير هوندو هو، جڏهن کير وات تائين آڻيندو ته هو يڪدم ٻڌائيندو ويندو هو ته جنهن ڏاچيءَ جو هي کير آهي ان ڏاچيءَ جي عمر ڪيتري آهي ۽ اهو به ٻڌائيندو هو ته هن ڪهڙي علائقي جو ڪهڙو گاهه کاڌو آهي.•
طائف جا رهاڪو مالدار ۽ زندگي جي معاشي مشڪلاتن کان آزاد هئا. ان ڪري پنهنجو ڪجهه وقت علم، هنر ۽ ٻين سرگرمين لاءِ وقف ڪندا هئا. جزيره عرب جي اترئين حصي جو مشهور طبيب جنهن جو نالو حارث بن ڪلده هو سو به طائف ۾ رهندو هو. هڪ مشهور ليکڪ ”بن خلڪان“ لکي ٿو ته طائف ۾ رهندڙ حڪيم حارث بن ڪلده طب جو علم ايرانين کان سکيو هو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ طب جو علم ايراني ماڻهن ۾ عروج تي هيو. وڏا وڏا نامي گرامي حڪيم ان وقت ايران ۾ رهندا هئا. جزيره عرب ۾ نجومي به تمام گهڻي ڄاڻ رکندا هئا. هڪ مشهور معروف نجومي جنهن جو نالو ”عمرو بن اميه“ هو، سوبه طائف ۾ رهندو هو.
عربي زبان ۾ طائف جي معنيٰ ”ديوار“ يا ”ڀت“ آهي، طائف جزيره عرب جو واحد شهر هو، جنهن ۾ هڪ حفاظتي ديوار موجود هئي. ان ديوار کي ڪجهه عربن ۽ ڪجهه ايرانين تعمير ڪيو هو. چوندا آهن ته شهر طائف جي هڪ شخص ان وقت جي شاهه ايران جي وڏي خدمت ڪئي هئي. ايران جي بادشاهه خوش ٿي ان شخص کي چيو ته ان جي بدلي ۾ توکي جيڪو ڪجهه گهرجي سو توکي ڏنو ويندو. ان شخص ايران جي بادشاهه کي چيو ته پنهنجا تجربيڪار مستري ڏي جيڪي شهر ”داج“ جي چو گرد ديوار ٺاهن. ”داج“ طائف جو پراڻو نالو هو. ان ديوار ٺهڻ کان پوءِ داج شهر کي طائف جو نالو ڏنو ويو.
پيغمبر اسلام ﷺ جن طائف ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي هڪ رشتيدار جي گهر پهتا، اهو رشتيدار درحقيقت حضرت عبدالمطلب جو سوٽ هو، جنهن جو نالو ”عبدياليل“ هو. عبدياليل کي جڏهن اها خبر پئي ته حضرت محمد ﷺ جن ساڻس ملاقات ڪرڻ چاهن ٿا ته ان نه صرف ملڻ کان انڪار ڪيو پر پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته حضرت محمد ﷺ کي پٿر به هڻو. عبدياليل اها به خبر پئجي چڪي هئي ته بنوهاشم قبيلي وارن حضرت محمد ﷺ جن کي قبيله بدر ڪري ڇڏيو آهي. نوڪرن حضرت محمد ﷺ جن تي ايترا ته پٿر اڇلايا جو پاڻ ﷺ جن هڪ باغ ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي پيا. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن انهن ماڻهن جي نظر کان گم ٿي ويا ته انهن طائف جي هر محلي جي گهٽين ۾ ڳولا ڪرڻ شروع ڪري ڏني، تنهنڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن باغ ۾ ئي ترسيا رهيا. ان باغ جا مالڪ ٻه ڀائر هئا، جيڪي مڪي جا رهاڪو هئا، اهي نه پيا چاهن ته حضرت محمد ﷺ جن کي پناهه ڏني وڃي، پر جڏهن انهن پاڻ ﷺ جن کي رتوڇاڻ ڏٺو ته سندن دل ۾ رحم پيدا ٿيو ۽ انهن پنهنجي غلام کي چيو ته هڪ انگور جو ڇڳو حضرت محمد ﷺ جن کي پيش ڪري.
ان غلام جيڪو خود مسيحي هو، انگور جو هڪ ڇڳو ٽوڙي پيغمبر اسلام جن کي پيش ڪيو. حضرت محمد ﷺ جن انگور وٺي کائڻ کان اڳ ۾ ”بسم الله“ پڙهي. جڏهن مسيحي غلام جي ڪنن تي بسم الله جو آواز پيو ته هو حيران ٿي ويو ۽ تعجب منجهان پڇا ڪيائين ته ڇا اوهان مسيحي آهيو؟
حضرت محمد ﷺ جن جواب ۾ فرمايو، مسيحي غلام چيو ته کائڻ کان اڳ جيڪي لفظ اوهان اچاريا آهن اهي لفظ ته اسين مسيحي کائڻ کان اڳ پڙهندا آهيون. پر اوهان مسيحي نه آهيو ته پوءِ اوهان اهي لفظ زبان تي ڇو آندا؟
حضرت محمد ﷺ جن جواب ۾ فرمايو ته مان الله جو رسول آهيان ۽ جنهن الله جي طرفان موڪليو ويو آهيان، اهو واحد لاشريڪ آهي. هي ماڻهو ان ڪري مون کي پٿر هڻن ٿا ته جيئن مون کي ماري ڇڏين، ڇو جو مان الله جو موڪليل رسول آهيان.
عيسائي خدمتگار چيو ته مان به هڪ خدا جي عبادت ڪندو آهيان ڇو جو مان حضرت عيسيٰ جو پيروي ڪندڙ آهيان.
ان عيسائي غلام جو نالو ”عداس“ هو، هن ۽ حضرت محمد ﷺ جن جي وچ ۾ انساني محبت جو رشتو جاري ٿي ويو. عداس حضرت محمد ﷺ جن کي مخاطب ٿي چيو ته جنهن باغ ۾ اسين موجود آهيون اهو ٻن ڀائرن جي ملڪيت آهي انهن مان هڪ جو نالو عتبه ۽ ٻئي جو نالو شيبه آهي. هي ٻئي ڀائر ربي جا پٽ آهن ۽ قبيله قريش سان تعلق رکن ٿا.
جيتوڻيڪ منهنجي مالڪ عتبه مون کي حڪم ڏنو ته مان اوهان کي انگور پيش ڪريان، پر مان ڄاڻان ٿو ته هو اوهان کي باغ ۾ پناهه نه ڏيندو. مان ايترو ڪري سگهان ٿو جو اڄ رات مان اوهان کي هن باغ مان ۽ طائف جي شهر کان ٻاهر ڪڍي هلان جو طائف جي گهٽين ۾ اوهان جي ڳولا هلي پئي اسان انهن کان اهڙيءَطرح نڪري هلون جو کين ڪوبه پتو پئجي نه سگهي.
مسيحي خدمتگار عداس پنهنجي واعدي تي عمل ڪيو ۽ رات جي وقت پيغمبر اسلام جن کي عتبه ۽ شيبه جي باغ کان ۽ طائف جي شهر کان ٻاهر وٺي آيو. تنهن کان پوءِ چيائينس ته ”اي خدا پرست مرد“ هن شهر کان پري هليا وڃو ڇو جو هتي اوهان جي جان خطري ۾ آهي. حضرت محمد ﷺ جن طائف کان نڪري وري به مڪي ڏانهن روانا ٿيا.
حضرت محمد ﷺ جن جو سارو جسم سور جي ڪري ڏکي رهيو هو ۽ جسم ۾ تمام گهڻي تڪليف هئي. بک ۽ اڃ جي باوجود زبان تي ڪائي شڪايت نه هئي. عربي زبان ۾ هڪ دل ڏکايل چوڻي آهي ”الصبر مفتاح الفرج“ ۽ اها چوڻي خود جزيره عرب ۾ عربن لاءِ استعمال ڪندا آهن. جنهن ڏينهن کان ڪوبه عرب پنهنجو برو ڀلو سمجهڻ شروع ڪندو هو اهو هن چوڻيءَ جي مفهوم کي ڄاڻي ويندو هو ۽ ان تي عمل ڪرڻ سندس عادت بڻجي ويندي هئي.
پيغمبر اسلام ﷺ جن به جسماني ۽ روحاني تڪليفن کي برداشت ڪرڻ ڄاڻن پيا. ڇو جو پاڻ ﷺ جن کي الله جي ذات تي پختو يقين هو ۽ پاڻ پنهنجي رسالت جي راهه ۾ هر مشڪل سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي چڪا هئا.
حضرت محمد ﷺ جن بيابانن مان پيادل هلندي هلندي هڪ اهڙي جڳهه تي پهتا، جنهن کي ”بطن نخله“ يعني ”گهاٽا وڻ“ چيو ويندو هو. رات جو وقت هو چؤطرف خاموشي ڇانئيل هئي. اتي پهچي پيغمبر اسلام جن انتهائي غمگين حالت ۾ قرآني آيتن جي تلاوت شروع ڪئي قرآني آيتن جو هي اثر پيو جو اتي موجود جنن جي جماعت پيغمبر اسلام تي ايمان آندو ۽ اهي سڀ مسلمان ٿي ويا. قرآن مجيد جي ڇائيتاليهن سورت ۾ ان ڳالهه جي طرف اشارو ٿيل آهي.
”۽ اهو وقت اچي ويو جو اسان جنن جي جماعت کي توڏانهن موڪليو ته جيئن اهي قرآن جون آيتون ٻڌن ۽ جڏهن اهي حاضر ٿيا ته انهن هڪ ٻئي کي چيو ته خاموش ٿيو ۽ ڪن ڏئي ٻڌو......
جن مان مراد بيابانن ۾ رهڻ واري اها مخلوق آهي جيڪا رات جي وقت ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي ۽ نه ئي ڏينهن جو شهر وارن کي نظر ايندي آهي. ”باهه مان پيدا ٿيل مخلوق“ آهي.
جنهن رات حضرت محمد ﷺ جن اڪيلا سفر ڪندا اچي بطن نخله پهتا، ان وقت رات جو گهڻو حصو گذري چڪو هو ۽ جيڪي ان علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو هئا، تن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي نه ڏٺو. پر درد ڀري قرآني تلاوت ٻڌي جنن جي مخلوق مٿن ايمان آندو ۽ اهڙي طرح اهي مسلمان ٿي ويا.
بهرحال حضرت محمد ﷺ جن تمام ٿڪاوٽ ۽ بيحاليءَ جي باوجود مڪي ڏانهن هلندا رهيا ته ڪهڙي به صورت سان ڪنهن قبيلي جي حمايت حاصل ڪري ٻين مسلمانن جو خيال رکيو وڃي ۽ مڪي ۾ رهي دين جي تبليغ ڪئي وڃي. الله تعاليٰ جي حڪم مطابق مڪو ڇڏي طائف ويا، پر جيئن ته ٻيا مسلمان مڪي ۾ هئا ۽ سندن مرضي هئي ته انهن کي به قريش وارن جي عذابن کان آزاد ڪيو وڃي. في الحال پيغمبر اسلام جن مڪي کان ٻاهران بيابانن ۾ گذارين پيا.جڏهن رجب جو مهينو آيو، جزيره عرب جي مختلف علائقن کان خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ مڪي ڏانهن قافله اچڻ لڳا، تڏهن حضرت محمد ﷺ جن مختلف قبيلن جي سردارن سان رابطو ڪيو، ته جيئن ڪنهن نه ڪنهن قبيلي جي حمايت حاصل ڪري سگهجي. حضرت محمد ﷺ جڏهن جنهن به قبيلي سان رابطو ڪري انهن جي سردار کي فرمائين پيا ته منهنجي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ انهن تي عمل ڪريو ته مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته دنيا جون وڏيون وڏيون طاقتون اوهان جي قدمن ۾ هونديون، تڏهن ڪنهن به قبيلي جي سردار پاڻ ﷺ جن جي ڳالهين تي ڪن نه ڏنو الٽو انهن مان ڪي اهڙا به هئا جي مٿن مذاق ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته (نعوذ بالله) حضرت محمد ﷺ جن پنهنجو عقل وڃائي ويٺا آهن. ڇو ته ابي لهب، ابوسفيان ۽ ابوجهل وارن اهو مشهو رڪري ڇڏيو هو ته حضرت محمد ﷺ جن مجنون ٿي ويا آهن ان ڪري سندس ڳالهين تي توجهه نه ڏني وڃي.
جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي پندرهن قبيلن جي سربراهن کان انڪار جي صورت ۾ جواب مليو ته ان جي باوجود پاڻ ﷺ دلشڪشته نه ٿيا پر پاڻ هڪ ٻئي قبيلي جي سربراهه سان رابطو ڪيو جيڪو ”يثرب“ يعني اڄ جي مديني کان مڪي ۾ آيل هو. ان سربراهه سان قبيلي جا پنج ماڻهو شامل هئا، جيڪي خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ آيل هئا. جڏهن پاڻ ﷺ جن مڪي کان ٻاهر انهن آڏو قرآن جي آيتن جي تلاوت ڪئي ته ان قبيلي جي سربراهه پنهنجن ٻين ساٿين کي آواز ڏنو ته هيڏانهن هي ٻڌو. انهن سڀني سڪون سان جڏهن قرآن جي تلاوت ٻڌي ته ايترا ته متاثر ٿيا جو مسلمان ٿي ويا ۽ واعدو ڪيائون ته اسين ٻين ماڻهن کي به مسلمان ٿيڻ جي دعوت ڏينداسون.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ”نوفل“ نالي هڪ قبيلي جي سربراهه جيڪو قريش جي ڏهن قبيلن مان هڪ هو حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي حمايت ۾ ورتو جيئن ئي قبيلي جي سربراهه حمايت جو اعلان ڪيو پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي ۾ قدم رکڻ ۽ پنهنجي گهر ۾ رهڻ جي لائق بڻجي ويا.
پنهنجي گهر ۾ رهڻ بعد ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن سوده نالي خاتون کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو، ”سوده رضي الله“جيئن ته پهريائين مسلمان ٿي چڪي هئي ۽ ملڪ حبشه کان طلاق ٿيڻ بعد مڪي واپس هلي آئي هئي. حبشه ملڪ ۾ سندس مڙس دين اسلام ڇڏي مسيحت اختيار ڪئي هئي. سوده رضي الله پنهنجي مڙس کان طلاق مسيحي دٻاءُ خاطر ورتي ۽ مڪي واپس اچي پهتي هئي ۽ هن وقت پاڻ ﷺ جن جي زوجيت ۾ داخل ٿي وئي، پيغمبر اسلام سوده رضي الله سان نڪاح ان ڪري ڪيو ته جيئن حضرت خديجه جي بي سهارن ٻارن جي سنڀال ٿئي ۽ سندس ٻارن کي ماءُ جو پيار نصيب ٿئي.
حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت سوده رضي الله جي نڪاح کان ڪجهه عرصو پوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جيڪو پيغمبر اسلام جي وفادار يارن ۾ شمار ٿيندو هو، تنهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي درخواست ڪئي ته پاڻ ﷺ جن منهنجي نياڻي عائشه کي پنهنجي نڪاح ۾ وٺن. حضرت محمد ﷺ جن رشتو قبول فرمايو ۽ آخرڪار 620ع ۾ جيڪا شخصيت مسلمان جي حيثيت سان هن دنيا ۾ قدم رکيو هو اها پهرئين خاتون پيغمبر اسلام جي نڪاح ۾ آئي.