بالاڪوٽ مان گُذر ۽ زلزلي جي ياد تازي
بالاڪوٽ ۾ هاڻي داخل ٿيون ٿا ۽ 8 آڪٽوبر ياد ٿو اچي ۽ ياد ٿا اچن ٽي وي تي اُهي درد ڀريا داستان، آهون ۽ دانهون، ڇو جو زلزلي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر هي بالاڪوٽ ئي ٿيو هو، 8 آڪٽوبر جي صبح 8:52 تي آيل انهيءَ قيامت خيز زلزلي تي هر هڪ اک آلي ٿي هئي، جنهن جي به سيني ۾ دل آهي، انهيءَ جون اکيون ضرور پُسيون هيون ۽ منهنجي دل مان به هڪڙي آهه نڪتي، جنهن کي نظم جو روپ ڏيئي ڇڏيم:
وِک وِک تي هي وِڇوڙو
مينهن وانگي ويو وَسي آ
وِک وِک تي هي وِڇوڙو،
درد سڀئي دوار کولي،
واءُ وانگي پيو گُهلي آ.
ڪير ڪنهن جو سَڏ ورائي،
ڪير ڪنهن کي ڳل لائي،
سڀ وِڇوڙي هِن وِڇوڙيا
ڪَرب ڪيڏي وِڌي وِٿي آ.
ڀيڻ ڀاءُ کان جُدا آ،
پُٽ پيءُ کان پَري آ،
وَنيءَ کان آ وَرَ وِڇڙيو،
ڳولي ڳولي هو ٿَڪي آ.
هي ڪَپيل آ ٻانهن ڪنهن جي،
هي اُٿي آ دانهن ڪنهن جي،
هو دٻيل آ ڪير ٻالڪ،
هر ڪا ممتا پئي لُڇي آ.
ديس سارو آ ڪيڏارو،
ديس سارو ويس ڪارو،
هر ڪا دل ماتم ڪَدو آ،
اُڀ سارو پيو ٽُٽي آ.
ندينَ ٿي جنهن ۾ ڪَر موڙيا،
پَکين ٿي صبح جا گيت ڳايا،
واديءَ جنت هو جنهن جو نالو،
موئن دڙي جان ويو ڀُري آ.
وِک وِک تي هي وِڇوڙو،
مِينهن وانگي ويو وَسي آ.
پهاڙن جي دامن ۾ آباد ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ اسٽاپ پُڻ نظرن مان گذرن ٿا، حسام آباد کان اڳيان ٿيون ٿا ته ڪپي گلي، سگهڙا اسٽاپ اچن ٿا، گاڏي گرم ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ پاڻي لڳايو وڃي ٿو، اڳتي وڌون ٿا ۽ پوءِ هڪڙي هوٽل اڳيان گاڏي اچي بيهي ٿي، هي وچ رستي جي مشهور هوٽل “پارس” جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. هوٽل جيئن ٻهراڙين ۾ هونديون آهن. ايئن ئي آهي ڪا خاص ناهي، پر چون ٿا مانسهره ۽ ناران جي فاصلي جي پوري وچ تي آهي، تنهن ڪري ماڻهو هتي بريڪ ضرور هڻندا آهن. پوءِ ڪي ماني کائيندا آهن، ڪي چانهه پيئندا آهن. اڃا جن وٽ پنهنجون گاڏيون هونديون آهن، اُهي گاڏي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، پر هتي هوٽل تي لهندا ضرور. اسان به ماني کاڌي ۽ چانهه به پيتي، بل ڏئي روانا ٿياسين. سنڌي ۾ چوندا آهن: “اَن آهي ته ايمان آهي” سو ماڻهو جو جڏهن پيٽ ڀربو آهي پوءِ ئي ڪنهن ٻئي طرف سوچيندو آهي. حافظ محمد نظاماڻي جو شعر پيو ياد اچي:
هتي ڏينهن سارا جي سجدا ڏيان پيو، ته ماني جو مُلهه ڏَس مونکي ڪير ڏيندو،
هي آدم جو پُٽ آ ملائڪ نه آهي، جڏهن پيٽ ڀربس تڏهن اک پٽيندو.
يا شيخ اياز به ايئن ئي چيو آهي ته:
“ڍئو بنا ڍوليا!، ناهه ساڃاهه سونهن جي”