سفرناما

حيدرآباد کان هنزه تائين

“حيدرآباد کان هنزه تائين” سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشهور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي اُتي انهن هنڌن تائين پهچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انهن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2581
  • 820
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مور ساگر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book حيدرآباد کان هنزه تائين

مهاڳ : الطاف شيخ

پوسٽ ذريعي هي ڪتاب “حيدرآباد کان هنزه تائين” مونکي مليو آهي، جنهن جو مهاڳ لکڻ لاءِ مونکي چيو ويو آهي. پاڻهي ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ ۽ مهاڳ لکڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ ۾ اهو ئي پروف ريڊنگ وارو فرق آهي. هونءَ تعريف ٻڌي يا وقت گذارڻ لاءِ ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ اهو ٿئي ٿو ته جيڪو جيڪو چئپٽر دلچسپ نٿو لڳي ان کي ماڻهو ڇڏي اڳتي وڌي وڃي ٿو. ڪڏهن ته ايئن به ٿئي ٿو ته ڪتاب ۾ ڪو مزو نه ڏسي، ان جو چوٿون يا اڌ پڙهي ڇڏي ڏجي ٿو. پر مهاڳ لکڻ لاءِ اهو سڄو پڙهڻو پوي ٿو چاهي دلچسپ هجي يا سخت بور! پروف ريڊنگ ۾ به اهو ئي مسئلو آهي، ان ۾ ته هڪ هڪ سِٽ جي ڪاما ۽ فل اسٽاپ تي به ڌيان ڌرڻو پوي ٿو.
بهرحال مور ساگر جو هي سفرنامو “حيدرآباد کان هنزه تائين” پڙهڻ شروع ڪيم ته بس ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو. مطلب ته دلچسپ هجڻ ڪري ٻن ٽن ڏينهن ۾ ئي ختم ڪري ورتم. مون ڪڏهن هنزه، گلگت ۽ پاڪستان جا ٻيا اتراهان علائقا نه ڏِٺا آهن ۽ نه ڪڏهن انهن کي ڏِسڻ جو ارادو هو پر مور ساگر جو هي حيدرآباد کان هنزه تائين سفرنامو پڙهي، مونکي به شوق جاڳيو آهي ته جن جن ماڳن تي مور ساگر ويو آهي انهن کي آئون به ڏِسان. پر حقيقت اها آهي ته دوستن جي ٽولي سان گڏ گهمڻ جو مزو ئي ٻيو آهي جيئن هن سفرنامي جو ليکڪ مور ساگر پنهنجي دوست ۽ ٽيچر انعام ڀٽي ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ نڪتو. گروپ ۾ گهمڻ ۽ دوستن جي مختلف شهرن، ماڻهن ۽ واقعن بابت ٽيڪا ٽپڻي به سفرنامي کي دلچسپ ٿي بنائي، ڇو جو پڙهندڙ سفرنامي ۾ مختلف شهرن يا جاين جي فقط تاريخ جاگرافي معلوم ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن پر هو اِهو به معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن هنڌن تي پهچڻ ۽ رهڻ ڪهڻ ۾ مسافر ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا، هن کي ڪهڙيون دشواريون پيش آيون، ڪهڙين غلطين، ڪوتاهين ۽ اڻڄاڻاين ڪري هڪ مسافر کي جُٺين پُٺين کي مُنهن ڏيڻو پيو. جن کي اڳلو ڌيان ۾ رکي پنهنجي سفر کي بهتر بڻائي سگهي.
“حيدرآباد کان هنزه تائين” سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشهور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي اُتي انهن هنڌن تائين پهچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انهن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي. ايتريقدر جو مور ساگر جو هي ڪتاب “حيدرآباد کان هنزه تائين” عائشه زرداري جو “ڪراچي کان هنزه تائين” ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ هاڻ منهنجي به دل چوي ٿي ته هنزه جو چَڪر هڻي هڪ عدد سفرنامو “هالا کان هنزه تائين” آئون به لکان.
هڪ همراه مليو چوڻ لڳو: “مونکي به سفرنامي لکڻ جو شوق آهي پر ولايت وڃڻ لاءِ وسيلا نه اٿم” عجيب درويش آهين، مون چيومانس، سٺي سفر نامي لکڻ لاءِ ڇا انگلينڊ، فرانس يا جپان آمريڪا جو چڪر ضروري آهي ڇا؟
مون کيس ٻُڌايو ته منهنجو سڀ کان گهڻو پسند آيل ۽ پڙهيو ويندڙ سفرنامو “حيدرآباد کان هالا” بس ذريعي سفر آهي. جنهن ۾ مون رڳو بس ۾ سوار ماڻهن، ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر کان مختلف مسافرن جي حرڪتن ۽ ڳالهين جو احوال لکيو آهي، جيڪو مون ڪلاڪ کن جي سفر ۾ ڏٺو... ته ڪيئن ڊرائيور پنهنجي لئه ٿو رکي، ڪيئن ڪنڊيڪٽر رستي تي ڳوٺن مان چڙهندڙ غريب ڳوٺاڻن تي رعب ٿو رکي، ڪيئن بس ۾ چڙهندڙ هڪ مرد سامان جي هڙ زال کان کڻائي پاڻ وڏيرو ٿي هٿين خالي چڙهي ٿو. بس ۾ سوار ٻه پوليس وارا ٽڪيٽ وٺڻ کان لنوائين ٿا، ڀٽ شاهه مان ٻه ناچڻيون، ڪاري ديسي ڪڪڙ جيڏن پرسن سان بس ۾ چڙهن ٿيون. ڪنڊيڪٽر جي ڀرپور ڪوشش جي باوجود اهي به ٽڪيٽ نٿيون وٺن پر اهو آهي ته ان جي بدلي ۾ ڪنڊيڪٽر جي دلپشوري تي هو اعتراض نٿيون ڪن. معاملو ايئن هلندو ڏِسي پوليس وارا به هنن سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اهي ٻئي ڄڻيون پوليس وارن کي اهڙا ته کُتا جواب ڏين ٿيون جو پوليس وارا چُپڙي ڪري پنهنجين سيٽن تي شريف ٿي وهڻ جي اداڪاري ڪن ٿا... وغيره وغيره.
بهرحال مون سفرنامو لکڻ واري کي اهائي صلاح ڏني ته هو وسيلن مطابق پنهنجي ملڪ جو، يا پنهنجي صوبي جي ڪنهن شهر جو ئي سير ڪري ان بابت احوال لکي سگهي ٿو.
“پنهنجي ملڪ جي هر شهر حيدرآباد، ڪراچي کان لاهو پشاور تائين جو سفرنامون ڪيترن ئي لکي ڇڏيو آهي، آئون هاڻ ڇا لکان؟ هن وراڻيو.
دراصل اها به هڪ غلط فهمي آهي. مختلف شهرن يا هنڌن جو “سفرنامو” لکڻ ڪا انهن شهرن جي سِٽي سروي ڪرڻ ناهي جو جيڪا هر هڪ ساڳي ڪري ايندو ته ڪراچي کان حيدرآباد هيترو مفاصلو ٿيو، حيدرآباد کان نواب شاهه هيترو ۽ سکر کان خيرپور هيترو سفرنامو کڻي ساڳي ملڪ، ساڳي شهر يا شهر جي ڪنهن ساڳي ماڳ جو هجي پر هر هڪ جو احوال، هر هڪ جي ڏِسڻ جي اندرين اک، هر هڪ جي سوچ، معلومات ۽ Observation مختلف ٿئي ٿي. هنزه بابت ماڻهن ڪيترائي سفرناما لکيا هوندا، پر هر هڪ پنهنجي نوعيت جو هوندو. مور ساگر جي هن سفرنامي مان لڳي ٿو ته هن جو مطالعو تمام گهڻو آهي ۽ هن کي شاعري سان به دلچسپي آهي ۽ پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي ۽ سندس شاعري جو مجموعو “پيار جي پنڌ ۾” پريت پبليڪيشن حيدرآباد طرفان سال 2005ع ۾ ڇپجي چُڪو آهي. هو سفر ۾ نظر ايندڙ ڪيترين شين تي پنهنجي ۽ ٻين جي شاعري ياد ڪري خوبصورت شعر پڙهندڙن سان به Share ڪري ٿو.
جڏهن به چنڊ ٿا ڏسون، پرينءَ توکي ٿا ساريون،
کڻي اُڪنڊ ٿا جيئون، پرينءَ توکي ٿا ساريون.
مور ساگر اسلام آباد ۾ هڪ حسينا لاءِ لکي ٿو ته “توڙي جو کڻي هن جا پُسيل وار نه هئا ۽ خماريل اکيون به نه هيون پوءِ به سڀني ڇوڪرن جي دلين تان ڇُري ڦيريندي وئي. اهڙي موقعي تي هي شعر هوائن ۽ هُڳائن کي ڇُهندو اچي دل تائين پهتو:
هوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي،
پرينءَ وار پنهنجا نه کولي گهمو،
ڪيڏي سونهن تنهنجي آ نِکري وئي،
هوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي.
وادي ڪاغان جي پهاڙين تي پيلي رنگ جا گل ڏِسي هن کي سنڌ جو باغي شاعر ابراهيم منشي ياد ٿو اچي جنهن لاءِ مور ساگر لکي ٿو “سرنهن جي اهڙن پيلن گلن کان متاثر ٿي شايد ابراهيم منشي گهڙي پَل لاءِ قيد جي پيڙا وساري دل جي ڪنهن گوشي ۾ اميد کي ساري چئي ويٺو هو ته:
سرنهن پيلا جهليندي گل، انهن کيتن ۾ ملنداسين،
ڪَتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين”
وادي ناران ۾ اُتي جي هڪ قومپرست سان ملي مور ساگر کي پنهنجي وطن جي قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ياد اچن ٿا. جن لاءِ هو لکي ٿو ته: اسانجي قومپرست اڳواڻن جا ٻه روپ آهن، هڪڙو ظاهري ٻيو لڪل، جيڪو لڪل روپ آهي، اهو ظاهري روپ تي وڌيڪ حاوي هوندو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ ڀوڳيندي ئي رهي آهي. شاعر غلام رسول ٽالپر پڻ سچ چيو آهي ته:
ڪو نه سڄڻ ڪو سنَڌَ ڏِسان ٿو،
ويڪو رهبر رَند ڏِسان ٿو،
دڳ تي دوکان، ڌنڌ ڏسان ٿو
لِڪ ۾ ٿو حق وڪامي!
هر ڪو پر هت پَڪ وڪامي!
جيئن ته شروع ۾ لکي آيو آهيان ته هن سفرنامي جو ليکڪ مور ساگر بنيادي طرح شاعر آهي ۽ هن جو مطالعو به سٺو لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن کي جتي ڪٿي پنهنجا شاعر ۽ اديب ياد اچن ٿا. ساهيوال ۾ پهچڻ سان هن جي دل تي شيخ اياز ۽ ان جي لکيل “ساهيوال جي جيل ڊائري” تري اچي ٿي. لاهور گهمڻ دوران، هڪڙي بورڊ تي “ڪوٽ لکپت” ڏسي هن کي رسول بخش پليجو ۽ هن جو لکيل ڪتاب “ڪوٽ لکپت جو قيدي” ياد اچيو وڃي.
بهرحال سفرنامو اهڙي شيءَ آهي جيڪو ڀلي کڻي ساڳي ماڳ جو هجي پر ان ۾ مواد هر لکندڙ جي طبيعت مطابق رهي ٿو. مور ساگر کي شاعر جي ناتي جتي هر هنڌ ۽ هر شيءَ ۾ سُونهن ۽ حُسن ياد آيو آهي، پنهنجي وطن جا شاعر ۽ اديب ياد آيا آهن، اتي مون جهڙي کي ٿي سگهي ٿو سمنڊ ۽ سنڌو درياهه ياد اچي ها، سکر ۽ ڄامشوري جا بتيلا ۽ هوڙها، مهاساگر جا آفت جيڏا جهاز ۽ فيريون (Ferries) ياد اچن ٿا. ان ڪري سفرنامن لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته ان جو مدار ماڳن، شهرن ۽ ملڪن تي ناهي پر لکڻ واري جي اندر جي اک ۽ جذبن تي Depend ڪري ٿو. ان جي بهتر سمجهاڻي هن لطيفي مان به حاصل ٿي سگهي ٿي.
هڪ نئين شادي ٿيل ڪنوار پنهنجي گهوٽ سان شڪايت ڪندي چيو ته “آخر اهو ڇو آهي جو منهنجي ساهيڙيءَ جو مڙس هن کي هر وقت منهنجي نيراني هير، ماهتاب، منهنجي ڪَتي ۽ ٽيڙو، ماڪ ۾ ڀنل رابيل، منهنجي شفق... وغيره وغيره، جهڙين پيارين شين سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ هڪڙو تون آهين جو هر وقت مونکي جانور جي نالن سان سڏين ٿو... منهنجي ٿلهي گابي، منهنجي ڪاري مينهن، منهنجي موڳي رڍ، منهنجي ٻ ٻڪري...!”
مڙس چيس “اها ته ڪا اهڙي ڳالهه ناهي. جهڙي هوءَ پنهنجي مڙس کي پياري آهي اهڙي تون مونکي آهين. پر هن جو مڙس ته ٿيو موسميات کاتي جو آفيسر ۽ ماهر فلڪيات سو ظاهر آهي هو سج، چنڊ ۽ تارن جي ڳالهه ڪندو ۽ جاني! توکي ته خبر آهي ته تنهنجو مڙس ڊاڪٽر ڍور (جانورن جو ڊاڪٽر) آهي سو ظاهر آهي هن جي وات تي هر وقت رڍ، گابي، ڏانچي ۽ مينهن رهي ٿو...”
سو سفرنامن جي معاملي ۾ به اهي ڀلي کڻي ساڳي هنڌ جا هجن پر سفرنامو لکڻ واري جي طبيعت تي آهي. جيئن چوندا آهن ته “سرمون هرڪا پائي پر اک اک جو ڦير”
بهرحال مور ساگر جي هن صنف ۾ پهرين ڪوشش آهي ۽ هن ڪافي محنت سان هي سفرنامو لکيو آهي، جنهن لاءِ مونکي پَڪ آهي ته هن کي سٺي موٽ ملندي.
مور ساگر پهرين جنوري 1979ع تي بدين ضلعي جي ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ محمد رمضان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ويجهو رپ جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. انٽر ۽ B.A بدين شهر جي اسلاميه ڪاليج مان ڪئي. 1996ع ۾. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو ميمبر ٿيو جتي هن کي نقاش علواڻي، عطا دل، نور محمد سومرو، نواز کٽي، امر سومرو، ذوالفقار خاصخيلي، ظفر خاصخيلي، رفيق آس لغاري، محرم راز، امر انصاري جهڙا سٺا دوست مليا. جنهن کان پوءِ هو اڄ تائين شاعري جي سلسلي کي قائم رکندو اچي. گذريل ڪافي سالن کان هو حيدرآباد ۾ ڇپائي جي بزنيس ۾ مشغول آهي ۽ رابعه اسڪوائر، گاڏي کاتي ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليڪيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي.


الطاف شيخ
ڪراچي